‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪1‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫مضمون‬

‫ليکڪاا‬

‫پروفيسر سعيده بشير چانڊيو‬

‫سجاڳي پبليڪيشن‬
‫حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‬
‫‪2009‬ع‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪2‬‬

‫اداري جا حق ۽ واسطا قائم – ڪتاب نمبر ]‪[7‬‬
‫ڪتاب جو نالوا‬
‫موضوعا‬
‫ڇپائيندڙا‬
‫ڪمپوزنگا‬
‫پيسٽنگا‬
‫ڳاڻيٽوا‬
‫ڇاپو پهريونا‬
‫ڇاپو ٻيونا‬
‫قيمتا‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫مضمون‬
‫پروفيسر سعيده بشير چانڊيو‬
‫هڪ هزار‬
‫جون ‪2007‬ع‬
‫‪2009‬ع‬
‫‪ 10000‬روپيا‬

‫ملڻ جو هنڌا‬
‫سجاڳي پبليڪيشن‪،‬‬
‫دڪان نمبر ‪ 33‬ايگريڪلچر ڪامپبليڪس‪،‬‬
‫حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‬
‫موبائيل نمبرا ‪0228334799‬‬
‫جي‪ .‬پي‪ .‬او پوسٽ باڪس نمبر ‪29‬‬
‫)‪LAHROON LAHROON LAFAZ (MAZMOON‬‬
‫‪Writer:‬‬
‫‪Prof. Saeda Bashir Chandio‬‬
‫‪Printed by:‬‬
‫‪Published by:‬‬
‫‪Sujaghi Publication,‬‬
‫‪Hyderabad‬‬
‫‪1st Edition: June 2007 AD‬‬
‫‪2nd Edition:2009‬‬
‫‪Price:‬‬
‫‪Rs.10000‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪3‬‬

‫فهرست‬
‫• اداري‬
‫پاران‪...............................................................‬‬
‫‪.......................................‬‬
‫• مهاڳ ‪........................................................‬‬
‫‪........................................... ............‬‬
‫• فيملي‬
‫انٽرويو‪.............................................................‬‬
‫‪...................................‬‬
‫• ننڍي عمر ۾ شاديون‬
‫‪......................................................................‬‬
‫‪..........‬‬
‫س‪ ،‬نُنهن‬
‫•‬
‫َ‬
‫س ُ‬
‫جهيڙو‪..............................................................‬‬
‫‪.........................‬‬
‫• شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان‬
‫ڪجي ‪...................‬‬
‫• يقيني مستقبل لءِ بهتر تدريسي عمل‬
‫گهرجي‪..............................‬‬
‫• اسان جو تعليمي سرشتو معذور ڇو آهي؟‬
‫‪.......................................‬‬
‫• تعليم کي ڇو نڌڻڪو بڻايو ويو آهي؟‬
‫‪.............................................‬‬
‫• اسان جي اڄوڪي تعليمي نظام جو الميو‬
‫‪.......................................‬‬
‫• هڪ خط ۽ اسان جي تعليمي‬
‫ايجنڊا‪...................................................‬‬
‫• مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سيٽن جي وڪري وارو‬
‫معاملو‪............‬‬
‫• عالمي ڌارا جون تقاضائون ۽ انٽرميڊئيٽ جا‬

‫‪6‬‬
‫‪8‬‬
‫‪13‬‬
‫‪27‬‬
‫‪31‬‬
‫‪36‬‬
‫‪41‬‬
‫‪47‬‬
‫‪54‬‬
‫‪61‬‬
‫‪67‬‬
‫‪72‬‬
‫‪79‬‬
‫‪88‬‬
‫‪99‬‬
‫‪10‬‬
‫‪6‬‬
‫‪11‬‬
‫‪7‬‬
‫‪12‬‬
‫‪4‬‬
‫‪13‬‬
‫‪2‬‬
‫‪13‬‬

‫‪4‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫نتيجا‪......................‬‬
‫• ‪ 21‬صدي ۽ سنڌ جو‬
‫نوجوان‪............................................................‬‬
‫‪.........‬‬
‫• ‪1940‬ع جو ٺهراءُ ۽ آزادي ماڻيندڙ‬
‫عوام‪.............................................‬‬
‫• الطاف حسين کي‬
‫جواب‪..............................................................‬‬
‫‪............‬‬
‫• عوامي راڄ ۽ تاريخ جو‬
‫انتقام‪............................................................‬‬
‫• نار جي جنگ ۽ پاڪستان جو امن مشن‬
‫‪.........................................‬‬
‫• چوٿين مارچ جي اهميت ۽ ان جون‬
‫تقاضائون‪...............................‬‬
‫• پنجاهون جشن آزادي ۽ تبديلي جي عزم جي‬
‫ضرورت‬
‫• آزادي ۽ ان جو تحفظ‬
‫‪......................................................................‬‬
‫‪...‬‬
‫• عورت معاشرو ۽ سياسي‬
‫سٽاءُ‪......................................................‬‬
‫• عورت جا بنيادي‬
‫حق‪.................................................................‬‬
‫‪.................‬‬
‫• هڪ سنيهو لطيف جي پانڌياڻين‬
‫لءِ‪.....................................................‬‬
‫• عورت معاشري جي آئيني‬
‫‪...............................‬۾‬
‫‪..................................‬‬
‫• شريعت‪ ،‬عورت ۽‬

‫‪7‬‬
‫‪14‬‬
‫‪2‬‬
‫‪14‬‬
‫‪8‬‬

‫‪15‬‬
‫‪6‬‬
‫‪16‬‬
‫‪0‬‬
‫‪16‬‬
‫‪4‬‬
‫‪16‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪5‬‬

‫اڪثريت‪...........................................................‬‬
‫‪.........‬‬
‫• بقا ۽ فنا جا‬
‫تضادا‪...............................................................‬‬
‫‪..........................‬‬
‫• آدم ۽ حوا کي هڪ جهڙو استحقاق ملڻ‬
‫گهرجي!‪......................‬‬
‫• سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي رسم ۽ اڄ جو‬
‫معاشرو‪...........................‬‬
‫• پورهيت عورتن کي زندگيءَ جي وهنوار ۾‬
‫درپيش مسئل‪...‬‬
‫• خاموش اڪثريت ۽ درد جا‬
‫رشتا‪............................................................‬‬
‫• محبت جا بنيادي حق ڇو وساريل‬
‫آهن‪................................................‬‬
‫• شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ماءُ جي پيٽ کان ڌرتي‬
‫ماتا جي پيٽ تائين‬
‫• آدم شماريا انسانن جي ڳڻپ ۾ ڪپت جا‬
‫امڪان‪......................‬‬
‫• خانگي جيلن جي اصل حقيقت پڌري ٿيڻ‬
‫گهرجي‪......................‬‬
‫• غير مهذب روين جي شڪار سنڌي‬
‫پريس‪.......................................‬‬
‫• مارچ مهينو ۽ عوامي حڪومت جو ورثو اٺين‬
‫آئيني ترميم‬
‫• گورنر جو راڄ ۽ سندس ٻه اوليتي‬
‫ايجنڊائون‪................................‬‬
‫• ڇا ٿو ڪري‬
‫سگهجي‪..........................................................‬‬
‫‪......................‬‬
‫• ريفرنڊم ۽ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام وارو‬

‫‪7‬‬
‫‪17‬‬
‫‪5‬‬
‫‪18‬‬
‫‪1‬‬
‫‪18‬‬
‫‪7‬‬
‫‪19‬‬
‫‪3‬‬
‫‪20‬‬
‫‪2‬‬
‫‪21‬‬
‫‪5‬‬
‫‪22‬‬
‫‪2‬‬
‫‪23‬‬
‫‪7‬‬
‫‪24‬‬
‫‪4‬‬
‫‪24‬‬
‫‪9‬‬

‫‪6‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خواب‪..........‬‬
‫• ڪالباغ ڊيم ۽ تاريخي‬
‫ورجاءُ‪..............................................................‬‬
‫‪.‬‬
‫• جا دل ۾ هئي سا آئي قلم جي زبان‬
‫تي‪.............................‬‬
‫• زهر جن جي‬
‫زندگي‪.....................................................‬‬
‫‪.........‬‬
‫• ڪتاب ڪهاڻي ۽‬
‫ڪمرشلئيزيشن‪....................................‬‬
‫• زندگي پيار جو‬
‫بهانو‪................................................................‬‬
‫‪...............‬‬
‫• اڪيلئيءَ جي شڪست تهذيب جي فتح‬
‫آهي‪..................‬‬
‫• ”چنڊ آهي استاد جو چهرو“ ڊاڪٽر درشهوار‬
‫سيد‪...........‬‬
‫• طارق اشرف ۽ اسان جو‬
‫فرض‪..........................................‬‬
‫• سيد پناهه علي شاهه مرحوم ”علم جي‬
‫پناهه“‪.................‬‬
‫• اچو ته پنهنجي زخمن جي عزت‬
‫ڪريون‪.......................‬‬
‫• اُڃايل اُڃ‬
‫• مان واري مظهرالحق صديقيءَ جي اعزاز ۾‬
‫• تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ‬
‫• سياست جي جنت عوام جي قدمن جي محتاج‬
‫رهندي آهي‬
‫• پاسيريءَ مان پيدا ٿيل بي لوث محبت جو نالو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪7‬‬

‫عورت‬
‫• نواز شريفا هڪ ضدي سياستدان‬
‫• شل آئيني پنڌ سجايو ٿئي‬
‫• زندگيءَ جا اُجھاميل ڏيئاا قمر شهباز‬
‫• سنڌ ڇا ٿي پڙهي؟ دنيا ڇا ٿي پڙهي؟‬
‫سرندو‬
‫• شهيد راڻيءَ جي زندگيءَ جو ُ‬
‫• آپا مريم نوحاڻي جي شخصيت‬
‫• لهرون لهرون لفظ )تبصرو(‬
‫• اختلفي فيصلن جي انبوهه ۾ هڪ آواز منهنجو به شامل‬
‫ڪريو‪.‬‬

‫• اصل عوامي نمائندو ٿيڻ ايڏو آسان ته ناهي!‬
‫• بينظير جي نالي کي اختلفن کان بچائي ادارو‬
‫قائم ڪريو‬
‫• ادبي وينجھار ۽ اعترافن جي پلصراط‬
‫• حيدرآباد ضلعي جي وڌيڪ ورهاست عوامي‬
‫فيصلو آهي؟‬
‫• سند ِ لقب‬
‫• وائي‬
‫• خيرالنساء جعفريءَ جي ورسي تي ڪيل‬
‫تقرير‬
‫• لياقت عزيز جي الوداعي تقريب ۾ ڪيل‬
‫تقرير‬
‫• ‪ADMISSION/APPOINTMENT POLICY‬‬
‫‪OF PREVIOUS ARBAB GOVERNMENT‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪8‬‬

‫اداري پاران‬
‫پروفيسر ظفر حسن سيد سچل ڪاليج جي‬
‫لئبرري هال ۾ ڪنهن موضوع تي تقرير ڪري رهيو هو‪.‬‬
‫مان به اوچتو وڃي پهتس‪ .‬هن ٻڌايو پئي ته ”تاريخ لکڻ‬
‫تمام آسان آهي‪ .‬اوهان همت ڪري صبح جو ننڊ مان‬
‫اٿڻ کاڻ وري رات جو سمهڻ تائين جيڪي اکين آڏو‬
‫نظارا‪ ،‬لقاءَ ڏسو‪ ،‬ٻڌو ۽ چئو ٿا‪ ،‬اهي روزانو تاريخ وار‬
‫لکندا وڃو‪ .‬سال پوري ٿيڻ بعد ان کي وري شروعات‬
‫کان پڙهو ته اهو تاريخ جو ڪتاب ٺهي ويندو‪.‬و‬
‫هي هئا سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ سچي استاد جا‬
‫سونا ۽ املهه لفظ جن مون کي لکڻ لءِ اُڀاريو ۽‬
‫اُتساهه ڏياريو ۽ منهنجي ذهن تي وڏا ڪارگر اثر ڇڏيا‪ ،‬۽‬
‫ڪتاب ٺاهڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو شوق منهنجي ذهن تي‬
‫سوار ٿيو‪ ،‬سجاڳي پبليڪيشن به ان اثر جو ڦل آهي‪.‬‬
‫آگسٽ ‪2006‬ع ۾ پهريون ڪتاب سيد اڪبر )دڙو( جي‬
‫شاعري ”ڪُرڪي ڪائي ڪونج“ سهيڙي پورو ڪيم‪.‬‬
‫ڪتاب سهيڙڻ ۽ ڇپائڻ واري ڳالهه ڪنهن ريت‪،‬‬
‫پروفيسر سعيده بشير صاحب جي ڪن تائين پهتي ته‬
‫هن نه ڪئي هم نه تم‪ ،‬ڪاڳرن )اخبارن جي ڪٽنگ(‬
‫جي ڀري مون کي اچي ڏني ۽ حڪم ڪيائين ته منهنجي‬
‫ڪالمن کي سهيڙي ڪتاب تيار ڪرڻو آهي‪.‬‬
‫حڪم جي تعميل تي ڪتاب ”لهرون لهرون لفظ“‬
‫تيار ٿيو‪ .‬جيڪو سجاڳي پبليڪيشن جو ستون ڪتاب‬
‫آهي‪.‬‬
‫ڪتاب جي ڪمپوزنگ سخاوت علي جتوئيءَ وڏي‬
‫محنت ۽ جاکوڙ سان پوري ڪئي‪ ،‬سندس لک احسان‪،‬‬
‫مهاڳ لءِ منهنجي نظر خان محمد جروار تي پئي جنهن‬
‫به وقت اندر پنهنجي دلجوئي سان مهاڳ لکي مون‬
‫سان هميشه وانگر تعاون ڪيو‪ ،‬ان ريت هيءُ ڪتاب‬
‫”لهرون لهرون لفظ“ پڙهندڙن جي پياس ڪيتري پوري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪9‬‬

‫ڪندو‪ .‬اهو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا‪ .‬بقول هڪ ڏاهي‬
‫بئڪن جيا‬
‫ڪي ڪتاب رڳو چکڻ لئق هوندا آهن‪،‬‬
‫ڪي ڪتاب رڳو چٻاڙڻ لئق هوندا آهن‪،‬‬
‫پر ڪي ڪتاب اهڙا هوندا آهن جن کي‬
‫هضم ڪرڻو پوندو آهي‪.‬‬
‫حيدرآباد سنڌ‬
‫مارچ ‪2007‬ع‬

‫قادر بخش طالباڻي‬
‫چيئرمين‬
‫سجاڳي پبليڪيشن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪10‬‬

‫مهاڳ‬
‫ادب جي اثرائتن ذريعن مان ڪڏهن ن‪ÔÔ‬ثر ک‪ÔÔ‬ي نظ‪ÔÔ‬م‬
‫تي‪ ،‬ته ڪڏهن وري نظ‪ÔÔ‬م ک‪ÔÔ‬ي ن‪ÔÔ‬ثر ت‪ÔÔ‬ي ف‪ÔÔ‬وقيت حاص‪ÔÔ‬ل‬
‫رهندي پئي آئي آهي‪ ،‬ڇاڪاڻ جو ادب جا اهي ٻئي مؤثر‬
‫ذريعا تخليق واري ڪنڊيدار رستي تان ئي پنهنجي س‪ÔÔ‬فر‬
‫جي شروعات ڪن ٿا‪ ،‬تنهنڪري اهو چئي نٿ‪ÔÔ‬و س‪ÔÔ‬گهجي‬
‫ته مٿين ٻنهي ذريعن مان ڪه‪ÔÔ‬ڙي ذريع‪ÔÔ‬ي ک‪ÔÔ‬ي ادب ج‪ÔÔ‬و‬
‫مؤثر ۽ طاقتور ذريع‪ÔÔ‬و تص‪ÔÔ‬ور ڪج‪ÔÔ‬ي! پ‪ÔÔ‬ر هيءَ ب‪ÔÔ‬ه ه‪ÔÔ‬ڪ‬
‫مڃيل حقيقت آهي ته موجوده دؤر ۾ شاهڪار ادبي فن‬
‫پارن جي تخليق جا پهريان‪ ،‬اهم ۽ وقتائتا ماخ‪ÔÔ‬ذ پرن‪ÔÔ‬ٽ ۽‬
‫اليڪٽرانڪ ميڊيا جا لڳاپي‪ÔÔ‬ل ذيل‪ÔÔ‬ي ادارا ئ‪ÔÔ‬ي آه‪ÔÔ‬ن جت‪ÔÔ‬ان‬
‫وقت جا ليکڪ‪ ،‬محقق ۽ شاعر پنهنجي قلم‪ÔÔ‬ي ڪش‪ÔÔ‬الن‬
‫جي شروعات ڪن ٿا‪ .‬هيءُ پهريون ڏاڪو هون‪ÔÔ‬دو آه‪ÔÔ‬ي‪،‬‬
‫جتان ڪنهن ليکڪ‪ ،‬محقق ۽ شاعر کي‪ ،‬ڪنه‪ÔÔ‬ن خ‪ÔÔ‬بر ي‪ÔÔ‬ا‬
‫حادثي کي پنهنجي لکڻين‪/‬تحقيق جو موضوع بڻائي انهن‬
‫شاهڪار ادبي فن پ‪ÔÔ‬ارن ج‪ÔÔ‬ي تخلي‪ÔÔ‬ق ج‪ÔÔ‬و خي‪ÔÔ‬ال ذه‪ÔÔ‬ن ۾‬
‫پلجڻ ۽ پڄرڻ شروع ٿئي ٿو‪ ،‬جيڪي لکي‪ÔÔ‬ن ڪت‪ÔÔ‬ابن ج‪ÔÔ‬ي‬
‫اشاعت ۽ عوامي مقبوليت واري مرحلي م‪ÔÔ‬ان گذرن‪ÔÔ‬دي‬
‫نوبل يا بوڪر پرائيز جي حصوليءَ ت‪ÔÔ‬ائين هڻ‪ÔÔ‬ي وڃ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬ا‬
‫هنڌ ڪن‪.‬‬
‫جيئن ته پاڻ کي هتي ڳالهه پرنٽ ميڊيا جي ڪرڻي‬
‫آهي‪ ،‬تنهنڪري کڻبو پيرو ان جو پرنٽ ميڊيا ۾ ڳالهه‬
‫ايندي وري اخبار جي ۽ اخبارن جي ادارتي صفحن‬
‫واري آکاڙي جي‪ ،‬جتي مختلف ملهه سندرا ڪڇيندي‬
‫نظر ايندا‪ .‬ادارتي صفحن وارو آکاڙو گهڻو ڪري ڪن‬
‫واقعن جي تسلسل ۾ لکيل اهڙن مضمونن تي مشتمل‬
‫هوندو آهي‪ ،‬جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ واقعاتي تاريخ‬
‫جو حصو ٿي ويندا آهن‪ ،‬جن کي وري مختلف ماڻهو‬
‫پنهنجي پنهنجي تناظر ۾ پرکيندي نظر ايندا آهن‪،‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪11‬‬

‫تنهنڪري اهڙا بحث ڪڏهن ڪڏهن انتهائي طويل ۽‬
‫ٿڪائيندڙ به ٿي پوندا آهن‪.‬‬
‫پروفيسر سعيده بشير چانڊيو به ادارتي صفحن‬
‫واري آکاڙي جي اهڙي ملهه رهي آهي‪ ،‬جنهن مختلف‬
‫وقتن تي مختلف سياسي‪ ،‬سماجي‪ ،‬تعليمي ۽ ثقافتي‬
‫لڙن کي پنهنجي مثبت مؤقف ذريعي عوام سان اوريو‬
‫آهي‪ .‬کيس پنهنجن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ‬
‫جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان لءِ وٽس به ڪي‬
‫مضبوط ۽ مثبت دليل محرڪ هوندا‪ ،‬پر منهنجي نظر ۾‬
‫اهي محرڪ ڪجهه هيٺئينءَ ريت آهنا‬
‫موضوع جي لحاظ کان روزاني اخبارن ۾ ڪيترن‬
‫ئي اهم ليکڪن جا مضمون صحافتي صفحن جي زينت‬
‫بڻبا رهيا آهن‪ .‬جن کي وري بعد ۾ سندن اهميت جي‬
‫پيش نظر مختلف وقتن تي ڪتابي صورت ۾ پڻ منظر‬
‫عام تي آندو ويو آهي‪ .‬اهڙن ليکڪن ۾ امر جليل‪،‬‬
‫عبدالقادر جوڻيجو‪ ،‬پروفيسر لياقت عزيز‪ ،‬جامي‬
‫چانڊيو‪ ،‬فقير محمد لشاري‪ ،‬نثار کوکر‪ ،‬حميرا نور ۽‬
‫ٻين جا مجموعا شامل آهن‪ .‬پر هتي هڪ سوال اهو به‬
‫اڀري ٿو ته اخباري صفحن تي مضمونن جي صورت ۾‬
‫ڇپجندڙ ليکڪ ڪٿي اخباري صفحن تائين محدود ته نه‬
‫ٿي ويندو آهي؟ ٻيو ته روزاني ڇپجندڙ اخبار جي عمر به‬
‫ذهن ۾ رکڻ گهرجي‪ .‬ٽيون ته پڙهندڙن جو هڪ حلقو‬
‫صرف اخبار ته ٻيو وري صرف ڪتاب پڙهندو آهي ۽‬
‫ڪٿي معاملو وري ٻنهي قسمن جي پڙهندڙن جو هوندو‬
‫آهي‪ ،‬تنهنڪري اخبار‪ ،‬نه پڙهندڙ ماڻهو‪ ،‬ڪتاب پڙهڻ‬
‫جي ڪري‪ ،‬ڪڏهن ڪڏهن ڪن اهم مضمونن جي‬
‫مطالعي کان محروم رهجي ويندا آهن‪ ،‬تنهنڪري‬
‫ضروري آهي ته پڙهندڙن کي پرنٽ ميڊيا جي ٻنهي‬
‫مؤثر ذريعن وسيلي مواد ۽ معلومات جي فراهمي کي‬
‫يقيني بڻائجي‪ .‬ٻيءَ صورت ۾ ڪتاب پڙهندڙن جي وسيع‬
‫حلقي جي باوجود به اهڙا اهم اخباري مضمون چند‬
‫ڏينهن جي گرما گرم بحثن بعد آرڪائيوز جي وسيع‬

‫‪12‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪمرن وارن ڪڙن ۾ ڪڙجيو وڃن‪ .‬ان صورت ۾ اهڙن‬
‫مضمونن جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ سندن عمر درازيءَ‬
‫لءِ موجوده دؤر جي اهم تقاضا سان گڏ‪ ،‬وقت جي‬
‫ليکڪن ۽ محققن طرفان وقت جي تاريخ مرتب ڪرڻ‬
‫واري گورک ڌنڌي ۾ شمار ٿيندو‪.‬‬
‫ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته صحافتي صفحن جي‬
‫بنسبت ڪتابي صفحن واري ادب جي عمر مڙئي‬
‫ڪجهه سوئي هوندي آهي‪.‬‬
‫ماضيءَ ۾ صحافت سان واڳيل دنيا جا مشهور‬
‫اديب جيڪي صحافتي ڪهڪشان جا ستارا سمجهيا‬
‫ويندا هئا‪ ،‬سي بعد ۾ پنهنجي شاهڪار ادبي فن پارن‬
‫ذريعي ادب جي اُڀ تي ڏياٽيون ٻاريندي ۽ روشنيون‬
‫ڪندي نظر آيا‪ .‬دنيا جي اهڙن اهم ليکڪن ۾ ارنيسٽ‬
‫هيمنگوي‪ ،‬جان هيريسي‪ ،‬گراهم گرين ۽ گارشيا‬
‫مارڪئيز وغيره نهايت ئي اهم نال آهن‪ .‬اهڙا مثال‬
‫اسان وٽ سنڌ ۾ به ججهي تعداد ۾ ملن ٿا‪ .‬جهڙوڪ‬
‫محمد عثمان ڏيپلئي‪ ،‬محمد ابراهيم جويو‪ ،‬غلم محمد‬
‫گرامي ۽ ٻيا ڪيترائي ليکڪ‪ ،‬ليکڪن جي اهڙن صفحن‬
‫جا مهندار بڻيا‪ .‬پر اسان وٽ ڪي ليکڪ اهڙا به ٿيا جي‬
‫صرف اخبار جي ادارتي صفحن تائين محدود رهيا ۽‬
‫پنهنجي حصي پتيءَ جو پورهيو پوريءَ سچائيءَ‪،‬‬
‫ايمانداريءَ ۽ دل جي حضور سان انجام ڏنو‪.‬‬
‫مٿين تمهيد جو حاصل مطالب هروڀرو اهو به نه‬
‫وٺڻ گهرجي ته اخبارن ۾ ڇپجندڙ جن ليکڪن جا‬
‫مضمون ڪتابي صورت ۾ اچڻ جو اعزاز نٿا ماڻين سي‬
‫ڪو هيٺئين درجي جا ليکڪ آهن ۽ جن ليکڪن جا‬
‫مضمون ڪتابي صورت ۾ اچڻ جو سهرو ٿا ٻڌين سي‬
‫وري سقراط کي ڪلهو پيا هڻن‪ ،‬ائين هرگز به نه آهي‪.‬‬
‫ڪتاب ڇپجڻ اسان وٽ ڪابه وڏي ڳالهه نه آهي‪،‬‬
‫ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اشاعت جي اهڙي عمل کي‬
‫شهرت جو پهريون ۽ بنيادي ڏاڪو تصور ڪيو ويندو‬
‫آهي‪ ،‬جيڪو سراسر غلط آهي‪ .‬اصل ۾ ليکڪ جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪13‬‬

‫ڪاميابي ان جي پڙهندڙن واري تعداد تي مدار رکي‬
‫ٿي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته پنج پيسا خرچ ڪري اخبار يا ڪتاب‬
‫خريد ڪري پڙهندڙ ئي وڏو منصف هوندو آهي ۽ ليکڪ‬
‫وري اهو سٺو جيڪو وڌ کان وڌ عوامي هوندو‪ .‬اهڙن‬
‫ليکڪن جي لکڻين جا موضوع به نج نبار عوامي ۽‬
‫پنهنجي ماڻهن بابت هوندا آهن‪ .‬تنهنڪري ليکڪن جي‬
‫ادبي قد ڪاٺ کي ماپڻ لءِ ڪتابن ۽ لکڻين جي تعداد‬
‫واري ماپي جي نه‪ ،‬بلڪه عوامي محبت واري ماڻ جي‬
‫ضرورت هوندي آهي‪.‬‬
‫البته ڪڏهن ڪڏهن صحافتي صفحن مان‬
‫مضمونن وغيره جي صورت ۾ ملندڙ معلومات ايتري ته‬
‫تڪڙي ۽ مختصر هوندي آهي جو ان ۾ پڙهندڙن جي‬
‫تشنگي ۽ تحقيق جي لڪل گوشن جي رهجي وڃڻ جو‬
‫قوي امڪان هوندو آهي‪ .‬ان کان علوه اخبار جا‬
‫اندريان صفحا موجوده سماجي جوڙجڪ جي پيش نظر‬
‫سماجي گهٽ‪ ،‬سياسي ۽ ڪاروباري ڪاروهنوار جو‬
‫شوروو وڌيڪ نظر ايندا آهن‪ ،‬پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن‬
‫صفحن تي ڪن سينئر ليکڪن جا اهم ادبي‪ ،‬سياسي ۽‬
‫اسماجي ليک به پڙهڻ لءِ مليو وڃن‪ .‬پروفيسر سعيده‬
‫سٿ جي‬
‫بشير چانڊيو به سينئر ليکڪن واري اهڙي َ‬
‫اهم ساٿياڻي آهي‪ ،‬جنهن عورتن کان ويندي انصاف‪،‬‬
‫سماج کان ويندي سياست‪ ،‬ادب کان ويندي انقلب ۽‬
‫تعليم کان ويندي تعمير تائين مختلف موضوعن تي‬
‫پنهنجا قلمي جوهر پسايا آهن‪ .‬بحيثيت عورت‪ ،‬هوءَ پاڻ‬
‫تي اهو فرض ٿي ڀانئي ته ملڪي آباديءَ جو اڌ کان‬
‫وڌيڪ حصو‪ ،‬جيڪو عورتن تي مشتمل آهي‪ ،‬تنهن جي‬
‫بهبود لءِ هن اهم صحافتي پليٽ فارم تان ڪجهه ڪرڻ‬
‫جي ترغيب ڏيندي نظر آئي آهي‪ .‬عورت جي حيثيت ۾‬
‫هوءَ مرداڻي سماج ۾ عورتن سان اڻ برابري ۽ غير‬
‫واجب روين جي نندا ڪندي انصاف ڀرئي ۽ برابري‬
‫واري سماج جي نئين تشڪيل جي خواهان آهي‪.‬‬

‫‪14‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سندس اخباري مضمون جيڪي هينئر ڪتابي‬
‫صورت ۾ ڇپجي رهيا آهن‪ .‬اهي اهڙن ئي مثبت اولڙن‬
‫جو عڪس ڀاسندا آهن‪ ،‬جيڪي هن مختلف موقعن تي‬
‫مختلف پيڙائن کي محسوس ڪندي لکيا‪ .‬وٽس اهڙن‬
‫مثبت مطالبن جي حصوليءَ لءِ هڪ پاسي مضبوط‬
‫دليل آهن ته ٻئي پاسي وري مطالعي ۽ ٻوليءَ تي‬
‫گرفت وارا هٿيار به سندس ڀرجهل آهن‪ ،‬جيڪي سندس‬
‫لکڻين ۾ شيرينيءَ واري احساس کي ويتر وڌائيندي‬
‫نظر اچن ٿا‪.‬‬
‫پروفيسر سعيده بشير جو مضمونن تي مشتمل‬
‫هيءُ مجموعو ادبي حلقن ۾ ڪهڙي اهميت اختيار‬
‫ڪندو‪ ،‬اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته کين پنهنجي ادبي‬
‫ذوق جي آبياري‪ ،‬تعليم جي ترقيءَ لءِ تڙپ ۽ مثبت‬
‫سياسي سفر جي سمجهه ٻوجهه لءِ ڪهڙي قسم جو‬
‫مواد گهرجي‪ ،‬البته اخبارن ۾ ڇپيل مواد جي حصوليءَ ۽‬
‫ان تائين رسائيءَ لءِ ”سسئي واري پنڌ“ کان بچڻ‪ ،‬هن‬
‫ڪتاب جي ترتيب جو اصل ۽ مضبوط محرڪ آهي ۽‬
‫اميد ته اُن کي ان ئي پس منظر ۾ پرکي پروفيسر‬
‫صاحبه جي هن پورهئي جو پورو سچائيءَ سان قدر‬
‫ڪيو ويندو‪.‬‬
‫حيدرآباد سنڌ‬
‫‪ 20‬فيبروري ‪2007‬ع‬

‫خان محمد جروار‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪15‬‬

‫تعارف‬
‫فيملي انٽرويو )ظفر عباسي ۽ فرحانه ميمڻ(‬
‫پروفيسر سعيده بشير چانڊيو ‪ 31‬آڪٽوبر ‪1947‬ع‬
‫تي شڪارپور ۾ پيدا ٿي‪ ،‬سندس ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن جو‬
‫تعلق شڪارپور سان آهي‪ .‬چئن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن مان‪،‬‬
‫امڙ ۽ والد صاحب جي هوءَ وڏي اولد مان آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري ننڍي هوندي کان پر اعتمادي‪ ،‬جوشيلي ۽ هٺيلي‬
‫رهي آهي‪ .‬آپا سعيده بشير جو والد صاحب تعليم کاتي‬
‫۾ سنڌ جو هڪ معزز‪ ،‬ايماندار ۽ مهان شخصيت ٿي‬
‫گذريو آهي‪ ،‬ان ڪري سندن گهريلو ماحول علمي ۽‬
‫مذهبي رهيو ۽ مالي ۽ سماجي طور تي مستحڪم ۽‬
‫خوشحال سعيده بشير ننڍي هوندي ٻين ٻارن کان هٽي‬
‫ڪري راند روند بدران ڪتابن پڙهڻ کي اوليت ۽ اهميت‬
‫ڏيندي هئي‪ .‬هن ٽيبل ڪرسيءَ بدران ڏاڪڻين جي‬
‫ڏاڪن تي ويهي ڪيترائي ڪتاب ۽ رسال پڙهي مڪمل‬
‫ڪيا‪ .‬اهوئي سبب آهي جو ان دور جي اهم اخبارن ۾‬
‫هن ڪيئي آرٽيڪلس لکيا‪ ،‬سراج جي دور جي هلل ۾‬
‫هن ”مذهب ۽ ماڻهپو“ مضمون لکي هڪ بحث ڇيڙي‬
‫ڇڏيو‪ .‬مشرقي پاڪستان جي بنگلديش بنجڻ تي هڪ‬
‫سچي وفاق پرست جو ثبوت ڏيندي هن جنگ اخبار ۾‬
‫ظهور الحسن ڀوپالي ۽ رئيس امروهويءَ کي درد ڀريا‬
‫خط لکيا ۽ تجزيا ڪيا )جن تي هاڻي هن کي پاڻ کلڻ ٿو‬
‫اچي( هن ڪيتري شاعري به ڪئي پر همت افزائي ۽‬
‫پختگيءَ جي اڻ هوند ڪري اها شاعري ضايع ڪري‬
‫ڇڏيائين‪ .‬هن جي شادي )نڪ‪Ô‬اح( ۽هن جي سرڪاري‬
‫نوڪري )ليڪچررشپ( جي پهرين پوسٽنگ لڙڪاڻي ۾‬
‫ٿي‪ -25 .‬آڪٽوبر ‪1973‬ع هن جي نوڪريءَ جو پهريون‬
‫ڏينهن ه‪Ô‬و‪ .‬۽ايئن سندس نوڪري ۽ شادي جا ٻئي مرحل‬
‫گڏو گڏ هلندا رهيا‪ .‬لڙڪاڻي کان پوءِ ‪1974‬ع ۾‬
‫ڪراچيءَ سر سيد گرلز ڪاليج ۾ پوسٽنگ ٿيس ۽ اتي‬

‫‪16‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ئي سندس گهريلو ۽ عملي جيون جو آغاز ٿيو‪ .‬هن کي‬
‫ماني ٻوڙ‪ ،‬لٽا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ ٻين گهريلو ذميوارين جي‬
‫پورائي ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي‪ .‬ڇاڪاڻ جو هوءَ رڳو‬
‫صفائيءَ ۾ نمبر ون رهي آهي‪ .‬پر وقت سڀ ڪجهه‬
‫سيکاري ٿو ڇڏي‪ .‬ايئن کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو‬
‫اولد ٿيو‪ 1991 .‬تائين سندس مختصر ۽ آئيڊيل خاندان‬
‫وڇڙيل هئو‪ ،‬پٽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾‪ ،‬گهر وارو‬
‫اسلم آباد ۾‪ ،‬هوءَ ۽ سندس نياڻي گڊزناڪي قلعي‬
‫ڀرسان رهندا هئا‪ .‬دهشتگردن جي گهر لٽڻ کان پوءِ‬
‫نسيم ڊيلڪس ۾ رهڻ لڳا‪ .‬ٻار تعليم پرائي ويا‪ .‬گهر‬
‫وارو ڪراچيءَ بدلي ٿيو ته هاڻ ڪوشش ڪندا آهن‪ ،‬ته‬
‫جيترو وقت ممڪن ٿي سگهي گڏ ۽ کل خوشيءَ ۾‬
‫گذارين‪ .‬جيتوڻيڪ سماجي حيثيت جي حوالي سان هو‬
‫نوڪر رکي سگهڻ جي اهل آهن‪ ،‬پر آپا جو چوڻ آهي‬
‫ته مون کي رڌ پچاءَ‪ ،‬ڪپڙا ڌوئڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار ڪرڻ‬
‫۾ روحاني خوشي محسوس ٿيندي آهي‪ .‬آپا سعيده‬
‫بشير جي سماجي خدمت جي هڪ ڊگهي فهرست‬
‫آهي‪ .‬جيڪا هتي ڄاڻائڻ ضروري نه آهي‪ .‬بهرحال سنڌ‬
‫جي سياسي ۽ سماجي ماحول ۽ حلقن ۾ هن کي جيڪا‬
‫سندس سچائي ۽ ايماندارانه عمل ڪري مڃتا ملي آهي‬
‫سا رڪارڊ تي رکڻ جهڙي آهي‪ .‬هن کي عورتن کان‬
‫شڪايت آهي ته منجهن تعليم کان پوءِ به حسد‪ ،‬ساڙ ۽‬
‫وش ختم نه ٿي‬
‫هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ واري َر‬
‫ِ‬
‫آهي‪ .‬پر پوءِ به هوءَ مايوس نه آهي‪ .‬تعليم ۽ شاديءَ‬
‫جي حوالي سان به آپا جون خدمتون واکاڻ جوڳيون‬
‫آهن‪ .‬هن کوڙ نياڻين جي تعليم ۽ شادي جي حوالي‬
‫سان مدد ڪئي آهي‪ .‬وٽس ڪيئي مقال ۽ تقريرون اڻ‬
‫ڇپيل صورت ۾ پيل آهن جن کي ڇپائجي ته چڱو ڪتاب‬
‫ٿي سگهي ٿو‪.‬‬
‫آپا جو وَ ُر غلم بشير چانڊيو ‪1951‬ع ۾ جتوئي‬
‫خاندان جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شهر نوان‬
‫جتوئيءَ ۾ پيدا ٿيو‪ .‬سندس والد مرحوم حاجي محمد‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪17‬‬

‫جمن خان چانڊيو نوان جتوئيءَ جو ننڍو وڏيرو هو ۽‬
‫سندس سڃاڻپ ”جتوئي خاندان“ جو هڪ وفادار‬
‫ايماندار عام مختيار هو‪.‬‬
‫پرائمريءَ کان اٺين درجي تائين غلم بشير‬
‫اسڪول ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندو رهيو‪1969 .‬ع‬
‫۾ جڏهن ملڪ ۾ کنڊ جو زبردست بحران آيل هو‪ .‬ان‬
‫موسي شهيد‬
‫دوران ايوب خان هڪ گورنر جنرل‬
‫ٰ‬
‫ذوالفقار علي ڀٽو کي نظر بند ڪيو ته هن جي قيادت ۾‬
‫وڏو جلوس نڪتو‪ ،‬جنهن تي کيس گرفتار ڪري مورو‬
‫جيل اماڻيو ويو ۽ هو مئٽرڪ ۾ پوزيشن کڻي نه سگهيو‪.‬‬
‫هن جو چوڻ آهي ته جڏهن بيٽ آفيسر اسڪولس جا‬
‫دورا ڪندا هئا ۽ زوريءَ تعليم جا ڪيس هلندا هئا‪ .‬نواب‬
‫شاهه جي تعليم کاتي جي هڪ ايماندار آفيسر )سندس‬
‫زال جي والد صاحب مرحوم حافظ عبدالستار( کي‬
‫ڪلس جي سٺي شاگرد جي حيثيت سان ڪيئي سوالن‬
‫جا جواب انگريزيءَ ۾ ڏئي کيس مطمئن ڪيو هو‪ .‬اها‬
‫ذهانت اڄ به هن جي گهر ۾ زال ۽ ٽن ٻارن جي صورت‬
‫۾ برقرار آهي‪.‬‬
‫ويڪ اينڊ تي جڏهن هو ڪراچي مان ايندو آهي ته‬
‫گهر ۾ سرهائي ڦهلجي ويندي آهي‪ .‬آپا کاڌو پچائڻ جي‬
‫ماهر نه هوندي به کاڌو پچائي رکندي آهي‪ .‬ڪم ڪار‬
‫سمورا لهي ڇڏيندي آهي‪ .‬خميس رات تمام دير تائين‬
‫ڪچهري ڪندا آهن‪ .‬صبح جو آپا سڀني کان پهريون اٿي‬
‫ٻين کي زوريءَ اٿاريندي آهي‪ .‬نيرن ۽ منجهند گڏوگڏ‬
‫هلندي آهي‪ .‬اخبار به پڙهندا آهن‪ .‬نماز تي هليا ويندا‬
‫آهن ۽ پوءِ ڊش تي گيمس جا پروگرام ڏسي شام جو‬
‫ڪنهن هوٽل تي ماني کائيندا آهن‪ .‬ڇاڪاڻ جو غلم‬
‫بشير صاحب جو چوڻ آهي ته ”لل سڀ ڪجهه‬
‫خوشيءَ سان ڪندي آهي پر ماني پچائڻ ۾ سخت‬
‫ناراض“‪ ،‬شايد ان ڪري ئي مهمان وغيره ايندا آهن ته‬
‫يا ته پاڻ ڪري کائيندا آهن يا هوٽل تان سامان ايندو‬
‫آهي‪.‬‬

‫‪18‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سڄو ڪٽنب گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري ڏاڍو گهمندو آهن ۽ ائين سندن زندگي آئيڊيل ۽‬
‫ڀرپور زندگيءَ طور گذري رهي آهي‪ .‬هنن جو چوڻ آهي‬
‫ته آئيڊيل زندگي گذارڻ لءِ ڪي به اڪائونٽ کليل نه‬
‫هوندا آهن‪ .‬البته ڪن اڪائونٽن ۾ نفعي ۽ نقصان ۾‬
‫شراڪت ضروري آهي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪19‬‬

‫انٽرويو‬
‫سعيده بشير‬
‫ڪاوشا شادي ڪڏهن ٿي؟ ان وقت اوهان جي‬
‫عمر ڪيتري هئي؟‬
‫س‪ .‬با منهنجي شادي سال ‪1974‬ع ۾ ٿي‪ ،‬پر‬
‫‪ -14‬آگسٽ ‪1971‬ع ۾ اسان جو نڪاح پهرين ئي‬
‫ٿي ويو هو‪ .‬ان وقت منهنجي عمر ‪ 20‬سال‬
‫هئي‪.‬‬
‫ڪاوشا شاديءَ کي ڪهڙو درجو ڏيو ٿا؟ لو‬
‫ميرج‪/‬ارينج مئريج‪ /‬مڪس مئريج؟‬
‫س‪.‬با شادي کي ڪن به درجن ۾ ورهائي نٿو‬
‫تعالي هيءَ دنيا خلقي آهي‪ .‬تنهن‬
‫سگهجي‪ .‬خدا‬
‫ٰ‬
‫۾ هڪ ترتيب آهي‪ .‬نظام آهي‪ .‬اهڙيءَ طرح پيار‬
‫۽ محبت جي به پنهنجي هڪ خوبصورت‬
‫جاميٽريءَ وارو نظام ۽ ترتيب آهي‪ ،‬پر شاديءَ‬
‫لءِ مان ائين چونديس ته ان جي جمالياتي پهلوءَ‬
‫کي وڌيڪ اهم تصور اهو لفظ ۽ جذبو تڪليفن‬
‫کي سهڻ سان هڪ ٻئي کي وڌيڪ سمجهڻ جو‬
‫بهترين ”ذريعو“ آهي‪ .‬اسان جي شادي جي ابتدا‬
‫ارينج ۽ پوءِ پيار ڀريو سنسار ثابت ٿي‪.‬‬
‫ڪاوشا پهرين ملقات ڪڏهن ٿي هئي؟ شاديءَ‬
‫کان ڪيترو اڳ؟‬
‫س‪.‬با حجاب جي پردي ۾ رهان يا قلم جي‬
‫قلبازيءَ مان ڪم وٺان؟ پر حقيقت هيءَ آهي‬
‫ته اسان جي پهرين ملقات باقاعده نڪاح کان‬
‫پوءِ ٿي‪ .‬ان کان پهريون صرف هڪ ٻئي کي ڏٺو‬
‫هيوسين‪.‬‬
‫ڪاوشا ان وقت اوهان جو رد عمل ڇا هو؟‬

‫‪20‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫س‪.‬با محبت جو رد عمل هميشه بي آواز‬
‫هوندو آهي ۽ اهوئي رد عمل سڄي ڄمار جو‬
‫سامان ميسر ڪندو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا ٻار جو پهريون احساس ڪڏهن ٿيو؟‬
‫س‪.‬با مان هڪ ”شعر“ جو سهارو وٺڻ مناسب‬
‫سمجهان ٿيا‬
‫هڪ مند چري آهي‪ ،‬ٻي جا رات ٺري آ‪،‬‬
‫اهڙيءَ ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آ‪.‬‬
‫ڪاوشا رد عمل ڇا هيو؟‬
‫س‪.‬با احساس ۽ رد عمل جو لفظي سٽاءُ شيخ‬
‫اياز جي هنن لفظن ۾ تها مون تو ڏانهن غور‬
‫سان ڏٺو! ڏسي چيو! هي گل پٽيا وڃن ته تولءِ‬
‫چڱو آهي‪ .‬ڇڻي ويندا ته توکي ڇا ملندو؟ تو‬
‫مرڪندي وراڻيو ”ها پر ڏسجانءِ‪ ،‬توکي ڪوئي‬
‫ڪنڊو نه چڀي وڃي“ ۽ اڄ به انهن لفظن جي‬
‫خوشبو قرنيءَ جي اڇي گل وانگر ٻهڪيل آهي‪.‬‬
‫جيڪا تيز ۽ مدهوش ڪندڙ آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا هڪ ٻئي کي ڪيئن احساس ڏياريو؟‬
‫س‪.‬با احساس موجود هوندو آهي پر‬
‫”احساس“ جي تاريخ رقم ڪئي ويندي آهي ۽‬
‫عورت ته ڪائنات جي اها هستي آهي‪ ،‬جنهن‬
‫سالن ۽ صدين جي جبر ۽ ظلم سهڻ جي باوجود‬
‫اڄ به پنهنجي تحفظ لءِ مرد سان گڏ هلڻ جي‬
‫ٻولي ٻولي آهي‪ .‬ان ڪري احساس منديءَ جي‬
‫تقاضا اها آهي ته هن ڪائنات جي بي رنگ فضا‬
‫۾ رنگ ڀرڻ لءِ قرباني‪ ،‬ايثار ۽ پيار جي ڪلچر‬
‫جو دامن سنڀالي‪.‬‬
‫ڪاوشا ڪٽنب ۾ اڳ ڪهڙي قسم جون شاديون‬
‫ٿينديون هيون؟‬
‫س‪.‬با بنيادي طور مان هڪ تمام ”مذهبي‬
‫خاندان“ سان تعلق رکان ٿي‪ .‬شڪارپور شهر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪21‬‬

‫سان منهنجي وڏڙن جو تعلق آهي‪ .‬اسان جي‬
‫خاندان ۾ علم ۽ مذهب ماءُ جي پيٽ مان‬
‫نڪرندي ئي ڪجهه سالن کان پوءِ شروع ڪيو‬
‫ويندو هو‪ .‬شاديون گهڻو ڪري ڪٽنب ۾ ٿينديون‬
‫هيون‪ .‬مون کي ياد آهي ته منهنجي هڪ ماسيءَ‬
‫جي شادي لڙڪاڻي شهر جي نصير آباد ۾‬
‫ڪانڌڙا خاندان ۾ ٿي‪ .‬اها پهرين شادي ڌارين ۾‬
‫هئي‪ ،‬جيڪا ‪1957‬ع ۾ ٿي ۽ ٻي منهنجي شادي‬
‫جيڪا ‪1974‬ع ۾ چانڊيا خاندان ۾ ٿي‪ .‬ان کان‬
‫سواءِ هاڻي اسان جي خاندان ۾ صرف پنهنجن ۾‬
‫شادين وارو تصور بلڪل ختم ٿي چڪو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا شادي ۾ مشڪلتون؟‬
‫س‪.‬با ڪي خاص مشڪلتون پيش نه آيون‪.‬‬
‫ڪاوشا هاڻي پيار‪ ،‬شادي‪ ،‬لو مئرج‪ ،‬ارينج مئريج‬
‫يا مڪس مئريج جو تصور ساڳيو آهي يا بدليو‬
‫آهي؟‬
‫س‪.‬با اها حقيقت آهي ته مڙس صرف مڙس‬
‫هوندو آهي‪ ،‬دوست نه‪ ،‬شادي کان پوءِ دوست‬
‫تمام پري هليا ويندا آهن‪ .‬اها به حقيقت آهي ته‬
‫قربتن جي ئي ڪا ڪنڊ نفرتن کي جنم ڏيندي‬
‫آهي‪ .‬ليڪن اسان جي شاديءَ ۾ ڇو ته وڏن جي‬
‫مرضي ۽ رضا شامل رهي آهي‪ .‬ان ڪري اسان‬
‫جي تصور ۾ موسم جي بدلجندڙ حالتن وارو‬
‫رويو پيدا ئي نه ٿي سگهيو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا ڏوڪڙن جو حساب ڪتاب ڪنهن وٽ‬
‫هوندو آهي؟‬
‫س‪.‬با مون وٽ سڄي گهر جو نظام هٿ ۾‬
‫آهي‪ .‬ان سلسلي ۾ هن جو مون تي مڪمل‬
‫اعتماد آهي‪ .‬ڪڏهن به حساب يا ڪتاب نه رکيو‬
‫اٿئون‪.‬‬
‫ڪاوشا تجربي کان سواءِ اوهان پاڻ پنهنجي‬
‫اولد کي شاديءَ جو ڪهڙو حق ڏيندو؟‬

‫‪22‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫س‪.‬با ان سلسلي ۾ اولد جي راءِ کي فوقيت‬
‫۽ اهميت ڏيڻ سڀني والدين جو مذهبي ۽ اخلقي‬
‫فرض آهي‪ .‬ليڪن هڪ ڳالهه جيڪا منهنجي‬
‫مشاهدي ۾ محفوظ ٿي وئي آهي‪ .‬اها هيءَ ته‬
‫گهڻو ڪري ”لو مئريج“ ناڪام ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ‬
‫دوستي هوندو آهي‪ .‬اڄڪلهه نوجوان هڪ ٻئي‬
‫کي سمجهڻ کان سواءِ ئي ”دوستي“ رکي پوءِ‬
‫شاديءَ واري ماحول کي قبول ڪن ٿا ۽ پوري‬
‫طرح ذهني هم آهنگي نه هئڻ ڪري روين ۾‬
‫توقعات ۾ تبديلي اچڻ ڪري اها ”دوستي“ ٽٽي‬
‫پوي ٿي‪ .Ô‬۽ان جو اثر وڌيڪ عورت تي پوي ٿو‪.‬‬
‫۽ هوءَ ايڊجسٽ نٿي ڪري سگهي‪ .‬ان ڪري‬
‫شاديون ناڪام ٿين ٿيون‪.‬‬
‫ڪاوشا اوهان کي هڪٻئي جي ڪهڙي عادت‬
‫ڀلي لڳندي آهي؟‬
‫س‪.‬با سندس اها عادت تمام ڀلي ۽ مردانگيءَ‬
‫واري آهي ته هو ڪٿي به هجي پر گهر تي‬
‫سندس مڪمل توجهه رهيو آهي ۽ باقاعدگيءَ‬
‫سان هر هفتي گهر ۾ حاضري ڀريندو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا اوهان کي هڪ ٻئي جي ڪهڙي عادت‬
‫بري لڳندي آهي؟‬
‫س‪.‬با اختلفات جو هجڻ لزمي آهي‪ ،‬پر‬
‫”جهيڙو“ جتي هوندو آهي‪ ،‬ساٿ نه هلي سگهندو‬
‫آهي‪ .‬منهنجو ۽ سندس اختلف هڪ ڳالهه تي آهي‪.‬‬
‫اهو هيءُ ته منهنجي سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾‬
‫يا جدوجهد ۾ رات ڏينهن جي سوچ سنجيدگي ۽‬
‫هلچل کيس ناپسند آهي‪ .‬سندس چوڻ آهي ته‬
‫اسان جي معاشري ۾ اهڙين عورتن لءِ ماڻهن وٽ‬
‫” اخلقي قدر“ آهن ئي ڪونه! پر منهنجي سندس‬
‫ان سوچ ۽ فڪر خلف هڪ مسلسل جاکوڙ جاري‬
‫آهي‪ ،‬پر ”لل“ ان مسئلي کي جهيڙي جي صورت‬
‫۾ نه‪” ،‬حل“ جي صورت ۾ ڏسڻ چاهي ٿو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪23‬‬

‫ڪاوشا پهرين نظر ۾ اوهان کي پارٽنر ڪيئن‬
‫لڳو؟ ڪهڙو تصور ٺهيو پوءِ بدليو يا نه؟‬
‫س‪.‬با بقول شيخ اياز جي تها‬
‫خدا جو ثبوت گهرجئي‪ ،‬آءُ هن جي صورت‬
‫ڏس‪،‬‬
‫ڇا خدا کانسواءِ هن کي ڪو ٺاهي سگهي‬
‫ها‪.‬‬
‫ڪاوشا جيون ساٿيءَ جي ڪمزوري؟‬
‫س‪.‬با گهر ۾ رهي ڪري گهريلو مسئلن ۾‬
‫دلچسپي نه ڏيکارڻ ۽ هر مسئلي کي لئيٽ يا‬
‫هلڪو سمجهڻ؟‬
‫ڪاوشا رسندو ڪير آ گهڻو؟ ڇا تان؟ پر چائڻ ۾‬
‫پهل ڪير ڪندو آ؟‬
‫س‪.‬با اسان جي زندگي ۾ رسڻ ۽ پرچڻ جا‬
‫موقعا تمام گهٽ آيا آهن پر رسندي مان گهڻو‬
‫آهيان‪ .‬پر چائيندو هو گهڻو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا ٻنهي مان بهادر ڪير آ؟‬
‫س‪.‬با ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بهادري‪،‬‬
‫همت ۽ جرئت سان مقابلو ڪري رهيا آهيون‪.‬‬
‫ڪاوشا موڪلن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟‬
‫س‪.‬با گهڻو ڪري سنڌ کان ٻاهر وڃي ٻارن کي‬
‫انجواءِ ڪرائيندا آهيون‪.‬‬
‫ڪاوشا هڪ ٻئي کي ڇا ڪوٺيندا آهيو؟‬
‫س‪.‬با اسان هڪ ٻئي کي لفظ ”لل“ ڪوٺيندا‬
‫آهيون‪ .‬اهو لفظ ۽ ان ۾ پيار يا ويجهڙائپ‬
‫محسوس ٿيندي آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا جيڪڏهن هاڻي خبر پوي ته اوهان جو‬
‫جيون ساٿي ڪٿي رومانس‪/‬عشق يا شادي ٿو‬
‫ڪري؟‬
‫س‪.‬با خيرالنساءِ جعفريءَ جي بقول ته شير‬
‫شاهه سوري آيو اُهو ”شير“ هليو ويو‪ ،‬پر شاهه‬

‫‪24‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫۽ سورميون واٽ تي ٽنگيل آهن‪ .‬مان چوان ٿي‬
‫اوهان جي سوال جي جواب ۾ ته ”شاهه جون‬
‫سورميون مرد جي مٿين عشقن ۽ عاشقيءَ‬
‫واري طبيعتن ۽ مزاجن ۾ منڌيون پيون آهن‪.‬‬
‫پنهنجي عزت بچائڻ لءِ ٻاڦ نه ٿيون ٻاڦين ۽‬
‫عورت جي ان ئي روپ کي سچل جهڙو شاعر‬
‫ڳائي ٿو تها‬
‫”وڃي ڪيچ وڻن ۾ پڻ ٿينديس پورهين‪،‬‬
‫ن گولي ٿي گذاريان‪.‬‬
‫َ‬
‫چ ُ‬
‫ت‪ ،‬آءُ ا ُ ِ‬
‫جنين منهنجو ِ‬
‫پيار لفظ يونيورسل آهي‪ .‬اگر ڪوبه مرد پنهنجي‬
‫زال هوندي ”ڪنهن جي عشق“ ۾ گرفتار ٿي‬
‫واپس اچي ٿو ۽ پيار محبت وفاداري جي سڀني‬
‫ڪسوٽين تي پورو آهي ته ان کي معاف ڪري‬
‫سگهجي ٿو‪ .‬ورنه ٻيءَ صورت ۾ معاهدي ٽٽڻ‬
‫کان پوءِ ڪمپرومائز ڪرڻ تي زندگيءَ جو جيون‬
‫نٿو هلي سگهي‪.‬‬
‫ڪاوشا هڪ ٻئي کان شڪايت؟‬
‫س‪.‬با شادي جي ايتري عرصي کان پوءِ هن عمر‬
‫۾ محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪاش! اسان‬
‫زندگيءَ جي ضرورتن کان آجا ٿي هڪ ٻئي سان‬
‫گڏ رهي سگهون ها‪ .‬منهنجو اهو ايمان آهي ته هر‬
‫مرد کي گهر ۽ اولد متعلق ذميوار هئڻ کپي‪.‬‬
‫ڪاوشا اوهان جو جيون ساٿي فضول‬
‫خرچ‪/‬وچٿرو‪/‬ڪنجوس آهي؟‬
‫س‪.‬با نه پنهنجي ذات متعلق‪ ،‬نه گهر ۾ ۽ نه‬
‫دوستن ۾ ڪا ڪنجوسي ڏيکاري اٿائون‪ .‬تمام‬
‫”شاهه خرچ“ آهي‪ .‬پر مان ان معاملي ۾ بلڪل‬
‫اعتدال پسنديءَ جي قائل آهيان‪ .‬جپيسي واري‬
‫ڪلچر“ ۾ منهنجو قطعي ايمان نه آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا جوائنٽ فيمليءَ ۾ رهڻ بهتر يا پنهنجي‬
‫سر؟‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪25‬‬

‫س‪.‬با هر نظام جا پنهنجا پنهنجا پاسا آهن‪.‬‬
‫خاميون ۽ خوبيون ٻنهي نظامن ۾ آهن‪ .‬ضرورت‬
‫صرف ۽ صرف روين ۾ لچڪ آڻڻ جي آهي‪.‬‬
‫مشترڪه خاندان ۾ ماءُ ۽ پيءُ ٻارن جي فطرت‬
‫کان آزاد هوندا آهن‪ .‬ٻارن جي تربيت لءِ‬
‫مشترڪه نظام بهتر آهي‪ .‬اڪيلن گهرن ۾ اولد‬
‫کي تهذيب ۽ تمدن سيکارڻو پوي ٿو‪ .‬جنهن لءِ اڄ‬
‫ڪلهه والدين وٽ ٽائيم نه آهي‪ .‬گڏيل گهرن ۾‬
‫ٻار تهذيب ۽ تمدن ڏسندي ڏسندي سکي وٺي ٿو‪.‬‬
‫هڪ ڳالهه چوان ته مشترڪه خاندان ۾ توازن‬
‫پيدا ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ عورت کي‬
‫وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون‪ .‬اگر اها خوبي‬
‫جنهن ۾ به نه ملي‪ .‬پوءِ اهو نظام ناڪام ٿئي ٿو‪.‬‬
‫انڪري منهنجي خيال ۾ ته خاندان کي ناڪاميءَ‬
‫کان بچائڻ لءِ ”اڪيلي سر“ رهڻ وڌيڪ بهتر‬
‫ثابت ٿي رهيو آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا اڄڪلهه ڇا پيون ڪريو؟‬
‫س‪.‬با گهريلو معاملت کان علوه هڪ تعليمي‬
‫اداري جي سربراهه هئڻ جي حيثيت ۾‬
‫منهنجيون ذميواريون وڌيل آهن‪ ،‬ان کان سواءِ‬
‫لکڻ پڙهڻ منهنجي ذهني خوراڪ ۾ شامل آهي‪.‬‬
‫مختلف تعليمي ۽ سماجي تنظيمن جي عهديدار‬
‫جي حيثيت ۾ ”مسئل ۽ حل“ ۽ سنڌي نياڻين‬
‫جون شاديون‪ ،‬سندن گهر آباد ڪرڻ ۾ وڌيڪ‬
‫مصروف عمل آهيان‪.‬‬

‫‪26‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫انٽرويو غلم بشير چانڊيو‬
‫ڪاوشا شادي ڪڏهن ٿي؟ ان وقت اوهان جي‬
‫عمر ڪيتري هئي؟‬
‫غ‪.‬با اسان جي شادي سال ‪1974‬ع ۾ ٿي‪،‬‬
‫منهنجي عمر ان وقت ‪ 24‬سال هئي‪.‬‬
‫ڪاوشا شادي کي ڪهڙو درجو ڏيو ٿا؟ لومئرج‪،‬‬
‫مڪس‪ ،‬ارينج مئرج؟‬
‫غ‪.‬با اسان جي شاديءَ کي اوهان‬
‫)ارينج( ۽لومئرج چئي سگهو ٿا‪ .‬ان ڪري جو لو‬
‫يا پيار اصل ۾ شاديءَ کان پوءِ ئي پنهنجي اصلي‬
‫روپ ۾ نمايان ٿئي ٿو‪ .‬منهنجي شادي ۾ مڪمل‬
‫طرح سان منهنجي امڙ‪ ،‬بابي ۽ هڪ ئي ڀيڻ )ڇو‬
‫ته مون کي ٻي ڪابه ڀيڻ نه آهي( انهن سڀني‬
‫جو مڪمل سهڪار ۽ مرضي شامل هئي‪.‬‬
‫ڪاوشا پهرين ملقات شاديءَ کان ڪيترو اڳ‬
‫ٿي هئي؟‬
‫غ‪.‬با شادي اصل ۾ مذهبي ۽ سماجي پابندي يا‬
‫معاهدو آهي‪ .‬ان ڪري مذهبي طرح تي نڪاح‬
‫کان پوءِ اسان جي پهرين ملقات ٿي ۽ ان کان‬
‫پوءِ تمام جلدي اسان کي والدين رخصتي واري‬
‫ٻنڌڻ ۾ ٻڌو‪.‬‬
‫ڪاوشا ان وقت اوهان جو رد عمل ڇا هو؟‬
‫غ‪.‬با جخوشيءَ“ جو هڪ پنهنجو ماحول ۽ رد‬
‫عمل هوندو آهي‪ ،‬مان سمجهان ٿو ته جڏهن‬
‫ماڻهوءَ کي تمام گهڻي خوشي ميسر ٿئي ٿي ته‬
‫ان جذبي کي هتي يا ڪٿي به لفظن ۾ نٿو‬
‫سمائي سگهجي‪ .‬ڇو ته نه مان شاعر آهيان‪ ،‬نه‬
‫اديب‪ ،‬ان ڪري ”رد عمل“ جنهن جو ٻيو نالو‬
‫”خوشي“ آهي‪ .‬مون وٽ لفظ نه آهن‪ .‬مان‬
‫انتهائي خوش هيس ۽ آهيان‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪27‬‬

‫ڪاوشا پيار جو پهريون احساس ڪڏهن ٿيو؟‬
‫غ‪.‬با پنهنجي پيار کي حاصل ڪري‪.‬‬
‫ڪاوشا هڪ ٻئي کي ڪيئن احساس ڏياريو؟‬
‫غ‪.‬با پنهنجو پاڻ کي احساس ڏيارڻ ۽ مڃرائڻ‬
‫لءِ قرباني‪ ،‬ڏکن‪ ،‬سکن ۾ ساٿ ڏيڻ لزمي آهي‬
‫۽ منهنجي زال ان پرک ۾ مڪمل طرح سان‬
‫ڪامياب آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا خاندان ۾ اڳ ڪهڙي قسم جون‬
‫شاديون ٿينديون هيون؟‬
‫غ‪.‬با اسان جي ٻروچڪي خاندان ۾ سوء فيصد‬
‫شاديون وڏن جي مرضيءَ سان ٿين ٿيون ۽ اها‬
‫روايت اڃان تائين قائم آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا شادي ۾ مشڪلتون؟‬
‫غ‪.‬با خانداني پس منظر قبائلي ٻروچڪو هئڻ‬
‫جي باوجود اسان وٽ ذهني آزادي ۽ روشن‬
‫قابل قبول رهيو آهي ۽ ٻيو ته‬
‫خياليءَ وارو عنصر‬
‫ِ‬
‫منهنجي ننڍي هوندي ڪا به مڱ يا ڪابه ڏي وٺ‬
‫وارو ماحول نه رهيو‪ ،‬ان ڪري منهنجي شاديءَ‬
‫۾ ڪابه رڪاوٽ يا دقت پيش نه آئي‪ .‬ڇو ته‬
‫ڪنهن جي به حق تلفي نه ڪئي وئي‪.‬‬
‫ڪاوشا هاڻ پيار‪/‬شادي‪/‬لو مئريج‪/‬ارينج‬
‫مئريج‪/‬مڪس مئريج جو تصور ساڳيو آ يا بدليو‬
‫آهي؟‬
‫غ‪.‬با شادي هڪ مقدس پابندي آهي ۽ پابندين‬
‫کي ٽوڙڻ وارا هميشه تڪليف ۾ مبتل رهندا آيا‬
‫آهن‪ .‬اسان ٻنهي جي وچ ۾ خدا جو شڪر آهي‬
‫ته مڪمل ذهني هم آهنگي موجود آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري تصور به ساڳيو آهي‪ .‬ڪابه تبديلي نه‬
‫آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا ڏوڪڙن جو حساب ڪتاب ڪنهن وٽ‬
‫هوندو آهي؟‬

‫‪28‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫غ‪.‬با منهنجي زال وٽ‪ ،‬مان صرف ڏيڻ واري‬
‫پارٽي آهيان‪ .‬انهن ڏوڪڙن مان گهر جو نظام‬
‫سڄو ”لل“ وٽ آهي‪ .‬منهنجي بهترين ڪوشش‬
‫هوندي آهي ته گهر ۾ ڪابه تڪليف نه ڏيان ۽‬
‫ڪڏهن به اسان حساب ڪتاب نه رکيو آهي‪ .‬ڇو‬
‫ته ان سان اعتماد نٿو رهي ۽ بداعتماديءَ واري‬
‫”فضا“ ۽ ماحول ۾ رهڻ منهنجي روايت جي‬
‫خلف آهي‪.‬‬
‫ڪاوشا تجربي کان پوءِ اوهان پاڻ پنهنجي اولد‬
‫کي ڪهڙي شاديءَ جو حق ڏيندؤ؟‬
‫غ‪.‬با اڄڪلهه دنيا تمام ايڊوانس ۽ تيز رفتار‬
‫آهي‪ .‬ان ڪري اولد جي تعليم ۽ شادي ۾‬
‫سندس مرضي‪ ،‬مزاج کي مدنظر ضرور رکڻ‬
‫کپي‪ .‬مان پنهنجي اولد جي خوشيءَ ۾ ئي‬
‫خوشي محسوس ڪندم‪.‬‬
‫ڪاوشا اوهان کي هڪٻئي جي ڪهڙي عادت ڀلي‬
‫لڳندي آهي؟‬
‫غ‪.‬با هڪ ٻئي تي ”اعتماد“ ۽ ”لل“ ۾ سچ‬
‫ڳالهائڻ واري عادت پيدائشي طور تي تمام‬
‫گهڻي موجود آهي ۽ مان سمجهان ٿعو ته زندگي‬
‫گهارڻ لءِ سچ ۽ اعتماد ٻه شيون لزمي موجود‬
‫هئڻ کپن‪.‬‬
‫ڪاوشا ڪهڙي عادت بري لڳندي آهي؟‬
‫غ‪.‬با مان ٽائيم ٽيبل جو انتهائي پابند آهيان‪ .‬جلل“‬
‫موڊي آهي ۽ ان ڳالهه تي اسان اڄ تائين هم آهنگ‬
‫نه ٿي سگهيا آهيون‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪29‬‬

‫ننڍي عمر ۾ شاديون ) مؤقف(‬

‫جيڪڏهن انساني تاريخ ۽ تهذيب جو مطالعو ڪبو‬
‫ته معلوم ٿيندو ته جتي به طبقاتي نظام هوندو آهي يا‬
‫رهيو آهي‪ ،‬اتي سوچ‪ ،‬فلسفو ۽ مفادات به طبقاتي‬
‫هوندا آهن‪ .‬اهي لکندڙ جيڪي چوندا رهيا آهن يا چون ٿا‬
‫ته اسان انسان ذات لءِ جاکوڙي رهيا آهيون يا غير‬
‫جانبدار آهيون‪ .‬ڪنهن سان به )عورت يا مرد( ڪو‬
‫واسطو نه آهي‪ ،‬ڪا به ڌر نه آهيون‪ ،‬اهي غلط ڳالهائين‬
‫ٿا‪ .‬۽اُهي عوام سان دوکو ڪن ٿا‪ .‬جڏهن اسان جهڙن‬
‫ملڪن ۾ سماج ئي ”طبقاتي ورهاست” تي مبني‬
‫هجي‪ ،‬اتي خالص انسان ذات جهڙي ڪابه شيءِ وزن‬
‫نه ٿي رکي‪ .‬حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ ۾ اسان‬
‫سڀ ذميوار آهيون‪ .‬ننڍي عمر جي باري ۾ غور ڪجي‬
‫ته اسان وٽ ٻاراڻي عمر ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا )ڌيءُ‪،‬‬
‫پٽ( ٻئي زير بحث ايندا‪ .‬ڇو ته ٻار جڏهن هن دنيا ۾‬
‫اچي ٿو ته هو ڪنهن مرضيءَ سان فرمائش تي نٿو‬
‫اچي‪ .‬هن کي اهو اختيار نه آهي ته هو مشرق يا مغرب‬
‫۾ پيدا ٿئي‪ ،‬هو جڏهن هن سرزمين تي قدم رکي ٿو ته‬
‫ڪجهه ضرورتون پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي‪ .ÔÔ‬۽ڪجهه‬
‫ضرورتون ماحول مان پيدا ٿين ٿيون ۽ ٻار جو شروعاتي‬
‫دور اهميت وارو هوندو آهي‪ .‬ٿوري به غفلت سان هن‬
‫۾ غير انسانيت جا ڪيترائي ڪمزور پهلو گهر ڪري‬
‫ويندا ۽ اڳتي هلي ان جو نتيجو سڄي معاشري ۽ نسل‬
‫کي ڀوڳڻو پوي ٿو‪ .‬اسان جي ملڪ ۾ ڪل آباديءَ جو‬
‫‪) 45‬پنجيتاليهه( سيڪڙو ٻارن جو آهي‪ .‬انهن ٻارن لءِ‬
‫”زنده احساس“ مثبت عمل ۽ سماجي تحفظه‪ ،‬ان لءِ‬
‫ضروري آهي ته اسين بحيثيت هڪ سنڌي قوم جي ٻين‬
‫قومن جي مقابلي ۾ وڌيڪ جمهوري مزاج رکون ٿا ۽‬
‫جمهوريت ۾ حڪومتن ۽ قومن لءِ بنيادي شرط اهو‬
‫آهي ته سڀني کي بنيادي حق آزادي‪ ،‬راءِ جي آزادي‪،‬‬

‫‪30‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تعليم‪ ،‬صحت ۽ زندگي ۾ جيون ساٿيءَ جو حق نه‬
‫صرف جمهوري آهي بلڪه مذهبي به آهي‪ .‬ٻار فطري‬
‫تقاضائن مطابق آزاد ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو حقدار‬
‫آهي‪ .‬مون کي ياد آهي ته ‪1990‬ع ۾ سيپٽمبر جي‬
‫مهيني ۾ نيويارڪ ۾ ٻارن متعلق هڪ بين القوامي‬
‫ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ٻارن متعلق‬
‫ڇرڪائيندڙ بين القوامي انگ اکر پيش ڪيا ويا‪ .‬اهو‬
‫ٻڌايو ويو ته ”هن وقت ڏهه ڪروڙن کان وڌيڪ ٻار‪ ،‬جن‬
‫۾ )س) سيڪڙو نياڻين جو آهي( اُهي ڪنهن به‬
‫اسڪول ۾ داخل نٿا وٺي سگهن‪ .‬ڏهن سالن جي عمر‬
‫کي پهچندڙ لتعداد نياڻيون تنگ ٿي جسم فروشي ڪن‬
‫ٿيون‪ .‬ٻهراڙين ۾ ‪ 80‬کان ‪ 85‬سيڪڙو ٻار ڪيترن ئي‬
‫بيمارين ۾ مبتل آهن‪ 8 .‬کان ‪ 10‬ملين ٻار چائيلڊ ليبر جو‬
‫شڪار آهن‪ .‬جن کان هنن جي عمر ۾ صحت کان وڌيڪ‬
‫جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو‪1978 .‬ع ۾ پهريون دفعو‬
‫پوليس ۾ رپورٽون داخل ٿيندڙ ڏوهن جا انگ اکر گڏ ڪيا‬
‫ويا ته اسان جي ملڪ ۾ ان سال عورتن سان زنا ۽‬
‫زيادتين جا ‪ 640‬واقعات رڪارڊ تي آيا‪ .‬ليڪن هاڻي ته‬
‫صورتحال اها آهي ته هر روزڪنهن نه ڪنهن عورت‬
‫جي‪) ،‬جن ۾ معصوم نياڻيون به شامل آهن(‪ .‬لڄالٽ ٿي‬
‫رهي آهي‪1982 .‬ع ۾ پهريون سال هو‪ ،‬جڏهن ”دي بڪ‬
‫آف ورلڊ رينڪنگ“ ۾ پاڪستان لڄالٽ جو کاتو کوليو‪.‬‬
‫ان کان پوءِ اسان وٽ عورتن کي سياسي انتقام‬
‫وسيلي جسماني تشدد ڪرڻ جا مشهور واقعات اسان‬
‫جي آڏو آهن ۽ ڪنهن کان به ڳجها نه آهن‪ .‬هن تفصيل‬
‫پيش ڪرڻ جو مقصد ڪنهن تي به الزام تراشي نه‬
‫آهي‪ .‬بلڪ وسيع نظر سان معاملي جي بنياد تائين‬
‫پهچڻ آهي‪ ،‬ته آيا اسان جي سماج ۾ اُهي ڪهڙيون‬
‫اوڻايون آهن جنهن ڪري اسين اڄ سماجي ۽ روايتي‬
‫پسماندگي طرف زور شور سان عمل پيرا آهيون‪ .‬ان‬
‫جو واحد سبب اسان جو جاگيردار نه نظام آهي ۽‬
‫سياسي طرح سان سياسي عدم استحڪام ڪري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪31‬‬

‫وسيع پيماني تي‪ ،‬اهڙيون پاليسيون ۽ انهن ۾ تسلسل‬
‫نه رهي سگهيو آهي‪ .‬اگر ائين ٿي سگهي ها ته هوند‬
‫جاگيردارانه‪ ،‬غلمانه ذهنن وارا دماغ ختم ٿي وڃن ها ۽‬
‫قانون جي حاڪميت وارو خوشحال ۽ قانوني دور هجي‬
‫ها‪ .‬حيرت جي ڳالهه آهي ته ‪ 18‬سالن جي عمر کان‬
‫پهريون نه شناختي ڪارڊ ٺهي سگهي ٿو نه ووٽ جو‬
‫حق حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي نوڪري ملي سگهي‬
‫ٿي‪ .‬نه ڊرائينگ لئيسنس ٺهي سگهي ٿو‪ .‬ليڪن ننڍي‬
‫عمر ۾ شادي جا فيصل ٿي سگهن ٿا‪ .‬ماءُ جي پيٽ ۾‬
‫ئي پلجندڙ ٻار جي مستقبل جا اهڙا اهم فيصل ٿي‬
‫سگهن ٿا‪ .‬جن تي صرف قدرت ئي قادر ٿي سگهي ٿي‬
‫۽ اگر اهو ٻار وڏو ٿي بغاوت ڪري ٿو‪ ،‬ظلم خلف‬
‫ڳالهائي ٿو ۽ پوءِ گهمراهه ٿئي ٿو ته )نياڻيءَ( جي‬
‫حيثيت ۾ ان خاندان جو شيرازو ئي وکري وڃي ٿو‪.‬‬
‫البته هتي پٽ جي اولد سان وري سماجي تفريق وارو‬
‫رويو ۽ ورتاءُ رکيو وڃي ٿو ۽ هن جي راءِ ۽ فيصلي کي‬
‫نه صرف مڃتا ملي ٿي پر تسليم به مڪمل ٿئي ٿي‪.‬‬
‫اينلجس جو چوڻ آهي ته سماجي تفريق جو اصل‬
‫سبب جاگيردارانه نظام آهي ۽ ان نظام ۾ عورت سان‬
‫ظالمانه سلوڪ ڪيو ٿو وڃي‪ .‬ننڍي عمر جي شادين‬
‫جي نتيجي ۾ وڌيڪ عورت کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو‪ .‬هوءَ‬
‫نفسياتي طور تي دٻيل ۽ هيسيل رهجي وڃي ٿي ۽‬
‫سڄي زندگي ان ماحول کي مجبوريءَ واري حال ۾‬
‫قبول ڪري ٿي‪ .‬ان جو نتيجو اهو ٿو ٿئي ته اگر هو‬
‫مڙس آڏو به ڪڇي ٿي يا ناپسنديدگي جو اظهار ڪري‬
‫به ويهي ٿي ته پوءِ هن مظلوم طبقي کي مختلف‬
‫گهريلو تشدد وسيلي مارڪٽ‪ ،‬نڪ ڪپڻ‪ ،‬چوٽي ڪپڻ‪،‬‬
‫ساڙي مارڻ ۽ آخر ۾ ”ڪاروڪاري“ واري هٿرادو الزام‬
‫هي) هن جي زندگي تباهه ڪئي وڃي ٿي‪ .‬اهڙي‬
‫صورتحال ۾ هڪ معصوم عورت عذاب مان گذرندي‬
‫مڙس جي بستري جوسينگار به مجبورن ٿيندي نسل‬
‫انسانيءَ کي به وڌائي ٿي ۽ آخر ۾ کيس ڪو به قانوني‬

‫‪32‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تحفظ حاصل نه آهي‪ .‬پنهنجي حقن جي حفاظت ۽ تعين‬
‫جي حق کان به دنيا جي هن مظلوم طبقي کي محروم‬
‫رکيو ويو آهي‪ .‬اسان وٽ صرف رياستي تشدد نه بلڪ‬
‫گهريلو تشدد ۽ ذهني تشدد به ڪيترن ئي صورتن ۾‬
‫موجود آهي‪ .‬پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته‬
‫پارلياماني ادارن ۾ عورتن تي ٿيندڙ ان تشدد خلف ڪو‬
‫به مرد نٿو ڳالهائي‪ .‬انسان جي بنيادي حقن تي‬
‫ڳالهائيندڙ ۽ جاکوڙ ڪندڙ تنظيمون به ان گهريلو تشدد‬
‫خلف وڏي پيماني تي نٿيون ڳالهائين‪ .‬اگر ملڪ ۾ ڪو‬
‫قانون موجود آهي ۽ يقينن آهي ته ننڍي عمر جي‬
‫شادي؟ ليڪن عملي طرح صورتحال منجهائيندڙ آهي‪.‬‬
‫اسان جي اندروني دنيا خلفشار ۽ ٻِٽي معيار جي شڪار‬
‫آهي‪ .‬اسين غيرا خلقي‪ ،‬غير قانوني روايتن تي عمل‬
‫پيرا آهيون ۽ انهن جي ور چڙهيل آهيون‪.‬‬
‫ننڍي عمر ۽ بي سمجهيءَ واري عمر ۾ مردن جي‬
‫حڪمراني ۾ ٿيندڙ فيصل ۽ انهن جا نتيجا عورت کي ئي‬
‫وڌيڪ سهڻا ۽ برداشت ڪرڻا پون ٿا‪ .‬ان ڪري ضروري‬
‫آهي ته انهن ٿيندڙ فيصلن کي ”ذاتي فيصل“ سمجهڻ‬
‫بجاءِ قانوني ۽ سماج جي حوالن سان ڏسجي ته وڌيڪ‬
‫بهتر ٿيڻ طرف پهريون قدم هوندو‪ .‬اسان جي معاشري‬
‫۾ عورت کي احتساب جو حق ملڻ کپي‪.‬‬
‫ان ظلم خلف قانوني سهارو وٺڻ کپي‪.‬‬
‫ڪمزورکي احتساب جو حق ملڻ کپي ته جيئن‬
‫ظالماڻي نظام ۽ اوڻائين کي برقرار رکڻ ۾ ڏکيائي‬
‫پ ان نظام‬
‫محسوس نه ٿئي‪ .‬اسان جي مايوسي ۽ ُ‬
‫چ ِ‬
‫کي برقرار رکڻ ۾ معاون ثابت ٿيندي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪33‬‬

‫سس‪ ،‬ننهن جهيڙو ) مؤقف(‬
‫ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي‪ ،‬عورت کي عورت جي‬
‫سامهون ڪرڻ وارو‪ .‬مان هميشہ اهڙن موضوعن تي‬
‫غير جانبداريءَ وارو رويو اختيار ڪندي آهيان‪ .‬پر اصل ۾‬
‫چند شعرن جو سهارو وٺجي ته وڌيڪ غير جانبداريءَ جو‬
‫شايد حق ادا ٿي وڃي‪ .‬منهنجي لءِ جتي موضوع نڙِيءَ ۾‬
‫اٽڪي پوندو آهي‪ .‬لفظ ختم ٿيل نظر ايندا آهن‪ .‬اتي‬
‫شاعري تقويت جو باعث بڻجي پوندي آهي‪ .‬منهنجي‬
‫حيرت اتي جنم ورتو‪ ،‬جتي مون محسوس ڪيو ته‬
‫”ماءُ“‪ ،‬۽ ”نياڻي“‪ ،‬کي نظم چاهي نثر ۾ وڌيڪ ڳايو ويو‬
‫آهي‪ .‬وڌيڪ اُجاگر ڪيو ويو آهي‪ ،‬مثلاا‬
‫جي ڌيءُ ٿي ڄمي ڪنهن عورت کي‪،‬‬
‫سا سڏجي ٿي سڀني ۾ نڀاڳ واري‪.‬‬
‫***‬
‫ڪن کي قرآن سان لئون ڏئي حق‬
‫بخشرائين ٿا‪،‬‬
‫ڪن کي ٿا مارين‪ ،‬ڪري ”ڪاري“‪ ،‬اسان‬
‫وٽ‪.‬‬
‫***‬
‫سڱ پيسن تي آيو وٺڻ واپاري آ‪،‬‬
‫هو َ‬
‫هن نه قبوليو ڪراڙو ته ”ڪاري“ آ‪.‬‬
‫***‬
‫ٻئي هٿان ڌيءُ ٿي بي آبرو‪ ،‬وڪڻي نوٽن تي‬
‫ننگ‪،‬‬
‫عزت جي ناهه ڪا پرواهه پيسن جو پڄاري‬
‫آ‪.‬‬
‫***‬
‫ماءُ جي مامتا آهي ڪيڏي امر‪،‬‬
‫ماءُ جي مامتا آهي ڪيڏي مڌر‪،‬‬

‫‪34‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ماءُ چانڊاڻ آ‪ ،‬ماءُ مانڊاڻ آ‪.‬‬
‫***‬
‫ماءُ سرهاڻ آ‪ ،‬ماءُ واکاڻ آ‪،‬‬
‫ها منهنجي امان! مون کي سڏ ڪر؟‬
‫امان! مون کي سڏ ڪر امان!‬
‫هن شاعري ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته عورت جا‬
‫ڪيترائي مقدس روپ آهن‪ .‬جسس ۽ ننهن“ جو رشتو‬
‫اسان وٽ هڪ مسئلي جي صورت ۾ موضوع ضرور‬
‫آهي‪ ،‬پر ادب جي حوالي سان وڌيڪ تقدس امڙ ۽‬
‫نياڻيءَ کي حاصل رهيو آهي‪ .‬جڏهن اهي ٻئي رشتا‬
‫س ۽ ننهن واري دائري ۾ پهچن ٿا ته يقينن انهن جو‬
‫َ‬
‫س ُ‬
‫ڪردار ۽ ”رويا“ تبديل ٿيڻ کپن ۽ جڏهن ائين نٿو ٿئي ته‬
‫پوءِ هڪ جنت جهڙي گهر جو تصور هوا ۾ تحليل ٿي‬
‫وڃي ٿو‪ .‬گهر آباد ڪرڻ هر ماڻهوءَ جي خواهش هوندي‬
‫آهي‪ .‬حقيقت ۾ عورتون ۽ مرد گڏجي هڪ ماحول ۽‬
‫رشتن کي ملئي گهر کي جنت بڻائي سگهن ٿا‪ .‬پر‬
‫”سس ۽ ننهن“ واري رشتي ۾ سڄي ذميواري ٻن‬
‫عورتن جي رشتي تي اچي وڃي ٿي ته اهي گهر کي‬
‫پنهنجي روين سان جنت بڻائين‪ .‬ائين ڪرڻ سان‬
‫هميشه لءِ هڪ محبت ڀريو ڪلچر ۽ تحفظ فراهم‬
‫ٿيندو‪ .‬جيڪو اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ ڪٿي‬
‫ڪٿي ڪو ورلي نظر ايندو‪ .‬اسان جي آباد ۽ جنت وارن‬
‫پراڻن گهرن جو مرڪزي نقطو هوندو هيو‪ -‬جگڏيل‬
‫خاندان“ ۽ انهن جو گڏ رهڻ‪ ،‬اهڙن خاندانن ۾ ڏاڍو امن‬
‫۽ سڪون هوندو هيو‪ ،‬ٻار جي تربيت گهرن ۾ صاف‬
‫سٿري ماحول ۾ ٿيندي هئي‪ ،‬گهريلو تربيت بزرگ‬
‫عورتون ڪنديون هيون‪ ،‬اهوئي سبب آهي جو اهو اولد‬
‫وڏي هوندي نيڪ سيرت ۽ خوش خلقيءَ طور سڃاتو‬
‫ويندو هو‪ .‬بزرگن جي موجودگي ”ٻار“ لءِ رهنمائي مهيا‬
‫ڪندي هئي‪ .‬معاشي طور تي به اهڙا خاندان ٿوري ۾‬
‫خوش ۽ مطمئن هوندا هئا‪ .‬اسان وٽ ”مشترڪه‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪35‬‬

‫خاندان“ ۾ بزرگ عورتون ”سنڌي ڪلچر“ جي تحفظ‬
‫جو ذريعو آهن‪ .‬رسمون ۽ رواج اسان کان وسري ويا‬
‫آهن‪ .‬جن سان اسان جي قوم جي سڃاڻپ آهي‪.‬‬
‫والدين جي مصروفيتن ۽ خانداني نظام جي ورهاست‬
‫ڪري‪ ،‬نئين نسل جي ٻار جي تربيت تي تمام گهٽ‬
‫توجهه ڏنو وڃي ٿو‪.‬‬
‫اهوئي سبب آهي جو اڄ جي ٻارن جي تربيت تي‬
‫تمام گهٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي سبب آهي جو اڄ‬
‫جا ٻار نرسرين ۽ ٽيوشن سينٽرن جي حوالي سان‬
‫وڌيڪ سڃاتا وڃن ٿا‪ .‬ٻئي طرف وري ڏسجي ته جهيڙو‬
‫۽ اختلف ماءُ‪ ،‬ڌيءُ‪ ،‬پٽ ۽ پيءَ ۾ به ٿي سگهي ٿو پر ان‬
‫اختلف کي محدود دائري ۾ رکي ختم ڪيو ٿو وڃي‪.‬‬
‫س ۽ ننهن پاڻ ۾ معاهدو ۽ مصلحت نٿيون‬
‫پوءِ ڀل ڇو َ‬
‫س ُ‬
‫ڪري سگهن! ائين ته ٿي ئي نٿو سگهي‪ .‬جڏهن کان‬
‫نياڻي يا عورت يا ماٺيڻي ڌيءَ مڙس وٽ اچي ٿي‪ .‬پسند‬
‫يا ناپسند واري مڙس جي حڪم جي باندي ٿيڻ لءِ تيار‬
‫ٿئي ٿي‪ .‬ته هن کي ان نئين گهر ۾ ”پنهنجو“ ٿيڻ لءِ پاڻ‬
‫کي مڃرائڻ لءِ هڪ عرصو لڳي ٿو وڃي‪ .‬گهر جي وڏن‬
‫بزرگن جو فرض آهي ته نئين ايندڙ مهمان ۽ هڪ انسان‬
‫لءِ وسيع نظري ۽ وسيع ماحول پيدا ڪن‪ .‬هتي سس‬
‫کي تمام بردباريءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو‪ .‬ننڍين‬
‫ننڍين ڳالهين تي روڪ ٽوڪ زال مڙس جي اٿڻ ويهڻ ۽‬
‫گهمڻ تي ۽ سندن خوشين ۾ مداخلت بلڪل نه هئڻ‬
‫کپي‪ .‬ڏٺو ويو آهي ته ”گهريلو ظلم“ کي اڳتي وڌائڻ ۾‬
‫س جو ڪردار اهم رهيو آهي‪ .‬نُنُهن کي اهو‬
‫به َ‬
‫س ُ‬
‫س ”ماءُ“ نه آهي‪ .‬ماءُ ٿيڻ ۾ هن‬
‫سمجهڻ کپي ته َ‬
‫س ُ‬
‫س ۽ نُنُهن جي جهيڙي ۾‬
‫کي به ٽائيم ڏيڻ کپي‪َ .‬‬
‫س ُ‬
‫باڪردار ۽ مخلص عورتون ”مرد“ کي فريق بنائڻ کان‬
‫پرهيز ڪن‪ ،‬مڙس‪ ،‬مڙس آهي‪ ،‬هو دوست نٿو ٿي‬
‫سگهي‪ .‬مرد کي پٽ ۽ مڙس واري ڪردار ادا ڪرڻ لءِ‬
‫به کيس وڌيڪ سندس سوچ جي تابع ڪجي‪ .‬ها اهو‬
‫ضرور آهي ته اها تابعداري جيڪا مرد جي ”ذهني‬

‫‪36‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آزادي“ هوندي‪ ،‬ان کي ڇڙواڳي واري روايت جي حد‬
‫تائين پهچڻ نه ڏجي‪ .‬ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون‬
‫محدود آزاديون جيڪي انسان جي پنهنجي سوچ جي‬
‫تابع هونديون آهن‪ ،‬انهن مان مستقل ۽ دائمي انساني‬
‫ڀلئين جا ڪيترا گس ۽ رستا نڪري اچن ٿا‪ .‬اهڙي‬
‫ماحول لءِ اسان جي عورت کي وڌيڪ بردبار ۽ تعليم‬
‫يافته بڻائڻو پوندو‪ .‬اسان جي اڪثريتي آبادي اڄ به‬
‫جاگيرارانه نظام جي ور چڙهيل آهي‪ ،‬جتي تعليم جي‬
‫گهٽتائيءَ سبب ڪيترائي ”غير مهذبانه“ غير اخلقي‬
‫”رويا“ تشدد جي صورت ۾ وڌي ويندا آهن‪ .‬جرياستي‬
‫تشدد“ کان سواءِ گهريلو تشدد منهنجي خيال ۾ ته‬
‫اسان جي روين جي پيداوار آهي‪ .‬اهڙي گهريلو تشدد‬
‫جو ذڪر باربار ايندو رهيو آهي‪ .‬ايستائين جو بين‬
‫القوامي ادارا به ان گهريلو تشدد خلف ڪم ڪري‬
‫رهيا آهن‪ .‬هڪ ڳالهه طئي آهي ته ان گهريلو تشدد جو‬
‫وڌيڪ نشانو ”عورت“ ٿي رهي آهي‪ .‬اهو ورجاءُ‬
‫ضروري نه آهي‪ ،‬ته دنيا ۾ علم ۽ ڄاڻ جي حوالي سان‬
‫جيڪا به ترقي ٿي آهي‪ ،‬ان جو فائدو صرف مرد ذات‬
‫کي پهتو آهي‪ .‬اخلقي ۽ ڪرداري خوبين کي مرد جي‬
‫مرضيءَ مطابق جوڙيو ويو اهي‪ .‬پر اسان جو اڄ جو‬
‫موضوع عورت بمقابل عورت آهي‪ .‬ان ڪري آخر ۾‬
‫هڪ صلح ضرور ڏينديس ته بزرگن کان وڌيڪ نوجوان‬
‫سوچ ۽ نسل تي وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون‪ .‬ان‬
‫ڪري اگر اسان کي پنهنجا گهر ۽ وَ َر بچائڻا آهن‪ .‬آئينده‬
‫نسل جي آبياري ۽ تربيت ڪرڻي آهي‪ ،‬پنهنجو تحفظ ۽‬
‫بچاءُ ڪرڻو آهي ته تمام تر جديد دنيا جي قدرن ۽‬
‫ڪلچر جو سهارو وٺندي به اسان کي پنهنجي ”اخلقي‬
‫سرحدن“ کي اورانگڻو نه آهي‪ ،‬ان لءِ منهنجي خيال ۾‬
‫ته ”نُنُهن“ جيڪا ذميدار آهي‪ ،‬نوجوان آهي‪ ،‬بردبار آهي‪،‬‬
‫س ۽ ڪسر جي‬
‫سهپ جو مادو رکي ٿي ان کي ڪ َ ُ‬
‫مقابلي ۾ وڌيڪ برداشت ڪرڻي آهي‪ .‬ڇو ته مستقبل‬
‫اسان جي هٿن ۾ آهي‪ ،‬اهو سمجهڻ کپي ته ان گهر ۾‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪37‬‬

‫مرڪزي حيثيت عورت جي آهي‪ ،‬زال جي آهي‪ .‬مڙس‬
‫سان ننڍين ننڍين ڳالهين تي الجهڻ سان هميشه اسان‬
‫کي بيزاري ملندي مثبت رويو ڪڏهن به نه ملندو‪ .‬مرد‬
‫تي هروڀرو جو شڪ به مناسب نه آهي‪ .‬ائين به نه آهي‬
‫ته پنهنجي انفراديت ۽ دلڪشي کي ختم ڪجي هر گز‬
‫نه؟ قطع به نه؟؟‬

‫‪38‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شادي پنهنجي يا مائٽن جي پسند سان‬
‫ڪجي؟‬
‫اوهان جي سوال جو مختصر جواب ”ها“ يا ”نه“‬
‫۾ ڏئي سگهجي ٿو‪ ،‬پر هر تلخ سوال ۽ انجو تلخ جواب‬
‫اسان کي ڪجهه سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ طرف مائل‬
‫ڪري ٿو‪ .‬هڪ انسان جيڪو مرد يا عورت هجي‪ ،‬تن‬
‫جي خوابن جي ساڀيان‪ ،‬سليقي ۽ ڍنگ سان ٿيڻ کپي‪.‬‬
‫اهي خواب جيڪي نوجوانيءَ واري دور جا هجن ۽ جن‬
‫ت جيان هجي‪ .‬اهي خواب‬
‫جو رنگ روپ انڊلٺي ُر ِ‬
‫جيڪي آشائن ۽ ارپنائن تي مشتمل ٿين ٿا‪ .‬ڪڏهن به‬
‫معني نٿا ٿي سگهن؟ يعني شادين جي نتيجن ۾‬
‫بي‬
‫ٰ‬
‫”لنئن‪ ،‬۽ ”عروسي جوڙن“ ۽ ”سجايل سيجي“ جي‬
‫ڪلسڪس ۾ هجر جا ”نوحا“ بوسي‪ ،‬لچاري ۽‬
‫مجبوريءَ جا مشاهدا اسان سڀني جي آڏو آهن‪.‬‬
‫ڪهاڻيون سڀني جون هڪجهڙيون آهن‪ ،‬ليڪن مختلف‬
‫ڪردار سان منظر عام ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان وڌي‬
‫رهيا آهن‪.‬‬
‫شادي پسند جي هئڻ اڄ جي جديد دور جي‬
‫ضرورت ۾ شامل آهي‪ ،‬پر شادي هڪ زندگيءَ جو‬
‫اهم فيصلو آهي ۽ ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي مائٽن‬
‫جي مرضي ۽ ساٿ جي بي ضرور اهميت اڄ به‬
‫ترقي يافته دور ۾ تمام ضروري آهي‪ .‬اهي نوجوان‬
‫جوڙا جيڪي ان موڙ تي مائٽن کي اعتماد ۾ نٿا وٺن‪.‬‬
‫تن جون شاديون گهڻو عرصو جٽاءُ نٿيون ڪري‬
‫سگهن‪ .‬شادي صرف ”جذبن “ ”رومانس “ يا ”پريم “‬
‫جو نالو نه آهي‪ .‬هيءُ هڪ سماجي معاهدو آهي ۽‬
‫معاهدو ڪرڻ وقت نوجوانن کي پنهنجي مائٽن کي‬
‫ضرور ٻڌائڻ کپي‪ .‬خاص طور تي اسان جي نياڻين‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪39‬‬

‫کي وڌيڪ خبرداريءَ سان پنهنجي زندگين کي ڪنهن‬
‫مرد جي حوالي ڪرڻ ل ءِ تيار ٿيڻ کپي‪ .‬ڇو ته وڌيڪ‬
‫ڀوڳڻو عورت کي پوي ٿو‪ .‬مائٽن جو اولين فرض آهي‬
‫ته هو پنهنجي اولد کي تعليم سان گڏوگڏ هنن تي‬
‫اعتماد ڪن ۽ اهم فيصلي وقت پنهنجي ”ذاتي‬
‫خواهش “ کي بال طاق رکي اولد جو ساٿ ڏين‪.‬‬
‫هن سوال جي ٻئي حصي جو اهم موضوع اهو‬
‫آهي ته ڇا تعليم ۽ آگاهي جي هن جديد دور ۾ اسان‬
‫پنهنجي سماج کي پنهنجي ماحول کي شادي جهڙي اهم‬
‫۽ نازڪ اسم متعلق خيالن جي دنيا کان ٻاهر ڪڍي‬
‫سگهيا آهيون‪ .‬جيڪي جذبات ۾ وهي عاليشان محل‬
‫جوڙي‪ ،‬آسمان مان تارا لهڻ جون دعوائون ڪندڙ‬
‫نوجوانن کي ٻين لفظن ۾ پريمي جوڙن کي جي ڪا‬
‫رهنمائي ڪري سگهيا آهيون؟‬
‫اِن عشق ۾ ڪيتريون ئي سنڌ جون نياڻيون ۽‬
‫ڪونڌر ”ڪارو ڪاري“ ڪري ماريا ويا آهن‪ .‬معصوم‬
‫محبتن ۾ دلين تي ٿيل راتاهن‪ .‬وارداتن جون ‪ F.I.R‬درج‬
‫ٿيڻ کپن‪ .‬ان ڪري جو محبت‪ ،‬پسند ۽ مائٽن جي‬
‫مرضيءَ سان ٿيل شادين جي نتيجن ۾ گهڻائي وارو‬
‫سودو وري به اُن خواب ڏسندڙ ڇوڪرين جي پلئه پوي‬
‫ٿو‪ .‬جنهن جو ذڪر مون شروع ڪيو آهي‪ .‬عورت تي‬
‫شڪ‪ ،‬غيرت‪ ،‬ڏاج ۽ ٻين ڪيترين حوالن سان جيڪو‬
‫ظلم ٿئي ٿو ان ۾ مرد جو هٿ وڌيڪ ٿئي ٿو‪ .‬اهوئي‬
‫سبب آهي جو عورتون گهرن مان ڀڄي مختلف ادارن ۾‬
‫پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيون آهن‪.‬‬
‫اسان جي عورتن آڏو شاديءَ کان پوءِ اڻ ڏٺل‬
‫ديواريون اڏيون وڃن ٿيون‪ .‬اگر ڪا عورت برابريءَ جا‬
‫حق گهري ٿي يا نڪاح نامي ۾ خبرداريءَ وارا درج ٿيل‬
‫حق گهري ٿي‪ .‬ته انهن عورتن کي مرد پنهنجي خاندان‬
‫سان گڏجي‪ .‬ان حق کان محروم ڪريو ڇڏين‪ .‬يا‬
‫عورت پنهنجي شخصيت تان هٿ کڻي يا وري سڄي‬
‫زندگي اذيتون برداشت ڪري‪ .‬مرد جي عزت ۽ ناموس‬

‫‪40‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جو ڀرم رکندي اچي‪ .‬اها صورتحال ٻنهي قسم جي‬
‫شادين ۾ اڄڪلهه سامهون اچي رهي آهي‪.‬‬
‫حدود آرڊيننس جنهن لءِ چيو وڃي ٿو ته اهو غريب‬
‫عورتن جي تحفظ لءِ ٺاهيل آهي‪ .‬مرد پنهنجي خاندان‬
‫جي عورتن کي قابو ڪرڻ لءِ ان قانون جو کلي عام‬
‫استعمال ڪري رهيو آهي‪ .‬تحقيقات مان ظاهر ٿيو آهي‬
‫ته جيلن ۾ بند عورتن جو گهڻو تعداد اهڙين عورتن جو‬
‫آهي جن تي الزام لڳائڻ وارا مرد‪ -‬ڀاءُ‪ ،‬مڙس ۽ پيءُ‬
‫آهن! هي اُهي عورتون آهن جيڪي پنهنجي مرضيءَ‬
‫سان شادي ڪرڻ چاهين ٿيون‪ .‬يا وري والدين جي‬
‫مرضيءَ جي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون‪.‬‬
‫اهي عورتون جيڪي ناڪام شادين ۾ عليحدگي‬
‫چاهين ٿيون‪ .‬جيڪي طوائف بڻجڻ کان انڪار ڪن‬
‫ٿيون‪ .‬اُهي عورتون جيڪي پنهنجيءَ مرضيءَ سان‬
‫زندگي گذارڻ چاهين ٿيون‪ .‬تن کي ان زنا آرڊيننس‬
‫واري سزا ملي ٿي ۽ اهو قانون مردن ٺاهيو ۽ مردن‬
‫جي ئي هٿن ۾ معاشري اندر هڪ موزون هٿيار طور‬
‫استعمال ڪيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫آخر ۾ هڪ عورت‪ ،‬هڪ ماءُ‪ ،‬هڪ استاد ۽ هڪ‬
‫سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ اهوئي چونديس ته اسان‬
‫کي هڪ برابري واري معاشري جي ضرورت آهي‪ .‬ان‬
‫لءِ سماجي ڪارڪن‪ ،‬استاد ۽ ماءُ پيءُ پنهنجو مڪمل‬
‫ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا‪ .‬نوجوان نسل کي هميشه‬
‫پنهنجي وڏن جي رهنمائيءَ جي ضرورت رهي آهي‪ .‬ماءُ‬
‫پيءُ کي پنهنجي ذات جي خواهشن جي تڪميل جو‬
‫ذريعو اولد کي نه بنائڻ گهرجي‪.‬‬
‫جڏهن اوهان پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرايو‪،‬‬
‫سڀ کان پهريون ”نڪاح نامي “ کي اکيون ٻوٽي نه‬
‫ڀريو‪ .‬هڪ هڪ ڪالم ۾ عورت جي حقن جي دفاع جا‬
‫ڪالم موجود آهن‪ .‬پسند جي شادي ڪندڙن ل ءِ‬
‫ضروري آهي ته هو ”نڪاح نامي “ کي ڀرڻ وقت ان‬
‫عهدنامي جي هر ڪالم کي ڀرين‪ .‬اهوئي اهم وقت‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪41‬‬

‫هوندو آهي ۽ اهائي منزل جتي عقل جا سڀ دروازا‬
‫کولي پنهنجا حق ۽ واسطا منظم ۽ مضبوط ڪري‬
‫سگهجن ٿا‪ .‬انساني اتهاس جي دائري ۾ آگاهي ۽‬
‫علم وسيلي ”فنا “ جي قانون مٿان ”بقا “ جو دستور‬
‫تڏهن ئي جاري ٿي سگهي ٿو‪ .‬جڏهن انسان پنهنجي‬
‫س ک ۽ عزت‬
‫انا ۽ نفس کي ماري ٻين جي وجود کي ُ‬
‫ڀري زندگي ڏيڻ ۾ سهڪاري ٿئي‪ .‬پاڻ کي ئي‬
‫سڀڪجهه سمجهڻ ۽ پاڻ کي ئي اهميت جوڳو‬
‫سمجهڻ ۽ ذات جي پرستش انساني معاشري اندر‬
‫تمام گهڻي ڪمزوري پيدا ڪري ٿي‪ .‬جيڪڏهن اسين‬
‫اهو چڱيءَ طرح سمجهي وٺون‪ .‬ته اسان جي اردگرد‬
‫موجود انسان هن معاشري جو حصو آهن‪ .‬هنن جي‬
‫پنهنجي اهميت ۽ حيثيت آهي ته خودپسنديءَ واري‬
‫سحر مان نڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي‪.‬‬
‫جخودپسندي “ انسان کي پنهنجن کان پري ڪري‬
‫ڇڏي ٿي‪.‬‬
‫خسيس خواهش جي انڌي گهوڙي تي سوار‬
‫ٿيندڙن کي منزل ڪڏهن به نه ملي سگهندي آهي‪ .‬دنيا‬
‫ڏاڍي خوبصورت آهي‪ ،‬جيئن ڪنهن شاعر جي چواڻيا‬
‫دنيا سان محبت نه ڪرڻ نا سمجهيءَ جي نشاني آهي‪.‬‬
‫جنهن دنيا جي ڌارا ٽُڪ جي رليءَ جيان ٽمڪندا‬
‫هجن‪،‬‬
‫چنڊ ڪنهن ٽاريءَ جي نرڙ تي لڳل تلڪ وانگي‪،‬‬
‫تجليون ڏيندو هجي‪ ،‬اڱڻ تي انيڪ قسم جا گل‬
‫ٽڙندا هجن‪.‬‬
‫ان دنيا سان محبت عين عبادت آهي‪.‬‬
‫۽ هيءُ دنيا‪ ،‬اسان جو معاشرو تڏهن ئي خوشبو ِء‬
‫سان واسيل رهندا‪ ،‬جڏهن اسان پنهنجي ”وجودن“ مان‬
‫نئون نسل پيدا ڪري‪ ،‬پنهنجي گهرن‪ ،‬پنهنجي وسندين‬
‫کي آباد ڪنداسون‪ ،‬مولنا رومي چوي ٿو تها‬

‫‪42‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫علم را برنس زني ماري بود‬
‫علم را برجان زني ياري بود‬
‫ترجموا علم کي جسم لءِ استعمال ڪندؤ ته نانگ‬
‫بڻجندو‪ ،‬علم کي روح لءِ استعمال ڪندؤ ته توهان جو‬
‫دوست بڻجي پوندو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪43‬‬

‫يقيني مستقبل ل )ء بهتر تدريسي‬
‫عمل گهرجي‬
‫ويهن سالن کان به وڌيڪ منهنجي وابستگي تعليم‬
‫سان ئي رهي آهي‪ ،‬ان ڪري مان سمجهان ٿي ته‬
‫تعليم اسان جي بنيادي ضرورت سان گڏوگڏ ائين چئي‬
‫سگهجي ٿو ته ملڪ جي بقا جي به بنيادي ضرورت‬
‫آهي‪ .‬ليڪن بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ اهڙي ضرورت‬
‫کي ڪڏهن سمجهيو ئي نه ويو آهي‪ ،‬ٻه يا ٽي سيڪڙي‬
‫کان وڌيڪ تعليمي بجيٽ رکڻ‪ ،‬بيورو ڪريٽس ذريعي‬
‫تعليمي نظام کي هلئڻ‪ ،‬تعليمي ماهرن ۽ ”ورڪ‬
‫فورس“ کي ڇڏي تعليم جو شعبو انهن ماڻهن جي‬
‫حوالي ڪيو ويو‪ ،‬جن وٽ تعليم متعلق نه پلننگ هئي ۽‬
‫نه ئي ان جي اهميت جو احساس! اڄ به توهان ماحول‬
‫جو جائزو وٺو ته اسلم آباد ۾ ويٺلن ئي ڪيترا ٽاسڪ‬
‫فورس جوڙيا آهن‪ ،‬ليڪن ڪابه تعليمي ٽاسڪ فورس‬
‫نه جڙي سگهي آهي؟ جڏهن ته ملڪ جي ٻين شعبن ۾‬
‫انقلبي اصلح ۽ ترميمن لءِ ٽاسڪ فورس جڙندا رهيا‬
‫آهن‪ .‬تدريسي عملي لءِ ٻي اها ڳالهه مان چوڻ‬
‫چاهينديس ته تعليم جي شعبي ۾ بنيادي ڪردار ۽‬
‫اهميت ”استاد“ جي آهي‪ ،‬جيڪي هن ئي ماحول ۾‬
‫حالتن جي پيداوار آهن ۽ هو پنهنجي ذهني مطابقت‬
‫سان تدريسي بجا آوري سان گڏوگڏ نئين نسل کي‬
‫صحيح راهه ۽ سمت ڏيڻ‪ ،‬پنهنجي ادارن ۾ امن ۽‬
‫سڪون جي فضا برقرار رکڻ جا ذميوار آهن‪ .‬استاد‬
‫نظرياتي سرحدن جا محافظ ليکيا وڃن ٿا‪ .‬ليڪن ملڪ‬
‫اعلي تعليم يافته طبقو پنهنجي ڪيترن ئي‬
‫جو هيءُ‬
‫ٰ‬
‫مسئلن جي باعث هميشه هنگامي ۽ اضطرابي‬
‫صورتحال ۾ ڦاٿل رهيو آهي‪ .‬هڪ ئي ملڪ جي اندر‬

‫‪44‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫چئني صوبن ۾ تدريسي عملي لءِ معاشي ۽ ترقيءَ‬
‫جون مختلف پاليسيون ٺاهيون ويون آهن‪ .‬هيءُ هڪ‬
‫ڊگهو بحث آهي‪ ،‬جنهن لءِ اسان کي تعليمي رپورٽن‪،‬‬
‫قومي پي ڪميشن جي رپورٽن‪ ،‬پنجاب‪ ،‬سنڌ ۾ ڏنل‬
‫الئونسز شهري ۽ ڳوٺاڻن علئقن ۾ ڏنل ۽ مهيا ڪيل‬
‫سهولتن جي جائزي وٺڻ لءِ هڪ الڳ ”موضوع“ جي‬
‫ضرورت آهي‪ .‬ليڪن اها طئي ٿيل حقيقت آهي ته ان‬
‫سڄي ماحول ۾ کنيل اقدامن جو تعلق ”تدريس“ ۽‬
‫”تدريسي عمل“ سان گهرو واسطو رکي ٿو‪ .‬ان ڪري‬
‫جيستائين ان ”تفاوت“ ۽ ڏنل سهولتن ۾ فرق ختم نٿو‬
‫ڪيو وڃي‪ ،‬بجيٽ تعليمي شعبي کي وڌائي نٿي ڏني‬
‫وڃي‪ .‬جتدريسي عمل“ ۾ ڪا انقلبي تبديلي نٿي اچي‬
‫سگهي‪.‬‬
‫سرڪاري انگن اکرن مطابق تعليم ‪ %35‬سيڪڙو‬
‫آهي‪ ،‬غير سرڪاري انگ اکر ‪ %26‬سيڪڙو تعليم جو‬
‫تناسب ٻڌائين ٿا‪ .‬ليڪن مان اهو ٻڌائينديس ته اسان‬
‫تعليمي ميدان ۾ اتي ئي آهيون‪ ،‬جتي آزاديءَ کان‬
‫پهرين ‪1857‬ع ۾ ڇو ته هن علئقي ۾ آل انڊيا مسلم‬
‫ايجوڪيشنل ڪانفرنس ‪ 1906‬کان سنڌ ۾ فروغ تعليم‬
‫لءِ پنهنجي تاريخ ساز اجتماعن‪ ،‬تجويزون ۽ قراردادن‬
‫جي نتيجن ۾ جيڪي اصلحات تجويز ڪيا‪ ،‬آزاديءَ کان‬
‫پوءِ اسان جون حڪومتون بي ڌيانيءَ سبب اهو به نه‬
‫ڪري سگهيون جيڪو آزاديءَ کان پهرين تعليم لءِ ٿيندو‬
‫رهيو‪ .‬آزادي کان پوءِ ڪيتريون ئي تعليمي پاليسيون ته‬
‫جوڙيون ويون پر ان ۾ ”نظريو“ گهڻو ۽ ”سچائي“‬
‫گهٽ‪.‬‬
‫‪1907‬ع جي ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي اجتماع ۾‬
‫ٻين ڳالهين کان سواءِ هڪ قراردار زميندارن کان‬
‫”تعليمي مد“ ۾ هڪ رپئي تي هڪ پيسو سرڪار‬
‫طرفان وٺڻ جي سلسلي ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ۽ ان‬
‫سلسلي ۾ رئيس غلم محمد ڀرڳڙي جي ڀرپور‬
‫جدوجهد جي نتيجي ۾ ان تي عمل به ٿيو‪ .‬سنڌي ۾‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪45‬‬

‫ڪتاب تيار ڪرڻ لءِ لٽريچر ڪاميٽيءَ جي قيام جي‬
‫ضرورت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ڪتاب تيار ڪري‬
‫سگهجن‪ .‬اڄ جو نسل سوال پڇي سگهي ٿو ته آزاديءَ‬
‫کان پوءِ اسان وٽ تعليم جي مد ۾ اقرار سرچارج جي‬
‫نالي ۾ ورتل ٽيڪس تعليم تي خرچ ٿي رهي آهي‪ ،‬ان‬
‫ٽيڪس ۾ صوبن کان سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي‬
‫انتظاميا تدريسي عمل کي بهتر ڪرڻ لءِ ڇا سنڌي‬
‫ڳالهائيندڙ شاگردن ۽ استادن کي ترجما ٿيل سنڌي ۾‬
‫ٽيڪس ڪتاب ڏئي سگهيا آهن يا نه؟ تدريسي عمل کي‬
‫بهتر ڪرڻ لءِ سر سيد )هن جي نظرين سان اختلفات‬
‫جي باوجود( جهڙي رهنما ”علي ڳڙهه“ جهڙي تعليمي‬
‫اداري کي وجود ۾ آندو‪ .‬حسن علي آفنديءَ ”مدرسة‬
‫السلم“ جو پايو وڌو‪ .‬ڇا اڄ جي نسل ۾ اسان جي‬
‫طبقي جي طرف کان آغا خان يونيورسٽي بقائي ڪاليج‬
‫جهڙا ادارا جيڪي تعليمي ماحول ۾ بهترين پڙهيل ۽‬
‫ڄاڻ وارا ڊاڪٽر پيدا ڪري رهيا آهن‪ .‬اهڙي ڪنهن هڪ‬
‫اداري جو به مثال پيش ڪري سگهجي ٿو‪ .‬هتي چند‬
‫مثال ان ڪري ڏيڻا ٿا پون جو تعليم سڄي سماج جي‬
‫ذميواري آهي‪ .‬هيءُ هڪ اهڙو مشن آهي جنهن ۾‬
‫حڪومتون اسان جي واهر ڪن ٿيون ۽ معاشرو پنهنجي‬
‫جدوجهد سان سڃاتو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي سبب آهي‪ ،‬جو‬
‫اڄ اسان جي ملڪ ۾ نجڪاري تعليم طرف به ٿي رهي‬
‫آهي‪ .‬حڪومت تعليمي شعبي کي سگهارو ڪرڻ لءِ‬
‫ايترو به ڌيان نه ڏنو جيترو هن صديءَ جي پهرين‬
‫ڏهاڪن ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ سرنديءَ وارن‬
‫سرِ ڪيو‪ ،‬هڪ استاد ۽ تعليم‬
‫ماڻهن پنهنجي پنهنجي ِ‬
‫سان وابسته هئڻ ڪري ان جو فائدو وٺندي مان‬
‫پنهنجي قوم لءِ دردمند دل رکان ٿي‪ .‬ان ڪري‬
‫سرڪاري ادارن ۾ ته غريب ۽ اڪثريت جو اولد تعليم‬
‫پرائي ٿو ۽ تدريسي عمل کان امتحان واري دلڪش‬
‫لفظن جي پهچ تائين به ڪي ڪي مائٽ پهچ ڪري‬
‫سگهن ٿا‪ .‬ليڪن سرندي وارا ماڻهو ته پرائيويٽ‬

‫‪46‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اسڪولن‪ ،‬ڪاليج‪ ،‬سيلف فنانسنگ ذريعي تعليم ۽‬
‫مهانگي تعليم ڏياري سگهن ٿا‪ ،‬ته ڇا پوءِ اهو اسان جي‬
‫سرنديءَ وارن جو قومي فرض نه آهي ته هو نجڪاري‬
‫واري ماحول ۾ اندرون سنڌ ۽ اندرون ملڪ جي علئقن‬
‫۾ سٺا ادارا قائم ڪري سگهن‪ .‬وقت ۽ تاريخ ڪنهن جو‬
‫انتظار نه ڪندي آهي؟ ۽ اسان جي غير اسلمي سوچ‬
‫ڪري ديس جو ضمير ۽ اسان جو نسل هر جاءِ تي ڏٺو‬
‫ٿي رهيو آهي‪.‬‬
‫تدريسي عمل کي بهتر ڪرڻ لءِ اسان کي‬
‫”استاد“ جي تربيت تي مڪمل گرفت مضبوط ڪرڻي‬
‫پوندي‪ ،‬ان لءِ ضروري آهي ته ”استاد“ جي ڀرتي لءِ‬
‫”سياسي ڪوٽا“ بلڪل قانوني طرح سان مڪمل بند‬
‫ڪرڻي پوندي‪ .‬پارليامينٽ وسيلي قانون ٺاهي هميشه‬
‫لءِ سياسي ماڻهن جي استادن واري ڪوٽا ختم ڪئي‬
‫وڃي‪ .‬ان سان ڪجهه سياست جو نقصان ٿيندو پر‬
‫تعليمي فائدو گهڻو رسندو‪ .‬تدريسي عمل کي تعليمي‬
‫ادارن اندر بهتر ڪرڻ لءِ ”سياسي ڪوٽا“ ختم ڪري‬
‫استادن کي پڙهائڻ جي نون لڙن کان متعارف ڪرائڻ‬
‫اعلي تعليمي ماهرن جي ذريعي ريفريش ڪورسز‬
‫لءِ‬
‫ٰ‬
‫ڪرايا وڃن ۽ ٽيوشن ڪوچنگ سينٽرس جي رواج کي‬
‫ٻنجو ڏيڻ کپي‪ .‬اهو ڌنڌو قوم لءِ عذاب آهي‪ .‬ان‬
‫سلسلي ۾ منهنجي تجويز آهي ته تعليمي ادارن جي‬
‫اعلي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن ادارن ۾‬
‫سربراهن کي‬
‫ٰ‬
‫پڙهائيندڙ عملي تي سربراهه جي گرفت مضبوط رهي‬
‫۽ ان کان پوءِ جيڪي استاد بهتر نتيجو ڏيئي سگهن‪،‬‬
‫انهن لءِ ترقي ۽ سهوليتن جو تڪڙو اعلن ٿيڻ کپي‪،‬‬
‫تعليمي ۽ تدريسي عمل کي بهتر ڪرڻ لءِ ڪيتريون ئي‬
‫تجويزون سامهون اينديون رهيون آهن‪ ،‬پر منهنجو‬
‫ايمان آهي‪ ،‬ته هر اها تجويز ڏجي جنهن تي عمل به ٿي‬
‫سگهي‪ .‬تعليمي ادارن اندر سياسي فيصل ڪرڻ بند‬
‫ڪيا وڃن‪ .‬سياسي بنياد تي ڀرتين تي پابندي هڻڻ کان‬
‫پوءِ سياسي بنيادن تي بدليون به نه ٿيڻ کپن‪ ،‬نياڻين‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪47‬‬

‫جي تعليمي ادارن )اسڪول‪ ،‬ڪ‪Ô‬اليجز( ۾سائنس جو‬
‫استاد پڙهائيندڙ عملو مڪمل ڪري ڏنو وڃي‪ .‬اسان جا‬
‫تعليمي ادارا بغير مثالي استادن جي ڪهڙو نتيجو ڏيندا؟‬
‫تدريسي عمل مان لڀ حاصل ڪرڻ لءِ ضروري‬
‫آهي‪ ،‬ته جلد از جلد ”نصاب“ کي نئين سري سان‬
‫مرتب ڪيو وڃي‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته پرائمري ۾ ٻار‬
‫تان وڌيڪ مضمونن جو ٻوجهه گهٽ ڪيو وڃي‪.‬‬
‫انگريزي اڄ جي نوجوان نسل جي اهم ضرورت سان‬
‫گڏوگڏ سندن خواهش ۽ مطالبو آهي‪ .‬اسان لءِ ضروري‬
‫آهي ته انگريزي گرامر تي وڌيڪ توجهه ڏنو وڃي‪ .‬بجاءِ‬
‫شاگرد تي ڪي مخصوص ڪتاب رکڻ جي اها پابندي‬
‫ڪئي وڃي ته استاد شاگردن کي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ لءِ‬
‫”گرامر“ سيکاري مثال طورا ڪاليجن ۾ شيڪسپيئر‬
‫پڙهايو وڃي ٿو‪ ،‬شيڪسپيئر صرف ”تاريخ“ جو نالو ته‬
‫نه آهي‪ ،‬شيڪسپيئر جي رومانوي لٽريچر کي سمجهڻ‬
‫لءِ به جڏهن شاگرد کي انگريزي ايندي ته هو‬
‫دلچسپيءَ سان سمجهندو به ۽ سمجهڻ جي سگهه تي‬
‫هو وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو‪.‬‬
‫تعليمي ۽ تدريس جي فني پهلوءَ کي گذريل ٻن‬
‫سالن کان سرڪاري سطح تي به نه صرف اجاگر ڪيو‬
‫ويو‪ .‬بلڪه ان جي وسعت تي به توجهه ڏنو ويو ۽ نيون‬
‫ٽيڪنالجيز ۽ واپار به متعارف ڪرائڻ لءِ اقدامات ڪيا‬
‫ويا‪ .‬اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته ٽيڪنيڪل تعليم جي‬
‫حاصل ڪرڻ جو رجحان ڇوڪرن سان گڏوگڏ نياڻين ۾‬
‫به وڌي رهيو اهي‪ .‬بينظير ڀٽو حڪومت ان سلسلي ۾‬
‫ڪيترائي اقدامات ڪيا‪ .‬مثال طورا ‪ 710.00‬ملين رپين‬
‫جي لڳت سان ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پروجيڪٽ تحت‬
‫ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان هڪ منصوبو‬
‫شروع ڪرڻ جو امڪان هو‪ .‬جنهن تحت خواتين لءِ خاص‬
‫طور تي فني تعليم لءِ وڌيڪ موقعا ميسر ٿين ها ۽‬
‫بيروزگاري واري شدت ۾ ڪمي اچي ها‪ .‬اهڙيءَ طرح‬
‫ڪمپيوٽر جي سکيا جو ماحول به شهرن سان گڏوگڏ‬

‫‪48‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اندرون علئقن ۾ به ۽ تعليمي ادارن اندر سکيا جو عمل‬
‫تمام وقتائتو ٿيندو‪ .‬اهو ان ڪري جو هڪ ته پرائيويٽ‬
‫ادارا مهانگي سکيا ڏين ٿا‪ .‬ان ڪري اڪثريتي آبادي‬
‫محروم آهي‪ .‬اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سرڪاري سطح تي‬
‫هر ڊسٽرڪٽ ليول تي هڪ ماڊل طور شاگرد ۽‬
‫شاگردياڻين جي اسڪولس ۽ ڪاليجز کي ڪمپيوٽر سينٽر‬
‫بڻائي سرڪاري سطح تي تدريسي ۽ ٽيڪنيڪي عمل‬
‫شروع ڪري سگهجي ٿو‪ .‬ان سلسلي ۾ مون پنهنجي ۽‬
‫لوڪل معززين جي تعاون سان گورنمينٽ گرلز ڪاليج‬
‫هال ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ماتلي ۾ ڪمپيوٽر سينٽر‬
‫نياڻين لءِ شروع ڪرايا آهن ۽ اوهان کي حيرت ٿيندي ته‬
‫انٽر ۽ فرسٽيئر ۾ سائنس جي داخلئن کان پوءِ ڪمپيوٽر‬
‫۾ داخل وٺڻ نياڻيون پنهنجي لءِ خوش قسمتي جو سبب‬
‫۽ باعث سمجهي رهيون آهن ۽ داخل وٺڻ ۾ آرٽس کان‬
‫وڌيڪ ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ سينٽر ۾ داخل ٿيڻ لءِ وڌيڪ‬
‫ڪوشان آهن‪ .‬فني تعليم ۾ اڄ سلئي‪ ،‬ڀرت‪ ،‬اليڪٽرانڪ‬
‫گارنمينٽس ۽آرڪيٽيچر جهڙن علمن کان سواءِ ڪمپيوٽر‬
‫جي سکيا به شامل ٿي وئي آهي‪ .‬ليڪن ضروري آهي ته‬
‫پهرين نمبر تي لٽريسي ۽ ان جي وڌ ٻئي نمبر تي فني ۽‬
‫ٽيڪنيڪل تعليم‪ ،‬اها تعليم نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون‬
‫ٻئي حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن‪ .‬ضرورت ان ڳالهه جي‬
‫آهي ته ان نوجوان نسل لءِ رهنمائي‪ ،‬سهولتون تدريسي‬
‫ماحول ۽ عمل کي چند ضرورت ۽ لزمي اقدامات کڻي‬
‫بهتر کان بهتر بنائڻ لءِ سماجي ۽ حڪومتي ليول تي‬
‫ڪوششون تيز ڪرڻ کپن‪ .‬يقينن لڀ ۽ نتيجو بهتر کان‬
‫اعلي تعليمي ادارن‪،‬‬
‫بهترين حاصل ٿيندو ۽ اسان جي‬
‫ٰ‬
‫يونيورسٽين اندر جيڪا ”سرحدي علئقن“ هٿياربند رينجرز‬
‫جي جٿن جي صورتحال ۽ ڏيک آهي‪ .‬انشاءَ الله تدريسي‬
‫عمل کي بهتر ڪرڻ سان اها ”جنگي صورتحال“ به ختم‬
‫ٿي ويندي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪49‬‬

‫اسان جو تعليمي سرشتو معذور ڇو‬
‫آهي؟‬
‫ٽائن بي دنيا جي مختلف تهذيبن جو مطالعو ڪيو ۽‬
‫غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڪتاب لکيائين ‪A Study‬‬
‫‪ of History‬ان ۾ لکيائين ته ڪنهن به قوم اندر هڪ‬
‫تخليقي اقليتي ‪ Creative Minority‬پيدا ٿئي ٿي‪،‬‬
‫جيڪا چند ماڻهن تي مشتمل ٿئي ٿي ۽ اها قوم کي‬
‫درپيش مسئلن ۽ چئلينجز تي غور فڪر ڪرڻ شروع‬
‫ڪري ڏئي ٿي‪ .‬ٽائن بي کان ابن خلدون تائين ڪيترن‬
‫ئي تاريخ جي فلسفين پنهنجا فلسفا پيش ڪيا ۽ انهن‬
‫فلسفن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته تخليقي‬
‫صلحيتون ماڻيندڙ اقليت ئي قوم کي درپيش چئلينجز‬
‫جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جا مثبت ۽ پائيدار‬
‫حل به پيش ڪري ٿي‪ .‬جيئن يونان ۽ ان جي شهري‬
‫رياستن ۾ ايندڙ انقلبن ۽ سياسي بحرانن اتان جي‬
‫مفڪرن کي متاثر ڪيو ۽ سقراط ته موت کي ترجيح‬
‫ڏني‪ .‬ڇو ته سندس قوم اندر قول ۽ فعل ۾ تصادم پيدا‬
‫ٿيو‪ ،‬سقراط تي غير پاڪيزه خيالن جي پرچار جو الزام‬
‫هنيو ويو‪ ،‬جڏهن عدالت ۾ سقراط جي مقدمي جي‬
‫سماعت ٿي رهي هئي‪ .‬ان وقت ايٿنز جي عوام کي‬
‫شرمندو ڪندي سقراط جا تاريخي لفظ هي هئاا جمان‬
‫فخر سان چوان ٿو ته دنيا جي ڪابه طاقت مون کي‬
‫موت کان نٿي ڊيڄاري سگهي ۽ سچ چوڻ کان به باز‬
‫نٿي رکي سگهي‪.‬و ان کان پوءِ هن زهر جو پيالو پيتو ۽‬
‫ٿوري دير اندر پنهنجي جان ڏئي عوام جي دلين اندر‬
‫هميشه زنده رهڻ جو سبق سيکاريو )سقراط جي‬
‫موت تي اختلف به موجود آهن‪(.‬‬
‫ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش جي ايڊيٽوريل صفحي ۾‬
‫تخليقي صلحيتون رکندڙ ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن‬

‫‪50‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جدوجهد ۾ گذاريندڙ شخصيت پروفيسر لياقت عزيز جو‬
‫هڪ مضمون پڙهڻ لءِ مليو جيڪو تعليم جي موضوع‬
‫تي لکيل هو‪ .‬ان مضمون ۾ چيل سچ کان انڪار ممڪن‬
‫ئي ڪونهي پر چند شين جو اضافو ڪرڻ مان پنهنجو‬
‫منصبي فرض سمجهان ٿي پاڪستان جيڪو طبقاتي‬
‫نظام جي مخالفت ڪندي ان بنياد تي ٺهيو ته هتي عدل‬
‫۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪيو ويندو پر بدقسمتي‬
‫سان اقتدار تي اهي طبقا حاوي رهيا‪ ،‬جيڪي طبقاتي‬
‫نظام جا حامي هئا‪ ،‬ان نظام اندر هڪ اهڙو ماحول‬
‫تشڪيل ٿيڻ شروع ٿيو‪ ،‬جنهن ۾ تعليم ۽ حقيقي جي‬
‫حوصله شڪني ڪئي وئي‪ ،‬صرف ۽ صرف تقليد تي‬
‫زور ڏنو ويو‪ .‬بدقسمتيءَ سان انگريزن جي ورثي ۾‬
‫مليل تعليمي نظام کان وڌيڪ ڪوبه بهتر نظام پنجاهه‬
‫سالن ۾ ملي نه سگهيو‪ .‬ان ماحول ۾ ٻين طبقن سان‬
‫گڏو گڏ اسان جا استاد به متاثر ٿيا ۽ انهن پنهنجا‬
‫منصبي فرض ڇڏي ڏنا‪ .‬ان ڪري کين ٻين غير ضروري‬
‫اضافي معاملن ۾ الجهايو ويو‪ ،‬اسان جي عوام استادن‬
‫کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن‪ .‬سٺن استادن جي عزت‬
‫۽ وقار ۾ ڪوبه فرق نه آهي‪ .‬اهي اوچايون ۽ وڏايون‬
‫جن تي دنيا جا وڏا ماڻهو پهتا سي اوچتي اڏام سان‬
‫ڪونه حاصل ٿيون‪ .‬هي هڪ مڪينزم آهي‪ .‬جنهن تي‬
‫سماج جي ڏاهن کي پنهنجي پيرن تي بيهي خود‬
‫احتسابي واري عمل کي لزمي ۽ پڇاڻي واري عمل کي‬
‫يقيني بنائڻ کپي‪ .‬جمهوري روايتن کي پختو ڪرڻ لءِ‬
‫لزمي بڻجي ويو آهي ته سنڌ ۾ تعليم کي تباهي کان‬
‫بچائڻ لءِ اسان جي استادن کي پنهنجو احتساب ڪرڻ‬
‫کپي ته هو صرف سهوليتن ۽ رعايتن کي ئي نه بلڪه‬
‫نوجوان نسل جي تربيت لءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪن‪.‬‬
‫ترقي نوجوانن جي بهتري ۽ رهنمائي هڪ استاد کان‬
‫پروفيسر تائين‪ ،‬پروفيسر کان اداري جي سربراهه‬
‫تائين نظام ۽ نصاب جو لزمي عنصر بڻجي چڪو آهي‪.‬‬
‫ڇو ته تخليقي صلحيتن جي مالڪن ۽ نوڪر شاهي جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪51‬‬

‫طبقن ۾ اهوئي ته فرق آهي‪ ،‬جيڪو اسان کي ٻين کان‬
‫مختلف ڪري بيهاري ٿو‪ .‬چارلس ڊڪسن جو چوڻ آهي‬
‫تها جڪلس روم“ هڪ قوم مثل هوندو آهي ڀل پوءِ‬
‫سنڌ ۾ هيترين سارين يونيورسٽين کي ڪهڙي‬
‫ٽرمنالجي سان سڏي سگهجي ٿو‪ .‬اها نئين ٽرمنالجي‬
‫جيڪا اڄڪلهه عام استعمال ۾ آهي‪ ،‬اها آهي ”مادر‬
‫علمي“ سوال آهي ته ڇا هڪ ”ماءُ“ کي علم تهذيب ۽‬
‫ثقافت جو مرڪز نه هئڻ کپي؟‬
‫ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تعليم ۽ علم جيڪو‬
‫بذات خود هڪ حسن آهي ۽ علم جي بغير ڪوبه حسن‬
‫پيدا نٿو ٿي سگهي‪ .‬اهو حسن سرعام رسوا ٿي چڪو‬
‫آهي‪ .‬هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ شعبي سان لڳاپيل‬
‫ماڻهن جو خيال آهي ته عوام جي ڄاڻ ۽ شعور ۾‬
‫تعليمي وسيلن جي صحيح استعمال ٿيڻ ڪري ان‬
‫حسن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو‪ .‬وسيلن جي صحيح‬
‫استعمال سان گڏوگڏ جتي ۽ جنهن سوسائٽيءَ ۾ غير‬
‫سياسي مسئلن کي به سياست جو ويس پهرايو وڃي‪،‬‬
‫تعليمي گهٽ ۽ سياسي فيصل وڌيڪ ڪيا وڃن‪ .‬اتي‬
‫ڪوبه هڪ ادارو يا هڪ شخصيت ان نظام ۾ تبديلي‬
‫نٿي آڻي سگهي‪ .‬اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته مهتاب‬
‫اڪبر راشدي هڪ جرئتمند عورت آهي‪ ،‬جنهن صرف‬
‫اعلي منصب ۽ منزل ماڻي‬
‫پنهنجي صلحيتن وسيلي ئي‬
‫ٰ‬
‫آهي‪ ،‬سندس تجربو وسيع آهي کيس وسيلن جي کوٽ‪،‬‬
‫بجيٽ جي گهٽتائي ۽ ٻين رڪاوٽن جو وسيع تجربو ۽‬
‫احساس آهي‪ ،‬مهتاب راشدي متعلق اهو چئي سگهجي‬
‫ٿو ته سڀني فضيلتن ڪري اسان ان مان اها توقع رکي‬
‫سگهون ٿا ته هڪ فرد به سماج جي نمائندگي ڪري‬
‫سگهي ٿو‪ .‬ڇو ته سماج ماڻهو جوڙيندا آهن ۽ هر‬
‫جينيس ماڻهو پنهنجي دؤر کان سؤ سال اڳي هوندو‬
‫آهي‪ .‬ان ڪري پنهنجا همعصر ان جي ‪ Vision‬تائين نه‬
‫پهچي سگهندا آهن‪No Matter, how dark the .‬‬
‫‪ .night, we trust the light‬عورتن واري علمي‬

‫‪52‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڏينهن تي مهتاب راشدي جا هڪ مذاڪري ۾ ظاهر‬
‫ڪيل خيالت سڄي سوسائٽي جي نمائندگي ڪن ٿا‪.‬‬
‫جسٺي شيءِ مٿي کان هي) منتقل ٿيندي آهي‪ .‬ان لءِ‬
‫شعور انتهائي ضروري آهي‪.‬و جڏهن ته اسان وٽ‬
‫قانون ۾ تضاد آهي‪ ،‬دراصل قانون صرف ڪمزورن تي‬
‫لڳو ٿئي ٿو‪ .‬طاقتور ان جي پرواهه نٿو ڪري‪.‬‬
‫اسان وٽ هي خيال ان عورت جا آهن جيڪا‬
‫پنهنجون پگهارون سجايون ڪرڻ گهري ٿي‪ .‬ملڪ جي‬
‫مجموعي بجيٽ مان ڊفينس ۽ غير ملڪي قرضن جي‬
‫ادائيگي کان پوءِ جيڪو بچي ٿو سو فلحي رياست نالي‬
‫تي ٻين شعبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو‪ .‬تعليم جهڙي‬
‫اهم شعبي ۾ تمام گهٽ بجيٽ خرچ ڪئي وڃي ٿي‪ .‬ان‬
‫ڪري تعليمي ادارا ۽ استادن کي تربيت ڏيندڙ ادارا‬
‫اليمينٽري ڪاليج‪ ،‬ايجوڪيشن ڪاليج‪ ،‬علمه اقبال اوپن‬
‫يونيورسٽي جيڪي استادن جي تربيت جا ادارا آهن‪،‬‬
‫سهوليتن کان محروم رهجي ويا آهن‪ ،‬تعليمي تباهي جو‬
‫وڏو ڪارڻ اهو اهي ته ادارن اندر ٻين ضرورتن کان‬
‫سواءِ سائنس جي مضمونن جا استاد مهيا نٿا ڪيا‬
‫وڃن‪ .‬وڏن شهرن کان سواءِ باقي سنڌ جي سڀني گرلز‬
‫ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ آهي‪ .‬پاڪستان ٺهڻ سان‬
‫سنڌ جي تعليم عددي )سيڪڙي( اعتبار کان وڌيڪ‬
‫آهي‪ .‬پر معياري تعليم نه آهي‪ ،‬ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾‬
‫تعليم انتهائي معياري هوندي هئي‪ ،‬پرائمري استاد لءِ‬
‫ورنيڪيولر فائنل جهڙو معياري امتحان پاس ڪرڻ‬
‫لزمي هوندو هو‪ .‬بعد ۾ ان سلسلي کي ختم ڪيو ويو‪.‬‬
‫پرائمري استاد لءِ ميرٽ لزمي هئي ۽ اميدوار لءِ‬
‫ضروري هوندو هو ته هو پنهنجي ضلعي جي حدن اندر‬
‫نوڪري ڪندو‪ .‬استاد لءِ ضروري هوندو هو ته‬
‫جيڪڏهن ٻن سالن اندر گهربل نتيجا نه ڏيکاري سگهندو‬
‫ته کيس نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو‪ .‬صرف محنتي‬
‫استادن کي سالنه انڪريمينٽ ملندا هئا‪ .‬سالنه امتحان‬
‫جي رزلٽ سٺي نه اچڻ جي صورت ۾ انڪريمينٽ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪53‬‬

‫روڪي ويندي هئي‪ .‬استادن جي نوڪري ڪنفرم ڪرڻ‬
‫لءِ بي‪.‬ٽي ٽريننگ لزمي هئي‪ ،‬سنڌ ۾ ڪابه يونيورسٽي‬
‫نه هئي‪ .‬سنڌ ممبئي سان شامل هئي‪ .‬ان ڪري ميٽرڪ‬
‫جو امتحان به ڪلڪتي‪ ،‬علي ڳڙهه ممبئي ۾ ڏيڻو پوندو‬
‫هو‪.‬‬
‫ڪنهن به ملڪ جي تعليمي ماحول لءِ پرائمري‬
‫تعليم انتهائي اهم اسم هوندي آهي‪ .‬پر ملڪ ٺهڻ کان‬
‫پوءِ هتي ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو‪ ،‬ڪيتريون ئي‬
‫تعليمي پاليسيون جوڙيون ويون‪ .‬تازو ‪2010‬ع واري‬
‫پروگرام ۾ هڪ تعليمي پاليسيءَ جو اعلن ڪيو ويو‬
‫آهي جيڪا مارچ ‪1998‬ع ۾ عوام آڏو پيش ڪئي وئي‬
‫هئي‪ ،‬سنڌ ۾ به هڪ تعليمي اسيمبلي سنڌ اسيمبلي‬
‫هال اندر گهرائي وئي‪ .‬جنهن ۾ شعبي سان لڳاپيل‬
‫ماڻهن کي گهٽ باقي ها ۾ ها ملئيندڙن کي جمع ڪيو‬
‫ويو‪ .‬هن تعليمي پاليسي جا ‪ 16‬باب ۽ ‪ 17‬ضميما ٻڌايا‬
‫وڃن ٿا‪ ،‬پر اڃا تائين تعليمي ادارن اندر لئبريرين لءِ‬
‫ڪوبه انگريزي يا مقامي زبان ۾ ترجمي تي مشتمل‬
‫ڪتاب نه ملي سگهيو آهي‪.‬‬
‫تعليمي ادارن جو معيار ورهاڱي کان پوءِ ڪرندو‬
‫ويو‪ .‬ان ڪري جو معروضي حقيقتن بجاءِ مصلحت‬
‫پسنديءَ کي ترجيحات ۾ شامل رکيو ويو‪ .‬هندو هليا ويا‬
‫‪ 14‬هزار مسلمان ورڪر هتي موجود هئا‪ .‬ڪيترائي‬
‫ٻاهران آيا پر اڄ ملڪ جي يونيورسٽين جا ڪيترائي‬
‫گريجوئيٽ بيروزگار آهن‪ .‬ملڪ اندر رستن ٺاهڻ‪ ،‬واهه‬
‫کوٽڻ ۽ صنعتون لڳائڻ لءِ ٻاهران ماهر گهرايا وڃن ٿا‪.‬‬
‫ان جي برعڪس پاڪستان ۾ موجود ملٽي نيشنل ادارا‬
‫پنهنجي پروجيڪٽن لءِ ملڪ اندر پڙهيل لکيل ماهرن ۽‬
‫گريجوئيٽن مان ڪم وٺي رهيا آهن‪ .‬ڪنهن به قوم جو‬
‫اصل سرمايو معدني وسيلن سان گڏوگڏ هٿ جو هنر‬
‫بهتر انتظاميه ۽ افرادي قوت آهي‪.‬‬
‫ملڪ ۾ گذريل ويهن سالن کان شهري مڊل‬
‫ڪلس سان تعلق رکندڙ ڪيترائي شاگرد ۽‬

‫‪54‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شاگردياڻيون تعليم يافته ٿي چڪا آهن‪ .‬هو نوڪريون‬
‫ڪرڻ چاهين ٿا پر کين موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن‪ .‬سنڌ‬
‫۾ پبلڪ سروس ڪميشن مان ڪامياب ٿيل اميدوار‬
‫ڪيتري وقت کان پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهن‪.‬‬
‫مهراڻ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد ويجهڙائي ۾ ته اهل‬
‫دل ۽ اهل علم وارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو‪.‬‬
‫جڏهن ان شاگرد وقت تي امتحان نه ٿيڻ جي صورت ۾‬
‫پنهنجو پاڻ کي خودڪشي وسيلي ختم ڪرڻ جو اعلن‬
‫ڪيو‪ .‬ايتري قدر جو جڏهن استاد به پريس ڪلب آڏو‬
‫پنهنجون ڊگريون ساڙڻ جو اعلن ڪن ٿا‪ .‬تڏهن‬
‫انتظاميه نوڪر شاهي طبقو ۽ انهن جون نااهليون ۽‬
‫اعلي‬
‫ناانصافيون وائکيون ٿي عوام آڏو اچن ٿيون‪.‬‬
‫ٰ‬
‫تعليمي ادارن جا سربراهه ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“‬
‫اعلي تعليمي‬
‫وارن عارضي اصولن تحت فيصل ڪن ٿا‪.‬‬
‫ٰ‬
‫ادارن ۽ يونيورسٽين اندر سينيٽ‪ ،‬سينڊيڪيٽ ۽‬
‫اڪيڊمڪ ڪائونسل جا اجلس قانون موجب باقاعدگي‬
‫سان نٿا ٿين‪ ،‬غير قانوني طور تي انهن ادارن جي‬
‫اجازت کانسواءِ سڀ ڪم اُڪليا وڃن ٿا‪ .‬تازو آگسٽ‬
‫‪1998‬ع ۾ اين‪.‬اي‪.‬ڊي يونيورسٽي سينيٽ جي اجلس ۾‬
‫ٻن ميمبرن تي شوڪاز نوٽيس اظهار راءِ جي آزاديءَ‬
‫جي سزا طور ڪڍيا ويا جنهن تي گورنر سنڌ معين‬
‫حيدر کي وضاحت ڪرڻي پئي ته سينيٽ اين اي ڊي‬
‫اعلي ادارو آهي‪ .‬ان ۾‬
‫يونيورسٽي جو سڀ کان اهم ۽‬
‫ٰ‬
‫ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نٿي ٿي سگهي‪ .‬پاڪستان‬
‫جي تاريخ ۾ ‪1995‬ع ۾ پهريون دفعو ڄامشوري ٿاڻي‬
‫جي ايس‪.‬اي‪..‬او يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ۽‬
‫سندس ٻن آفيسرن خلف ايف‪.‬آءِ‪.‬آر ڪٽرائي جنهن ۾‬
‫زبردستي شاگردن کي آزاد ڪرائڻ جو الزام مڙهيو‬
‫ويو‪ .‬حالنڪه خود يونيورسٽي انتظاميه شاگردن خلف‬
‫ڪيس داخل ڪرايا هئا‪ .‬سنڌ جي ڪاليجن اندر امتحانن‬
‫دوران روزانه مختيار ڪارن ايس‪ .‬اي‪ ..‬اوز ۽ ايس‪ .‬ڊي‬
‫ايمس جون مداخلتون وڌي رهيون آهن‪ .‬سڀ کان وڏي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪55‬‬

‫مداخلت جيڪا هينئر خدمت ڪميٽيون ۽ انهن سان‬
‫واڳيل چند عهديدار ڪري رهيا آهن‪ .‬ان سان هڪ غلط‬
‫ماحول جڙي رهيو آهي‪ .‬آخر ۾ پنهنجي شعبي جي‬
‫سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر صاحبان کي گذارش آهي ته‬
‫سرڪاري ملزمن کي واضح ۽ کليل هدايتون ڏنيون‬
‫وڃن ته آيا ڪيتري حد تائين انهن خدمت ڪاميٽين سان‬
‫سهڪار ڪري سگهجي ٿو‪ .‬۽ٻي اهم قانوني اخلقي ۽‬
‫علمي صورتحال تي سياسي فيصلن سياسي انتقام‬
‫طور جيڪڏهن تعليم کاتي جي جنهن ملزم يا اداري‬
‫جي سربراهه خلف ڪا شڪايت خدمتي ڪاميٽيون‬
‫ڪن ٿيون ته ان لءِ ضروري آهي ته تصوير جي ٻنهي‬
‫رخن کي ڏٺو وڃي ۽ ٻڌو وڃي‪ ،‬اهائي انصاف جي تقاضا‬
‫آهي‪.‬‬

‫‪56‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تعليم کي ڇو نڌڻڪو بڻايو ويو آهي؟‬
‫ٻئي جنگ عظيم ۾ چرچل جو هڪ قول يا چوڻي‬
‫ياد اٿم‪ .‬جنهن ۾ هن چيو هو ته ”اسان جنگ ان ڪري‬
‫نه هارائينداسون جو اسان وٽ نوجوان سرمايو‪ ،‬محنت‬
‫۽ اکين ۾ ڳوڙها اڃا باقي بچيل آهن‪.‬و اسان وٽ وري‬
‫مستقبل ۾ اميدون رکندڙ ۽ ملڪ جي آئيندي کان‬
‫مايوس نه ٿيندڙ صاحب لوڪ پنهنجي لکڻين ۾ اميد‬
‫ڏيارين ٿا ته گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي‪ ،‬ان ڪري جو‬
‫”شرعيتي بل“ اچي ويو آهي ۽ ان کان سواءِ اسان جو‬
‫بحران جاپان‪ ،‬روس‪ ،‬فرانس‪ ،‬جرمني‪ ،‬اٽلي‪ ،‬چين ۽‬
‫برطانيا جهڙن ملڪن کان مختلف آهي‪ .‬ڇو ته انهن وٽ‬
‫اڄ جي مهذب معاشرن جي ڀيٽ ۾ اڳي شخصي‬
‫آزاديون ختم هونديون هيون‪ .‬سامونڊي تجارت تي‬
‫پابنديون لڳل هيون‪ ،‬اڇي رنگ وارا ڪاري رنگ ۽ چمڙي‬
‫وارن کي ڀُڃي کائيندا هئا‪ .‬بائيبل جي ترجمي ڪرڻ‬
‫واري ڏوهه ۾ وليم ٽنڊيل کي برطانيا ۾ جليو ويو هو‪،‬‬
‫وغيره وغيره‪ .‬آءي سمجهان ٿي ته مستقبل کان مايوس‬
‫ٿيڻ گناهه آهي‪ ،‬پر اهڙن دليلن لءِ مثال ڏيڻ سان ملڪ‬
‫اندر سياسي بحراني ڪيفيتن کان معاشي‪ ،‬اخلقي ۽‬
‫تعليمي بحران کي گهڻي عرصي تائين لڪائي نٿو‬
‫سگهجي‪ .‬قرآن مقدس جي مطالعي مان به معلوم ٿئي‬
‫محرڪ ۽ ان‬
‫ٿو ته ماضي ۾ قومن جي زوال جو بنيادي ُ‬
‫۾ ماڻهن جا معاشي حق‪ ،‬ظلم ڦر مار‪ ،‬وياج‪ ،‬ماپ تور‪،‬‬
‫دغا ۽ فريب جهڙيون بيماريون عام جام ٿي ويون‪.‬‬
‫ڪجهه طبقا قوم جي تباهي ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا‪ .‬مثال‬
‫طور ملڪ جون جاگرافي سرحدن جو گهٽجڻ‪ ،‬امن‬
‫امان ۽ فرقيوارانه ڪشيدگي‪ ،‬طبقاتي تعليمي نظام‬
‫جنهن ۾ اڪثريتي ۽ غريب طبقا تعليم جهڙي نعمت کان‬
‫محروم رهجي وڃن‪ .‬ان کان سواءِ جنهن قوم جا عالم‬
‫تعصبات اڀاريندا رهن‪ .‬اها قوم ڪيئن گروهي تعصبات‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪57‬‬

‫مان آزاد ٿي علمي اعتبار کان ترقي ڪندي‪ ،‬جنهن قوم‬
‫جا سرمائيدار ۽ تاجر حلل ۽ حرام جي وچ ۾ امتياز نه‬
‫ڪري سگهن ۽ صرف دولتمند بنجڻ جي جنون ۾ مبتل‬
‫هجن‪ .‬اتي معاشي تباهي لزمي گهر ڪري ويندي‪،‬‬
‫جنهن قوم جا وڪيل ۽ ڊاڪٽر جن کي ”مسيحا“ جا‬
‫لقب مليل آهن‪ .‬اهي عوام کان ڳريون فيون اوڳاڙين‪،‬‬
‫اتي قومي طرح انساني فلح ۽ بهبود ختم ٿي وڃن ٿا‪،‬‬
‫جنهن قوم جو ملزم پيشو فرد قوم خزاني تي ڌاڙا‬
‫هڻي ۽ احساس ذميواري اڻ لڀ هجي‪ ،‬جنهن قوم جا‬
‫سياستدان ”ذاتي انتقام“ ۾ ويساهه رکن ۽ اختلف راءِ‬
‫جي تمدن ۽ تهذيب کان بيگانه هجن اتي قومي‬
‫معاملت ۾ رهنمائي جو فقدان وڌي وڻ ٿي وڃي ٿو‪.‬‬
‫جنهن قوم جا استاد جيڪي تعليم جو محور آهن‪ ،‬اُهي‬
‫خارجي شين کان مجبور ٿي نئين نسل جي رهنمائي ۽‬
‫تربيت نه ڪري سگهن ته ان معاشري ۾ علمي ۽‬
‫فڪري بحران پيدا ٿيڻ يقيني آهي‪ ،‬نه صرف ائين ٿئي‬
‫ٿو بلڪه شعوري يا لشعوري طرح سان ان قوم جي‬
‫استاد طبقي مان فڪر تجسس‪ ،‬مقابلي جو رجحان ۽‬
‫تخليقي صلحيتون ختم ٿي وڃن ٿيون‪ .‬زنده قومن جو‬
‫اهو شيوو ۽ وصف رهي آهي ته هو پنهنجي ماضيءَ ۽‬
‫حال تي تنقيد ڪنديون آهن ته جيئن سوچ ۽ فڪر جي‬
‫طاقت ۽ شڪتيءَ واري ساگر مان اڃان به وڌيڪ ڪي‬
‫املهه سپون هٿ ڪري سگهجن‪ .‬تعليمي بحران ۾ ڦاٿل‬
‫اسان جي معاشري کي وڌيڪ ضرورت آهي ته‬
‫سچائيءَ سان مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ‬
‫ان لءِ حل ۽ تجويزون به آڏو رکن توڙي جو کڻي انهن‬
‫کي پذيرائي ملي يا نه ملي‪ .‬پر پنهنجي منصبي فرضن‬
‫کان آگاهيءَ سان گڏوگڏ عملي طور تي ڪم ڪرڻ جي‬
‫گڏيل ضرورت آهي‪.‬‬
‫اصل ۾ اسان وٽ تعليم جي بحران کي ”ترجيحن‬
‫جي بحران“ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو‪ ،‬شروع کان وٺي‬
‫اعلي ادارن ۽ حاڪمن جي ترجيحات ۾ شامل نه‬
‫تعليم‬
‫ٰ‬

‫‪58‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫رهي آهي‪ .‬وسيلن جي کوٽ ۽ گهٽ ”تعليمي بجيٽون“‬
‫رکڻ ڪري نصاب کان تعليمي نظام تائين هڪ بحران ڪ َ ُر‬
‫کنيو بيٺو آهي‪ .‬ٻين ڪمزورين ۽ اوڻاين سان گڏوگڏ مان‬
‫صرف ڪجهه ڳالهين طرف اوهان جو ڌيان ڏيارڻ‬
‫چاهينديس‪ .‬پهريون پرائمري تعليم ۽ ٻار جي رهبريءَ تي‪،‬‬
‫ٻيو طبقاتي تعليمي نظام‪ ،‬ٽيون ”ٽيوشن هوم سينٽرن“ ۾‬
‫تعليم جو جاري رهڻ تعليم ۽ تعليمي ماحول ۾ فزيڪل‬
‫تعليم ۽ لئبريري سائنس جو ڪردار طبقاتي تعليم نظام ۽‬
‫نصاب مان منهنجو مقصد ملڪ اندر خاص طور سنڌ‬
‫صوبي ۾ اميرن ۽ غريبن لءِ الڳ الڳ تعليمي ادارا ڪم‬
‫ڪري رهيا آهن‪ .‬ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته‬
‫ملڪ جي غريب عوام به اميرن وانگر پاڪستان جي قيام‬
‫لءِ ووٽ ڏنو هو ۽ جمهوريت جي قيام لءِ قربانيون پڻ‬
‫غريب عوام جون وڌيڪ ڳاڻيٽي ۾ اچن ٿيون‪ .‬ان کانسواءِ‬
‫هي ملڪ اسلم جو مقدس نالو کڻي حاصل ڪيو ويو هو‪.‬‬
‫اسلم ۾ دولت جي ارتقا ” هڪ هنڌ گڏ“ ٿيڻ جي سختيءَ‬
‫سان منع آهي‪ .‬سون‪ ،‬چاندي‪ ،‬مال دولت ۽ وسيلن تي‬
‫” هڪ هٽي“ خلف حڪم خداوندي آهي ته سرمايو ملڪ‬
‫جو ائين گردش ڪندو رهي جيئن رڳن ۾ انساني خون‪،‬‬
‫منکُم“ ائين‬
‫ين ال َ غنِيا َ ِ‬
‫سورة حشر ۾ آهي ” ل يَکُون دُول َہ ب َ َ‬
‫نه ٿئي جو سرمايو چند سرمائيدارن جي درميان گردش‬
‫ڪندو رهي‪ ،‬انساني تاريخ ۽ تهذيب ۾ معاشي‪ ،‬سياسي ۽‬
‫سماجي تعلق رهندو آيو آهي ۽ تاريخ ۾ اعتقاد ۽ عقيدن‬
‫جو ٽڪراءُ به رهيو آهي‪ ،‬ويجهڙائي واري ” روسي نظام“ ۽‬
‫” انقلب“ جو اسان جي آڏو آهي ته روس ۾ انقلب‬
‫انڪري آيو جو مظلوم قومن‪ ،‬طبقن ۽ اقليتن کي بنيادي‬
‫حق ڏنا ويا پر انهن ڏنل حقن جي پورائي کي صحيح‬
‫نموني عمل ۾ نه آندو ويو‪ .‬ان کان سواءِ لينن انقلب کي‬
‫مستحڪم نه ڪري سگهيو‪ .‬هن مثال ڏيڻ جو مقصد‬
‫صرف اهو آهي ته معاشي ۽ سياسي تبديليون هر نظام‬
‫جو حصو رهيون آهن‪ .‬اسلم جيڪو دين فطرت آهي‬
‫جنهن جو پنهنجو حق ۽ عدل جي بالدستي جو هڪ نظام‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪59‬‬

‫آهي‪ .‬ڇا ان مقصد نظام جو فڪر ۽ فهم غريب قومن‬
‫تائين پهچي سگهيو آهي؟ هرگز نه ظالمانه نظام معيشت‬
‫۽ ان جي رکوالن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي کليل نموني‬
‫اجازت مليل آهي ته هو وڏن شهرن اندر پرائيويٽ تعليمي‬
‫ادارا قائم ڪري عوام جي اڪثريتي نوجوان کي تعليمي‬
‫سهوليت کان محروم رکن‪ ،‬سٺي ۽ بهتر تعليم جا اسان‬
‫مخالف نه آهيون‪ .‬عدل ۽ انصاف جي تقاضا اها آهي ته‬
‫سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ ادارن طرف توجهه‬
‫ڏئي اسلمي عدل جو پرچار ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۽‬
‫معاشري اندر طبقاتي گروهه بندي ۽ درجابندي جا سڀ‬
‫رستا ۽ راهون بند ٿي سگهن‪.‬‬
‫اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته نوجوان ۽ شاگرد‬
‫طبقو يڪسان ۽ هڪ جڙين صلحيتن جو مالڪ ٿئي ٿو‪ .‬پر‬
‫ٻن ٽن سالن جي انٽري ٽيسٽ جي نتيجن مان اهي‬
‫علمتون سامهون اچي بيٺيون آهن ته انگريزي بهتر نه‬
‫اچڻ ڪري آءِ بي اي وارن جي امتحان ۾ اڪثر عام ادارن‬
‫اندر غريب شاگرد نااهل قرار ڏنا وڃن ٿا‪ .‬اها انساني ۽‬
‫اسلمي حقن جي کليل لتاڙ ۽ خلف ورزي آهي ته سڄو‬
‫سال جن ادارن اندر انگريزي مضمون جو استاد موجود‬
‫نه هجي‪ ،‬شاگرد سائنس جي پريڪٽيڪل لءِ لئبارٽيز جو‬
‫منهن نه ڏسي‪ ،‬شاگرد ۽ شاگردياڻيون ادارن جون ڳريون‬
‫فيون ته ڀرين پر انهن لءِ تعليمي ماحول مهيا نه ڪري‬
‫ڏنو وڃي ته ان سان ڪهڙي نوجوان نسل جي آبياري ٿي‬
‫سگهندي؟ اسان جي تعليمي ماحول ۾ ”ٽيوشن“ به‬
‫لزمي ٿي پئي آهي‪ .‬اسڪولن ۽ ڪاليجن جا استاد به اگر‬
‫ٽيوشن سينٽر هلئين ٿا سي به وڏن شهرن جي بارونق‬
‫علئقن ۾‪ ،‬نوي سيڪڙو مارڪن جي حاصل ڪندڙ‬
‫شاگردن لءِ ضروري آهي ته هو ان لءِ اخباري اشتهار ۽‬
‫ٽيوشن سينٽر تي آويزان ٿيل بورڊ ۽ پمفليٽ ضرور پڙهن‪.‬‬
‫سوال اهو آهي ته ان ٽيوشن لءِ به والدين جو معاشي‬
‫طور مضبوط هئڻ لزمي آهي‪ .‬اسان جي طبقاتي نظام ۾‬
‫اهو ممڪن ئي نه آهي ته هر ٻار ٽيوشن جي في ادا‬

‫‪60‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪري سگهي‪ .‬ليڪن سوال اهو آهي ته اسڪول ۽ ڪاليج‬
‫جي پنجن ۽ ڇهن ڪلڪن جي تعليمي ماحول ۽ پڙهائي‬
‫کان پوءِ ٽيوشن جي ضرورت ڇو ٿي پئجي وڃي؟ ان‬
‫سوال جي جواب لءِ به اگر شاگرد‪ ،‬استاد ۽ مائٽ سان‬
‫رجوع ڪجي ٿو ته هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا ٻول آهن‪.‬‬
‫جن کي ورجائڻ هتي مناسب نٿي سمجهان‪ .‬اُهي سڀ‬
‫سوال ۽ جواب حل طلب مسئل آهن جيڪي سڀني کي‬
‫گڏجي حل ڪرڻا پوندا؟ ٽيوشن ۽ ان جي ضرورت خرابين‬
‫کي اگر دور ڪرڻو آهي ته اسان کي امتحاني نظام ۾‬
‫يونيورسٽين وانگر ڪاليجن جي اندر سيمسٽر نظام لڳو‬
‫ڪرڻو پوندو‪ ،‬ڇو ته سڀ کان وڌيڪ ڪاليجن جا ٻار ۽‬
‫شاگرد طبقو ٽيوشن سينٽرن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو‪.‬‬
‫ڪنهن به معاشري جي تعليم جو بنياد پرائمري تعليم‬
‫۽ ٻار جي تربيت تي منحصر هوندو آهي‪ ،‬ڇو ته پرائمري‬
‫تعليمي ادارن اندر ” ڪچو مال“ تيار ٿي اڳتي پهچي ٿو‪ .‬پر‬
‫ان ” ڪچي مال“ ۽ ننڍي عمر جي ٻارن جون ڪمزوريون‬
‫هڪدم تبديل نٿيون ڪري سگهجن‪ .‬هر ٻار اسڪول وڃڻ‬
‫جي عمر تائين پنهنجي والدين کان گهڻو ڪجهه حاصل‬
‫ڪري ٿو‪ .‬اسڪول ۾ داخل ٿيڻ واري وقت کان معصوم‬
‫ٻار نين شين جي ڄاڻ ۽ سمجهڻ جا جتن ڪري ٿو ۽ ان‬
‫ڪوشش ۾ اگر کيس استادن جي صحيح رهنمائي ميسر‬
‫ٿئي ٿي ته پوءِ ان ٻار جي فطرت ۾ ” معلومات“ ڄاڻ‪،‬‬
‫مطالعو‪ ،‬تحقيق ۽ مقابلي جا رجحان ۽ شوق وڌندا رهن ٿا‬
‫۽ اهو ٻار معاشري جو قابل فخر شاگرد ۽ شاگردياڻي‬
‫ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اڳ ٻار جي پرائمري اسڪول ۾‬
‫تربيت تصويرن‪ ،‬شڪلين ۽ رنگ برنگي چارٽن وسيلي‬
‫ڪئي ويندي هئي‪ .‬ڇو ته اگر اسڪول جو ماحول منظم ۽‬
‫پرڪشش هوندو ته ٻار پنهنجي مرضي ۽ شوق سان‬
‫اسڪول تائين پهچندو‪ ،‬ان ۾ نه استاد کي ڪنهن ” ڏنڊي“‬
‫هٿ ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ۽ نه والدين ٻار کي ننڊ‬
‫مان زوري اٿارڻ جي تڪليف ڪندا سنجيدگي ۽ همت‬
‫افزائيءَ جو اهو ماحول گهٽ ٿي ويو آهي‪ .‬ڏٺو اهو ويو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪61‬‬

‫آهي ته بين القوامي ادارن طرفان ڏنل مالي امداد جيڪا‬
‫فرنيچر‪ ،‬ڪتابن ۽ پرائمري ٻار جي ماحول کي ”چارٽس“‬
‫اعلي تعليمي سربراهن“ ۽‬
‫ٺاهڻ لءِ ڏني وڃي ٿي‪ ،‬اها ”‬
‫ٰ‬
‫ادارن اندر هڙپ ۽ هضم ٿي وڃي ٿي‪ ،‬مون ته پنهنجي‬
‫هنن گنهگار اکين سان رنگ برنگي چارٽ ” فيملي پلننگ“‬
‫جي هيلٿ سينٽرن ۾ ڀتين تي ٽنگيل ڏٺا آهن جتي اسان‬
‫جون عورتون ”آدم“ ۽ ”حوا“ کي وڌيڪ پيدا ٿيڻ کان‬
‫روڪ ۽ صلحون ۽ دوائون حاصل ڪرڻ لءِ تعليمي ريشو‬
‫گهٽ هئڻ جي باوجود اچن ٿيون‪ ،‬پرائمري تعليم جي حال‬
‫احوال کان پوءِ مضمون جي شروع ۾ کنيل اهم نڪتن‬
‫مان هڪ آخري ۽ اهم پهلو تعليمي ادارن‪ ،‬اسڪولن ۽‬
‫ڪاليجن ۾ شاگردن لءِ ” ڪتابن“ ۽ ” لئبررين“ جي باقاعده‬
‫منظم نموني ترتيب ۽ تنظيم جي به کوٽ آهي‪ .‬سنڌ جا‬
‫ڪيترا تعليمي ادارا ۽ لئبرريون بغير ڪنهن رهنمائي جي‬
‫هلي رهيون آهن‪ .‬لئبرري سائنس هڪ مضمون آهي‪،‬‬
‫جيئن پوليٽيڪل سائنس معاشري جي مسئلن جي حل‬
‫ڪرڻ جي هڪ سائنس آهي‪ ،‬جنهن جا اصول ۽ آدرش‬
‫سائنٽيفڪ حيثيت رکن ٿا‪ .‬اهڙي طرح جديد ٽيڪنالجي‬
‫واري دؤر ۾ لئبرري سائنس کي انفارميشن سائنس چئي‬
‫سگهجي ٿو‪ .‬جنهن جو مطلب هتي نڪري ٿو ته مطالعي‬
‫۾ رهنمائي ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ تحقيق جو شوق پيدا‬
‫ڪرڻ لءِ ڪتب خانا وڌيڪ علم جو چاهه پيد اڪن ٿا ۽‬
‫ڪتب خانن اندر ڪنهن ” عالم“ جي سخت ضرورت‬
‫هوندي آهي‪ .‬اسان جي تعليمي ادارن اندر ڪتابن جي‬
‫کوٽ تنظيم ۽ تحقيق جون سهوليتون اڻلڀ آهن‪ .‬ان ڪري‬
‫مجموعي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته ريسرچ ورڪ تمام‬
‫گهٽ آهي‪ .‬پي‪.‬اي‪..‬ڊي تمام گهٽ استاد ميسر آهن‪ .‬صحيح‬
‫ڊيٽا بيس ڪنهن به قومي اهميت جي مطالعي ۾ گهٽ‬
‫ميسر ٿئي ٿي‪ ،‬تعليمي ريشو ۽ آدم شماري جا صحيح‬
‫انگر اکر ڪڏهن به سامهون نه آيا آهن‪ .‬تاريخ ۾ هڪ‬
‫واقعو وقت جي بدترين ظالم هلڪو خان جي حوالي‬
‫سان پنهنجي قلم جي سپرد ڪيان ٿي‪ .‬جيڪو ڪتب خانن‬

‫‪62‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي اهميت متعلق آهي‪ .‬هلڪو خان ‪ 655‬هجري ۾‬
‫جڏهن الموٽ جو قلعو فتح ڪيو ته کيس ڄاڻ ملي ته‬
‫خواجا طوسي جيڪو نصيرالدين طوسيءَ جي نالي سان‬
‫فلسفي ۽ محقق ٿي گذريو آهي‪ ،‬اهو پندرهن سالن کان‬
‫هڪ بنديخاني ۾ قيد آهي‪ ،‬تڏهن هلڪو خان نصير الدين‬
‫طوسيءَ کي نه صرف آزاد ڪيو پر سائنسي تحقيق لءِ‬
‫تبريز ۾ هڪ ”صدرگاهه“ جوڙائي ڏنو‪ .‬ان صدر گاهه کي‬
‫سائنس جي تاريخ ۾ ” بنيادي پٿر“ جي حيثيت ڏني وڃي‬
‫ٿي‪ .‬هن اداري ۾ سج‪ ،‬چنڊ ۽ ستارن جي گردش جو‬
‫مطالعو ۽ مشاهدي ڪرڻ لءِ اهڙيون دوربينيون لڳل‬
‫هيون‪ ،‬جيڪي يورپ ۾ صدين کان پوءِ اُهي اوزار استعمال‬
‫ٿيڻ لڳا ۽ يورپ جون يونيورسٽيون خواجه طوسيءَ جي‬
‫تحقيق کان ڪافي عرصي تائين فائدو حاصل ڪنديون‬
‫رهيون‪ .‬اسان جي موجوده تعليمي پاليسي ۾ جنهن کي‬
‫ملڪ جا دانشور رد ڪري چڪا آهن‪ .‬ان تعليمي پاليسيءَ‬
‫۾ فزيڪل ايجوڪيشن جي ٽريننگ لءِ ڪافي انتظام ٻڌايا‬
‫ويا ڇو ته اها نوجوان شاگردن جي شخصيت جي تعمير‬
‫لءِ ضروري آهي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي‪ .‬ليڪن‬
‫سهولتن جي فقدان ڪري تعليمي ادارن اندر شاگردن‬
‫جي ڪردار سازي ۾ بلڪل معاون ثابت نٿي ٿئي‪ .‬ان‬
‫ڪري لزمي آهي ته نئين تعليمي پاليسي ۾ جيڪي اعلن‬
‫ڪيا ويا آهن‪ .‬انهن تي جلد از جلد عمل ٿيڻ کپي‪ .‬خاص‬
‫طور اندرون سنڌ ۾ فزيڪل ايجوڪيشن جي ٽرينڊ‬
‫استادن لءِ جيڪي جايون خالي پيل آهن انهن کي ڀريو‬
‫وڃي ته جيئن اُهي استاد شاگردن کي تعليم جي زيور‬
‫سان آراسته ڪري سگهن‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪63‬‬

‫اسان جي اڄوڪي تعليمي نظام جو‬
‫الميو‬
‫هن دنيا ۾ هر انسان تي امانت جو ٻوجهه مقرر‬
‫اعلي قدرن جي‬
‫ٿيل آهي‪ ،‬اها امانت آهي سچائي ۽‬
‫ٰ‬
‫هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقلي‪ .‬اسان جي ان‬
‫ورثي جي ايماندارانه منتقلي لءِ اسان معاشري‪ ،‬تاريخ‬
‫۽ آئيندي جي نسلن آڏو ذميوار آهيون‪ .‬ان ڪري‬
‫منهنجي شعور مون کي سچ ۽ آزاديءَ سان عشق‬
‫ڪرڻ سيکاريو آهي‪ .‬منافقي‪ ،‬ڪوڙ‪ ،‬قلبازي کائڻ مون‬
‫ڪونه سکيو آهي‪ .‬موجوده معاشري جي سيٽ اپ ۾‬
‫اسان کڻي ڀلي ”مس فٽ“ هجون پر اگهه وڌائڻ ۽ پاڻ‬
‫وڻائڻ واري راند پاڻ کي ”رهڻ“ ڪونه اچي‪ .‬هڪ قول‬
‫هميشه ياد رکيو اٿم تها ‪Time is an impartial‬‬
‫‪judge, who passes sentences, that are not‬‬
‫‪) .subject to appeal‬وقت جي ڏنل فيصلن تان‬
‫ڪابه اپيل نٿي ڪري سگهجي( ان ڪري وقت ۽ تاريخ‬
‫جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهن ۽ ڏوهارين کان بچڻ چاهيون ٿا‪ ،‬ڇا‬
‫ٿي پيو جو هن زندگيءَ جي هڪڙي رات کٽي پئي!‬
‫سانگ وِيا‪،‬‬
‫سڄڻ جيئن‬
‫ِ‬
‫سور َ‬
‫ه‪َ ،‬‬
‫م وڃي جاه ُ‬
‫پِرينءَ پُڄاڻان‪ ،‬آئون اوهان سين اوريان‪.‬‬
‫)شاهه(‬
‫ڪي ته اسان جا تعليمي ڪاليج اهڙا آهن جيڪي‬
‫بغير سربراهن جي هلي رهيا آهن‪ ،‬يا وري انچارج ۽‬
‫جونيئر استادن کي پرنسپالن جي چارج حوالي ڪئي‬
‫وئي آهي‪ .‬تعليم ۽ تعليمي ”نظام“ ۽ ”نصاب“ جا انتها ۽‬
‫لتعداد مسئل اسان کي درپيش آهن‪ .‬پر بنيادي مسئلو‬
‫استادن جو نه هئڻ ۽ بجيٽ جي کوٽ آهي‪ .‬اسان جي‬
‫تعليمي ادارن ۾ سهوليتون ناهن تعليم لءِ سازگار‬

‫‪64‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫موحول ڪونهي‪ .‬اسان جون نياڻيون نفسياتي مريض‬
‫بڻايون ويون آهن‪ .‬هينئر ته هڪ صاحب لوڪ واضح‬
‫طور تي تسليم ڪيو آهي ته آءِ بي اي جو سربراهه‬
‫ڊاڪٽر وهاب پاڻ هڪ نفسياتي مريض آهي‪ .‬انٽري‬
‫ٽيسٽ جي وسيلي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي نفسياتي‬
‫اعلي تعليم کان محروم رکيو‬
‫مريض بڻائي‪ ،‬انهن کي‬
‫ٰ‬
‫ويو آهي‪ .‬ظاهر آهي جن ادارن ۾ سائنس جا استاد ئي‬
‫سکيا لءِ مهيا ڪري نه ڏنا ويندا ته اهي نوجوان شاگرد‬
‫۽ شاگردياڻيون ڪيئن انٽري ٽيسٽ جو ڏکيو مرحلو پورو‬
‫ڪري سگهندا‪ .‬نتيجو اهو نڪرندو جو والدين خاص طور‬
‫تي نياڻين کي پڙهائڻ ڇڏي ڏيندا‪ .‬اسان جي معاشري ۾‬
‫تعليم ۽ ڄاڻ جو سيڪڙو گهٽ هئڻ ڪري ان پاسي‬
‫ڌيان نٿو ڏنو وڃي‪ .‬نه ته استادن جو نه هئڻ ۽ مهيا نه‬
‫ڪري ڏيڻ بنيادي انساني حقن جي خلف ورزي ته آهي‬
‫ئي‪ ،‬پر اهو مسئلو پنهنجي وجود ۾ ”قانون ۽ عدالتي“‬
‫وزن به رکي ٿو‪ ،‬تعليمي ماحول ۾ تازو هڪ ٻيو اهم‬
‫مسئلو اسڪول جي استادن جو آهي‪ ،‬جنهن سڄي‬
‫ماحول ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي‪ ،‬خبر نه آهي ته‬
‫وڏن اديبن ۽ ڏاهن ان معاملي تي ڇو خاموشي اختيار‬
‫ڪئي آهي؟ ياد رهي ته اهم مسئلن تي غير جانبداري‬
‫ڪڏهن ڪڏهن قومي ڏوهه بڻجي ڳچي ۾ پئجي ويندي‬
‫آهي‪ .‬لفظن جي خامه مال سان نه‪ ،‬لٻاڙ ۽ جذبات سان‬
‫نه‪ ،‬هڪ مهذب سماج لءِ ۽ تعليمي ماحول ۾ استاد جي‬
‫ڪردار ۽ سندس حيثيت متعين ڪرڻ لءِ ڌر ته بڻجڻو‬
‫پوندو آهي؟ اهي سڀ تياريون جيڪي اسان کي اڄ کان‬
‫ويهه سال اول ڪرڻ کپن ها‪ ،‬انهن تيارين لءِ اسان کي‬
‫هينئر قياس‪ ،‬همدردي‪ ،‬سهاري جي ڪا به ضرورت نه‬
‫رهي آهي‪.‬‬
‫مون کي حيرت آهي ته استاد ۽ استادن جهڙي‬
‫مقدس ۽ پيغمبراڻي پيشي لءِ نفيس‪ ،‬حليم ۽ شانائتن‬
‫جملن‪ ،‬اصطلحن بجاءِ گوسڙو ۽ شناختي پريڊ جهڙا غير‬
‫پارلياماني ۽ اندر ساڙيندڙ لفظ استعمال ٿيا‪ .‬خبر نه‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪65‬‬

‫آهي ته پرنٽ ميڊيا جي ڪارڪردگي آهي يا تعليم‬
‫دشمن مافيا جي‪ .‬ان جي بجاءِ جيڪڏهن اسان ڪاغذي‬
‫جانچ پڙتال ڪاغذي اسڪول يا ڪاغذي استاد جهڙا‬
‫لفظ استعمال ڪيون ها‪ ،‬تڏهن به ماحول ۾ سنجيدگي‬
‫پيدا ٿئي ها‪ ،‬پرائمري اسڪولن جي استادن جي بي‬
‫چيني‪ ،‬محاذ آرائي طرف وڌي رهي هئي‪ .‬پر سندن‬
‫نمائنده تنظيم ائين ٿيڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي‬
‫انصاف ڏيارڻ جي يقين دهاني ڪرائي‪ ،‬اسان جي معزز‬
‫پرائمري استاد ۽ خواتين استاد پنهنجي ڪاغذن جي‬
‫جانچ لءِ حاضر ٿي شهري ثبوت پيش ڪيو‪ ،‬ٻئي حقيقت‬
‫جيڪا مان سمجهي سگهي آهيان‪ ،‬اها ئي آهي ته شعبه‬
‫اعلي اهلڪارن جي حڪمت عملي ته انهن‬
‫تعليم جي‬
‫ٰ‬
‫استادن کي ڳولهي هٿ ڪجي‪ ،‬جن جي نالن تي ڪي‬
‫ڳجها هٿ ۽ ڪامورا پهگارون کڻي رهيا هئا‪ .‬يعني‬
‫سياسي بنيادن تي نوڪريون ته ڏياريون ويون‪ ،‬پر انهن‬
‫غريبن کي خبر ئي نه هجي جن کي نوڪريون ڏنيون‬
‫ويون هجن ۽ انهن جي فرضي نالن تي پگهارون‬
‫ڪامورا پاڻ کڻندا هجن‪ .‬منهنجي خيال ۾ اهو ته حقيقت‬
‫پسندانه فيصلو آهي‪ ،‬ان حڪمت عملي تحت ڪوبه‬
‫هڪ استاد هرگز متاثر ٿي نٿو سگهي‪ ،‬ان ڳالهه کان به‬
‫انڪار ممڪن نه آهي ته ”پگهار سرڪار جي ۽ نوڪري‬
‫اوطاق جي‪ ،‬جي بنياد تي هلي رهيا هئا‪.‬‬
‫اسان وٽ سياسي مداخلت جا دروازا قانوني طور‬
‫تي کليل رهندا رهيا آهن‪ .‬منتخب نمائندن جي پنهنجي‬
‫پنهنجي حلقن ۾ مداخلت جا قصا ته هينئر عام جام ته‬
‫ڇا بدنام ٿي چڪا آهن‪ ،‬انهن جي مرضيءَ کانسواءِ‬
‫ڪابه پوسٽنگ نه ٿيندي آهي‪ .‬جيڪڏهن ٿيندي آهي ته‬
‫اهو ماڻهو يا آفيسر اتي ٽڪي نه سگهندو آهي‪ .‬پرائمري‬
‫سطح تي جيڪي بي قاعدگيون عروج تي آهن‪ .‬اهي‬
‫ڪامورڪي لڏي جي ڪري آهن‪ .‬نه ڪي استادن جي‬
‫ڪري‪ ،‬علم دشمن ۽ قوم دشمنن جي عدم دلچسپي‬
‫ڪري اهي انڪشاف ٿيندا آيا آهن ته ٽريزري آفيس‬

‫‪66‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫وارن سان ملي ڀڳت ڪري استادن جا ٻه سروس بڪ‬
‫رکي انهن جي نالن تي جي‪.‬پي فنڊ مان قرض کنيا‬
‫وڃن ٿا‪ .‬ڪوڙين انڪريمينٽس وسيلي ڊفرنس بل هضم‬
‫ڪيا وڃن ٿا‪ .‬جن جي ڪابه خبر اسان جي اصل ڌڻي‬
‫يعني استاد کي پئجي ڪونه ٿي سگهي‪ .‬ان ڪري‬
‫ضروري آهي ته حڪومت کي انهن ڪرپٽ اهلڪارن‬
‫خلف به قدم کڻڻ کپي‪ .‬هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت‬
‫۾ منهنجو معاشري جي مختلف طبقن سان واسطو‬
‫آهي‪ .‬ڇا ان ڳالهه جي ڪا ترديد اسان وٽ موجود آهي‬
‫ته جڏهن پرائمري سطح جي معصوم ٻارن جا ساليانه‬
‫امتحان ٿين ٿا‪ ،‬تڏهن ڇا ٿو وهي واپري ۽ ان اسڪول‬
‫جي رزلٽ بهتر کان بهتر ٿي سگهي ٿي‪ .‬جتان نون نون‬
‫جوڙن کان وٺي ڀاڄي ڀتيءَ تائين ڪڪڙ مڇيون‪ ،‬ديسي‬
‫گيهه ۽ ڀرت ڀريون سوکڙيون ملن ٿيون‪ .‬حيرت جي‬
‫ڳالهه آهي ته اسان جا ڪي اهلڪار ”ساون ڌاڻن“ تائين‬
‫جي ورهاست ڪن ٿا‪ ،‬زندگيءَ جو اهو اصول شانائتو‬
‫بڻجي چڪو آهي ته کائي پي گهمي ڦري مري وڃجي ته‬
‫بهتر آهي‪ ،‬ڇا سنڌ وٽ دنيا لءِ اهو پيغام وڃي بچيو‬
‫آهي؟ اسان وٽ صرف اهو جائزو ورتو وڃي ٿو ته‬
‫مفادات جي وسيلن کي ڪهڙي طرح پاڻ ڏانهن موڙي‬
‫سگهجي ٿو‪ .‬اهڙن ماڻهن جي ٺاهيل نظريات لءِ اهو‬
‫ضروري ناهي ته تعليم سان وابسته اهلڪار پيروي‬
‫ڪن‪ .‬جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته اڄ عالمي‬
‫سامراج سڄي دنيا کي هڪ ٽئين جنگ ۾ مبتل ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪ .‬ان ڪري اسان کي ”مهارتن ۽ ڄاڻ“ وارا‬
‫شاگرد کپن‪ ،‬جيڪا ڳالهه معقول آهي‪ .‬جيڪا ”حڪمت‬
‫عملي“ مناسب آهي‪ ،‬جيڪا اصلح ضروري آهي‪ .‬اها‬
‫اسان جي ذاتي محسوسات ۾ شامل کڻي نه به هجي‬
‫پر اها علمي دائري کان خارج نٿي ڪري سگهجي‪ .‬هڪ‬
‫”عالمي ٻوڏ“ اسان وٽ پهچي وئي اهي‪ .‬اها هي آهي‬
‫ته ٽيڪنالجي جي نتيجي ۾ ئي اُهي قومون سرخرو ٿي‬
‫نڪرنديون‪ ،‬جيڪي پنهنجي تعليمي ۽ تربيتي نظام کي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪67‬‬

‫نت نون ٽيڪنالجي جي ذريعن کي جذب ۽ استعمال‬
‫ڪرڻ واري افرادي ۽ تربيت يافته پيدا ڪنديون‪ .‬ان لءِ‬
‫توهان پڙهندا هوندا ته نت نئين ايجادن پاڻ کي‬
‫پيداواري عمل جي استعمال قومن کي مجبور ڪري‬
‫ڇڏيو آهي ته پنهنجو پاڻ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ‪W.T.O‬‬
‫۽ جنرل ايگريمينٽ آف ٽريڊ ۽ ٽريف "‪ "GATT‬لءِ تيار‬
‫ڪن‪ .‬اسان وٽ جيڪا بيروزگار نوجوانن جو لشڪر‬
‫آهي‪ .‬اهو ان ڪري جو جديد ٽيڪنالجي ۽ سائنسي دؤر‬
‫۾ اهي شاگرد ٽيڪنيڪل ۽ ماهر ناهن‪ .‬ان ڪري ئي‬
‫اسان جو نوجوان طبقو حقيقت پسند ٿي ڪمپيوٽر‬
‫طرف وڌ ۾ وڌ اچي رهيو آهي‪ .‬بي‪.‬بي‪.‬اي‪ ،‬ايم‪.‬بي‪.‬اي‬
‫طرف نوجوان هينئر وڌ ۾ وڌ رخ رکي رهيا آهن‪.‬‬
‫بدقسمتي سان اسان جو نظام تعليم ترقي پذير‬
‫معيشت جي ان ”افرادي قوت“ جي ضرورت کي پوري‬
‫ڪرڻ جي به قابل نه رهيو آهي‪ .‬جنهنجو ذڪر مان‬
‫ڪري چڪي آهيان ته سائنس ۽ انگريزي ”زبان تي‬
‫مهارت حاصل ڪرڻ لءِ اسان جو نوجوان طبقو ٽرينڊ‬
‫استادن کان محروم رکيو ويو آهي‪.‬و تعليمي نصاب ۾‬
‫”حال“ جي ضرورتن جو ڪوبه بندوبست نه ٿيل آهي‪.‬‬
‫اڳ پرائمري جي ڪتابن ۾ ڪجهه ”سبق آموز“ مواد‬
‫اعلي تعليمي ادارن تائين نصاب‬
‫هوندو هو‪ .‬پر هاڻي ته‬
‫ٰ‬
‫۾ اهو پڙهايو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم ڪيئن اسلم‬
‫جي حب ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي؟ اورنگزيب عالمگير‬
‫اسلم جي بچاءَ خاطر ڪيئن نه ٽوپيون سبي گذر ڪندو‬
‫هو‪ ،‬ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سائنسي علمن کي‬
‫پرائمري کان پڙهايو وڃي‪ ،‬ان لءِ ضروري آهي ته‬
‫درسي ڪتابن جي اصلح لءِ چئني صوبن مان علمي ۽‬
‫ڄاڻو ماڻهن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي‪ .‬توهان روم‬
‫جي تهذيب طرف هلو‪ ،‬خبر پوندي ته رومي شهنشاهه‬
‫ڪانسٽائن حڪم جاري ڪيو هو ته هاري جو اولد ٻيو‬
‫ڪو ڌنڌو نه ڪري سگهندو‪ .‬نتيجي ۾ هاري جو اولد‬
‫نسل درنسل هاري ٿي رهيو‪ .‬اها تهذيب جنهن کان‬

‫‪68‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫قومن پرايو ۽ سکيو اها تهذيب تباهه ٿي وئي‪ .‬ان ڪري‬
‫اعلي‬
‫جو حاڪمن پنهنجي تعليمي نظام ۾ ابتدا کان‬
‫ٰ‬
‫تعليم تائين سائنسي مضمون ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو‪.‬‬
‫نتيجي ۾ تعليم جي جاءِ تي ”جانورن جي ويڙهه“‬
‫ڊرامن‪ ،‬تقريرن جي شوق ۾ گهڻو وقت سيڙائيندا رهيا‪.‬‬
‫روم جو عوام تنگ نظري‪ ،‬ڪم عقليءَ ڪري زندگي‬
‫کان ڪٽجي ويو‪ ،‬رومي تهذيب خطابت جا شوقين ته‬
‫پيدا ڪري سگهي‪ ،‬ليڪن ڪوبه نامور سائنسدان يا‬
‫اقتصادي ماهر پيدا نه ٿي سگهيو‪ .‬تاريخ جي ان ورجاءَ‬
‫مان اسان کي اهو سبق سکڻو آهي ته ”تعليمي ڄاڻ“‬
‫وسيلي ئي ”نتيجو“ ۽ ”لڀ“ ملي سگهي ٿو‪ ،‬پنهنجي‬
‫”زوال“ جي ذميواري پاڻ کي قبول ڪرڻي پوندي‪،‬‬
‫استادن کي تعليم يافته بڻائڻو پوندو‪ .‬پري‪ ،‬پري علئقن‬
‫۾ وڃي تعليم ڏيڻ جي ذميواري فرض شناسائي سان‬
‫پوري ڪرڻي پوندي‪ ،‬ضروري نه آهي ته نتيجا جلدي‬
‫سامهون اچن‪ .‬تاريخ ۾ ايندڙ نسل ئي فائدو حاصل‬
‫ڪري سگهيو آهي‪ .‬اهو به ياد رکڻ کپي ته ڪابه عظيم‬
‫تهذيب هميشه لءِ زندگي تي حاوي نٿي رهي سگهي‪،‬‬
‫تاريخ ۾ عظيم قومون سسي سسي ننڍيون ٿي ويون ۽‬
‫هميشه لءِ ختم به ٿي ويون‪ .‬ارتقا جو قانون ۽ ان جي‬
‫گرفت مان اڄ تائين ڪوبه آزادي ماڻي نه سگهيو آهي‪،‬‬
‫انسان ته ڇا پر جانور تي به اهوئي قانون لڳو آهي‪.‬‬
‫جيڪي جانور‪ ،‬پکي‪ ،‬جيت‪ ،‬پنهنجو پاڻ کي ماحول سان‬
‫هم آهنگ نه ڪري سگهيا‪ .‬انهن جي نسل جو ئي خاتمو‬
‫ٿي ويو‪ ،‬ان ڪري قومن جي بقا جو دارومدار ان جي‬
‫تعميري ۽ مثبت سوچ ۾ ئي لڪل آهي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪69‬‬

‫هڪ خط ۽ اسان جي تعليمي ايجنڊا‬

‫مصطفي شاهه جو هڪ خط ۽ اُن جو‬
‫سيد غلم‬
‫ٰ‬
‫تفصيل جيڪو هن پنهنجي ڪتاب ”ڀٽو دي مين اينڊ دي‬
‫مارٽايئر“ ۾ ڏنو آهي‪ .‬اهو مون کي اڄ ان ڪري ياد‬
‫آهي‪ .‬جو مون تازو اخبار ۾ پڙهيو ته سنڌ جي شهر‬
‫ڪراچيءَ ۾ قائم هڪ ڪاليج ”دائود انجنيئرنگ“ کي‬
‫مهراڻ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ايفيليشن‬
‫جي اجازت ڏئي ڇڏي‪ .‬جڏهن ته اين اي ڊي يونيورسٽي‬
‫ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو‪ .‬مون کي خبر نه آهي ته‬
‫دائود ڪاليج جي ايفيليشن سان مهراڻ يونيورسٽي جي‬
‫انتظاميه جو ڪهڙو مالي‪ ،‬انتظامي‪ ،‬اخلقي يا ڪو‬
‫اڪيڊمڪ فائدو آهي‪ .‬جو اڪيڊمڪ ڪائونسل جي‬
‫ڪجهه ساٿين جي مخالفت جي باجود اڪثريت ان کي‬
‫مصطفي ان ڪري ياد‬
‫مناسب سمجهيو‪ ،‬سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫پيو جو اسان وٽ هينئر اهڙن انتظامي ۽ باوقار‬
‫شخصيتن جي زبردست کوٽ محسوس ٿيندي پئي‬
‫وڃي‪ ،‬جيڪي جرئت ۽ بهادري سان ”ادارن“ جو ڪيس‬
‫وڙهي سگهن‪ .‬مون به چاهيو هو ته سنڌ يونيورسٽي‬
‫جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان‬
‫ڪي اهڙا مسئل کڻي سگهان جن جو نوجوان شاگردن‬
‫تي ناڪاري اثر پئي سگهي‪ .‬پر سال ٿيڻ تي آهي ليڪن‬
‫سنڌ يونيورسٽي انتظاميه هڪ دفعو به اڪيڊمڪ‬
‫ڪائونسل جو اجلس گهرائڻ مناسب نه سمجهيو آهي‪.‬‬
‫بهرحال اسين شيطان مردود کي ته سندس هڪ‬
‫غلطي جي ڪري ذليلن ۾ شمار ڪريون ٿا‪ ،‬ليڪن‬
‫حقيقت هيءَ آهي ته شيطان کي ذليل چوندڙ جون‬
‫پنهنجون هڪ طويل نافرمانين جون فهرستون خبر نه‬
‫آهي ڪنهن جي انتظار ۾ لئين سان لڳل آهن؟‬

‫‪70‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مصطفي شاهه مرحوم هيءُ خط‬
‫سائني غلم‬
‫ٰ‬
‫اعلي سنڌ کي لکيو‬
‫وزير‬
‫جي‬
‫وقت‬
‫ان‬
‫سال ‪1973‬ع ۾‬
‫ٰ‬
‫هو‪ .‬جنهن جو نالو هو ممتاز علي ڀٽو صاحب‪ ،‬جناب‬
‫ممتاز علي ڀٽو صاحب‪ ،‬چيف منسٽر حڪومت سنڌ‬
‫ڪراچي‪.‬‬
‫اڄ منجهند جي ٽائيم تي مان مسٽر ڪمال اظفر‬
‫جيڪو وزير خزانه جي حيثيت ۾ سنڌ ڪابينا جو ميمبر‬
‫آهي‪ ،‬ان سان سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي مسئلن‬
‫خاص طور تي بجيٽ ۽ ٻين مسئلن بابت ملڻ چاهيم ۽‬
‫ان سان مليس‪) .‬وزير خزانه سان هڪ نوجوان ويٺل‬
‫هو( مون ڪمال اظفر کي سنڌ يونيورسٽي جي مسئلن‬
‫۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو‪ .‬سنڌ يونيورسٽي جي‬
‫بهتريءَ لءِ مان سندس امداد ۽ همدرديءَ جو مستحق‬
‫۽ طلبگار هيس‪ .‬خزاني جو وزير منهنجون ڳالهيون ٻڌي‬
‫۽ ڪاغذن کي ڏسي صفا ڇتو ٿي پيو‪ ،‬مان سندس‬
‫ڪجهه جمل هي) ڏيان ٿو‪.‬‬
‫شاهه صاحب توهان کي پاڪستان ٺاهڻ‬
‫‪.1‬‬
‫جي ڪهڙي ضرورت هئي‪.‬‬
‫توهان ته مسئلن تي بنگالين جي ٻولي ۾ پيا‬
‫‪.2‬‬
‫ڳالهايو‪.‬‬
‫توهان جي ٻولي علحدگي پسندن جي ٻولي‬
‫‪.3‬‬
‫آهي‪ ،‬جيڪا بزنجو ڳالهائيندو آهي‪.‬‬
‫ٽيڪس ڪراچيءَ وارا ڏين ۽ پيسا وري‬
‫‪.4‬‬
‫ڪراچيءَ کان ٻاهر خرچ ڪيا وڃن‪.‬‬
‫انهن پيسن تي صرف ڪراچيءَ جي ماڻهن‬
‫‪.5‬‬
‫جو حق آهي‪.‬‬
‫آءي ڏاڍو پريشان ٿيس‪ ،‬مون کي اها توقع نه هئي ته‬
‫اهڙي قسم جي ڏاڍائي جو مظاهرو ڪيو ويندو‪ .‬مون‬
‫فنانس منسٽر کي چيو ته ياد رکو هڪ درخواست کڻي‬
‫آيو آهيان‪ .‬مان هڪ غريب استاد آهيان ۽ وائيس‬
‫چانسيلر آهيان‪ .‬سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي نظام کي‬
‫سڌارڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو‪ .‬توهان واهه جي مهماني‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪71‬‬

‫ڪئي آهي‪ .‬توهان جي رويي مون کي حيران ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪ .‬بزنجو ۽ بنگلديش تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي‬
‫ضرورت آهي يا وري سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي‬
‫مسئلن سان هنن جو ڪهڙو تعلق آهي‪ .‬مون ان ماحول‬
‫۾ پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪيو جيئن ٻين آفيسرن کي ڄاڻ‬
‫نه ملي سگهي‪ ،‬ان کان پوءِ مان واپس هليو آيس‪.‬‬
‫توهان تصور به نٿا ڪري سگهو ته ڪمال اظفر جي‬
‫لفظن مون کي ڪيترو ڏکايو آهي‪ .‬ڪراچي جا ليڊر‬
‫حضرات هونئن ئي مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن‪.‬‬
‫جنرل رحيم گل کي چوندا آهن ته تون سنڌي نواز‬
‫آهين‪ .‬تو اسان کي تباهه ڪيو آهي‪ .‬اها ڳالهه رڪارڊ تي‬
‫آهي ته انهن ليڊرن ۽ جماعت اسلمي وارن هن کي‬
‫ڪيترو پريشان ڪيو‪ .‬مون کي ڪير به خوفزده نٿو‬
‫ڪري سگهي‪ ،‬پر مان سنڌ يونيورسٽيءَ سان ٿيندڙ‬
‫سازش کي برداشت نٿو ڪري سگهان‪ .‬سنڌ‬
‫يونيورسٽيءَ جي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان خدمت‬
‫ڪرڻ ڪا مذاق نه آهي‪ .‬مان شاگردن جي مسئلن کي‬
‫نظرانداز نٿو ڪري سگهان‪ .‬مان صرف پگهار کنيو ۽‬
‫وي‪.‬سي ٿيو ويٺو هجان‪ .‬اهو مون کان نه پڄندو‪ .‬مان‬
‫ڀٽو ۽ اوهان سان ڪيل واعدن کي وساري نٿو سگهان‪.‬‬
‫ليڪن يونيورسٽيءَ جي مفادن کي به نظرانداز نٿو‬
‫ڪري سگهان‪.‬‬
‫مان توهان کي منٿ ٿو ڪريان ته خدا جي‬
‫واسطي مون کي ڇڏيو ۽ ڪنهن ٻئي کي وي‪.‬سي مقرر‬
‫ڪيو‪ .‬مان تنها پسند انسان جيان گم ٿيڻ ٿو چاهيان‪.‬‬
‫توهان جو مخلص‬
‫مصطفي‬
‫سيد غلم‬
‫ٰ‬
‫شاهه‬
‫مئي ‪1973‬ع جي صورتحال آهي جو اسان جو‬
‫اعلي به يونيورسٽي جي ڏکي‬
‫هڪ مضبوط منتظم‬
‫ٰ‬
‫صورتحال کان آگاهه ڪري رهيو آهي‪ .‬هينئر مسئلن‬
‫جي نوعيت وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي‪ .‬ان ۾ ڪوبه شڪ‬

‫‪72‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫نه آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي پاڪستان جي ٻئي‬
‫نمبر تي ۽ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي جو درجو‬
‫حاصل آهي‪ .‬شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور‪.‬‬
‫زرعي يونيورسٽي ٽڻڊو ڄام‪ ،‬مهراڻ يونيورسٽي يا سنڌ‬
‫اعلي مقام سبب ئي پنهنجي پنهنجي‬
‫يونيورسٽيءَ جي‬
‫ٰ‬
‫اعلي مقام تي پهتيون آهن‪ .‬انهن يونيورسٽين جا وائيس‬
‫ٰ‬
‫اعلي ڊگريون رکندڙ فرد رهيا آهن ۽ خداداد‬
‫به‬
‫چانسيلر‬
‫ٰ‬
‫صلحيتن جا مالڪ آهن‪ .‬پوءِ به ڇو ماحول بهتر نه ٿي‬
‫سگهيو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته اسان جي تعليمي‬
‫ادارن جي سربراهه کي وڌيڪ جمهوري ۽ مخالفن کي‬
‫نه صرف برداشت ڪرڻ بلڪه انهن جي خيالت ۽‬
‫تجويزن کي وزن ڏيڻ جي عادت پختي هئڻ کپي‪،‬‬
‫دوستي ۽ دوست پيدا ڪرڻ جو فن ڪاميابين طرف‬
‫تڪڙو هلڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي‪ .‬اگر‬
‫نصب العين تي يقين رکو ٿا‪ .‬ثابت ڪرڻ لءِ اوهان وٽ‬
‫ٺوس دليل آهن ته پوءِ اوهان حق تي آهيو‪ .‬اڻ پڙهيل‬
‫ضائفن وانگر هڪ ٻئي کي مهڻا ڏيڻ سان ”دوري“ پيدا‬
‫ٿيڻ جا امڪانات واضح ٿيندا ويندا آهن‪ .‬مثال طور سنڌ‬
‫يونيورسٽي جي انتظاميا هڪ فيصلو ڪيو ته ماڊل‬
‫ڪاليج جا انٽرميڊئٽ جا ڪلس شام جو هلندا‪ .‬سنڌ‬
‫ميڊيا ۾ ان فيصلي خلف دانهيو ويو ته سڄيءَ سنڌ ۾‬
‫انٽر ۽ فرسٽيئر جا ڪلس ڪٿي به نٿا هلن‪ .‬ٿي سگهي‬
‫ٿو ته ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ ادارا اهڙا موجود هجن پر‬
‫مون کي اڄ ڏينهن تائين ياد نه آهي ته اهو ايترو وڏو‬
‫فيصلو اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلس گهرائي اتي رکيو‬
‫ويو هجي يا وري شڪايت ڪندڙن کي اعتماد ۾ ورتو‬
‫ويو هجي‪ ،‬انتظاميه جو هڪ پريس رليز خدشن کي‬
‫ٻنجو نٿو ڏئي سگهي ۽ ڪنهن به غلط فيصلي جا خاص‬
‫طور تي تعليمي نتيجا جلدي به آڏو نٿا اچي سگهن‪.‬‬
‫اهڙا ڪيترائي توجهه طلب مسئل آهن جيڪي باهمي‬
‫مشاورت ۽ اعتماد ۾ وٺي ڪري سگهجن ٿا‪ .‬خاص طور‬
‫تي يونيورسٽين اندر سينيٽ‪ ،‬اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪73‬‬

‫سينڊيڪيٽ جهڙا بااعتماد ادارا موجود آهن‪ .‬اسان کي‬
‫تعليمي سڌارا شخصيت ۾ نه بلڪ ادارن اندر جمهوري‬
‫پختگيءَ سان حل ڪرڻ کپن‪ .‬اگر ڪنهن به اداري مٿان‬
‫ڪا تهمت آهي ته پوءِ ان بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت‬
‫آهي ته اوهان کي ڇو پيٽ ۾ سور آهي؟ اوهان وڃي‬
‫پنهنجن ڪاليجن اندر پنهنجي گريبان ۾ جهات پائي‬
‫ڏسو؟ اگر يونيورسٽيون‪ ،‬ادارا ۽ شخصيتون پنهنجو پاڻ‬
‫تي اخلقي ڪوڊ وارو سلسلو ۽ نظام سختيءَ سان‬
‫فائز ڪن ته اسان گهڻين بيمارين کان پاڻ کي آجو‬
‫ڪرائي سگهون ٿا ۽ يقينن ائين ڪرڻ سان سائين غلم‬
‫مصطفي شاهه مرحوم جهڙا نڍر ۽ بهادر انتظامي‬
‫ٰ‬
‫اهلڪار اڪثريت ۾ پيدا ڪري سگهون ٿا‪ .‬ياد رکڻ‬
‫گهرجي ته‬
‫‪None of us is more important than the‬‬
‫‪team, and participate in a lead "Sharing‬‬
‫‪group"; this group will leap you in the‬‬
‫‪.""Know‬‬

‫‪74‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مهراڻ يونيورسٽيء ۾ سيٽن جي‬
‫وڪري وارو معاملو‬
‫مهراڻ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان هڪ سيمينار‬
‫مقامي هوٽل ۾ ٿي گذريو‪ ،‬ان وقت مان به اتي موجود‬
‫هيس‪ ،‬هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته هڪ‬
‫اهم مسئلي تي جن نوجوانن اها همت ڪئي‪ .‬انهن جي‬
‫جرئت ۽ جذبي کي سلم چوندي‪ ،‬ان ڳالهه جي‬
‫نشاندهي مون ضرور ڪرائي ته ان اهم موضوع تي‬
‫ڪنهن به خاتون کي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو‬
‫ويو‪ .‬حالنڪ تعليم ۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين جو اوتروئي اثر‬
‫نياڻين تي به ضرور پئي ٿو‪ ،‬جيترو ڇوڪرن تي‪ .‬بهرحال‬
‫اوهان مون کان راءِ پڇي آهي هڪ ذميوار ”شهري“ ۽‬
‫استاد جي حوالي سان منهنجا به ڪجهه خدشا آهن‬
‫جيڪي سائين علوي صاحب تائين پهچڻ کپن‪.‬‬
‫اعلي‬
‫پهريون ته ملڪ جي ۽ خاص طور سنڌ جي‬
‫ٰ‬
‫تعليمي ادارن جي بجيٽ جي کوٽ جو مسئلو ‪-81‬‬
‫‪1980‬ع کان شروع ٿيو‪ .‬هينئر صورتحال نه صرف‬
‫يونيورسٽين بلڪه ڪاليج جتان نوجوان شاگرد ۽‬
‫شاگردياڻيون اهم تعليمي مرحلو مڪمل ڪري انهن‬
‫ادارن تائين پهچن ٿا‪ .‬انهن ادارن ۾ به بجيٽ نه هئڻ‬
‫جي برابر آهي‪ .‬سال ‪1991‬ع جي سالنه بجيٽ ۾‬
‫ٻهراڙيءَ ۾ هلندڙ پرائمري‪ ،‬سيڪنڊري ۽ ڪاليجن جون‬
‫اسڪيمون بند ڪري اهي ڪراچي‪ ،‬حيدرآباد ڏانهن‬
‫منتقل ڪيون ويون آهن‪.‬‬
‫ڪاليجن جي ‪ 56‬اسڪيمن مان ‪ 43‬اسڪيمون‬
‫ڪراچي ۽ حيدرآباد لءِ‪ ،‬باقي ‪ 13‬سڄي سنڌ لءِ‪13 ،‬‬
‫نوان ”ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ“ انهن مان ‪ 11‬ڪراچي ۽‬
‫حيدرآباد لءِ باقي ‪ 2‬پنو عاقل ۽ ڳڙهي ياسين ۾ کولڻ‬
‫لءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي‪ .‬صورتحال وڌيڪ خراب‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪75‬‬

‫ان ڪري ٿي آهي جو سنڌ ۾ تعليم هڪ اهڙي وزير جي‬
‫حوالي آهي جنهن کي جيڪڏهن نسلي وزير تعليم‬
‫چئجي ته بهتر ٿيندو‪ .‬مٿان وفاقي ليول تي ڪڏهن‬
‫يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن کي ختم ڪرڻ جا اعلن ۽‬
‫ڪڏهن بجيٽ ۾ ڪٽوتيون ڪري صورتحال کي هٿ‬
‫سان منجهايو ويو آهي ته جيئن سنڌ جو سنڌي عوام‬
‫بنيادي مسئلن ۾ خود ڪفيل نه هجي ۽ نوجوان باغي‬
‫ٿي تعليمي ادارن جو منهن ڏسڻ به نه وڃن‪ .‬اها‬
‫صورتحال سرڪاري سطح تائين آهي‪ .‬پاڻ ڇا پيا‬
‫ڪريون‪ ،‬سيلف فنانس اسڪيم جهڙا غير معياري ۽ غير‬
‫تاريخي رويا اسان کي خبر آهي ته سنڌي ماڻهوءَ جي‬
‫اڪثريت‪ ،‬وچولي ۽ هيٺاهين وچولي طبقي تي مشتمل‬
‫آهي‪ .‬رهيا وڏيرا ۽ زميندار انهن جو رويو عالم آشڪار‬
‫آهي ته پوءِ ڇا ان صورتحال ۾ ان معروضي حالتن ۾‬
‫بچت يا سرمايه ڪاري ڪٿان ٿيندي؟ ٻيو ته سيڙپ ۽‬
‫سرمايه ڪاري اتي ڪئي ويندي آهي‪ ،‬جتي جو ماحول‬
‫سازگار ۽ صلحيتن جي کپت جو امڪان هوندو آهي‪.‬‬
‫ان کانسواءِ اگر علوي صاحب جي بقول ته هو‬
‫ايماندار آهي ۽ اسين به ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ٿا‬
‫۽ يونيورسٽي ۾ جيڪا اسڪيم جنهن مقصد لءِ شروع‬
‫ڪري رهيو آهي‪ .‬ان مقصد لءِ علوي کان پهريان‬
‫وائيس چانسيلر ڳجهه ڳوهه ۾ ائين ڪري چڪا آهن ۽‬
‫اها رقم ائين ئي اڏائي وئي آهي ته پوءِ سائين اوهان‬
‫ايماندارانه نموني اسان آڏو ان جي انڪوائري ڪرائي‬
‫رپورٽ سامهون آڻيو ته اهي نال ظاهر ٿي سگهن‪ ،‬جن‬
‫ماڻهن ائين ڪيو آهي ۽ جن وڏا وڏا قرض حاصل ڪيا‬
‫آهن انهن کان اهي واپس وٺڻ سان صورتحال بهتر ٿي‬
‫سگهي ٿي ته اڳ ۾ اهي قدم کڻجن جن سان ماحول‬
‫پُرامن رکي سگهجي‪ .‬سابق وائيس چانسيلر مظهر‬
‫الحق صديقي جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ متعين هئا‪.‬‬
‫تڏهن سنڌ يونيورسٽي مالي مسئلن ۽ قرضن ۾ جڪڙيل‬
‫هئي‪ ،‬پر ان شخص کي آفرين هجي جو ويندي ويندي‬

‫‪76‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پنهنجي ”عملي جاکوڙ“ ۽ جدوجهد سان يونيورسٽيءَ‬
‫کي قرضن کان آجو ڪري ويو‪.‬‬
‫ڇا مهراڻ يونيورسٽي جي خساري کي اهڙي‬
‫ڪنهن جدوجهد ۽ جاکوڙ جو حصو نٿو بڻائي سگهجي‪.‬‬
‫جڏهن ته اهوئي مظهر وفاقي سيڪريٽري تعليم جو‬
‫آهي‪ ،‬منهنجو خيال هيو ته مقامي هوٽل ۾ سيمينار جي‬
‫نتيجي ۾ يقينن علوي ۽ سندس ساٿين جي ”راءِ“ ۾‬
‫ڪانه ڪا تبديلي ايندي‪ .‬ڇو ته هر فرد سماج جي‬
‫”اجتماعي سوچ“ سان سلهاڙجي ڪوبه ”انسان‬
‫دوست“ رويو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو‪.‬‬
‫ڪابه تبديلي ”استحصالي“ نه هئڻ کپي‪ .‬خاص طور‬
‫تعليمي ادارا ڪنهن جي به ذاتي خواهش سان نٿا هلي‬
‫سگهن‪ .‬جمهراڻ يونيورسٽي“ ۾ جيڪو ماحول تيار‬
‫ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي‪ ،‬اهو مسئلو آهي‬
‫شاهه لطيف جي کاهوڙين جو‪ ،‬نه ڪي حڪومت جي‬
‫نمائندگي ڪندڙن جو! ان ڪري اسان سڀني جو اهو‬
‫قومي فرض آهي ته اهو صرف شاگردن جو مسئلو نه‬
‫آهي‪ .‬نياڻين جو به مسئلو آهي‪ .‬سنڌ جي مخصوص‬
‫ماحول ۾ جتي سينئر نياڻين کي به تعليم جو حق حاصل‬
‫اعلي ۽ ٽيڪنيڪل پروفيشنل ادارن تائين‬
‫ٿيو آهي‪ .‬هو به‬
‫ٰ‬
‫پهچن ٿيون ۽ هنن جو تعليمي حق محفوظ آهي‪ .‬پر‬
‫مون کي ڊپ اهو آهي ته غريب والدين پٽ ۽ ڌيءُ جي‬
‫قسمت جي فيصلي وقت وري به اهميت پٽ کي ڏيندا‬
‫۽ ”ڏيڍ لک“ واري سيٽ پٽ جي اولد جي نصيب ۾‬
‫ايندي‪ ،‬نياڻي ان ڏيڍ لک جو ”ڏاج“ کڻي وري به شينهن‬
‫ڪلهي چاڙهي ويندي‪ .‬غريب مائٽ هجي يا ڪنهن‬
‫وچولي زميندار جو اولد هر صورت ۾ ڏيڍ لک رپيا‬
‫اعلي‬
‫اسان جا مائٽ پٽن تي ئي خرچ ڪندا ۽ نياڻي‬
‫ٰ‬
‫تعليم کان محروم رهجي ويندي‪ .‬ان کان سواءِ غلط‬
‫سوچ ۽ غلط پاليسيءَ سان هڪ تعليمي ادارن جو وقار‬
‫مجروح ٿيندو‪ .‬نفسياتي طرح احساس ڪمتري واري‬
‫نفسيات پيدا ٿيندي‪ .‬هڪ ”غلم نسل“ ۽ طبقاتي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪77‬‬

‫محرومين پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن‪ .‬ان ڪري بهتر‬
‫ائين ٿيندو ته مسئلي جي انهن باريڪ نقطن تي غور‬
‫ڪري‪ ،‬سڀ کان پهريون مهراڻ يونيورسٽيءَ جا اهي‬
‫معزز استاد جيڪي بين القوامي طور تي ڄاتا سڃاتا‬
‫وڃن ٿا‪ .‬اهي ان پاليسي خلف متحد ٿي آواز اٿارين ۽‬
‫علوي صاحب جي ان پاليسيءَ سان اختلف ڪرڻ جي‬
‫جرئت پيدا ڪن‪ .‬اسان ڪيترو پنهنجن جوانن کي‬
‫آزمائش ۾ مبتل رکنداسون‪.‬‬
‫ٻيو ته ان پاليسيءَ خلف سنڌ جي استادن جون‬
‫اهي تنظيمون جيڪي پهريون ئي ناانصافين خلف‬
‫”جدوجهد ڪلچر“ ۾ ايمان رکن ٿيون‪ .‬انهن کي آواز‬
‫اٿارڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ کپي‪ ،‬ڇو ته مون کي ياد آهي ته‬
‫جڏهن يونيورسٽين کي صوبائي تحويل ۾ ڏيڻ جو اعلن‬
‫ٿيو هو ته ان وقت استادن جي تنظيمن جا آرٽيڪلس‬
‫اخبارن ۾ آيا‪ .‬جن ۾ مشترڪ موقف رکيو ويو هو‪ .‬مون‬
‫به ان وقت ائين لکيو هو ته يونيورسٽي گرانٽس‬
‫ڪميشن پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ۽ جيڪڏهن سنڌ‬
‫جي بجيٽ تي ايترو بار وجهڻو آهي ته پوءِ سڀ کان‬
‫پهريون انڪم ٽيڪس‪ ،‬ڪسٽم ۽ ٽيڪسٽائلز ملز جي‬
‫ايڪسائيز ڊيوٽي وغيره مان حاصل ٿيندڙ رقم مرڪز‬
‫بجاءِ صوبن جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جو اعلن ٿئي‪.‬‬
‫مخالفت جو ٻيو سبب مون اهو بيان ڪيو هو ته سنڌ‬
‫جي مخصوص حالتن ۽ تعليم جي نسلي وزير جي‬
‫حوالي ٿيڻ سان انهن جو عمل ۽ دخل وڌي وڃڻ ڪري‬
‫صوبي ۾ نفرت ۽ تعصب وڌيڪ پيدا ٿيندو‪ .‬هينئر به‬
‫خدشو اهو آهي ته مهراڻ جي سائنسي ماحول کي‬
‫خراب ڪرڻ لءِ نسلي ٽول تنظيمي طور به ڏيڍ لک جو‬
‫حصول آسان بڻائي ويڙهاڪ ٽولي کي داخل ڪرائيندا‪.‬‬
‫امن امان جو بهانو بنائي شهري يونيورسٽي کان پوءِ‬
‫انجنيئرنگ يونيورسٽي جي مطالبي ۾ اضافو ڪندا‪ .‬ان‬
‫ڪري علوي صاحب ڪنهن ڏاهي جو هيءُ چوڻ ۽ چوڻي‬
‫ذهن ۾ رکو ته ”صحيح پاليسي جو تعين دشمن جي‬

‫‪78‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پاليسي جي انڪار يا نفي ۾ ‪ Negative‬ظاهر ٿيندي‬
‫آهي‪ ،‬ٽين دنيا جا گهڻائي ملڪ معاشي بدحاليءَ جو‬
‫شڪار آهن ۽ اها بدحالي ‪1492‬ع کان ان ڏينهن ٿي‬
‫جڏهن اسپين جا فاتح شاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازبل هڪ‬
‫اٽيلين ڪرستوفر ڪولمبس کي هندستان جو هڪ نئون‬
‫۽ مختصر واپاري رستو ڳولهڻ جي ارادي سان بحري‬
‫سفر تي روانو ڪيو‪ .‬هو هندستان پهچڻ بدران نئين دنيا‬
‫۾ نڪتو ۽ اها نئين دنيا اڄ نيو ورلڊ آرڊر کڻي نوان‬
‫بندوبست ڪرڻ ۾ معاشي ۽ سياسي طرح سان‬
‫مصروف عمل ٿي وئي آهي‪ .‬مون کي محسوس ٿي‬
‫رهيو آهي ته اسان جو محترم وائيس چانسيلر به ان‬
‫نيوورلڊ آرڊر جو حصو بڻجي ”نئين بندوبست“ جي‬
‫تلش ۾ واسڪوڊيگاما بڻجي سنڌ جي تتل ڌرتيءَ تي‬
‫هڪ نئين بيٺڪيت جو اضافو ڪرڻ گهري ٿو‪ .‬جتي ”غير‬
‫ملڪي امداد“ انساني زندگي کان ويندي پيئڻ جي‬
‫پاڻي‪ ،‬صحت ۽ ٻين جيوتن لءِ زهر بڻجي مسئلن کي‬
‫منجهائي ڇڏيو آهي‪ .‬ان ماحول ۾ ”سيلف فنانسنگ“‬
‫اسڪيم تعليم کي ”نج ڪاري“ جو ويس پهرائڻ جو هڪ‬
‫ابتدائي مرحلو آهي‪ .‬جنهن لءِ ڪيترن ئي وس وارن ۽‬
‫صنعتي وزير اعظم صاحب ڪيترائي اعلن ڪري ۽ اهم‬
‫قدم کڻي چڪو آهي‪ .‬ڊاڪٽر محبوب الحق صاحب‬
‫سميت کيس ڪيترن ئي گهڻگهرن سمجهايو آهي‪ ،‬پر‬
‫في الحال سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه نه اچڻ واري آهي ۽ نه‬
‫ايندي‪ .‬ان ڪري اچو ته ان مسئلي جو ڪو مستقل‬
‫سياسي طريقه ڪار اختيار ڪجي ته جيئن اڳتي هلي‬
‫ان جا مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهون ۽ امن امان‬
‫واري مسئلي کي به برقرار رکي سگهجي‪ ،‬با ادب ٿيڻ‬
‫بجاءِ ”سگهڙ سرڪش“ ٿيڻ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو‪ .‬ان‬
‫لءِ وفاقي وزارت سان لهه وچڙ ۾ اچڻ بهتر ٿيندو‪ ،‬يو‬
‫جي سي جي پريشان خٽڪ ذريعي وزير اعظم کي ياد‬
‫ڏياريو وڃي ته ‪ 18‬آڪٽوبر ‪1991‬ع جو خٽڪ صاحب‬
‫اعلي تعليم جي اهميت ۽ فروغ لءِ‬
‫اعلن ڪيو هو ته‬
‫ٰ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪79‬‬

‫تعليمي شعبي جي گرانٽ جا ‪ 20‬ڪروڙ رپيا بحال‬
‫ڪرڻ لءِ وزير اعظم حڪم ڏنو آهي‪ .‬ان حڪم تي عمل‬
‫در آمد ٿيو يا نه؟ ان کانسواءِ حڪومت تي زور آندو‬
‫وڃي ته معاف ٿيندڙ قرض جي صورتحال ۽ قابل وصول‬
‫قرضن جا انگ اکر بينڪن جي بيلنس شيٽ ۾ ظاهر‬
‫اعلي تعليمي ادارن کي ڏني وڃي‪،‬‬
‫ڪجن ۽ اها ڄاڻ‬
‫ٰ‬
‫جمهوري ملڪن ۾ معاف ٿيندڙ قرضن جي صورتحال ۽‬
‫تفصيلت انهن ملڪن جي جمهوري ادارن جي‬
‫”بينڪاري ڪميٽي“ آڏو پيش ڪئي ويندي آهي‪ .‬اگر‬
‫پارلياماني طريقو ڪنهن بدنامي جو باعث آهي ته پوءِ‬
‫اهي قرض وصول ڪرڻ لءِ بينڪن کي استعمال ڪيو‬
‫وڃي‪ .‬ان مطالبي ڪرڻ سان دٻاءَ واري صورتحال پيدا‬
‫ڪري حڪومت کي مجبور ڪري سگهجي ٿو‪ ،‬ته‬
‫تعليمي ادارن جي کوٽ واري بجيٽ پوري ڪري‪ .‬اهو‬
‫عوام جو بنيادي حق آهي‪ ،‬ٻيو طريقو اهو به آهي اگر‬
‫ڪمپيوٽر پروگرامس جو آغاز ڪجي ته ان سان به‬
‫جديد دنيا جي سائنسي ۽ ٽيڪنالجي واري ضرورت کي‬
‫منهن ڏئي سگهبو ۽ نوجوانن جي لڙن کي مثبت انداز‬
‫۾ به موٽائي سگهبو ۽ اصل مقصد طرف پيش قدمي به‬
‫ڪري سگهبي ان سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه ڏانهن‬
‫توجهه ڏياريندي هلن ته تازو بورڊ آف انٽرميڊئيٽ‬
‫حيدرآباد وزير تعليم جي خاص هدايتن تي لطيف آباد ۾‬
‫هڪ ”ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ“ پنج ڪروڙ رپين جي لڳت‬
‫سان قائم ڪيو آهي‪ ،‬ان اداري جي کلڻ ۾ صرف‬
‫حيدرآباد جي شاگردن جي ڏنل رقم شامل نه آهي‪،‬‬
‫بلڪه حيدرآباد بورڊ سان لڳاپيل جيڪي به تعليمي ادارا‬
‫آهن انهن سڀني جو شيئر آهي‪ ،‬ليڪن لطيف آباد ۾‬
‫اداري جي قائم ٿيڻ سان صرف مخصوص شاگردن کي‬
‫فائدو رسندو‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته پهرين فرصت ۾‬
‫حيدرآباد شهر ۾ اهڙي هنڌ تي ادارو قائم ڪيو وڃي‪.‬‬
‫جتي گهڻي تعداد ۾ شاگرد پهچي سگهن ۽ فيض حاصل‬
‫ڪري سگهن‪ .‬ان اداري ۾ داخل لءِ قابليت انٽرميڊئيٽ‬

‫‪80‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫رکي وڃي‪ .‬لطيف آباد ۾ قائم ٿيندڙ اداري سان بنيادي‬
‫اختلف اهو آهي هڪ ته بورڊ ڪوبه نئون ادارو کولڻ‬
‫جو مجاز آهي يا نه؟ ٻيو ته ‪ 5‬ڪروڙ رپين جي هڪ وڏي‬
‫رقم جيڪا شاگرد طبقي جي ڏنل پيسي مان جمع ٿيل‬
‫آهي‪ .‬ان ڪري حيدرآباد شهر جي مخصوص حالتن جي‬
‫پيش نظر اهو ادارو اتي قائم ٿئي ها جتي صرف‬
‫مخصوص آبادي کي فيض نه پهچي اگر ائين ڪرڻ‬
‫ممڪن نه هو ته پوءِ ان اداري جي برانچ شهر يا قاسم‬
‫آباد ۾ کولي وڃي ها‪ .‬بهرحال يونيورسٽيون خود مختيار‬
‫ادارا آهن اهي اهڙا ادارا قائم ڪري سگهن ٿيون ۽ اهو‬
‫هڪ طريقو آهي فنڊز وڌائڻ لءِ خساري کي پوري‬
‫ڪرڻ لءِ‪ ،‬ان سلسلي ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ‬
‫سان به رابطو رکي سگهجي ٿو‪ ،‬ڇو ته اتي به ڪمپيوٽر‬
‫پروگرام ۽ ڪورسز جو اعلن ٿي چڪو آهي‪ .‬ان ڪري‬
‫مهراڻ جي مسئلي کي جلدبازي‪ ،‬اٻهرائي ۽ فرمائشي‬
‫ذهنيت سان نه بلڪ بردباري‪ ،‬سنجيدگي ۽ عملي جاکوڙ‬
‫سان حل ڪرڻو پوندو‪ ،‬ذاتي خواهشات جي ڇڪتاڻ‬
‫انسان کي غير مهذب بڻائي ٿي‪ ،‬جنهن جي آخري‬
‫شڪل جنگ آهي‪ ،‬جنهن ۾ انسانيت تهذيب جي‬
‫شروعاتي دؤر جي نقطي تي پهچي ٿي‪ ،‬جتي شرمناڪ‬
‫۽ انسانيت سوز حرڪتون سرزد ٿي سگهن ٿيون‪ .‬دعا‬
‫آهي ته منهنجو هيءُ پيغام مهراڻ جي شاگردن لءِ‬
‫ڪامراني ۽ سوڀ آڻي سگهي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪81‬‬

‫عالمي ڌارا جون تقاضائون ۽‬
‫انٽرميڊئيٽ جا نتيجا‬
‫شعر جي صورت ۾ ٿي هيرا آڇيان‪،‬‬
‫دنيا جي نگاهن ۾ مان پٿر آهيان‪.‬‬
‫علم انسان جي ٽين اکي آهي‪ .‬ڊي سي ها ِء‬
‫اسڪول لڙڪاڻي جو استاد مورج مل پنهنجي ڪلس‬
‫جي شاگردن جي شرارتن کان بيزار ٿي پنهنجي ئي‬
‫شاگردن جي هٿن سان اکين تي رومال ٻڌائي ڪلس‬
‫روم جي ڪاري بورڊ کي پنهنجي سهڻي تحرير سان‬
‫سڄو ڀري ڇڏي ٿو ۽ رومال هٽائي شاگردن کي‬
‫مخاطب ٿي چوي ٿو ته اها آهي علم جي ٽين اک‪ ،‬جيڪا‬
‫ٻن اکين جي بند ٿيڻ جي باوجود علم جي طاقت سان‬
‫سجاڳ رهي ٿي‪.‬‬
‫اٺهتر سالن جي استاد مورج مل جي علم جي ٽين‬
‫اک جو ذڪر ان ڪري ياد اچي ويو‪ ،‬تازو سنڌ جي ٽن‬
‫ننڍن شهرن جي تعليمي بورڊن جا جيڪي شاگردن جي‬
‫امتحانن جا نتيجا آڏو آيا آهن‪ ،‬انهن اسان جي انتظاميا يا‬
‫ٻئي ڪنهن اداري کي ڏکارو ڪيو هجي يا نه‪ ،‬ليڪن‬
‫اسان وٽ پريس کان وٺي مائٽن ۽ شاگردن تائين هر‬
‫ماڻهو بحران اندر وڪوڙجي ويو آهي‪ .‬تازو جڏهن ان‬
‫ئي موضوع تي پريس ڪلب ۾ مذاڪرو ڪرايو ويو ته‬
‫اها حقيقت گهڻائيءَ سان طئي ڪئي وئي ته ان سڄي‬
‫صورتحال ۾ اسان جي نوجوان طبقي جو يعني‬
‫شاگردن جو ان بحران ۾ ڪو وڏو عمل دخل ثابت نه‬
‫ٿيو آهي‪ .‬نوجوان طبقي هڪ ‪ Fake‬تعليمي ماحول کي‬
‫نه چاهيندي به ڪافي عرصي کان قبوليت جو درجو‬
‫ڏنو‪ .‬حقيقت هيءَ آهي ته هڪ استاد جي حيثيت ۾‬

‫‪82‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫منهنجو به اهو پڪو ايمان رهيو آهي ۽ ان ڳالهه جو مان‬
‫واضح موقف تعليمي سربراهن آڏو رکندي آئي آهيان ته‬
‫ويڙهاڪ سياست ۽ فورسز جي ٻوساٽيل ماحول ۾‬
‫شاگرد پڙهائي ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪامياب رهيا آهن‪ .‬ان‬
‫ڳڻتي جهڙي صورتحال کي گرفت ۾ آڻڻو آهي‪ .‬منهنجي‬
‫ساٿين کي ياد هوندو ته اهي حقيقتون بيان ڪرڻ تي‬
‫درٻار هال اندر منهنجا مائيڪ بند ڪيا ويندا هئا‪ .‬اهو هڪ‬
‫ذاتي تجربو ۽ واردات آهي‪ ،‬منهنجو عنوان ”امتحانن جا‬
‫تازو آيل نتيجا“ آهي‪ .‬جيڪڏهن مان ائين چوان ته اهي‬
‫نتيجا ائين ئي اچڻا هئا‪ ،‬اسان ڪافي عرصي کان سڀ‬
‫خواهشمند بلڪ منتظر هئاسون‪ ،‬ڪنهن اڻٽر تبديليءَ لءِ‬
‫پر اسان شايد ان بحران مان نڪرڻ جون تياريون نه‬
‫وٺي سگهيا آهيون‪ .‬ان ڪري هينئر سنڌ جا تعليمي ادارا‬
‫۽ نوجوان شاگرد بحران اندر ويڙهجي ويا آهن‪ .‬ڇو ته‬
‫انٽرميڊيٽ جا نتيجا نوجوانن جو مستقبل ۽ آئيندي جو‬
‫اهم موڙ )‪ (Turning Point‬ڪندا آهن‪ .‬ليڪن موجوده‬
‫نتيجن ان سڄي تواز )‪(Balance‬کي ڊانوان ڊول ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫ميڊيڪل ڪاليجز‪ ،‬مهراڻ يونيورسٽي‪ ،‬قائد عوام‬
‫يونيورسٽي‪ ،‬زرعي يونيورسٽي‪ ،‬سنڌ يونيورسٽي ۽‬
‫سڄي سنڌ جا ڊگري ڪاليج انهن نتيجن جي ڪري تمام‬
‫گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ ٿيندا‪ .‬اسان جو مقصد ڪنهن به‬
‫طرح سان ڪاپي ڪلچر جي همت افزائي ڪرڻ نه‬
‫آهي‪ .‬پر جنهن تيزيءَ سان پلننگ ڪئي وئي آهي‪ ،‬ان‬
‫لءِ ضروري آهي ته اوهان نظام کي پهرين پنهنجي‬
‫پيرن تي بيهاريو‪ .‬آهستي آهستي هلڻ سيکاريو‪ ،‬پوءِ‬
‫اوهان کي حق آهي ته تيز تيز هلندا رهو‪ .‬ان کانسواءِ‬
‫سنڌ جي ننڍن شهرن جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾‬
‫ناقابل قبول‬
‫جيڪا صورتحال آهي‪ ،‬نتيجا جيڪي بلڪل‬
‫ِ‬
‫آهن‪ ،‬انهن لءِ تمام گهڻيون ڪمزوريون خود تعليمي‬
‫منصوبا بنديون جوڙيندڙن جي حصي جون آهن‪ ،‬ليڪن‬
‫سڄي ڀوڳنا نوجوان طبقي جي حصي ۾ آئي آهي‪ .‬سڀ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪83‬‬

‫کان پهريون ته اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته تعليم‬
‫جهڙو اهم اسم حڪومت جي ايجنڊا جو ثانوي حصو‬
‫رهيو آهي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو اڄ جي تعليم طبقاتي‬
‫تعليم جي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي‪ .‬سرڪاري‬
‫سرپرستي ۾ هلندڙ تعليمي ادارن ۽ پرائيويٽ‬
‫سرمائيدارن ۽ مالڪن جي ادارن اندر وڏو فرق آهي‪.‬‬
‫ائين کڻي سمجهيو وڃي ته هڪ ماڻهو گهوڙي تي سوار‬
‫آهي ۽ هڪ پيادو آهي‪ .‬ڪيئن مقابلو ڪري سگهندو؟‬
‫هڪ سوال آهي‪ ،‬جنهن جو جواب صرف ۽ صرف‬
‫حڪومتون ئي ڏئي سگهن ٿيون‪ .‬يقينا ا اسان جيڪڏهن‬
‫انساني سماج جي اتهاسي سفر جا ڪي ورق به‬
‫اٿليون ته پيش قدمي ڪري سگهجي ٿي‪ .‬مايوسيءَ‬
‫سان ڀرپور زوال هڪ نئين عروج جي ابتدا ڪري‬
‫سگهي ٿو‪.‬‬
‫تعليم جي سماجي اوليت ۽ استادن جي سماجي‬
‫قدر جو تعين به حڪمران ۽ حڪومتون ئي ڪري‬
‫سگهن ٿيون‪ ،‬اهو سمجهڻ کپي ته هن گلوبلئيزيشن‬
‫جي دؤر ۾ اسان جي بقا جو رستو مادي ضرورتن کان‬
‫سواءِ هنرمند تعليم يافته افرادي قوت ۽ طاقت به آهي‪.‬‬
‫اسان کي تسليم ڪرڻ کپي ته مانوارن استادن جي‬
‫سرپرستيءَ ۾ علم هارائجي ويو آهي‪ .‬ڇو ته ذميداري‬
‫جي نفسيات پيدا ڪرڻ ئي هڪ معلم ۽ دانشور جو‬
‫شان ۽ ذميداري آهي‪ .‬ليڪن اسان جي نصاب ۾ جيڪو‬
‫ورهين کان هڪ ئي سمت )‪ (Direction‬۾سفر ڪري‬
‫رهيو آهي‪ .‬ان نصاب ۾ سکيا ۽ تعليم گلوبلئيزيشن جي‬
‫نالي ۾ ٽڪراءَ واري رستي بيهاريو ويو آهي‪ .‬تعليم‬
‫جنهن نموني سان اسان وٽ هينئر ڏني پئي وڃي اها‬
‫گلوبلئيزيشن وري ٽيڪنالجي جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ ان‬
‫نصاب ۾ سکيا ۽ تربيت جو هڪ اهڙو عمل رکيو ويو‬
‫آهي جنهن ۾ سيکارڻ واري کان وڌيڪ ”سکندڙ“ جو‬
‫عمل وڌيڪ ٿئي ٿو‪ ،‬ليڪن ان جو مقصد اهو نه آهي ته‬
‫”سکندڙ“ سکڻ نٿا چاهين‪،‬ڪ اندرون سنڌ جي علئقن‬

‫‪84‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫۾ ”سکندڙ“ سان جيڪا بنيادي زيادتي آهي‪ .‬اها‬
‫”انگريزي زبان“ جو جوڳو بندوبست نه هئڻ ڪري‬
‫آهي‪ .‬پرائمري تعليم هڪ بنيادي ايڪو )‪(Basic Unit‬‬
‫آهي‪ ،‬سئنسي علم تائين ۽ ڏهين ڪلس ۾ مادري زبانن‬
‫۾ سيکاريا ۽ پڙهايا وڃن ٿا‪ ،‬جڏهن اهوئي شاگرد يا‬
‫شاگردياڻي ڪاليڪن جي اندر داخل ٿين ٿا ته انگريزي‬
‫بلڪل انهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي‪ ،‬غربت جي ڪري‬
‫مائٽ ٽويشن فيون برداشت نٿا ڪري سگهن‪ ،‬ڪنهن به‬
‫حڪومت پنهنجي معاشي ايجنڊا جيان هر سال نئين‬
‫ڪئلنڊر جي خاتمي تي ڪڏهن ويهي ان ڳالهه تي‬
‫سنجيدگي سان سوچيو آهي ته ڪيترا شاگرد پرائمري‬
‫تائين پهتا‪ ،‬ڪيترن وڃي ڏوهن جي دنيا ۾ پناهه ورتي‪.‬‬
‫حڪومت جي تعليم سڀني لءِ )‪ (EFA‬وارو بين القوامي‬
‫پروگرام به ان ڪري ئي تڪميل تي نٿو پهچي سگهي‬
‫جو تعليمي ادارن جي اندر پرائمري اسڪولن جو هڪ‬
‫وڏو تعداد بنيادي سهوليتن کان محروم آهي‪.‬‬
‫‪1999‬ع ۾ ٿيندڙ تحق مطابق پاڪستان ۾ بنيادي‬
‫تعليم جي حالت )‪ (SDPT‬جي نطر ۾ اها آهي ته‬
‫سرڪاري اسڪولن ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن جي هڪڙي‬
‫ايوائيزر ٻڌائي ٿي ته جيئن حڪومت عوام کي تعليم‬
‫جي ڪوالٽي ڏيڻ کان قاصر آهي‪ ،‬ان ڪري عوام‬
‫پرائيويٽ اسڪولن ڏي رخ ڪري رهيو آهي‪ .‬پرائيويٽ‬
‫اسڪول جهنگل جي باهه وانگر ڦهلجي رهيا آهن‪ .‬ان‬
‫کانسواءِ سنڌ جي مجوده تعليم واري وزير انتيا غلم‬
‫علي جو تازو بيان به اهميت جوڳو آهي ته مالي‬
‫گهوٽالي سبب سنڌ سرڪار تعليم اندر نوان اسڪول‬
‫کولڻ لءِ فنڊز ڏيڻ کان لچار آهي‪ .‬ان ڪري مقامي‬
‫ڪميونٽي جي گڏيل شرڪت سان اسڪول کوليا ويندا‪.‬‬
‫منهنجي خيال ۾ ته حڪومت کي سنڌ ۾ اهڙا پرائيويٽ‬
‫اسڪول اندرون سنڌ جي علئقن ۾ کولڻ ان گڏوگڏ‬
‫انهن ادارن ۾ انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم لزمي‬
‫ڪرڻ کپي‪ .‬اهڙي طرح صوبي اندر طبقاتي تعليم جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪85‬‬

‫خاتمي سان گڏوگڏ نوجوان ضرورتمند ۽ گهرجائو‬
‫نوجوانن جي رهنمائي ٿي سگهندي ۽ هو بهتر‬
‫ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهندا ۽ سندن‬
‫تعليمي نقصان جو ازالو ٿي سگهندو‪ Rationale ،‬سان‬
‫سوچڻو پوندو‪ .‬ته علم سائنس ۽ ٽيڪنالجي جي دنيا‬
‫کان اسان وڌيڪ پوئتي نٿا رهي سگهون‪ ،‬موجوده‬
‫گلوبلئيزيشن ۾ اگر ڪي مسئل آهن ته امڪانات جي‬
‫ترقي جا دروازا به کليل آهن‪ .‬هنرمند تعليم يافته‬
‫نوجوان ۽ انهن تي ٿيندڙ خرچ يا سرمايه ڪاري‬
‫اقتصادي قوت جو بنياد آهي‪ .‬ان لءِ اسان کي پرائمري‬
‫يعني بيسڪ يونٽ کان ئي انگريزي زبان لزم ڪرڻي‬
‫پوندي‪ ،‬اها زبان هميشه جديديت ۽ لبرل قدرن جي‬
‫زبان آهي‪ .‬ان زبان ۾ نظرين جي گهٽ ترويج ٿيل آهي‪.‬‬
‫هڪ ٻيو سبب تعليمي تباهي ۽ ان نتيجي ۾ امتحاني‬
‫نتيجن جي بحران جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌ‬
‫جي ڊگري ڪاليجن اندر سائنس ۽ آرٽس جي مضمونن‬
‫جي استادن جي کوٽ آهي‪ .‬ٻين مضمونن جي به‬
‫استادن جي کوٽ ۽ صورتحال بار بار اخبارن ۾ ايندي‬
‫رهي آهي‪ .‬ليڪن بي انتها ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي‬
‫ته جديد دؤر جي نصابي ضرورتن کان به گهڻن ادارن‬
‫کي محروم رکيو ويو آهي‪ .‬ڪمپيوٽر‪ ،‬مئٿميٽڪس‪،‬‬
‫مئنيجمينٽ‪ ،‬ڪامرس ۽ ٻين سائنسي مضمونن جي ان‬
‫ڪري شاگردن کي اجازت نٿي ڏني وڃي جو انهن‬
‫مضمونن جا استاد بلڪل عنقا )گهٽ( آهن ۽ جيڪڏهن‬
‫آهن به ته اهي معيار جي لحاظ کان پنهنجي شاگردن‬
‫کي بلڪل مطمئن نٿا ڪري سگهن‪ .‬ان ڪري ضروري‬
‫آهي ته سنڌ جي استادن جي لءِ باقاعده ٽريننگ جو‬
‫نظام رائج ڪيو وڃي‪ .‬سنڌ جي ڪاليجن جون لئبرريون‬
‫ويران آهن‪ .‬اهو صرف ان جي ڪري جو انهن ادارن‬
‫اندر سالن کان لئبررين مقرر نه ڪيا ويا آهن‪ .‬ان ڪري‬
‫شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪتابن جي نوٽس کان محروم‬
‫رهندا آيا آهن‪ .‬سنڌ يونيورسٽي انتظاميه جديد دؤر جي‬

‫‪86‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ضرورتن پٽاندڙ ڊگري ليول تي هڪ سبجيڪٽ )فزيڪل‬
‫ايجوڪيشن( ڪاليجي شاگردن لءِ نصاب ۾ شامل ڪيو‬
‫آهي‪ .‬ليڪن اندرون سنڌ جي ادارن ۾ ‪ DPE‬يعني‬
‫ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جا استاد به مقرر نه ڪيا‬
‫ويا آهن‪ .‬ان ڪري اسان جو شاگرد ان نعمت کان‬
‫محروم رهيو آهي‪ .‬انهن خامين ۽ ڪمزورين کان علوه‬
‫به درسي ڪتاب ۽ ڪورس تمام پراڻو آهي‪ .‬جيڪو رٿيل‬
‫اصلح جي ضرورت پوري ڪري نٿو سگهي‪ .‬ان کان‬
‫سواءِ رزلٽ جا نتيجا خراب ۽ مايوس ڪن اچڻ جو وڏو‬
‫سبب آهي ته اوچتو شاگردن تي بي انتها سختي ڪري‬
‫انهن کي وائڙو ۽ بدحواس ڪيو ويو‪ .‬وڏن شهرن لءِ‬
‫فورسز جي پاليسي ۽ ڳوٺاڻن علئقن جي امتحاني‬
‫سينٽرن لءِ بلڪل مختلف رهي آهي‪ .‬جيتوڻيڪ تمام تر‬
‫سهولتن جي باوجود به ڪاپي جو ڪلچر ساڳيو ئي‬
‫رهندو آيو آهي‪ .‬انهن ڪمزورين کان علوه به ڏٺو وڃي‬
‫ته اسان وٽ نظام تعليم گهڻو سياسي رهيو آهي‪.‬‬
‫اسڪول کولڻ‪ ،‬استادن جي ڀرتي‪ ،‬استادن جي بدلين‬
‫مقررين ۽ ترقين ۾ سياسي دخل اندازي تمام گهڻي‬
‫رهي آهي‪ .‬انهن سڀني شين ملي ڪري ڪافي عرصي‬
‫کان اسان جي تعليم کي برباد ۽ تباهيءَ جي ڪناري تي‬
‫اچي پهچايو‪ ،‬جنهن جي نتيجي ۾ انٽر ميڊيٽ ۽ مئٽرڪ‬
‫جا نتيجا اسان لءِ سکڻ جو وڏو امتحان کڻي آيا آهن‪.‬‬
‫اسان کي شاگردن جي سکيا لءِ تحقيق‪ ،‬تخليق ۽‬
‫ٽيڪنالجيز جي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لءِ موجوده‬
‫امتحاني نظام ۾ انقلبي تبديليون آڻڻيون پونديون‪.‬‬
‫شريف ڪميشن جي تعليمي رپورٽ ۾ تعليمي‬
‫نظام کي بهتر بنائڻ لءِ امتحانن جي بيروني نظام‬
‫‪ External System‬کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي‬
‫وئي هئي‪ .‬ان تجويز تي عمل ڪرڻ بجاءِ اهو نظام‬
‫اپنايو ويو‪ .‬انهن جا نتيجا اڄ اسان جي آڏو آهن‪.‬‬
‫پاڪستان ۽ ڀارت کان سواءِ دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾‬
‫‪ External System‬رائج نه آهي‪ ،‬اڄ جي امتحاني‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪87‬‬

‫نظام ۾ هڪ گريجوئيٽ جنهن جو تعلق اليڪٽرانڪ سان‬
‫آهي‪ .‬اهو وڊيو ڪلس روم‪ ،‬ٽيليفون يا ‪ E-mail‬ذريعي‬
‫پنهنجي پروفيسر سان رابطي ۾ اچي بغير ڪنهن‬
‫ڪلس ٽيچر جي مدد سان پنهنجيون نصابي ضرورتون‬
‫پوريون ڪري سگهي ٿو‪ .‬عالمي يگانيت يا‬
‫گلوبلئيزيشن ملٽيميڊيا ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪ جي هن دؤر‬
‫۾ تعليم تمام گهڻ رخي ٿي وئي آهي ۽ ڊسڪوري چينل‬
‫۽ لرننگ چينل سکيا لءِ ۾ وقت موجود ٿي ويا آهن‪.‬‬
‫ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وسيلي تعليم ۾ اضافو ٿي رهيو‬
‫آهي‪ .‬ليڪن اسان وٽ اندرون علئقن جي تعليمي‬
‫ادارن ۾ ڪمپيوٽر بند کوکن ۾ پيا آهن‪ .‬جڏهن ته‬
‫سڌريل ملڪن ۾ انهن ماڻهن کي به لٽريسي ريٽ ۾‬
‫شامل نٿو ڪيو وڃي جن کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ نه‬
‫آهي‪ .‬اسان جي موجوده تعليمي سربراهن کي تعليمي‬
‫ادارن اندر ڊسٽرڪٽ ليول تي ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۽‬
‫انٽرنيٽ جي سهوليتن ۽ استعمال کي مهيا ڪري ڏيڻو‬
‫پوندو ته جيئن ملڪ جي نوجوان مستقبل جي معمارن‬
‫کي مهارت‪ ،‬هنر ۽ رهنمائي ملي سگهي‪ .‬اسان جي‬
‫پاڙيسري ملڪ وٽ ته پنهنجا مواصلتي شعبا ٽيليويزن‬
‫جا سوين چينل ۽ ٽيليفون جي سهولت گهڻي ڀاڱي عوام‬
‫کي ميسر آهي‪ .‬ڀارت جو هڪ شهر بنگلور دنيا جي‬
‫ڇهن سائيبر سٽيز ۾ شامل آهي‪ .‬آخر ۾ مان اهوئي‬
‫محسوس ڪرائيندي هلنديس ته اسان عالمي برادريءَ‬
‫جو حصو آهيون‪ ،‬عالمي مسئلن ۽ ضرورتن کان ڪٽجي‬
‫نٿا سگهون‪ .‬اسان جون حڪومتون اڄ مغربي دنيا سان‬
‫اشتراڪ ڪرڻ تي مجبور آهن‪ ،‬ڪيئن به آهي ڪجهه به‬
‫هجي‪ .‬اسين عالمي شعور جو هڪ حصو آهيون‪.‬‬
‫گلوبلئيزيشن جا تاريخي سفر ۾ چار دؤر رهيا آهن‪ .‬اڄ‬
‫اسان سرمائيداري جي چوٿين دؤر جي پهرين حصي ۾‬
‫اچي پهتا آهيون ۽ هيءُ دؤر ڪمپيوٽر ۽ مائڪرو چپس‬
‫جو دؤر آهي ۽ انهن ئي علمتن ۽ اطلعاتي وسيلن جي‬
‫سسي هڪ عالمي ڳوٺ بڻجي وئي آهي‪.‬‬
‫ڪري دنيا ُ‬

‫‪88‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫هيءُ دؤر به سرمائيداري جي ئي شڪل آهي‪ .‬ليڪن‬
‫ڄاڻ جو دؤر آهي ان ڪري اسان کي تعليم تي وڌيڪ‬
‫سرمائيڪاري ڪري تعليمي شڪست کي شعوري‬
‫طاقت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو‪ .‬معاشي مارڪيٽ شيئرز ۾‬
‫تعليمي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي ”تعليمي شيئرز“ وڌ ۾‬
‫وڌ محفوظ ڪرڻا پوندا‪ .‬گلوبلئيزيشن جو عمل سامراج‬
‫جي نئين شڪل آهي‪ .‬اقتصاد سامراج ترقي پذير‬
‫ملڪن اندر پيدا وار جي ذريعن تي قبضو‪ ،‬آزاد معيشت‪،‬‬
‫زراعت جي تباهي‪ ،‬نجي جيلن جا ڊراما‪ ،‬آزاد منڊي جي‬
‫معيشت‪ ،‬گلوبلئيزيشن جي ضرورتن جون تقاضائون‬
‫آهن‪ .‬ان گلوبلئيزيشن سان اسان جهڙن غريبن‬
‫معاشرن جو ڪوبه فائدو نظر نٿو اچي‪ .‬ڇو ته اهائي‬
‫اقتصادي گلوبلئيزيشن بدلجي سياسي غلبي ۾ تبديل‬
‫ٿي سگهي ٿي‪ .‬انسان دوست دنيا جو خواب‬
‫گلوبلئيزيشن بدلجي سياسي غلبي ۾ تبديل ٿي سگهيا‬
‫ٿي‪ .‬انسان دوست دنيا جو خواب گلوبلئيزيشن جي‬
‫ايجنڊا تي هرگز نه آهي‪ .‬گلوبلئيزيشن سرمائيداري جي‬
‫جديد شڪل آهي‪ .‬جيڪا تاريخ جي ٽن مرحلن مان‬
‫گذري موجوده شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي‪ .‬پهريون‬
‫دؤر ‪1492‬ع کان ‪1789‬ع تائين جاري رهيو‪ .‬ان دؤر ۾‬
‫نيون کوجنائون ۽ فتحون شامل آهي‪ .‬ان دؤر ۾‬
‫سرمائيداري يورپي جاگيردارن وٽان آئي جا آهستي‬
‫وڌندي ويئي ان دؤر ۾ ڪولمبس آمريڪا تائين پهتو‪ ،‬اهو‬
‫دؤر جائز ۽ ناجائز دولت ميڙڻ جو آهي‪ ،‬ان کان پوءِ ٻيو‬
‫دؤر صنعتي سرمائي جو وجود آهي‪ .‬ان دؤر ۾ قومي‬
‫رياستون تشڪيل ٿيون‪ .‬انقلب فرانس ۽ انگلستان جو‬
‫ارڙهين صديءَ جو صنعتي انقلب علمتي طور ٻڌندا ۽‬
‫پيش ڪندا آهيون‪ .‬اسان جو سڄو نظام تعليم سميت‬
‫ڪمزور ٿي ويو‪ ،‬جيڪي به تعليمي پاليسيون ٺاهيون‬
‫ويون‪ ،‬اهي تعليمي ماهرن نه بلڪه بيوروڪريٽ‬
‫عملدارن حڪومتن جي خواهش مطابق ترتيب ڏنيون‪،‬‬
‫جن کي ڪوبه آئيني تحفظ مهيا نه ڪيو ويو‪ ،‬حڪومتن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪89‬‬

‫جي ڊهڻ سان پاليسيون به ڊهي پٽ ٿينديون رهيون‬
‫آهن‪ .‬ترقي پذير ملڪن جو عوام غريب ۽ مقروض ٿيندو‬
‫ويو‪ .‬ليڪن حاڪم اشرافيه امير کان امير تر ٿيندي‬
‫وئي‪ .‬انهن سڀني تلخ حقيقتن جي باوجود اسان کي‬
‫سائنس جي تعليم ۽ ٽيڪنالجيز جي علم کي مغربي‬
‫دنيا جي مدد ۽ اشتراڪ سان ئي سکڻو پوندو‪ .‬ان‬
‫اشتراڪ سان اسان صرف حاصلت ئي نه ڪري‬
‫سگهنداسون‪ ،‬بلڪ ڪجهه نه ڪجهه وڃائڻ جا امڪانات‬
‫به آهن‪ .‬ليڪن هنرمند تعليم يافته افرادي قوت پيدا‬
‫ڪرڻ بي انتها ضروري آهي‪ ،‬ان کانسواءِ اسان جديد‬
‫دؤر سان قدم قدم ۾ ملئي هلي نٿا سگهون‪.‬‬

‫‪90‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪ 21‬صدي ۽ سنڌ جو نوجوان‬

‫منهنجو ايمان آهي ته ڪنهن به ناانصافي واري‬
‫ماحول کي غلط سمجهڻ ۽ ان جي جاءِ تي سڀاڻي جي‬
‫سوچ جي ڳالهه ڪرڻ‪ ،‬احتساب ۽ تنقيد لءِ پنهنجو پاڻ‬
‫کي رضاڪرانه طور تي پيش ڪرڻ جو نالو ئي انقلب‬
‫يا تبديليءَ واري سوچ ۽ عمل آهي ۽ جڏهن اهو عمل‪،‬‬
‫اها شروعات نوجوان طبقي کان شروع ٿئي ٿي ته‬
‫اسان سڀني هتي ويٺلن ۽ اسان جي قوم کي مايوس‬
‫ٿيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي‪ ،‬ان ڪري جو نوجوان‬
‫طبقو ئي قوم جو ضمير هوندو آهي‪ .‬اگر اسان ويهين‬
‫صديءَ جي پسمنظر ۾ ڏسون ته اسان کي فخر سان‬
‫چوڻو پوندو ته اڄ اسان جو نوجوان بالغ‪ ،‬ذهين ۽‬
‫باشعور آهي‪ .‬هيءُ طبقو اڄ عالمي سطح تي صرف‬
‫تصور يا خيال نه آهي‪ .‬بلڪ تاريخ جي حقيقت جيان‬
‫موجود آهي‪ .‬اٽل آهي‪ ،‬ڪار فرما آهي‪ ،‬سرگرم ۽‬
‫اثرانداز آهي‪ .‬نوجوان طبقو اڄ لوٽن ۽ لومڙن‪ ،‬گدڙن‬
‫وانگر يا سوئرن ۽ تترن جي شڪار جيان‪ ،‬تماشبين يا‬
‫شڪار ٿيڻ لءِ تيار هرگز نه آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ‬
‫نوجوان طبقي کي جيڪا ضرورت ۽ چئلينج آڏو رهيو‬
‫آهي‪ ،‬اهو آهي قوم جي دانشور طبقي يا بزرگن جي‬
‫کين رهنمائي جو فقدان‪.‬‬
‫عبادت کان سياست تائين اسان عمل جا قائل‬
‫آهيون‪ .‬گروهي سياست يا تضادن کان بالتر ٿي نوجوان‬
‫طبقي کي رهنمائي مهيا ڪرڻ قوم جي سڀني ڏاهن‪،‬‬
‫دانشورن‪ ،‬استادن‪ ،‬وڪيلن‪ ،‬صحافين خود سياسي‬
‫جماعتن جو هيءُ اولين فرض آهي ته هو سماجي‬
‫تعمير ۾ انفرادي نيڪ نيتيءَ بجاءِ اجتماعي طور گڏجي‬
‫رڪاوٽن کي دور ڪرڻ ۾ هٿ وڌائين‪ ،‬تهمت پرستي‪،‬‬
‫عقيدي پرستي‪ ،‬اٻهرائي ۽ نعري بازي وارو رستو ڇڏي‬
‫ڏيون‪ ،‬ايشيا‪ ،‬آفريقا ۽ لطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪91‬‬

‫ملڪن ۾ دانشور طبقو ”رهنمائي“ ڪري ٿو‪ .‬جن‬
‫قومن ۾ مزدور طبقو نه هوندو آهي يا سياسي طرح‬
‫ڪمزور هوندو آهي‪ ،‬اتي دانشور مزدورن‪ ،‬هارين‪،‬‬
‫شاگردن ۽ وچولي طبقي سان گڏ جمهوري اڳواڻي ڪن‬
‫ٿا ڇو ته اهو طبقو نهايت باعمل‪ ،‬متحرڪ ۽ پڙهيل هئڻ‬
‫ڪري دنيا جي انقلبن ۽ جديد سائنسي واٽن کان واقف‬
‫هوندو آهي‪ ،‬اهو مڃڻو پوندو ته اسان پنهنجي نوجوان‬
‫طبقي لءِ ڪابه قرباني نه ڏئي سگهيا آهيون‪ ،‬صرف‬
‫پنهنجي ڪردارن جي عظمت کي وڌائي پيش ڪندا‬
‫رهيا آهيون‪ .‬ڪيترن ئي نوجوانن کي درست رهنمائي نه‬
‫هئڻ ڪري انهن کي گمراهيءَ واري راهه ڏانهن ڌڪيو‬
‫ويو آهي‪ .‬صرف تنقيد جيڪا سماجي ۽ سائنسي اصولن‬
‫کان بالتر هوندي‪ ،‬ان تنقيد جو اثر بي جا ۽ بي اثر‬
‫ٿيندو‪ .‬ان سان دشمني ۽ دوري ٿي ويندي‪ ،‬اهو به ياد‬
‫رکڻ گهرجي ته جنهن نسل ۾ بزرگن جو پگهر ۽ محنت‬
‫موجود نه هجي‪ ،‬اتي بداعتمادي وارو ڪلچر کين ئي‬
‫نقصان پهچائيندو‪ .‬جيڪڏهن اسان جو شمار بزرگن ۾‬
‫آهي ته اسان کي مڃڻو پوندو ته اسان پنهنجي ان‬
‫نوجوان طاقت ۽ نسل کي ڪابه تعليمي ۽ سياسي‬
‫رهنمائي مهيا ڪري نه سگهيا آهيون ۽ ”جنريشن گيپ“‬
‫جو درآمد ٿيل لفظ ۽ جملو ڪتب آڻي ان ”طاقت“ کي‬
‫پنهنجو پاڻ کان پري ۽ ‪ Filter‬ڪري ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫دوستو! اوهان اطمينان رکو ته ايڪويهين صديءَ ۾‬
‫اوهان جو شعور عالمي وائي منڊل ۾ بهترين تعليم ۽‬
‫تربيت سان وابسته آهي‪ ،‬دهشتگردي ڪنهن به مسئلي‬
‫جو حل نه آهي‪ ،‬هٿياربند جدوجهد يا پرامن آئيني‬
‫جدوجهد‪ ،‬هٿيارن ۽ آئيني طريقن جي ميلپ واري‬
‫جدوجهد دنيا جون مقبول ترين ۽ علمي ”تحريڪون“‬
‫ضرور رهيون آهن‪ ،‬پر سنڌ ۽ سنڌ واسين جي پراڻي‬
‫تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان لءِ ڪامياب‪ ،‬وقتائتي‪ ،‬مڃيل‪،‬‬
‫آفاقي حقيقت صرف ۽ صرف ”علمي تحريڪ“‬
‫مناسب‪ ،‬موزون ۽ ڪامياب رهندي‪ .‬حقيقي دشمنن ۽‬

‫‪92‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫دوستن جو تعين ڪرڻ اسان لءِ لزمي عنصر آهي ۽ ان‬
‫ئي انقلبي سائنس جي روشني ۾ صحيح دڳ ۽ رستو‬
‫اختيار ڪري ڪيتريون ئي قومون‪ ،‬تخليقي انداز ۾‬
‫تعليمي ماحول‪ ،‬علم ادب‪ ،‬سياست ۽ سائنس جا اهي‬
‫تجربا ۽ حاصلت مظلوم قومن تائين اجتماعي ورثي‬
‫طور پهچائي رهيون آهن‪ ،‬ڇو ته موجوده دؤر ۾ انهن‬
‫کي مخصوص سرحدن اندر محدود نٿو ڪري سگهجي‪.‬‬
‫ياد رکو ته انقلب لءِ هر قوم جون روايتون ۽ مزاج‬
‫ڌار ڌار آهن‪1976 .‬ع کان پاڪستان ۾ قديم آثارن تي‬
‫تحقيق ڪندڙ هڪ آمريڪي آرڪيالجسٽ پنهنجي‬
‫کوجنائن ذريعي اهو ثابت ڪيو ۽ چيو ته ”قديم سنڌو‬
‫ماٿري جي تهذيب جي آثارن مان هٿيار نه مليا آهن‪.‬و‬
‫انڪري اڄ آمريڪي ماهر به چون ٿا ته هيءَ اڪيلي‬
‫تهذيب آهي‪ ،‬جنهن امن ۽ شانتي جي بنياد تي اوسر ۽‬
‫ترقي ڪئي‪ ،‬ثابت ٿيو ته جڏهن سنڌين پنهنجي تهذيب‬
‫پئي جوڙي‪ ،‬تڏهن دنيا جو وڏو حصو وحشي طريقن‬
‫سان زندگي گذاري رهيو هو‪ ،‬تڏهن امن پسنديءَ جي‬
‫حوالي سان سنڌي اڪيلي قوم ئي هئي‪ ،‬آهي ۽ رهندي‬
‫ان ڪري جڏهن اسان کي اسان جي نوجوانن کي انهن‬
‫جي مزاج ۽ تهذيب تمدن جي خلف هٿيار هٿ چڙهي‬
‫ويا ته ڇا ٿيو؟ تاريخ ويجهڙائي واري اوهان جي آڏو‬
‫آهي‪ ،‬ته بجاءِ سنڌ جيجل جي اصلي دشمنن سان‬
‫ويڙهه ۽ مزاحمت جي‪ ،‬اسان پهرين نشانو پنهنجا پاڻ‬
‫ٿياسون ۽ اڃا تائين آهيون‪ ،‬ان ڪري منهنجو ۽ اسان جو‬
‫ايمان آهي ته اسان ترقي جي سموري پيچرن کان‬
‫ڪٽيل آهيون‪ ،‬اسان ”بي پناهه“ آهيون ۽ اهي ”بيپناهه“‬
‫آهيون‪ ،‬جن کي ڪابه تلوار ڪٽي نٿي سگهي‪ ،‬ڇا ڇا نه‬
‫ٿيو آهي‪ ،‬پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ڪيترا ڊراما‬
‫”نظريه پاڪستان“ جي نالي تي رچايا ويا آهن‪ ،‬انهن‬
‫اسان جي عالمن‪ ،‬اديبن‪ ،‬حڪمرانن ۽ شاگرد جدوجهد‬
‫کي گمان ۽ شڪ جي نگاهن جو نشانو بڻائي‪ ،‬سنڌ جي‬
‫تعليمي نظام کي تباهه ڪرڻ لءِ سنڌي شاگردن کي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪93‬‬

‫پاڻ ۾ ويڙهايو ويو ۽ شاگرد سياست ۾ شياءُ الحق‬
‫افغانستان پاليسيءَ وسيلي گن ڪلچر ۽ ڪلشنڪوف‬
‫ڪلچر وارو ماحول پيدا ڪيو‪ ،‬پر اڄ به اسان ايتر ته‬
‫”بي پناهه“ آهيون‪ ،‬جو اصول پسنديءَ جا زوردار دليل‬
‫اسان وٽ ئي پنهنجي تهذيب جي حوالي سان محفوظ‬
‫آهن‪ ،‬تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ويندڙ تاريخ نه بلڪ اها‬
‫تاريخ جيڪا معاشري ۾ ورهايل وڇڙيل ماڻهن جي‬
‫ملئڻ جو ڪم ڪري هم آهنگي پيدا ڪري‪ ،‬امن آشتيءَ‬
‫سان رهڻ ڏي اڄ به ان جا پرچاري آهيون‪.‬‬
‫معاشري ۾ علم ۽ علم جي ڪابه شاخ ان وقت‬
‫مقبول ٿيندي‪ ،‬ان جو لڀ ان وقت ملندو‪ ،‬جڏهن‬
‫اعلي تعليم‬
‫نوجوان ان علم جي حاصلت لءِ ان فڪر ۽‬
‫ٰ‬
‫جي حصول لءِ پنهنجو پاڻ وقتف ڪندا‪ ،‬بقول‬
‫عبدالواحد آريسر جي ته ”علم عبادت کان وڌيڪ آهي‪،‬‬
‫ڇو ته علم خداوند ڪريم جي صفت آهي“‪ ،‬عبادت خدا‬
‫جي صفت نه آهي‪ ،‬ان ڪري علم کي وڌڻ ويجهڻ ۽‬
‫همه گير ٿيڻ ۽ ڪرڻ لءِ اهو ضروري آهي ته اهو‬
‫پابندين کان آزاد هجي پوءِ اهي پابنديون سماجي‪،‬‬
‫معاشي يا مذهبي هجن‪ ،‬علم جي ان همه گيريءَ لءِ‬
‫ضريوري آهي ته ان کي بامقصد ۽ سستو بڻايو وڃي‪.‬‬
‫اها حقيقت آهي ته اسان جي صوبي ۾ تعليم صرف‬
‫مهراڻ انجنيئرنگ ۾ ئي ”سيلف فنانسنگ“ وسيلي نه‬
‫پئي راڄ ڪري بلڪ صورتحال ان کان به وڌيڪ اڳتي‬
‫وڌي رهي آهي‪ ،‬پرائمري کان ڪاليج تائين تعليم جا‬
‫اهي ننڍا ننڍا ڪم يا ضرورتون جيڪي سرڪار کي پاڻ‬
‫ڪرڻ کپن‪ .‬ڇو ته ”تعليم حق آهي‪ ،‬رعايت نه آهي“‬
‫وارو نعرو پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويو آهي‪ .‬سياسي‬
‫جماعت جي ڪنهن رديءَ واري ٽوڪري ۾ يا ”شاگرد‬
‫يونين“ تي پابندي قبول ڪرڻ واري عمل ۾ ورنه‬
‫صورتحال فنڊز نه هئڻ جي ڪري وڌيڪ ڏکي ٿيندي پئي‬
‫وڃي‪ ،‬ڪنهن غريب والدين جا ڪي هڪ ٻه ٻار ئي تعليم‬
‫حاصل ڪري سگهندا‪ .‬ڇو ته آهستي آهستي ”تعليمي‬

‫‪94‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ادارن“ جي بجيٽ جي خساري کي به شاگردن وسيلي‬
‫ئي پورو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي وين آهن‪،‬‬
‫جڏهن ته صورتحال اها ٻڌائي ٿي وڃي ته انسان جي‬
‫ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جو سبب صرف علم پرائڻ ۽ سکيا‬
‫وٺڻ ئي آهي ۽ اها مڃيل حقيقت به آهي ته انسان جي‬
‫سماجي ترقي جو دارومدار علم پرائڻ تي آهي‪ .‬علم‬
‫سان بهتر اهل قيادت پيدا ٿيندي ايشيا‪ ،‬آفريڪا ۽‬
‫لطيني آمريڪا جي قومن غلميءَ جا زنجير تعليم‬
‫وسيلي ٽوڙيا‪ ،‬گهٽ پڙهيل چونڊيل نمائندا پنهنجي‬
‫محدود علم ڪري رٿابندي ۽ ترقيءَ جي پهچ کان واقف‬
‫نه هوندا‪ ،‬نتيجو اهو ٿيندو جو عوام جمهوريت مان بيزار‬
‫ٿي ويندو‪ ،‬اسان کي سياسي ۽ معاشي انقلب جي‬
‫ضرورت آهي ۽ ان لءِ انقلبي ذهن نوجوان ۽ انهن‬
‫نوجوانن تي مشتمل ٽيمون تيار ٿيڻ کپن‪ ،‬جيڪي‬
‫ايڪيهين صديءَ ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ مشڪلتن جو‬
‫مقابلو ڪري قومي سرخروئي حاصل ڪن‪ .‬ان لءِ‬
‫ضروري آهي ته ٻين قومن جيان پنهنجا خانگي ادارا‬
‫قائم ڪيون‪ ،‬ڇو ته ديس جي تعليمي ترقي‪ ،‬امن ۽‬
‫خوشحالي هر جوان نر ۽ ناريءَ جي ذميداري آهي‪ ،‬ان‬
‫جوابداريءَ کان اسان جي سگهه وارا سرمائيدار‬
‫منتخب نمائندا ۽ دانشور آجا ٿي نٿا سگهن‪ ،‬هڪ ٻي‬
‫حقيقت جيڪا سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن کي‬
‫تسليم ڪرڻي آهي‪ ،‬اها هيءَ ته اسان پنهنجي عورت‬
‫کي ڍڳي ڍورن وانگر سمجهڻ ڇڏي ڏيون‪ ،‬ٻارن ڄڻڻ‬
‫جي مشين وارو تصور هن دور جي معروضي حالتن‬
‫جي ابتڙ آهي‪ ،‬نياڻين کي اثرائتي تعليم لءِ سنڌ جي مرد‬
‫۽ نوجوانن کي پنهنجي روين ۽ روايتن ۾ انقلب آڻي‪ ،‬ان‬
‫ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ڪوبه سماج عورت‬
‫جي تعاون ۽ تعليم کان سواءِ تڪڙو سماجي ترقي نه‬
‫ڪري سگهندو‪ ،‬اهو عمل ۽ سوچ کڻي ڪيتري به اڻ‬
‫وڻندڙ محسوس ٿئي‪ ،‬ليڪن ان سچائيءَ کي عقلي‬
‫قبوليت ايڪيهين صديءَ جي وڏي ۾ وڏي ضرورت آهي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪95‬‬

‫ڪو زمانو هو جڏهن پٽ جي اولد کي ماڻهو ٻڍڙائپ جو‬
‫ڀرجهلو سمجهندا هئا ۽ ان جون پنهنجون سڀ‬
‫صلحيتون دولت پٽ جي تعليم ۽ تربيت لءِ وقف ڪندا‬
‫هئا‪ ،‬پر هاڻي اهو ”قدر“ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو‪ ،‬اگر‬
‫عورت کي مسلسل سوچڻ ۽ تعليم جي ذهني معاشي‬
‫آزادي ڏني وڃي ته هو پنهنجي گهر ۾ والدين لءِ پٽ‬
‫کان وڌيڪ سهارو بڻجي سگهي ٿي‪ ،‬چين دنيا جي گولي‬
‫تي واحد ملڪ آهي‪ ،‬جنهن جي هڪ ڳوٺ ۾ عورتن ٻيو‬
‫ٻار ڄڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي‪ ،‬چين جي هارياڻي‬
‫عورت جو چوڻ آهي ته ”اولد ته بيوفائي ڪري ٿو‪ ،‬پر‬
‫دولت پيري ۾ بي وفائي نٿي ڪري سگهي“ منهنجو‬
‫مقصد هتي تعليم کي دولت حاصل ڪرڻ جو ذريعو‬
‫سمجهڻ يا لکڻ نه آهي‪ ،‬پر حاصل مقصد هيءُ ضرور‬
‫آهي ته موجوده دؤر ۾ اهو اسان جو مذهبي ۽ قومي‬
‫فرض آهي ته معاشي طرح سان هر ماڻهو عورت ۽‬
‫مرد ٻنهي کي ايترو مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻو آهي ته‬
‫جيئن اولد يعني نئين نسل جي تعليمي اخلقي ۽‬
‫جسماني تربيت مڪمل ٿيڻ کپي ته جيئن نوجوان‬
‫صحتمند نسل ايڪيهين صديءَ جي تقاضائن کي پورو‬
‫ڪري سگهي‪ .‬ان لءِ سازشن ۽ روايتن جي ڄار مان‬
‫سنڌي نياڻيءَ کي سنڌ جي نوجوان کي آزاد ڪرڻو‬
‫پوندو‪ .‬نه ته هو ”قومي ڏوهاري“ ليکيا ويندا‪.‬‬
‫ه ڳالهڙي لهي ويا‬
‫” ُ‬
‫سڻي ساڻيه َ‬
‫ه‪،‬‬
‫لوه َ‬
‫ه‪ ،‬لٿا ڏک‪ ،‬سک ٿئا‪.‬‬
‫اندوه‬
‫جا‬
‫اندر‬
‫َ‬
‫)شاهه(‬
‫ان کان سواءِ جيئن ته سنڌي قوم معاشي طرح‬
‫سان مستحڪم نه آهي گهڻي قدر سرڪاري نوڪرين‬
‫تي مشتمل طبقو گهڻي تعداد ۾ نه صرف موجود آهي‪،‬‬
‫بلڪه اڃا به سرڪاري نوڪرين پويان ڪيترا نوجوان‬
‫پڙهيل لکيل ڊگريون کڻي پريشان حال گهمندا وتن‪،‬‬

‫‪96‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪري ننڍيون ننڍيون‬
‫ملزمتون ماڻڻ يا حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو نفسياتي‬
‫طرح غير مطمئن نظر اچن ٿا‪ .‬ان ڪري اسان کي هڪ‬
‫معاشي انقلب آڻڻ ۽ پنهنجي ذهن کي تبديل ڪرڻ ۽‬
‫فوري طور تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي‪ .‬سنڌ جو‬
‫وچولو طبقو ان ڪري به نٿو اُسري سگهي‪ .‬پنهنجي ان‬
‫نسل کي ”ڊي جنريٽ“ ٿيڻ کان بچائڻ لءِ سنڌ ۾‬
‫نوجوان کي ”ٽريڊ ۽ مرڪنٽائل ڪلچر“ طرف راغب‬
‫ٿيڻو پوندو‪ .‬ان حقيقت پسنديءَ واري فلسفي تي عمل‬
‫ڪندي‪ ،‬ان جا اثر اسان کي سياسي‪ ،‬معاشي‪،‬‬
‫معاشرتي‪ ،‬اقتصادي ۽ نظرياتي هر سطح تي نمودار‬
‫ٿيندي ۽ واضح طور نظر ايندي‪ .‬اسان کي پنهنجي‬
‫پراڻين سوچن ۽ خواهشن تي جبر ڪرڻو پوندو ۽ جڏهن‬
‫اسان خواهشن جي جبريت منجهان آزاد ٿينداسون ته‬
‫اسان ذهني طور تي پنهنجو پاڻ کي بلڪل آزاد ۽ باعزم‬
‫سمجهڻ ۾ حق بجانب هونداسون‪.‬‬
‫ڪلپنائون ڏاڍيون سهڻيون‪ ،‬ڏک ۽ خوشي ڏيندڙ‬
‫هونديون آهن‪ ،‬ليڪن ماڻهو اڻ پوريون ڪلپنائن جي آڌار‬
‫تي ڪيستائين زندهه رهندا‪ .‬اداسين‪ ،‬نراسائين ۽‬
‫محرومين اسان جي عوام کي هيڪلو ۽ ڪمزور ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪ ،‬ان ڪري اچو ته اجتماعي زندگين کي‬
‫خودڪشين کان بچايون‪ ،‬انهن روايتن ۽ بنيادن کي‬
‫مضبوطيءَ سان تعمير ڪيون ته جيئن نئين نظام جي‬
‫عمارت تعمير ٿي سگهي‪” ،‬اشوپاليڪٽس“ اها آهي ته‬
‫پندرهن يا ويهه هزار رپيا سنڌي ماستريءَ لءِ رشوت‬
‫ڏيون ۽ پوءِ سنڌي ڌاڙيلن کان به وڌيڪ قومي ڏوهاري‬
‫بڻجي گهر ويٺي حرام جي پگهار کڻون‪ .‬بهتر اهو آهي ته‬
‫موجوده حڪومت جي ”يوٿ انويسٽيمينٽ“ پاليسيءَ‬
‫مان فائدو وٺي ننڍا ننڍا قرض کڻي ننڍا ننڍا ڪاروبار‬
‫شروع ڪيون‪ .‬اهڙيءَ طرح پنهنجي عورتن کي به گهر‬
‫ويٺي مقامي ضرورت مطابق ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾‬
‫انهن جو هٿ ونڊايون‪ ،‬اسان وٽ ”ڪوآپريٽو هائوسنگ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪97‬‬

‫سوسائٽيز“ ته گهڻيون ئي آهن ۽ انهن جا بنياد به ملن‬
‫ٿا‪ ،‬ليڪن ”ڪاروباري ڪلچر“ ۾ اڄ جي جديد دؤر ۾‬
‫ڪوآپريٽو سوسائٽيز انتهائي وقتائتو قدم ٿيندو‪ .‬اگر‬
‫اسان جا نوجوان گروپ بازي ۽ مفادپرستي ڇڏي‬
‫ڪاروباري طور تي گڏجي ننڍيون ننڍيون ڪوآپريٽو‬
‫سوسائٽيز ٺاهي ڳوٺن جي اندر ڪاروبار شروع ڪن ته‬
‫معاشي طور تي پاڻڀرا ٿيندا ۽ وڌيڪ لڀ حاصل ڪندا‪،‬‬
‫نوجوانن کي گُهرجي ته هو حڪومت کان ان ڳالهه جو‬
‫مطالبو ڪن ته شهرن لءِ الڳ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين لءِ‬
‫”رورل بيسڊ“ انڊسٽري واري ڪلچر جي ابتدا ڪري يا‬
‫”ايگروبيسڊ انڊسٽري“ لءِ آسان قرض وياج تي‬
‫نوجوانن کي ڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ”ڪوآپريٽو‬
‫سوسائٽيز“ ٺاهي پاڻ مقامي ضرورتن مطابق ڪارخانا‬
‫هڻن‪ .‬اهڙي طرح سرڪاري نوڪرين تي زوران زور‬
‫گهٽ ٿي ويندي‪ ،‬ان کان سواءِ هڪ آخري ڳالهه جيڪا‬
‫تمام اهم آهي نوجوان جي حوالي سان‪ ،‬اها هيءَ ته‬
‫انقلب يا ڪا اصلحي تحريڪ اڪثريتون شروع نه‬
‫ڪنديون آهن‪ ،‬تبديلي يا انقلب جي ابتدا چند باهمت‬
‫تربيت يافته ۽ ڪنهن نظريي سان منسلڪ چند نوجوان‬
‫يا اقليتي فورس شروع ڪندا آهن‪ .‬آمريڪي انقلب جي‬
‫ابتدا س) کن ماڻهن ڪئي‪ ،‬پوءِ انهن کي اڪثريت جي‬
‫تائيد ملي‪ ،‬صرف تيرهن رياستن آمريڪا جو بنياد وڌو‪،‬‬
‫جيڪو وڌندي ‪ 52‬رياستن تائين پهتو آهي‪.‬‬
‫فرانس جو انقلب پيرس جي پورهيت عورتن‬
‫طرفان ‪ Versaines‬جي محلت تي ڪاهه سان شروع‬
‫ٿيو‪ ،‬برما‪ ،‬ملئيشيا‪ ،‬انڊونيشيا‪ ،‬ويٽنام‪ ،‬ڪمبوڊيا ۽ لئوس‬
‫مان هر هڪ ملڪ جي آزادي هڪ مختصر انقلبي‬
‫پارٽي جي رهنمائي هي) حاصل ڪئي‪ ،‬اهڙي طرح‬
‫عوام دوست انقلب جي شروعات عوام جي سياسي‬
‫تعليم وسيلي ئي ممڪن ٿي سگهندي آهي‪ ،‬عوام کي ۽‬
‫نوجوانن کي سياست جي ڄاڻ نه هوندي ته ملڪ ۾‬
‫آيل انقلب اوپرو ۽ اجايو محسوس ٿيندو‪ ،‬ان ڪري‬

‫‪98‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اسان جي قوم جي نوجوانن تي اها تنقيد بيجا ۽ بنيادي‬
‫طور غلط آهي ته سنڌي سوسائٽي صرف سياست‬
‫ڪرڻ ڄاڻي ٿي يا تباهيءَ جو ڪارڻ شاگرد سياست‬
‫آهي‪ ،‬مان ڪڏهن به ان ڳالهه سان سهمت نه رهي‬
‫آهيان‪ ،‬اها تنقيد يڪ طرفي آهي‪ ،‬اهي قومي ڏوهاري‬
‫آهن‪ ،‬جيڪي حڪمرانن جي خطائن جا سزا وارا قوم‬
‫جي نوجوانن کي قرار ڏين ٿا‪ .‬ملڪ جي غير جمهوريت‬
‫عوام جي ناپسنديده ۽ سرمايه دار ذهن رکندڙ‬
‫حڪمرانن عالمي طور تي مڃيل دهشتگردن کي سنڌ‬
‫۾ آڻي پنهنجي غنڊن ذريعي شاگرد سياست کي بدنام‬
‫ڪيو آهي‪ ،‬اسان وٽ صرف شاگرد طبقو ئي آهي‪،‬‬
‫جيڪو سنڌ جو ڪيس پنهنجو ريٽو نوجوان خون ڏئي‬
‫وڙهيو آهي‪.‬‬
‫”ڪوڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي‪ ،‬ٿا زلف ڇڪين زنجير‬
‫جا“‪.‬‬
‫سنڌ جي قومي ۽ جمهوريتي حقن جي ويڙهه کي‬
‫اڳتي وڌائڻ ۾ جيترو جوکم سنڌي شاگردن کنيو آهي‪،‬‬
‫جيتريون قربانيون انهن ڏنيون آهن‪ ،‬اگر سنڌي سماج‬
‫جا ٻيا گروهه ۽ طبقا پنهنجو پنهنجو ڪردار ۽ قرباني ڏين‬
‫ها ته اسان اڄ هڪ ترقي يافته آزاد سنڌ واري نقشي ۾‬
‫فٽ رهون ها‪ .‬شاگردن جي مختلف دورن ۾ ڪيل‬
‫مختلف تحريڪن ڪراچي جي سنڌ کان علحدگيءَ ‪-4‬‬
‫مارچ واري جدوجهد‪ ،‬ايم‪.‬آر‪.‬ڊي جي تحريڪ ۾ نوجوانن‬
‫جو ڪردار اُهي سڀ بهادرانه ويڙهيون آهن‪ ،‬جيڪي‬
‫ڪنهن ذاتي مفاد يا ڪنهن للچ اچي ڪونه وڙهيون‬
‫ويون‪ ،‬سنڌي شاگردن کي انهن تحريڪن ۽ جدوجهد‬
‫دوران شاهبندر ڪيس يا ڪوٽ لکپت جيل‪ ،‬سکر‪،‬‬
‫حيدرآباد ۽ نارا جيل ان ڳالهه جا گواهه آهن ته تشدد‪،‬‬
‫ڏاڍاين‪ ،‬سخت تڪليفن سنڌي شاگردن جي استقامت ۾‬
‫ترجيتري به تبديلي‪ ،‬هلڪاڻ يا جنبش پيدا نه ڪئي آهي‪،‬‬
‫بلڪه انهن بهادرانه ويڙهين سياسي فڪر جا نوان رستا‬
‫ڏنا آهن‪ .‬سنڌي اديب کي دعوت فڪر ڏنو ۽ موٽ ۾‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪99‬‬

‫انهن اديبن جي تخليق ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“‬
‫واري ترنم باهه ڀڙڪائي ڇڏي‪.‬‬
‫سياست هڪ معزز علم‪ ،‬هڪ سائنس آهي‪ ،‬جنهن‬
‫جو پنهنجو هڪ تاثر‪ ،‬معيار‪ ،‬ڪجهه قدر ۽ اصول آهن‪ .‬جن‬
‫تي عمل ڪندي سياست کي بي آبرو ٿيڻ کان بچائي‬
‫سگهجي ٿو‪ ،‬مان تسليم ڪريان ٿي ته اڳتي هلي شاگرد‬
‫سياست ۾ منفي لڙن پنهنجو اثر ڏيکاريو‪ ،‬جنهن ڪري‬
‫تعليمي ادارن جي اندر تعليمي ترقي ۽ صحتمند ماحول‬
‫رڪجي ويو‪ ،‬ليڪن ان جو ذميدار به صرف شاگردن کي‬
‫نه پر انتظاميه‪ ،‬استادن جو غير تعليمي رويو‪ ،‬شاگرد‬
‫يونين تي پابنديون‪ ،‬اهي سڀ مزاج ملي تباهي جو باعث‬
‫بڻيا آهن‪ .‬رڳو ”شاگرد سياست“ ئي ذميدار قرار ڏيڻ‬
‫صحيح ۽ جمهوري رويو نه آهي‪ .‬ان ڪري ضرورت ان‬
‫ڳالهه جي آهي‪ ،‬ته سنڌ جي سنجيده حلقن کي شاگردن‬
‫سان ملي ڪري گهٽ ۾ گهٽ تعليمي ادارن جي اندر‬
‫پرامن ماحول ۽ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ان کي جاري‬
‫رکڻ ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿيڻ کپي‪ .‬موجوده دور جي‬
‫شديد ضرورت اها آهي ته شاگرد سياست کي غلط‬
‫سمجهڻ بجاءِ ان ۾ نوان رخ ۽ لڙا پيدا ڪرڻ لءِ جاکوڙ‬
‫ڪجي ته جيئن نوجوان شاگردن ۽ ڪارڪنن جي همت‬
‫افزائي ٿيڻ کپي‪ .‬صاف ڳالهه آهي ته دنيا جو ڪوبه اهڙو‬
‫موضوع نه آهي‪ ،‬جنهن ۾ تبديليءَ جو امڪان نه هجي‪،‬‬
‫ڪيئي سائنس جا موضوع شمسي توانائيءَ ڪري تبديل‬
‫ٿيندا رهندا آهن‪.‬‬
‫ڌرتي پنهنجو محور هر سال مختلف وقتن ۾ طئي‬
‫ڪندي آهي‪ ،‬جنهن ڪري دنيا جي نقشي تي سندس پاڇا‬
‫تبديل ٿيندا رهندا آهن‪ ،‬ان ڪري اسان جي نوجوانن ۽‬
‫قومي ڪارڪنن کي به پنهنجا رويا ۽ لڙا تبديل ڪرڻا پوندا‬
‫ته جيئن ايڪيهين صدي ۾ لڳندڙ مخلتف الزامن کان بچي‬
‫سگهجي‪ ،‬شاگرد ۽ ڪارڪن هڪ ٻئي جو احترام ڪن‪،‬‬
‫ساڙ‪ ،‬حسد ختم ڪري چٽا ڀيٽيءَ وارو جذبو پيدا ڪن‪ ،‬غير‬
‫اخلقي حرڪتن کان پرهيز ڪن‪ .‬بي مقصد جهڳڙا گارگند‬

‫‪100‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آوارا گردي‪ ،‬اهي سڀ غير اخلقي حرڪتون آهن‪ ،‬جيڪا‬
‫شئي خريد ڪريو‪ ،‬ان جو اگهه ۽ قيمت ضرور چڪايو‪،‬‬
‫جيڪا شئي اڌاري وٺو‪ ،‬اها ضرور واپس ڪريو ۽ عوام جا‬
‫خادم ٿي ڪم ڪريو‪ .‬ائين ڪرڻ سان اسان هڪ خود‬
‫اعتماد معاشرو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون‪ .‬سنڌي‬
‫شاگردن لءِ هڪ خوشخبري اها آهي ته ايڪهين صديءَ‬
‫۾ تعليمي سائنس ۽ فني ميدانن ۾ ڄاڻ ڏيڻ لءِ سنڌي‬
‫شاگردن کي سڄيءَ دنيا ۾ حاصل ٿيندڙ تعليمي سهوليتن‬
‫جي آگاهي ڏيڻ ۾ سندس مدد ڪرڻ لءِ اتر آمريڪا جي‬
‫سنڌين جي فني ۽ تعليمي ڪميٽي ”نارٿ آمريڪن‬
‫ٽيڪنيڪل اينڊ ايڊوڪيشنل ڪميٽي فار سنڌيز“ قائم ڪئي‬
‫وئي آهي‪ .‬غير سياسي بنيادن تي جوڙيل ان تنظيم جو‬
‫مقصد آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي تعليمي ادارن ۾ داخل ۽‬
‫امتحان جهڙوڪ يو‪ .‬ايس‪.‬ايم‪.‬ايل‪.‬اي ٽافل‪ ،‬جي‪.‬ايم‪.‬ٽي‬
‫اعلي‬
‫وغيره لءِ ڄاڻ مهيا ڪرڻ آهي‪ ،‬اها تنظيم سنڌ ۾‬
‫ٰ‬
‫تعليمي اختيارن جي به مدد ڪندي ۽ مختلف موضوعن ۽‬
‫کوجنائن بابت پرچا شايع ڪندي‪ ،‬ان تنظيم رابطي لءِ‬
‫پنهنجا نمبر ۽ ائڊريسون اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ شروع‬
‫ڪيون آهن‪ ،‬اها هڪ وڏي قومي خدمت آهي‪ ،‬جنهن مان‬
‫فائدو وٺڻ اسان جو فرض اولين بڻجي ٿو‪ ،‬ورنه قرآن‬
‫شريف ۾ اهو واضح طور تي لکيل آهي ته ”جڏهن توبهه‬
‫جا دروازا بند ٿيندا ته احتساب جا دروازا کلندا ۽ ان‬
‫احتساب دؤران انسان جا عضوا به هن جي ڪيل غلطين‬
‫جي گواهي ڏيندا‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪101‬‬

‫‪1940‬ع جو ٺهراء ۽ آزادي ماڻيندڙ‬
‫عوام‬
‫مارڪس هڪ هنڌ چيو هو ته ڪوبه حادثو هڪدم‬
‫ناهي ٿيندو‪ ،‬وقت سالها سالن کان اهڙن سببن جي‬
‫پرورش ڪندو آهي‪ ،‬تڏهن ڪو غير معمولي واقعو ٿيندو‬
‫آهي‪ 23 .‬مارچ ‪1940‬ع جو واقعو به تاريخي حيثيت‬
‫رکي ٿو‪ .‬انڪري ئي هر سال ملڪ اندر سرڪاري ۽ غير‬
‫سرڪاري طور تي اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي‪ .‬اها‬
‫عجيب ۽ غير فطري روايت ٿيندي ته جوش جذبات جي‬
‫وهڪري ۾ وهي غير ضروري طور تي ”سمارٽ“ بڻجڻ‬
‫جي ڪوشش ۾ ”سڀ ٺيڪ آهي“ واري نعري ذريعي‬
‫ڪا قلمي ويساهه گهاتي ڪري سگهون‪ .‬منهنجي ذهن‬
‫تي هميشہ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت هٿوڙن ۽ مترڪن وانگر‬
‫وڄندو آهي تها‬
‫وحده لشريڪ لہ‪ ،‬ٻڌاءِ ٻوڙا‪،‬‬
‫سئا‪ ،‬جي گهٽ اندر گهوڙا‪،‬‬
‫ِ‬
‫ڪ تو ڪَنين نه ُ‬
‫ڳاڙيندين ڳوڙها‪ ،‬جت شاهد ٿيندءِ سامهان‪.‬‬
‫تاريخ جي سرگوشين ۽ ڀڻڪن مان ڪيئي حقيقتون‬
‫۽ شاهديون ملي چڪيون آهن‪ .‬هڪ سياست جي‬
‫شاگرد جي حيثيت ۾ منهنجي مطالعي مطابق )ان سان‬
‫اختلف جي گنجائش به ٿي سگهي ٿي( ‪ 23‬مارچ‬
‫‪1940‬ع جو ٺهراءُ هڪ اهم دستاويز آهي‪ .‬جنهن مطابق‬
‫محمد علي جناح جي رهنمائيءَ ۾ مسلم قوم اهو طئي‬
‫ڪري ڇڏيو ته مسلمان پنهنجي معاشي ۽ سياسي‬
‫افلس کي ختم ڪرڻ لءِ هڪ الڳ ۽ آزاد زمين جو‬
‫ٽڪرو حاصل ڪري رهندا ۽ ان سان گڏوگڏ هو ان‬
‫جاگرافيائي حدن اندر اسلمي شريعت مطابق پنهنجون‬
‫۽ عوام جون زندگيون محفوظ ڪندا‪ .‬ٻئي نمبر تي اهو‬

‫‪102‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مقصد واضح هيو ته اهو مقصد ايستائين پورو نه ٿي‬
‫سگهي ها جيستائين سياسي طاقت ۽ اجتماعي اقتدار‬
‫مسلمانن جي پنهنجي هٿ ۾ نه رهي ها‪ .‬ڇو ته جن‬
‫قومن ۽ انساني گروهن جا پنهنجا ڪي مستقل عقيدا‬
‫هوندا آهن‪ ،‬انهن جي تقدير هميشه انهن جي هٿن ۾‬
‫هوندي آهي‪ ،‬اهو هڪ بنيادي اصول آهي‪ .‬ليڪن اها هڪ‬
‫تاريخي حقيقت ۽ ثابتي مڪمل ٿي چڪي آهي ته‬
‫مسلمان ٿورائيءَ جي باوجود ڪيترو عرصو حڪومت‬
‫ڪئي‪ ،‬ليڪن انگريزن جي مڪمل تسلط کان پوءِ‬
‫مسلم حڪومت ۽ اقتدار جي خاتمي کانپوءِ جنگي طور‬
‫۽ طريقن کان پاسيرو ٿي مسلم قوم هڪ سياسي‬
‫تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان تحريڪ وسيلي هندستان جي‬
‫ورهاست جو مطالبو ڪيو‪ .‬ان تحريڪ جا ڪيترائي‬
‫واقعات ۽ مرحل طئي ڪندي‪ ،‬جڏهن ‪1940‬ع تائين‬
‫پهچجي ٿو ته ‪1940‬ع کان ‪1947‬ع تائين وارو عرصو‬
‫تمام تيزيءَ سان منزل ۽ مقصد تي پسجي ٿو‪1936 .‬ع‬
‫جي صوبائي خودمختياري جو ايڪٽ‪1936 ،‬ع جي آخر‬
‫۾ صوبن ۾ نئين ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ اليڪشن جو‬
‫عمل‪ ،‬ان ئي عرصي دوران محمد علي جناح جو مسلم‬
‫ليگ جي قيادت کي نئين انداز سان سنڀالڻ‪ ،‬ڇو ته‬
‫‪1936‬ع کان پنهنجي وجود کان وٺي ئي هتي تنظيم اڃا‬
‫تائين عوامي طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي‪.‬‬
‫اڪثريتي صوبن ۾ عوام طرفان کيس مڪمل حمايت‬
‫حاصل نه ٿي سگهي‪ .‬چنانچه ‪1937‬ع کان ‪1940‬ع‬
‫واري عرصي ۾ هڪ طرف محمد علي جناح جي قيادت‬
‫۾ نتشر قافلو هڪ مرڪز تي جمع ٿيندو رهيو ته ٻئي‬
‫طرف مسلمانن جو هڪ گروهه هندو ۽ مسلم قوم‬
‫پرستيءَ جي حوالي سان ڪانگريس سان گڏ ٿي‬
‫جدوجهد ڪرڻ ۾ مصروف رهيو‪ .‬انهن ۾ مولنا‬
‫مودودي‪ ،‬ڊاڪٽر خان صاحب‪ ،‬مولنا مفتي‪ ،‬عبدالولي‬
‫خان مجلس احرار ۽ جميعت العلماءَ هند وانگر قوم‬
‫پرست سڏائيندا رهيا‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪103‬‬

‫اها هڪ حقيقت آهي ته ڪيترن ئي سنجيده ماڻهن‬
‫کي مستقل جي دهشتگردين جي خبر نه پئجي سگهي‪.‬‬
‫اگر ”اليڪشن ڪوٽا“ وارو مسئلو خوش اسلوبيءَ سان‬
‫حل ٿي وڃي ها ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس اتحاد نه‬
‫ٽٽي ها‪ .‬تقسيم هند وقت گانڌي‪ ،‬نهرو‪ ،‬تارا سنگهه‬
‫سميت سڀ عالمي سامراج جي سازشن کي پرکي نه‬
‫سگهيا ۽ انهن سياستدانن ويهين صدي جي دانشورن‬
‫جي خوش فهمي دور ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ته‬
‫ويهين صدي انساني شعور‪ ،‬سائنس‪ ،‬ڏاهپ علم جي‬
‫صدي آهي ۽ انهن ميدانن ۽ شعبن ۾ جيڪو قدم اڳتي‬
‫وڌيو پوئتي نه هٽندو‪ .‬ليڪن مذهب ۽ فرقيواريت ڪره‬
‫ارض جي هن خطي کي جيترو نقصان پهچايو آهي‪ ،‬ان‬
‫۾ هند‪ ،‬سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن کي خاندانن ۽‬
‫سماج ۾ قتل سان جذباتي لڳاءَ ۽ لڳاپي ڪري ڪيترن‬
‫ئي نيڪ دل ۽ روشن خيال انسانن جا قتل ڪيا ويا آهن‪.‬‬
‫اڄ به هن ڌرتي تي هن خطي ۾ بمن ۽ برسٽن جو راڄ‬
‫آهي‪ .‬جڏهن ته مذهب انسانن جي قتل لءِ نه پر شان ۽‬
‫شوڪت ۽ انساني جرئت کي وڌائڻ لءِ پيدا ڪيا ويا‬
‫آهن‪ .‬انسان ذات کانسواءِ مذهب جو تصورئي اجايو‬
‫آهي‪ .‬اسان وٽ آزادي ماڻڻ کانپوءِ به سياسي انتظام‬
‫واري عمل جو کٽيو کائڻ ۽ سياسي ڇڙواڳي اڃا تائين‬
‫به تسلسل سان هلي رهي آهي‪ .‬ڏاڍي جي ل) کي‬
‫ڪيترا مٿا آهن‪ ،‬پاڪستاني عوام کي اڃا تائين مڪمل‬
‫پروڙ نه پئجي سگهي آهي‪ .‬اسين ان فڪري ڏاهپ‬
‫سان سهمت ئي نه ڪري سگهيا آهيون ته انصاف جا‬
‫جدلياتي اصول تسليم ڪري ان حقيقت جو اعتراف‬
‫ڪريون ته‪ ،‬پاڪستان جي دستاويز ‪1940‬ع ۾ اهي‬
‫قراردادون شامل هيون تها جهر رياست کي‬
‫خودمختياري حاصل هوندي“ پاڪستان جي وفاق ۾‬
‫صوبن يا رياستن ملي هڪ وفاق ٺاهيو‪ ،‬سنڌ اسيمبلي‬
‫اهو پهريون ايوان هو‪ ،‬جنهن ‪1947‬ع ۾ پاڪستان سان‬
‫شامل ٿيڻ جو اعلن ڪيو‪ .‬سرحد ۾ عوام کان راءِ‬

‫‪104‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شماري ذريعي مرضي پڇي وئي‪ .‬پنجاب اتفاق راءِ‬
‫ڏيکاريو‪ .‬ڪوئٽا ميونسپالٽي پاڪستان سان شامل ٿيڻ‬
‫جو ٺهراءُ بحال ڪيو‪ .‬انهن چئني حصن پاڪستان لءِ‬
‫زمين جو ٽڪرو حاصل ڪرڻ لءِ رضامندي ڏيکاري‪،‬‬
‫ڀارت جي مسلمانن لءِ ۽ قائداعظم محمد علي جناح‬
‫جو اهو اعلن ڪافي هو‪ ،‬جنهن ۾ هن دهليءَ هوائي‬
‫اڏي تي چيو تها جهندستان جي مسلمانن کي ڀارت ۾‬
‫وفادار شهريت جي حيثيت سان رهڻ کپي‪.‬و ليڪن ائين‬
‫نه ٿي سگهيو‪ ،‬فرقيواريت جي جنون ۾ مبتل عوام چند‬
‫انهن جا ليڊر‪ ،‬ان مستقبل جي نقطي کي سمجهي‬
‫سگهيا ۽ اقليتي صوبن مان لڏ پلڻ شروع ٿي‪ ،‬نتيجي ۾‬
‫خاص طور تي سنڌ جي هندن خلف وڏيرڪي طبقي‬
‫ايوب کهڙي ڪاروايون ڪيون ۽ هو پنهنجا اباڻا ڪک‬
‫ڇڏڻ تي مجبور ٿيا‪ .‬ڇا اها لڏ پلڻ پاڪستان جي‬
‫‪1940‬ع جي دستاويز يا پاڪستان ٺهڻ جي اسڪيم جو‬
‫حصو هئي‪ .‬هرگز نه‪ ،‬ڀل ڇا اها ‪1940‬ع جي ٺهراءُ جي‬
‫خلف ورزي نه آهي ته هندن جي لڏي وڃڻ جي نتيجي‬
‫۾ جيڪي ملڪيتون خالي ٿيون‪ ،‬لڏي آيل هڪ نوابزادي‬
‫آزادانه نموني ۾ هڪ قانون پاس ڪري مقامي ماڻهن‬
‫تي پابندي هنئي ته سنڌي مسلمان اهي ملڪيتون نٿا‬
‫خريد ڪري سگهن‪ .‬جڏهن ته پنجاب‪ ،‬سرحد ۽‬
‫بلوچستان ۾ اهڙو ڪوبه قانون نافذ نه ڪيو ويو‪ .‬ان‬
‫جهڙيون ۽ ان کان وڌيڪ ٻيون اهڙيون تاريخي غلطيون‪،‬‬
‫جيڪي مضمون جي طوالت جي خوف کان نٿيون‬
‫دهرائي سگهجن‪ .‬صرف اها حقيقت ضرور دهرائڻي‬
‫آهي ته ‪1940‬ع جي ٺهراءَ ۾ واضح نصب العين جي‬
‫باوجود جيترو تيزيءَ سان آزادي جي تحريڪ جو آغاز‬
‫ٿيو‪ .‬بدقسمتي سان اوتروئي جلد ڪيترن ئي محاذن تي‬
‫شڪست ملندي وئي‪ .‬شروع کان وٺي ئي عوام جو‬
‫وڏي ۾ وڏو مسئلو سماجي انصاف جي حصول ۾‬
‫ناڪامي‪ ،‬قومي تعصب‪ ،‬لسانيت‪” ،‬اخلقي قدرن جي‬
‫بجاءِ ذات پات قومي مسئلن تي اختلف ۽ ان سڄي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪105‬‬

‫عمل جو نقصان عوام کي ڀوڳڻو پئجي ويو آهي‪.‬‬
‫مڪاريءَ جي سياست ڪري هن ملڪ جي ننڍين قومن‬
‫جي حقن ۽ خودمختياريءَ تي ڌاڙا لڳا آهن‪ .‬ان جو هڪ‬
‫اهم سبب اهو آهي ته جنهن جماعت جي قيادت ۾ هيءُ‬
‫ملڪ آزاد ٿيو‪ ،‬ان جو بنياد پيدائشي طور تي ڪمزور‬
‫هئو‪1937 .‬ع جي اليڪشن تائين پارٽي نظام غير منظم‬
‫۽ اختلفن جو شڪار رهيو‪1940 .‬ع جي ٺهراءُ کانپوءِ ان‬
‫جي تنظيم طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو ۽ وڏي ڳالهه‬
‫ته آزاديءَ کانپوءِ مسلم ليگ عوام جي بجاءِ چند طبقن‬
‫پلٽن‪ ،‬پرمٽن ۽ نظريه ضرورت تحت حڪمت عمليون‬
‫تبديل ڪري ڇڏيون‪ .‬مسلم ليگ جا جاگيردارانه رويا‬
‫عوام دشمنيءَ تي مبني رهيا‪ .‬مسلم ليگ کانپوءِ‬
‫بيوروڪريٽس ۽ فوجي آمر پنهنجي روح کي شيطاني‬
‫صفتن کان پري نه رکي سگهيا ۽ سڌو سنئون سياست‬
‫۾ شامل اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري گُهرڻ لڳا‪ .‬ملڪ ۾‬
‫تضادات جي سياست ائين رهي جيئن فرانس جي ادبي‬
‫زان زيني جو ڊرامو ”بالڪوني“‪ .‬ان ڊرامي جي آخري‬
‫عيسي‬
‫منظر ۾ هڪ طوائف جي ڪوٺي تي حضرت‬
‫ٰ‬
‫جي صليب آڏو هڪ جرنيل هڪ مذهبي پيشور ۽ هڪ‬
‫اعلي پوليس آفيسر دعا گهرن ٿا ته اگر گناهه ختم ٿيو‬
‫ٰ‬
‫ته مذهبي ڪمائي بند ٿي ويندي‪ ،‬ڏوهه ختم ٿيو ته‬
‫ورديءَ جو وقار ختم ٿيندو‪ .‬جرنيل دعا گهري ٿو ته‬
‫لڙايون ۽ جنگيون بند ٿين ته روزگار ختم ٿيندو‪ .‬انڪري‬
‫اهو سڀ ڪجهه جاري رهڻ کپي ته جيئن کين وظيفا‬
‫ملندا رهن‪ .‬شاهاڻي ٺ) سان رهندڙ‪ ،‬سرڪاري خرچن‬
‫تي سخاوتون ڪندڙ‪” ،‬فري ميس لج“ ۾ دعوتون‬
‫اڏائيندڙ وڏا وڏا موٽر ڪيڊ رکندڙ شوقين مزاج مغل‬
‫شهزادن جو ڏيک ويک ڏيندڙ مسلم ليگي جيڪي لوهه‬
‫اعلي منصوبن تي ويٺا‪ ،‬اهي عوام ۽‬
‫جي واپارن مان‬
‫ٰ‬
‫استحڪام پاڪستان طرف ڪوبه توجهه نه ڏئي سگهيا‬
‫۽ اهي غلطيون تاريخي ۽ تسلسل سان دهرايون ويون‬
‫آهن‪ .‬جڏهن ته انهن ئي مسلم ليگ ۾ قدم رکندڙ ۽‬

‫‪106‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عوامي قيادت جي دعويٰ ڪندڙن ‪1940‬ع ۾ اهي واضح‬
‫اعلن ڪيا هئا ته اسلمي شريعت‪ ،‬ثقافت ۽ تهذيب‬
‫وسيلي ڪروڙها غريب عوام جي مقدر کي تبديل‬
‫ڪنداسون‪ .‬جزنده قوم“ هئڻ جا نعرا هنيا ويا‪ .‬پاڪستان‬
‫جو مطلب ل الہ ال الله جا نعرا هڻي‪ ،‬عوام جي تقديرن‬
‫سان کيڏندا رهيا آهن‪ 23 .‬مارچ ‪1940‬ع جي قرارداد‬
‫پيش ڪرڻ واري ماحول وقت‪ ،‬ان کان اڳ به مسلم‬
‫ليگ جي پليٽ فارم تان اهي اعلن ڪيا ويا ته دين‬
‫اسلم ۾ اقليتن جي تحفظ جو شرط موجود آهي ۽‬
‫پاڪستان ۾ اقليتن جو تحفظ ڪيو ويندو ليڪن اسان‬
‫وٽ سنڌ ۾ اقليتن سان جيڪو ورتاءُ شروع کان وٺي‬
‫رهيو آهي‪ ،‬سو يهودين جو فلسطيني مسلمانن وارو‬
‫رهيو آهي‪ .‬نه هنن جي تعليم جو الڳ بندوبست‪ ،‬نه‬
‫ووٽ جو جوڳو بندوبست‪ ،‬وزيراعظم پنهنجي سوشل‬
‫ڊيموڪريسي واري منشور تحت تازو ڪجهه اعلن ڪيا‬
‫آهن‪ .‬ان کان پهريون ماحول اهو رهيو هو‪ ،‬جو ڪنهن به‬
‫سياسي جماعت جي منشور ۾ اقليت لءِ ڪا ٺوس‬
‫ڳالهه نه ڪئي وئي آهي‪ .‬حالنڪ حر تحريڪ کان ايم‪.‬‬
‫آر‪ .‬ڊي تائين ان ئي اقليت جمهوريت ۽ سنڌ ۾ امن‬
‫امان لءِ ڪيترائي ڪونڌر ڪُهايا آهن ۽ ڪيترن نياڻين‬
‫جون عزتون نيلم ٿيون‪.‬‬
‫آمر جرنل ضياءَ الحق چونڊن جو جداگانه سرشتو‬
‫قائم ڪري اقليتن کي تم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي‪ .‬ان‬
‫کانپوءِ موجوده دؤر جي مغل شهزادي ”نواز شريف“‬
‫”مذهبي خاني“ جي اضافي جي ڪوشش ڪري اقليتن‬
‫کي ٻئي نمبر جو شهري قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي‪.‬‬
‫‪1940‬ع جي ٺهراءَ ۽ عوام جي آزادي ماڻڻ واري حق‬
‫جي نصب العين ۾ جيڪي ڪمزوريون ۽ خلف ورزيون‬
‫ڪيون ويون آهن‪ .‬ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي شخصيتن ۽‬
‫رهنمائن خلف عدالتن ۾ ڪيس ۽ مقدما ظاهر ڪرڻ‬
‫کپن ها‪ ،‬ليڪن معقوليت رکندڙ ڌريون خاموش رهيون‬
‫آهن‪ .‬بجاءِ ان جي ته تاريخ مان ڪو سبق سکڻ کپي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪107‬‬

‫ها‪ .‬اڄ به هندستان جي ورهاست واري سياسي حادثي‬
‫جي نتيجي ۾ هتي لڏي آيل جناح پور جا نقشا ٺاهي‪،‬‬
‫وطن کي وڌيڪ ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جي مڪروه ڪوششن‬
‫۾ رڌل آهن‪ .‬نه صرف رڌل آهن بلڪ سنڌ جي ٿر واري‬
‫علئقي کي هندستان ۾ شامل ڪرڻ واري عمل ۾‬
‫غلطيون ڪري رهيا آهن‪ .‬جڏهن ته سنڌي عوام جيڪو‬
‫پاڪستان ٺاهڻ قرارداد واري عمل کي سڀ کان‬
‫پهريون قبوليت جو درجو ڏئي چڪو آهي‪ .‬اهو عوام‬
‫پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ ڄاڻي ٿو‪ .‬ان بقا جي جنگ ۾‬
‫هن ملڪ جون ثقافتي اڪايون هڪ ٻئي کي اڪيلو ڇڏڻ‬
‫جي ڪابه غلطي موجوده دؤر ۾ نه ٿيون ڪري سگهن‪.‬‬
‫اسين اڄ به ‪1940‬ع جي ٺهراءَ جي روشني ۽ ان جي‬
‫صحيح تشريح سان گڏ اهو بنيادي شرط نه وساري‬
‫سگهيا آهن ته عوام جي اڪثريت پورهيت عوام ئي هن‬
‫ملڪ ۾ جمهوريت کي معقوليت جي راهه تي وٺي‬
‫وڃي سگهي ٿو‪.‬‬

‫‪108‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫الطاف حسين کي جواب‬
‫ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته انسان غارن کان‬
‫وٺي چنڊ تائين جو سفر طئي ڪيو‪ .‬پکين وانگر خل ۾‬
‫اڏامڻ لڳو‪ .‬مڇين وانگر سمنڊ ۾ ترڻ لڳو‪ ،‬پر افسوس‬
‫جو ڌرتيءَ تي سک سانت امن سان رهڻ جي ريت نه‬
‫سکي سگهيو‪ .‬اها حقيقت ان وقت وڌيڪ عيان ٿي‪،‬‬
‫جڏهن هڪ خالص ”سياسي محفل“ کي پنهنجي‬
‫نفسياتي ڪيفيت سان گڏ‪ ،‬الطاف حسين آواز جي‬
‫فنڪارانه انداز بيان ۽ ڪمال اداڪاريءَ سان تاريخي‬
‫حقيقتن کان منهن موڙيندي‪ ،‬تعصب جو مظاهرو‬
‫ڪندي‪ ،‬يڪطرفه سنڌي قوم خلف زهريلو مواد‬
‫سرڪاري اداري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي سڄي‬
‫پاڪستان جي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي‪.‬‬
‫ان ۾ ڏوهه صرف الطاف جو نه آهي‪ .‬هاڻي عابده‬
‫حسين جي وزارت يعني اطلعات ۽ نشريات جي‬
‫انتظاميه شايد خاص طور هدايتون ڏنيون هيون‪ .‬هڪ ته‬
‫کيس وڌيڪ ٽائيم ڏنو وڃي ۽ ٻيو کانئس وڌيڪ سوال نه‬
‫ڪيا وڃن‪ .‬پاڪستان جي غريب‪ ،‬مظلوم ۽ احساس‬
‫محرومي جو شڪار عوام جي معلومات ۾ هن‪،‬‬
‫”ثقافتي اقليت جي ليڊر“‪ ،‬ڪو خاص پيغام نه ڏنو ۽ نه‬
‫خاص متاثر ڪري سگهيو‪ .‬سواءِ ان جي ته هن تعصب‬
‫جو مظاهرو ڪيو ۽ سطحي معلومات پهچائي‪ ،‬جيڪا‬
‫صرف چند ادارن تائين محدود هئي‪.‬‬
‫دراصل مهاجر هڪ قوم ته ڇا هڪ طبقو به‬
‫تشڪيل نٿا ڏئي سگهن‪ .‬ڪاٺياواڙي‪ ،‬ميمڻ‪ ،‬خواجا‪،‬‬
‫اسماعيلي‪ ،‬بوهرا‪ ،‬پنجابي‪ ،‬مدراسي‪ ،‬بنگالي وغيره‬
‫ڪهڙي حساب سان اردو ڳالهائيندڙن جي ليکي ۾ اچي‬
‫سگهن ٿا؟ انهن قومن جي سنڌ ۾ اڪثريت آهي‪ .‬ٻي‬
‫حقيقت اها به آهي ته مهاجرن جو مسئلو ”نفسياتي“‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪109‬‬

‫آهي‪ .‬ٻين لساني قبيلن سنڌ جي فطري ۽ تاريخي عمل‬
‫جي واڌ ۾ هٿ وڌايو ليڪن هنن مزاحمت ڪئي ۽ الڳ‬
‫تشخص برقرار رکڻ جي نفسياتي ڪشمڪش ۾ هنن‬
‫جي قيادت‪” ،‬جيئي مهاجر“‪ ،‬جو نعرو هڻي‪ ،‬مقامي‬
‫باشندن سان مخالفت جو سلسلو جاري رکي‪ ،‬پنهنجا‬
‫مقصد ۽ مفاد حاصل ڪندا رهيا آهن‪ .‬الطاف پنهنجي‬
‫انٽرويو ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه ۽ پهريون مثال ‪1972‬ع‬
‫جي ”ٻوليءَ جي بل“ جو ڏنو‪ .‬هن اهو چيو ته جڏهن‪،‬‬
‫لساني بل پيش ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ لسانيت جي‬
‫نالي ۾ مهاجرن جي تنظيم به ڪو ڏوهه نه آهي‪ .‬جڏهن‬
‫ته حقيقت هيءُ آهي ته اهو ”لساني بل“ نه هو بلڪ ان‬
‫بل جي هڪ تاريخي حيثيت هئي ۽ آهي‪ .‬ماضي بعيد جي‬
‫تاريخ نه بلڪ ماضي قريب جي تاريخ اگر ڪنهن کي ياد‬
‫آهي ته اها هيئن آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي‬
‫اعلي‬
‫دؤر ۾ صوبائي اسيمبلي ۾ ان وقت جي وزير‬
‫ٰ‬
‫ممتاز علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ‪ 55‬ميمبرن جي اڪثريت‬
‫سان هڪ بل پاس ڪيو ويو‪ .‬اهو ان لءِ جو ‪1935‬ع‬
‫کان سنڌ جي سرڪاري زبان سنڌي هئي‪1954 .‬ع ۾‬
‫سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪري سنڌ جي سابقه‬
‫حيثيت ختم ڪئي وئي‪ .‬ان ڪري جڏهن کان ون يونٽ‬
‫ٽُٽُو‪1970 ،‬ع ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت بحال‬
‫ڪئي وئي ته سنڌي زبان کي سندس اهو ”پراڻو مقام“‬
‫يا حيثيت ڏيڻ ضروري هو‪ .‬ان لءِ جو بنگال جي عليحده‬
‫ٿيڻ کان پوءِ احساس محرومي سنڌ ۾ وڌيڪ ملندي‪.‬‬
‫ان محرومي کي ختم ڪرڻ لءِ شهيد ذوالفقار علي‬
‫ڀٽي ڪوشش ڪئي ته سنڌ ۾ اهي محروميون ختم‬
‫ڪري‪” ،‬متحده پاڪستان“ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لءِ‬
‫چند اهم قدم کنيا‪ .‬ڇو ته طويل آمريت کان پوءِ ۽ اعوام‬
‫کي مطمئن ڪرڻ لءِ بيحد ضروري قدم کنيا ويا‪ ،‬جنهن‬
‫۾ سنڌ جي حيثيت بحال ڪرڻ کان پوءِ چند نوڪريون ۽‬
‫نوان ادارا قائم ڪيا ويا‪ .‬باوجود ان جي ته ان بل ۾‬
‫ڪابه اهڙي خاص ڳالهه نه هئي پر عوام کي اڀاريو ويو‬

‫‪110‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫۽ پهريون دفعو عوام کي اها تربيت ڏني وئي ته ذات‪،‬‬
‫برادري‪ ،‬گروهي‪ ،‬سياست جو حصو بڻجن حيرت جي‬
‫ڳالهه اها آهي ته اردو ميمبرن ته بائيڪاٽ ڪيو پر پيپلز‬
‫پارٽي جي ٽڪيٽن تي چونڊجي آيلن عبدالوحيد قريشي‬
‫۽ سيد سعيد حسن پڻ بائيڪاٽ ڪيو ۽ مهاجر روڊن تي‬
‫آيا‪ .‬ماڻهن جا پٽڪا لٿا ويا‪ .‬خنجر‪ ،‬ڪات هنيا ويا‪ .‬ان‬
‫وقت جي وزير محنت عبدالله بلوچ جي بنگلي کي باهه‬
‫ڏئي ساڙيو ويو‪ .‬معراج محمد خان ۽ ڪمال اظفر کان‬
‫سواءِ سڀني وڳوڙين جي حمايت ڪئي‪ .‬نيشنل عوامي‬
‫پارٽيءَ محمود الحق عثماني پنهنجي پارٽي موقف کي‬
‫نظرانداز ڪندي بيان ڏنو ته آءي اردو قومي ڪائونسل‬
‫اعلي‬
‫جو قيام عمل ۾ آڻي چوان ٿو ته سنڌ جو وزير‬
‫ٰ‬
‫اردو ڳالهائيندڙ مقرر ڪيو وڃي‪ ،‬نه ته ڪراچي الڳ‬
‫صوبو ٺاهينداسون ۽ سنڌ کي هاڻي ٿاڻي بول خان ۾‬
‫گاديءَ جو هنڌ ٺاهڻ گهرجي‪ .‬سندس هيءُ بيان ‪-24‬‬
‫جولءِ ‪1982‬ع جي جنگ اخبار ۾ ڏسي سگهجي ٿو‪.‬‬
‫پيپلزپارٽي جي ان وقت جي جنرل سيڪريٽري ۽ پيداوار‬
‫جي وفاقي وزير جي اي رحيم‪ ،‬گورنر سنڌ مير رسول‬
‫بخش ٽالپر خلف بيان ڏنو ته گورنر سنڌ اڻ پڙهيل‬
‫آهي‪.‬‬
‫دراصل حقيقت هيءَ آهي ته ”ٻولي جو بل“ ته‬
‫‪1972‬ع جو مسئلو آهي پر اسان جو ايمان آهي ته‬
‫بنيادي طرح سان‪ ،‬ابتدا‪ ،‬يا جاچن اتان شروع ڪجي‬
‫جتان ناانصافي شروع ٿئي ٿي ۽ سنڌ سان نا انصافي‬
‫ورهاڱي جي وقت کان شروع ٿي‪ .‬ايشيا جو هيءُ واحد‬
‫ملڪ جنهن جا حڪمران اُهي هئا جن غير قانوني لڏپلڻ‬
‫ڪئي‪ .‬سنڌين ته هميشه پنهنجي بقا جي‪ ،‬پنهنجي‬
‫تشخص جي جنگ پنهنجي ئي سر زمين تي وڙهي آهي‪.‬‬
‫يوپي جي بيمار سوچ ڪڏهن به سنڌين جي قومي حقن‬
‫متعلق ساٿ نه ڏنو‪ .‬هميشه پاڻ کي‪” ،‬برتر“‪” ،‬سپر‬
‫پاور“‪ ،‬سمجهڻ جي جنون ۾ زمين‪ ،‬زبان‪ ،‬معاشي حقن‬
‫تي ڌاڙا هنيا‪ .‬جيڪي به مدراس‪ ،‬حيدرآباد دکن کان ايندا‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪111‬‬

‫اعلي عهدن سان سرفراز ٿيندا رهيا‪ .‬هندن کي‬
‫ويا‪.‬‬
‫ٰ‬
‫لڏائڻ جي صورت ۾ صنعت ۽ تجارت جي ميدان ۾‬
‫صرف ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول ‪ 500‬جي‬
‫قريب يا ته بند ڪيا ويا‪ ،‬يا ته انهن کي اردو زبان ۾‬
‫منتقل ڪيو ويو‪ .‬تعليمي ادارن کي ڪراچيءَ مان شفٽ‬
‫ڪيو ويو‪ .‬سنڌين جي داخلئن تي پابنديون عائد ڪيون‬
‫ويون‪ .‬ڌارين ملڪن جا لڏي ايندڙ کين وڻندا هئا پر‬
‫جيڪڏهن ندرون سنڌ مان ڪو سنڌي ڪراچيءَ ۾ نظر‬
‫آيو ٿي يا ايندو هو ته واويل مچائي ڇڏيندا هئا‪ ،‬لياقت‬
‫علي جي دور ۾ سنڌين لءِ ‪ 10‬هزارن کان وڌيڪ‬
‫شهرن ۾ جائداد خريد ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي وئي‬
‫۽ مهاجرن کي شهرن ۾ نوڪرين کانسواءِ ڪاروباري‬
‫لحاظ کان وڏا قرض ڏنا ويا‪ .‬جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو‬
‫ته باقاعده پناهگيرن جي ليڊرن محاذ ٺاهي مهاجر‪،‬‬
‫پنجابي‪ ،‬پٺاڻ‪ ،‬محاذ ٺاهي سنڌين جي قومي تشخص‬
‫سان مذاق ڪئي ۽ چوندا رهيا ته جڏهن الله هڪ‪،‬‬
‫رسول هڪ‪ ،‬قرآن هڪ ته ملڪ به هڪ هئڻ کپي‪ .‬ايم‪.‬‬
‫آر‪ .‬ڊي جي جمهوري تحريڪ هجي يا ڪالباغ ڊيم‪ ،‬سنڌ‬
‫اندر فوجي ڇانوڻين جو ڄار هجي يا مارشل ل‪ ،‬هنن‬
‫هميشه سنڌ ۽ سنڌي دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي‪،‬‬
‫جيڪڏهن پاڪستان ۾ اميگريشن جاقانون سخت هجن‬
‫ته ‪1951‬ع جي سٽيزن شپ ايڪٽ تي الطاف سميت‬
‫ڪيترائي پناهگير قانون جي گرفت ۾ اچي سگهن ٿا ۽‬
‫ڌرتي فساد ڦهلئيندڙن کان پاڪ ٿي سگهي ٿي‪ .‬ان‬
‫ايڪٽ تحت ‪1960‬ع تائين ايندڙن کي پاڪستاني‬
‫شهريت حاصل ڪرڻ جو حق آهي‪ .‬ان کان پوءِ ايندڙ‬
‫غير قانوني لسٽ ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا‪ ،‬اگر ملڪ‬
‫کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ انصاف پلئه وجهڻو آهي ته‬
‫پوءِ نظام کي تبديل ڪري مسئلن جو حل قانوني طرح‬
‫تي ڳولڻو پوندو‪.‬‬
‫ٻي ڳالهه جيڪا هن ڪئي ۽ ڪمال بي ايماني کان‬
‫ڪم ورتو‪ ،‬اها هيءُ ته ”پناهگيرن کي نوڪريون‬

‫‪112‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪونهن“ هڪ اڌ کاتي جو تفصيل پيش ڪري نه هن‬
‫پنهنجي قوم جي ڪا خدمت ڪئي آهي‪ ،‬نه ملڪ جي‪.‬‬
‫اها حقيقت آهي ته آباديءَ جي واڌ ۽ سنڌين ۾ تعليم‬
‫جي گهڻائي ڪري ڇو ته اڄ صحيح آهي ته وڏيري جو‬
‫پُٽ تعليم حاصل ڪري ٿو ته ان سان گڏ هاري ناري‬
‫غريب مڊل ڪلس جو ٻار تعليم حاصل ڪري لءِ‬
‫پنهنجو حق گهري ٿو‪ .‬هيءَ ماضي قريب جي ڳالهه آهي‬
‫ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ جڏهن مڊل‬
‫ڪلس کي ٺهڻ جو موقعو مليو‪ ،‬کين قومي ڌاري ۾‬
‫شامل ڪرڻ لءِ ته جيئن هو بنگالين وارو رستو نه‬
‫يحي‬
‫اختيار ڪن‪ .‬سنڌين کي نوڪريون مليون جيڪي‬
‫ٰ‬
‫خان جي زماني کان رائج ٿيل ڪوٽا سسٽم جي تحت‬
‫مليون ۽ سنڌين سان انصاف ٿيو ته ”ڀٽو شهيد“ کي‬
‫نسل پرست‪ ،‬سڏيو ويو ۽ پناهگرين سامراجي تحريڪ‬
‫جو آغاز ڪيو ۽ شهيد جي موت تي مٺايون ورهايون‬
‫ويون‪ .‬جيڪي ڌريون اهو چون ٿيون ته پناهگير سنڌين‬
‫لءِ نرم گوشو رکندا هئا ۽ ايم‪.‬ڪيو‪.‬ايم جي ٺهڻ کان پوءِ‬
‫هنن کي تربيت ملي آهي‪ ،‬هو سنڌين جي خلف ٿيا ته‬
‫براءِ مهرباني انهن کي ‪1947‬ع کان تاريخ کي ۽ واقعات‬
‫کي سمجهڻ گهرجي‪ .‬اسين اهو تسليم ڪرڻ لءِ تيار‬
‫آهيون ته ”مهاجر“ سنڌ جي آباديءَ جو مستقل حصو‬
‫آهي‪ ،‬ليڪن هو‪” ،‬سپر پاور“ نه آهن‪ .‬هو سنڌ ڌرتي جا‬
‫مالڪ نه آهن‪ ،‬بلڪ هو اسان سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ‬
‫لءِ پنجاب جي حڪمران ٽولي سان ملي ڪري‬
‫”مالڪاڻي حق“ تان اسان کي دستبردار ڪرائڻ‪ ،‬اقليت‬
‫۾ آڻڻ لءِ پنجاب جي حڪمران ٽولي سان ملي ڪري‬
‫”مالڪاڻي حق“ تان اسان کي دستبردار ڪرائڻ‪ ،‬اقليت‬
‫۾ آڻڻ‪ ،‬بهارين جي واپسي چاهين ٿا ۽ مطالبا ڪن ٿا ۽‬
‫دهشتگردي جو ماحول پيدا ڪري سنڌ جي تقسيم جو‬
‫خواب پورو ڪرڻ چاهين ٿا‪ .‬ان ڪري جو کين ڊپ آهي‬
‫ته سندن آباديءَ جي اڪثريت ايتري نه آهي‪ ،‬جو هو‬
‫وفاقي يا صوبائي حڪومتون جوڙي سگهن‪ .‬ان ڪري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪113‬‬

‫هو هميشه پاڻ کي زندهه رکڻ لءِ ”تشدد“ جي‬
‫سياست اختيار ڪن ٿا ۽ جمهوري ادارن کان ٻاهر رهڻ‬
‫جي ڪوشش ڪن ٿا‪ .‬جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم تي نظر‬
‫وجهجي ته‪ ،‬پناهگير‪ ،‬قيادت کي ڪوٽا سسٽم جيڪو‬
‫پنجاب‪ ،‬بلوچستان ۽ سرحد ۾ پٺتي پيل علئقن ۾ رائج‬
‫آهي ۽ ان تحت اُتي پيو خرچ ڪيو وڃي ٿو‪ .‬ماڻهن کي‬
‫سهوليتون ڏنيون وڃن ٿيون‪ .‬ٿورو اتي به غور ڪجي ته‬
‫بهتر‪ .‬مهاجر آباديءَ جي لحاظ کان سنڌ ۾ ‪ 28‬سيڪڙو‬
‫آهن‪ .‬ليڪن وفاقي نوڪريون ته سنڌ جي ڪوٽا تي ‪80‬‬
‫سيڪڙو کان وڌيڪ نوڪريون اٿن‪ .‬سنڌ جي نوڪرين ۾‬
‫‪ 60‬سيڪڙو کان وڌيڪ حاوي آهن‪.‬‬
‫پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ آبادي جي لحاظ کان‬
‫کين وڌيڪ سيٽون حاصل آهن‪ .‬الطاف صاحب جي‬
‫شايد اها خواهش آهي ته سڀ نوڪريون ۽ سيٽون‬
‫سندس حوالي ڪيو وڃن‪ .‬اگر هو پاڻ کي پاڪستاني‬
‫سمجهي ٿو ته پوءِ پاڪستان صرف سنڌ ۾ نه آهي‪.‬‬
‫کيس بلوچستان‪ ،‬پنجاب ۽ سرحد ۾ به نوڪرين لءِ‬
‫ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ آواز اٿارڻ کپي‪ .‬اگر سنڌي‬
‫سمجهي ٿو ته آبادي جي حساب سان کيس مطمئن‬
‫هئڻ گهرجي‪ .‬وفاقي ادارن ۾ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾‬
‫سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن‪ .‬ڪوٽا سسٽم تحت‬
‫شهري علئقن لءِ ‪ 40‬سيڪڙو ڪوٽا آهي پر ڇا شهرن‬
‫۾ صرف پناهگير رهن ٿا؟ اهڙي طرح اگر بدين‪،‬‬
‫سانگهڙ‪ ،‬نوابشاهه‪ ،‬جيڪب آباد‪ ،‬لڙڪاڻو وغيره ۾‬
‫رهندڙ عوام لءِ س) سيڪڙو ڪوٽا آهي ۽ انهن علئقن‬
‫۾ به سڀ زبانون ڳالهائيندڙ اچي وڃن ٿا جن ۾ پناهگير‬
‫به شامل آهن‪.‬‬
‫الطاف حسين‪ ،‬بهارين ۽ پڪي قلعي آپريشن‬
‫متعلق به ڳالهايو ۽ شايد بيوقوف بنائڻ ۾ ناڪام رهيو‪.‬‬
‫سڀني کي خبر آهي ته ”پڪو قلعو“ سنڌ جي دفاعي‬
‫ثقافت جو علمبردار آهي‪ ،‬پر ايم‪.‬ڪيو‪.‬ايم جي‬
‫دهشتگرن جو اهم حصو آهي‪ ،‬جتي اسلحي جا ذخيره ۽‬

‫‪114‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫دهشتگرديءَ جا سيل ۽ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جي‬
‫محفوظ جڳهه‪ ،‬پڪي قلعي آپريشن کان اڳ شهر ۾‬
‫ڪيترائي دهشتگردي جا واقعا ٿي چڪا هئا‪ .‬حڪومت‬
‫دهشتگردن کي گرفت ۾ نٿي آڻي سگهي‪ .‬چنانچه آءِ‬
‫ءِ ‪.‬جي پوليس آغا سعادت علي شاهه ۽ ڪن سياسي‬
‫حلقن جي راءِ مطابق جنرل آصف نواز ۽ صدر غلم‬
‫اسحاق خان جي مرضي سان اهو آپريشن ٿيو ۽‬
‫باقاعده ان آپريشن ۾ رينجرس ايگل اسڪاڊ ۽ ٻين‬
‫قانون نافذ ڪندڙ ادارن حصو ورتو‪ .‬ليڪن سڀني کي‬
‫خبر آهي ته جڏهن گهيرو تنگ ٿيو ته مسجدن جي لئوڊ‬
‫اسپيڪرن تان اعلن ٿيا ته سنڌي ڊاڪو‪ ،‬راجا ڏاهر جي‬
‫اولد‪ ،‬مجاهدو ٻاهر نڪرو ۽ جهاد ڪيو ۽ ڪافرن کي‬
‫ماريو‪ .‬الطاف انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اهي جيئي ڀٽو جا نعرا‬
‫هڻي رهيا هئا‪ .‬جڏهن ته ان کان اڳ اها پروپيگنڊا هئي‬
‫ته‪” ،‬جيئي سنڌ“‪ ،‬جي نعرن سان حملو ٿيو‪ .‬بهرحال‬
‫دنيا جو اهو ڪو انوکو واقعو ڪونه هو‪ .‬دهشتگردن کي‬
‫ڪنٽرول ڪرڻ لءِ انهن کي گرفت ۾ آڻي پڪڙڻ لءِ‬
‫چئني طرفن کان گهيرو ڪري انهن کي بيوس ڪري‬
‫هٿيار ڦِٽو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي‪ .‬ها البته‬
‫ايترو ضرور آهي ته اسان اهو ڪڏهن ڪونه ٻڌو آهي ته‬
‫پاڻ کي‪” ،‬سپرپاور“ سڏائيندڙ مهاجر پنهنجي جنگ‬
‫وڙهڻ لءِ عورتن کي اڳيان آڻي ڏوهارين کي ڇڏائڻ لءِ‬
‫ٿاڻن جا گهيراءَ ڪن‪ .‬قرآن پاڪ جهڙي مقدس شيءِ‬
‫کي رستن ۽ روڊن لءِ استعمال ڪري انهن کي پيسا‬
‫ڏئي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لءِ استعمال ڪن‪ .‬انهن‬
‫عورتن کي باقاعده بغاوت تي آماده ڪري رستن تي‬
‫آندو ويو‪ ،‬جن مارڪيٽ ۽ سٽي ٿاڻن جو گهيراءُ ڪيو ۽‬
‫جن پوليس تي گوليون هليون‪ .‬جن ۾ ٽي سپاهي مئا‪،‬‬
‫ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ پوليس جواب ۾ گولي هلئي‪،‬‬
‫جنهن ۾ يقينا ا جاني نقصان ٿيو‪.‬‬
‫الطاف جي جواب ۾ اهو سوال آهي ته ڇا هو ان‬
‫ڳالهه کان انڪاري آهي ته سندس تنظيم ۾‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪115‬‬

‫دهشتگرديءَ جو رجحان موجود آهي يا نه؟ ڇا ان ڳالهه‬
‫کان هيءُ انڪار ڪندو ته آپريشن قلعي جي دوران‬
‫ايم‪.‬ڪيو‪.‬ايم جي دهشتگردن کان اهڙا هٿيار نه مليا هئا‪.‬‬
‫جيڪي پاڪستان آرڊيننس واهه فيڪٽري جا نه ٺهيل هئا‬
‫۽ جيڪي راڪيٽ لنچر سنڌي محلن تي ڦٽا ڪيا ويا‬
‫اهي ڪٿا آيا؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن! جيڪي روبرو‬
‫ٿيڻ جي صورت ۾ ئي سامهون اچي سگهن ٿا ۽ عوام‬
‫کي تسلي ٿي سگهي ٿي‪ .‬سنڌي عوام صرف اهو‬
‫سوچي سگهي ٿو ۽ سندس پختي راءِ آهي ته ”آپريشن‬
‫پڪي قلعي“ جي منظوري صدر ڏني‪ .‬آغا سعادت علي‬
‫شاهه جي نگراني ۾ پوليس اهو منظم آپريشن شروع‬
‫ڪيو‪ .‬جڏهن مثبت نتيجا نڪرڻ وارا هئا ته آءِ‪.‬جي‬
‫ذريعي ۽ صدر غلم اسحاق خان جي حڪم تي اهو‬
‫آپريشن روڪيو ويو جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه‬
‫ان وقت ڪشمير جي مسئلي تي اسلمي ملڪن جو‬
‫دورو ڪري رهي هئي‪.‬‬
‫الطاف‪ ،‬ان انٽرويو ۾ جيڪا آخري اپيل ڪئي‪ .‬اها‬
‫”بهارين“ متعلق هئي‪ .‬سوال اهو آهي ته اهي بهاري‬
‫جيڪي بنگال ۾ ڪافي عرصي کان رهڻ جي باوجود به‬
‫بنگالي نه ٿي سگهيا‪ .‬اهي هتي اچي سنڌي ٿي سگهندا‪.‬‬
‫هرگز نه ۽ ان کان سواءِ ضياءُالحق يارهن سالن تائين‬
‫اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ رهيو‪ .‬اوهان ان دؤر ۾ ته‬
‫خاموش رهيا ۽ جنرل ضياءُ پنهنجا ناتا دهليءَ سان‬
‫قابل قبول هو ليڪن سنڌين‬
‫جوڙيندو هو‪ ،‬ان ڪري هو‬
‫ِ‬
‫سنڌي جي ووٽ تي منتخب ٿي ايندڙ جماعت جي دؤر‬
‫۾ اوهان بهارين جو مسئلو ان ڪري اڳتي وڌايو ته‬
‫جيئن حڪومت ڪمزور ٿئي‪.‬‬
‫ڳالهه دراصل ذهني سوچ جي آهي‪ ،‬حقيقت هيءَ‬
‫آهي ته سنڌ جو عوام ۽ سياسي ڌريون زياده وڌيڪ‬
‫حقيقت پسند آهن‪ .‬انهن ۾ تاريخي شعور وڌيڪ آهي هو‬
‫مثبت ۽ عملي سياست ڪن ٿا‪ ،‬اها ڳالهه يو‪ .‬پي‪ .‬سي‪.‬‬
‫پي ۽ بهار جي ماڻهن ۾ نه آهي‪ .‬ٻي ڳالهه اها آهي ته‬

‫‪116‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫هندستان کان ايندڙ ۽ مهاجر سڏائيندڙن ۾ شروع کان‬
‫ئي سياسي قيادت جو بحران رهيو آهي‪ .‬جيڪي به‬
‫سندس ليڊر يا دانشور سامهون آيا سي سڀ تنگ نظر‬
‫ثابت ٿيا ۽ جيڪي ڪراچي‪ ،‬حيدرآباد ۽ سکر تائين‬
‫محدود رهيا‪ .‬صرف فتوائون جاري ڪرڻ‪ ،‬معمولي‬
‫اختلفات تي انسان کي قتل ڪرڻ‪ ،‬چندا گهرڻ‪،‬‬
‫مسجدن ۾ دنگا فساد ڪرڻ روشن خيالي نه هئڻ‬
‫ڪري‪ ،‬ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي ٿو‪ .‬مذهي بنيادن تي‬
‫هندستان ۽ پاڪستان ۾ شيعه سني فساد ۾ وڙهيا‪ .‬ڇو‬
‫ته ان جو سبب هڪ ته ”احساس برتري“ جيڪا کين‬
‫شروع کان هڪ طيءِ ٿيل سماجي نظام ذريعي تربيت‬
‫ٿي ملي‪ ،‬اهي ماڻهو هزارين سال پهرئين کان هندستان‬
‫۾ آيا انهن ان ملڪ کي پنهنجو وطن ٺاهيو‪ .‬هڪ‬
‫سماجي نظام ڏنو جنهن کي ”هندومت“ چيو وڃي ٿو ۽‬
‫هندومت انسان کي چار ذاتيون انساني تفريق تي‬
‫مشتمل رهيون آهن‪ .‬ان انساني تفريق خلف گوتم ٻڌ‬
‫سڀ کان پهرين بغاوت ڪئي‪ .‬ان کان پوءِ اسلم جي‬
‫پيغام ذريعي انساني تفريق خلف جهاد شروع ٿيو ۽‬
‫تاريخي حقيقت اها آهي ته اسلم کي قبول ڪرڻ ۾ به‬
‫سنڌ‪ ،‬پنجاب‪ ،‬سرحد‪ ،‬بلوچستان ۽ بنگال اڳڀرا رهيا‪،‬‬
‫انهن خطن کي اوليت رهي‪ .‬يو‪.‬پي‪.‬سي‪.‬پي ۽ بهار ۾‬
‫گهڻي تعداد ۾ ماڻهن اسلم نه قبوليو‪ .‬ڇو ته انساني‬
‫مساوات جو فلسفو برهمڻ کي قابل قبول نه هو‪ .‬البته‬
‫شودر ذات اسلم ۾ داخل ٿيندي وئي ۽ اهو به انڪري‬
‫ته جيئن برهمڻن جي ويجهو ٿي ڪري حڪمراني جا‬
‫فائدا حاصل ڪيون‪ .‬اها ذهنيت‪ ،‬اها سوچ انساني تفريق‬
‫۽ عام مساوات واري ذهينت هتي ماڻهو پاڻ سان گڏ‬
‫کڻي آيا هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين ان تي قائم آهن‪ .‬انهن جي‬
‫اها سوچ ته هر انسان‪ ،‬حقير هر خطو غير مهذب‪” ،‬ابي‬
‫سالي بنگالي هي“‪” ،‬سندهي هي“ اڪثر اسين رستي‬
‫ويندي اهو ٻڌندا آهيون‪ .‬ان کان سواءِ ان سوچ جو ٻيو‬
‫سبب انهن جا ٻه مڪتب فڪر‪ ،‬جي سوچ ۾ تحقيق ۽‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪117‬‬

‫تجزيو نٿو سيکاريو وڃي‪ .‬انهن جي مقابلي ۾ جيڪڏهن‬
‫اهو ڏسجي ته ”اهي هندو“ جيڪي ورهاڱي وقت هيءَ‬
‫سرزمين ڇڏي ويا‪ .‬يا کين ڇڏائي وئي‪ ،‬اهي اسان کي‬
‫ذهني طور بلند نظر ايندا‪ .‬انهن لڏي ويلن کي جڏهن‬
‫هندستان ۾ شرنارتي )مهاجر جو هم وزن لفظ( چيو‬
‫وڃي ٿو ته هو پنهنجي لءِ ان لفظ کي ”گار“ سمجهن‬
‫ٿا‪ .‬هنن اتي وڃي ڪابه شرنارتي قومي موومينٽ نه‬
‫ٺاهي آهي‪ .‬بلڪه مقامي معاشرن ۾ اهڙي طرح ملي‬
‫ويا آهن‪ ،‬جو هو اتان جي ثقافت‪ ،‬سياست جا نهايت‬
‫اهم ستون آهن‪ .‬اڄ هندستان جو صدر وي‪.‬پي سنگهه‬
‫شجاع آباد تحصيل فيصل آباد جو اصل رهاڪو آهي‪،‬‬
‫جيڪو پنهنجي وسيع تر سوچ ڪري شرنارتي نه رهيو‬
‫آهي‪ ،‬ايل‪ .‬ڪي آڏواڻي هڪ سنڌي هندو آهي‪ .‬ان جو‬
‫هندستان جي سياست ۾ اهم مقام آهي‪ ،‬جڏهن ته‬
‫اسان وٽ اصل پناهگير اڄ به اسان کي مسلمان نه‬
‫هئڻ جا طعنا ڏين ٿا‪ .‬هتي اچڻ سان ئي شروع کان ئي‬
‫ڪوشش ڪندا رهيا ته ڪهڙي طرح به ڪراچي‪،‬‬
‫حيدرآباد ۽ سکر کي ملئي الڳ صوبو ٺاهجي‪ ،‬جي اهو‬
‫ممڪن نه هجي ته انهن شهرن تي ڪنٽرول ڪري‬
‫وٺجي‪ ،‬اڄ ڏينهن تائين ڪونسلرن جي سطح تائين اها‬
‫حالت آهي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽‬
‫قتل عام خلف انهن جا ڪونسلر پوري طرح ملوث‬
‫رهيا آهن ۽ ڪيترن خلف ته ايف‪ .‬آءِ‪ .‬آر به ڪٽيون آهن‪.‬‬
‫جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ سنڌين جي سياستدانن يا‬
‫انهن جي ليڊرن هميشه پاڪستان ليول جي سياست‬
‫ڪئي آهي‪ .‬ذوالفقار علي شهيد کان نصرت ڀٽو‪ ،‬بينظير‬
‫تائين سنڌ جي حلقن کان سواءِ پنجاب جي حلقن مان‬
‫به اليڪشن ۾ بيهي ووٽ حاصل ڪري اهو ثابت ڪيو‬
‫آهي ته اسين ڪشاده دل سوچ جا مالڪ آهيون‪ ،‬تعصب‬
‫۾ يقين نٿا رکون‪ .‬دهشتگردي اسان جو تيور نه آهي ۽‬
‫نه ئي شان آهي ڇو ته ايمان اٿئون ته تشدد جي ڪلچر‬
‫۾ خون وهائڻ سان جذبن جي ته تشڪين ٿي سگهي‬

‫‪118‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ٿي‪ .‬ليڪن ان سان نسلي ڪلچر کي ڪو فائدو پهچي‬
‫نٿو سگهي صرف ۽ صرف هٿيار ۽ بارود کپائيندڙن کي‬
‫ئي فائدو ٿي سگهي ٿو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪119‬‬

‫عوامي راڄ ۽ تاريخ جو انتقام‬
‫صدين جي تجربن کان پوءِ انسان نتيجي تي پهتو‬
‫ته جنهن به نظام ۾ عوامي آواز يا عوام سان صلح‬
‫مصلحت شامل نٿي ڪئي وڃي‪ ،‬اهو نظام جٽادار ثابت‬
‫نه ٿيندو آهي ۽ نه عوامي ڀلئي جي ضمانت ملي‬
‫سگهي ٿي‪ ،‬ڇو ته جنهن صورتحال سان عوام جون‬
‫زندگيون عذاب بڻجي وڃن اها صورتحال عوام پنهنجي‬
‫مٿان پاڻ نازل نٿو ڪري سگهي‪ .‬جي مقصد کي چٽو‬
‫ڪرڻ ۾ لفظ راهن جر رنڊڪ نه هجن ته پوءِ ان‬
‫حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪيو‬
‫وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ به فقط ۽ فقط ”ذوالفقار‬
‫شهيد“ جي ذات اهڙي امر بڻجي چڪي آهي جنهن ‪-30‬‬
‫نومبر ۽ پهرين ڊسمبر ‪1967‬ع جي مبارڪ تاريخن تي‬
‫ان آفاقي حقيقتن کي تسليم ڪندي اعلن ڪيو ته‬
‫عوام طاقت جو سرچشمو آهي‪ .‬پاڪستان جي ڪنهن‬
‫به جماعت کي ان کان اڳي اها طاقت يا همت نه آئي‬
‫ته هو الله جي مخلوق کي پنهنجي منشور جو باقاعده‬
‫حصو بڻائين‪ .‬ان جو اعتراف ”چيئرمن شهيد“ جي‬
‫دشمنن به برمل ڪيو آهي‪.‬‬
‫مسٽر زيد‪.‬اي سيلري ان ڪڙم قبيلي جو صحافي‬
‫آهي جنهن کي شايد ڀٽو خاندان دشمني ورثي ۾ ملي‬
‫آهي‪ .‬اڄ به سندس اخباري مضمون پڙهندا ته صاف‬
‫واضح ٿيندو ته ضياءَ الحق جهڙي فسطائي شخصيت ۽‬
‫غلم محمد جهڙي آمر جي تعريف ڪندي شاباس ۽‬
‫نمڪ حللي جو سبق ادا ڪندو رهي ٿو‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن‬
‫ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو امام حسينؓ جي‬
‫مقابلي ۾ يزيد جو پرستار آهي‪ .‬پر اهو شخص به ‪-9‬‬
‫جولءِ ‪1965‬ع جي هڪ مضمون ۾ تسليم ڪري چڪو‬
‫آهي ته ”ڀٽو هڪ حقيقي قومي قائد آهي‪ ،‬هن جون‬

‫‪120‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پاڙون ملڪ اندر عوام ۾ کتل آهن ۽ کيس افريقي‬
‫ايشيائي قومن ۾ به عزت جي نگاهن سان ڏٺو وڃي‬
‫ٿو‪ .‬جڏهن شهيد ڀٽو آمريت خلف ۽ عوامي راڄ لءِ‬
‫ميدان ۾ نڪري آيو ته اڄ جي معروضي حالتن وانگر‬
‫سندس ڪردار ڪشي جي هڪ منظم مهم شروع ڪئي‬
‫ويئي‪ .‬جنهن شخص کي ”هلل پاڪستان“ جهڙو‬
‫امتيازي نشان ڏنو ويو‪ .‬ان خلف ٽريڪٽرن جو ڪوڙو‬
‫ڪيس ٺهڻ لڳو‪ .‬شهيد ڀٽي تي ڀارتي شهري ۽ آمريڪي‬
‫ايجنٽ هئڻ جا الزام لڳايا ويا‪ ،‬حالنڪ هو ‪ 8‬سال وزير‬
‫هو ۽ سلمتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو ڪيس شاندار‬
‫نموني وڙهيو‪ .‬صدر ايوب آمريڪي دٻاءَ هي) کيس‬
‫وزارت تان مستعفي ٿيڻ تي مجبور ڪيو‪ .‬سپريم‬
‫ڪورٽ ۾ سندس اپيل جي سماعت دوران به اها‬
‫ڪردار ڪشي جاري رهي‪ ،‬هڪ فسطائي ۽ فاشي‬
‫جماعت جي وزير اطلعات محمد اعظم فاروقيءَ جي‬
‫سرپرستيءَ ۾ ٽي‪.‬ويءَ تي ”ظلم جي داستانن“ جي‬
‫عنوان سان اها مهم جاري رهي ۽ ڪيترائي وائيٽ پيپر‬
‫شايع ڪيا ويا‪ .‬ملڪي مفاد ۽ سياسي مصلحتن خاطر يا‬
‫ٻين سببن ڪري حڪومت کي خصوصي اختيار مليل‬
‫هوندا آهن ته اها عدالتن جي فيصلن ۾ نرمي ڪري پر‬
‫مولنا ندويءَ جي جماعت ۽ سندس گروءَ ۽ جماعت‬
‫اسلمي جي ترجمانن‪ ،‬سپريم ڪورٽ طرفان اپيل رد‬
‫ٿيڻ کان پوءِ ڦاهي ڏيڻ جي حق ۾ روزانو جسارت‬
‫اخبار ۾ اداريه لکرايا ويا‪ .‬افغانستان ۾ هڪ عالم جي‬
‫مرڻ جي هڪ غير مصدقه خبر تي هنن افغانستان جي‬
‫حڪومت کي ڌمڪيون ڏنيون‪ ،‬پر ڀٽي جي حق ۾ عالمي‬
‫اپيلن کي هنن ملڪي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت سڏيو‪.‬‬
‫هيءُ هڪ دلخراش داستان آهي جنهن جا مکيه‬
‫ڪردار فطري ۽ قدرتي انتظام جو بي وزن نقشو بنجي‬
‫چڪا آهن‪ .‬پر اڄ به عوامي راڄ خلف ۽ انهن ماڻهن‬
‫خلف‪ ،‬جن غاصبن سان جنگيون جوٽيون ۽ جمهوريت ۽‬
‫عوامي راڄ کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيا‪ ،‬اگهاڙن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪121‬‬

‫لفظن‪ ،‬الزامن ۽ سازشن جو سلسلو جاري آهي‪ .‬هڪ‬
‫اهڙي جماعت به ان ۾ شامل آهي جيڪا قائد اعظم‬
‫جي ورثي جي امين سڏائي ٿي ۽ ڪيترن حصن ۾‬
‫تقسيم آهي‪ .‬مون کي قائداعظم جا اهي لفظ ياد پيا‬
‫اچن ۽ انهن جي تاريخي اهميت تي هينئر پختو يقين ٿي‬
‫ويو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ”منهنجي کيسي ۾‬
‫اڪثريت کوٽن سڪن جي آهي“‪ .‬۽حقيقت به اها آهي‬
‫ته انهن ئي کوٽن سڪن قائداعظم جي وفات کانپوءِ‬
‫ملڪ ۾ آمريت جا هٿ مضبوط ڪيا‪ .‬فوج کي سياست‬
‫۾ بڇيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لئن جو سلسلو شروع‬
‫ڪرايو‪ .‬انهن جمهوريت دشمنن کي اها ڳالهه ذهن‬
‫نشين رکڻ گهرجي ته جمهوريت اڄ سڄي دنيا جو‬
‫مشترڪه سرمايو آهي‪ .‬موجوده دور جي سياسي‬
‫ڪشمڪش ۽ دنيا جي بلڪن واري ورهاستي ۽ روايتي‬
‫ڪشمڪش جو خاتمو ٿيندو نظر اچي ٿو!!‬
‫هينئر پوئتي پيل ملڪن ۾ استحصال جون قبائلي ۽‬
‫جاگيرداري پاڙون ختم ٿي رهيون آهن ۽ آمريت پنهنجو‬
‫جواز ۽ بنياد وڃائي رهي هي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو‬
‫جمهوريت سڄي دنيا جي پورهيت عوام جو هڪ‬
‫مشترڪه موقف تي پاڪستان جي عوام هميشه‬
‫جدوجهد ڪئي آهي‪ .‬هو ڪڏهن به ان موقف تان‬
‫دستبردار ٿيڻ لءِ تيار نه ٿيندا‪ .‬امن‪ ،‬انصاف ۽ بقا جو‬
‫نعرو ۽ سوال هميشه محروم‪ ،‬مظلوم ۽ محنت ڪش‬
‫طبقن لءِ موت ۽ زندگيءَ جو سوال بڻجي بين القوامي‬
‫اهميت اختيار ڪندو رهيو آهي‪ .‬اسان جي ملڪ ۾‬
‫عوامي راڄ ۽ جمهوريت جي قيام کانپوءِ ماڻهن کان اها‬
‫توقع هئي ته هينئر سندن لءِ ڪجهه ٿيندو‪ .‬پر ملڪ ۾‬
‫جمهوريت دشمن قوتون وڌيڪ سرگرم ٿي ويون آهن‪.‬‬
‫جاسٽريٽ پاور“ جي زور تي فسطائي طريقا استعمال‬
‫ٿي رهيا آهن‪ .‬انهن ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته‬
‫وڏيون اخبارون هنن جو مڪمل ساٿ ڏيئي رهيون آهن‪.‬‬
‫سياسي ۽ جمهوري آزادي جو ”وفاقي اٿارٽي“ کي ختم‬

‫‪122‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪرڻ لءِ غير آئيني حرڪتون ڪيون پيون وڃن‪ .‬هڪ‬
‫اعلي پاڪستان جي تاريخ ۾ نيون روايتون‬
‫صوبائي وزير‬
‫ٰ‬
‫قائم ڪيون آهن جيڪي اڳتي هلي ايندڙ حڪومتن لءِ‬
‫ڪيترائي مونجهارا پئدا ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن‬
‫روايتن جو اثر اسان جي وطن جي ننڍن صوبن تي پوڻ‬
‫لزمي آهي‪ .‬سانئڻ وزير اعظم بينظير ڀٽو جي تقريرن‬
‫مان ۽ عوامي حاضريءَ مان ظاهر آهي ته عوام ساڻس‬
‫گڏ آهي ۽ سندس ذات تي اعتماد رکي ٿو‪ .‬پر ”وفاق“‬
‫جي بيوسي ڪيستائين جاري رهي سگهي ٿي‪ .‬اخبارن‪،‬‬
‫صوبائي حڪومتن ۽ سياستدانن جي بيان جو جائزو‬
‫ورتو وڃي ته انهن آزادي اظهار جي موجوده ڪيفيت ۽‬
‫سهوليتن کي استعمال ڪندي پنهنجو سڄو زور وفاقي‬
‫حڪومت خلف استعمال ڪيو آهي‪ .‬پر اهو ياد رکڻ‬
‫گهرجي ته ذاتي حملن کي برداشت ڪري سگهجي ٿو‬
‫پر هڪ اداري کي بچائڻ لءِ ڪابه ڪوتاهي صرف وزير‬
‫اعظم جوئي مقصد نه هئڻ گهرجي‪ .‬هيءُ ڪو سياسي‬
‫اختلف نه آهي‪ .‬بلڪ هيءَ جمهوريت جي فرضن ۾‬
‫مداخلت آهي‪ .‬جنهن لءِ ”آئيني سربراهه“ جا غير‬
‫جانبدار اختيارات آئين ۾ درج ٿيل آهن‪.‬‬
‫مان هتي هڪ سياسيات جي پڙهائيندڙ جي حيثيت‬
‫سان برطانيه جي پارلياماني تاريخ جو اهم ورق پيش‬
‫ڪريان ٿي‪ .‬پر ان کان اڳ نواز شريف‪ ،‬مولنا ندويءَ‬
‫جهڙن ٻين اعصابي مريضن کي صلح ڏينديس ته‬
‫سياستدان حضرات تي ڪروڙها ماڻهن جي جان ۽ مال‬
‫جي ذميداري عائد ٿئي ٿي‪ ،‬جي سندن دماغ پيچ ڍل ٿي‬
‫ويا آهن ته کين دماغي صحت جي ڊاڪٽرن کان معائنو‬
‫ڪرائڻ گهرجي‪ .‬هو بظاهر ته ٺيڪ ٺاڪ آهن‪ .‬اهڙين‬
‫حالتن ۾ صحت جهڙي موضوع کي ته نه ڇيڙڻ گهرجي‬
‫پر ڪنهن سياسي موضوع تي سياسي يا قومي اهميت‬
‫جي جلسن ۾ جيڪا ”زبان“ ۽ جيڪي لفظ استعمال‬
‫ڪري رهيا آهن تن لءِ کين گهرجي ته اعصابي مرضن‬
‫جي برطانوي ڊاڪٽر ”وليم گوڊي“ سان لهه وچڙ ۾ اچن‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪123‬‬

‫چوندا آهن ته ماضيءَ کي بدلئي نٿو سگهجي ۽ هڪ‬
‫دانشور جي بقول ته ”ماضيءَ مان حال ۽ مستقبل جي‬
‫جاميٽريءَ جا جيڪي ڏکيا ”ٿيورمس“ پيدا ٿين ٿا‪ .‬انهن کي‬
‫حل ڪرڻ به ڪڏهن ڪڏهن ته بدلئڻ جيترو ڏکيو ثابت‬
‫ٿئي ٿو‪ .‬مشهور فلسفي جان ڊيوئي هڪ هنڌ لکي ٿو ته‬
‫ماضيءَ کي ماضي ٿيڻ جي ڪري نٿو ياد ڪجي‪ .‬بلڪ ان‬
‫اضافي جي ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬جيڪو ان سان حال‬
‫۾ ڳنڍيل آهي ۽ ”ياد“ اهڙو نعم البدل قسم جو تجربو‬
‫آهي جنهن ۾ حقيقي تجربي جا سڀ ”قدر“ شامل آهن‪.‬‬
‫جڏهن ان کي ياد ڪري ٻيهر تازو ڪيو وڃي ٿو‪ .‬تڏهن اهو‬
‫هڪ سوچيل سمجهيل ۾ سلجهيل انساني تجربي ۾‬
‫واڌارو بڻجي ٿو‪ .‬مان هتي فيلڊ مارشل منٽگمريءَ جي‬
‫ڪتاب " ‪ "The path to leader‬تان هڪ ٽڪرو پيش‬
‫ڪريان ٿي جنهن ۾ منتخب پارليامينٽ کي ڀڃڻ وارن جو‬
‫انجام تفصيل سان ٻڌايل آهي‪.‬‬
‫” ‪ -20‬اپريل ‪1935‬ع“ تي برطانيا جي پارليامينٽ جو‬
‫خاتمو ٿي چڪو هو‪ ،‬برطانيا جي سر زمين تي ڪابه‬
‫حڪومت نه هئي‪ ،‬سواءِ ان شخص جي جنهن کي صرف‬
‫هڪ سال پهرين ان تي پارليامينٽ اسڪاٽ لينڊ‪ ،‬آئرلينڊ ۽‬
‫انگلستان جي فوجن جو ڪمانڊر انچيف ٺاهيو هو‪ .‬جاليور‬
‫ڪراموبل“ هينئر برطانيا جو پاڻ بادشاهه بڻجي پيو هو ۽‬
‫پاڻ کي ” لرڊ جنرل“ ڪوٺائڻ لڳو ۽ پنهنجي فوجن وسيلي‬
‫پارليامنٽ جي اسپيڪر کي ڪرسيءَ تان ڦٽو ڪرائيندي‪،‬‬
‫معزز ميمبرن کي ” ويست منسٽر“ جي ايوان مان ڌڪا‬
‫ڏياري ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين ۽ ايوان جي دروازن کي تال‬
‫هڻائي ڇڏيائين‪ .‬هن پهريائين پارليامينٽ جو اجلس ‪ 4‬جولءِ‬
‫‪1635‬ع تي طلب ڪيو پر اجلس ناڪام ٿيڻ جي صورت‬
‫۾ ڊسمبر ۾ اها پارليامينٽ به ٽوڙي ڇڏيائين‪ 16 .‬ڊسمبر‬
‫‪1635‬ع تي هن لرڊ پروٽيڪٽر جي حيثيت سان حلف‬
‫کنيو‪ .‬اٺن مهينن تائين هن آرڊيننس جي ذريعي حڪومت‬
‫ڪئي‪ .‬ڪراموبل حڪومت هلئڻ ۾ فوج جي عمل ۽ دخل‬
‫جو طلبگار هيو ۽ پارليامينٽ جي معزز ميمبرن کي عوام‬

‫‪124‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي مڪمل حڪمراني ۽ عوامي بالدستيءَ جي حق ڏيڻ‬
‫لءِ هر گز تيار نه هو‪ .‬سندس دليل هو ته اهڙيءَ طرح‬
‫ملڪ ۾ لقانونيت شروع ٿي ويندي‪ .‬سندس طاقت جو‬
‫سبب صرف اهو هو ته فوج جي ڪمانڊ هن جي هٿ ۾‬
‫هئي‪ .‬پارليامينٽ کي ختم ڪرڻ کانپوءِ حڪوومت ڪرڻ لءِ‬
‫هن اها تدبير سوچي ته لرد پروٽيڪٽر جي حيثيت سان‬
‫هن پارليامينٽ کي صرف ” مشوري“ جي حد تائين محدود‬
‫ڪري ڇڏيو‪ .‬قانون ٺاهڻ ۽ فيصل ڪرڻ جي قوت‬
‫پارليامينٽ کان کسي‪ ،‬هن برطانيا کي يارهن حصن ۾‬
‫ورهايو ۽ هر حصي تي هڪ ميجر جنرل مقرر ڪيو ويو‪.‬‬
‫هيءَ هڪ پوليس ڪاروائي هئي‪ .‬جيڪا تمام افسوسناڪ‬
‫ثابت ٿي‪1656 .‬ع ۾ اسپين خلف جنگ لءِ جڏهن پئسن‬
‫جي ضرورت پيئي تڏهن هن سڀني ميجر جنرلن کي ختم‬
‫ڪري فوجي حڪومت کي نئين شڪل ڏني‪ .‬بحال شده‬
‫پارلياماني حڪومت ۾ فوجي حاڪم کي مڪمل اختيار هيو‬
‫ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ميمبرن جون نامزدگيون‬
‫ڪري‪ .‬هتي به ڪرامويل کي ناڪامي ٿي‪ .‬ڪراموبل وري‬
‫پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو‪ ،‬هو بيمار پيو‪ ،‬ان سازشي‬
‫جوڙٽوڙ سندس مقصد پورا نه ڪيا‪ .‬مرڻ کان ڪجهه‬
‫ڏينهن اڳ هن پنهنجي پٽ کي لرڊ پروٽيڪٽر نامزد ڪيو‪،‬‬
‫پر هڪ سال جي اندرئي هن کي زوال پذير ٿيڻو پيو ۽ ٻن‬
‫سالن جي اندر اندر برطانيا ۾ بادشاهت ٻيهر بحال ٿي‬
‫ويئي‪ .‬ڪراموبل سياسي ۽ قومي ليڊر جي حيثيت سان‬
‫ناڪام رهيو‪ ،‬عوام هن کي پنهنجي ووٽ سان ڪڏهن به‬
‫منتخب نه ڪيو‪ .‬هن تجربن مٿان تجربا ڪيا‪ ،‬پنجن سالن ۾‬
‫پنج مختلف قسمن جي نظامن موجب حڪومتون ٺاهيو ۽‬
‫ٽوڙيون‪ .‬هن چارلس اول جي ڦاهيءَ جي وارنٽ تي‬
‫صحيحون ڪيون‪ ،‬فوج جي طاقت سان منتخب پارليامينٽ‬
‫کي ٽوڙيو ۽ اڪثر انهن ڪارواين ۾ ۽ ان حمايت ۾‬
‫ڪراموبل مذهب جو سهارو ورتو‪ .‬ني) سندس انجام اهو‬
‫ٿيو جو ‪ 10‬ڊسمبر ‪1660‬ع تي هائوس آف لرڊز ۽ هائوس‬
‫آف ڪامنس هتي حڪم ڏنو ته اليور ڪراموبل جتي به‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪125‬‬

‫دفن آهي ان جو لش ڪڍي ٽائيبرن )لنڊن جو مشهور‬
‫ڦاهي گهاٽ( پهچايو وڃي‪ .‬پوءِ ان لش کي ٽائيبرن ۾‬
‫زنجيرن سان ٻڌي لٽڪايو ويو‪ .‬اليور ڪراموبل جو سر ڌڙ‬
‫کان ڌار ڪري هڪ ٿنڀي تي ٽنگي ويسٽ منسٽر هال جي‬
‫ڇت تي ايترو مٿي ۽ واضح طور تي لڳايو ويو ته جيئن هر‬
‫شخص ڏسي سگهي عوام جي غضب جي نتيجي ۾ مئل‬
‫جو اهو وڍيل سر ‪1684‬ع تائين پورا ‪ 24‬سال لٽڪندو‬
‫رهيو ته جيئن وري ڪو آپيشاهي قائم نه ڪري سگهي‪.‬‬
‫ڪراموبل سان گڏ سندس ساٿارين جا جيڪي لش‬
‫چونڊيل نمائندن جي پارليامينٽ جي حڪم تي ڪڍيا ويا‪،‬‬
‫انهن ۾ ” هئنري آئرٽن‪ ،‬جان برايشا ۽ ٿامس پرائيڊ جا لش‬
‫به ٽائيبرن ۾ زنجيرن سان ٻڌي لٽڪايا ويا ۽ ڪجهه وقت‬
‫کان پوءِ ڦاهي گهاٽ هيٺان دفن ڪيا ويا‪.‬و‬
‫پارليامينٽ جي مزاج ۽ حڪم جي اها ڪيفيت چند‬
‫مهينن يا سالن جي پئداوار نه هئي‪ .‬ان جو سلسلو‬
‫ڏهائين تي مشتمل آهي‪ .‬هڪ ڳالهه جيڪا اسان کي ۽‬
‫سياستدانن کي ذهن نشين ڪرڻي آهي‪ ،‬اها هئي ته ظلم‪،‬‬
‫جبر ۽ قبضي پرستي ڪجهه عرصي لءِ ته برابر ڪامياب‬
‫آهي‪ ،‬پر هر جبر ۽ رڪاوٽ خلف عوامي مزاحمت پيدا‬
‫ٿيندي آئي آهي‪ ،‬غاصبن کي ياد رکڻ گهرجي ته وڏا وڏا‬
‫قلعا رياستون فتح ٿي سگهن ٿا‪ ،‬پر عوام جي دلين تي‬
‫حڪمراني يا انهن کي ڏاڍ سان فتح نٿو ڪري سگهجي‪.‬‬
‫تاريخ هر زماني ۾ اهوئي سبق ڏنو آهي ته اڄ جو پوکيل‬
‫سڀاڻي لڻڻو پوندو پوءِ ڇو نه اهو ايندڙ انسان کي ورثي ۾‬
‫ملي‪ .‬پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ اهي ”پوکيل ۽ لڻيل‬
‫فصل“ اسان جي آڏو ‪ 17‬آگسٽ جي هيبتناڪ ۽ عبرتناڪ‬
‫صورت ۾ سامهون آيا آهن‪.‬‬

‫‪126‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫نارجي جنگ ۽ پاڪستان جو امن‬
‫مشن‬
‫ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن سياست‬
‫۽ سائنس جي وچ ۾ دانشور جو شعور ۽ فڪر ناهي ته‬
‫سائنس ايٽم بم ٺاهي ٿي‪ ،‬سياست فاشزم ڏانهن گهلي‬
‫وڃي ٿي“ موجوده نار جي بحران جي اگر حقيقي طور‬
‫پرک ڪئي وڃي ته اها حقيقت پڌري پٽ ٿيندي ته‬
‫قابيل جي نسل جا مفاد پرست طبقا هميشه کان ان‬
‫گهات ۾ ويٺل ڏٺا ويا آهن‪ .‬ڪره ارض )ڌرتي( اهو واحد‬
‫سيارو آهي جنهن تي ذي روح ۽ ذهين مخلوق آباد آهي‪.‬‬
‫ليڪن پنهنجي سڄي ذهانت روحاني ۽ مادي ترقيءَ جي‬
‫باوجود بني نوع انسان هزارها سالن کان پنهنجي تاريخ‬
‫کي گهڻو ڪري جنگ ۽ جدل‪ ،‬ڪشت وخون جي ذريعي‬
‫ئي لکندو رهيو آهي‪ .‬ان عرصي ۾ انسانن باهمي‬
‫تباهيءَ جنگين ۾ انسانن جي ئي ذهانت ۽ محنت سان‬
‫تعمير شده ڪيتريون بستيون عظيم تهذيب کي نيست‬
‫۽ نابود ڪيو آهي‪ .‬پنهنجي تسائنسي ۽ فني ترقيءَ جي‬
‫وڏائيءَ ۾ پنهنجي ئي تباهي لءِ اهڙا ملڪ جنگي آلت‬
‫ايٽم بم ۽ ميزائل تيار ڪري ورتا آهن‪ ،‬جو اگر انهن کي‬
‫ڪنهن عالمي جنگ ۾ استعمال ڪيو وڃي ته نه هيءَ‬
‫ڌرتي بچي سگهي ۽ نه ان جا ذهين باشنده يا مخلوق‬
‫تباهيءَ کان بچي سگهندا‪.‬‬
‫”نار“ جو تڪرار ۽ پاڪستان جي حڪمت عملي اڄ‬
‫منهنجي سوچ ۽ قلم جو محور آهي‪ .‬اهو صحيح آهي ته‬
‫اسان ڳڀي ٽڪر لءِ پنهنجو ذهن وڪڻون ٿا‪ .‬يعني استاد‬
‫۽ ڏاهپ ورهائڻ واري عظيم ڪم سان منسلڪ آهيون‪.‬‬
‫پر هڪ ذميدار شهريءَ جي حيثيت سان ملڪ کي‬
‫درپيش مسئلن کان منهن نٿا موڙي سگهون‪ .‬هڪ اهڙي‬
‫مسئلي طرف رجوع ڪرڻ چاهيون ٿا‪ ،‬جنهن جو اثر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪127‬‬

‫ملڪ جي سياست‪ ،‬مستقبل يا دفاع ٿي پئجي سگهي‬
‫ٿو‪ .‬اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اها رهي آهي جو‬
‫مارشل ل جي نفاذ ۽ طوالت سبب اجتماعي ”سوچ“‬
‫غور ۽ فڪر جي روايت کي پختگي نه ملي سگهي آهي‪.‬‬
‫حالنڪه ان روايت سن حق انصاف ۽ صداقت جو غلبو‬
‫موجزن رهندو آهي‪ .‬سياست ۽ جمهوريت تي ايمان‬
‫پختو ٿيندو آهي‪ .‬موجوده نار جي تنازعي ۾ پاڪستان به‬
‫ته هڪ فريق جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري پاڪستان جي ان شرڪت کي به مارشل لئي‬
‫دور جو تسلسل چئي سگهجي ٿو‪ .‬حالنڪ ان تي‬
‫اختلف راءِ ڪري سگهجي ٿو‪ .‬پر حقيقت هيءَ آهي ته‬
‫اگر جناب نواز شريف جي ”نشري تقرير“ ۽ ڊاڪٽر‬
‫محبوب الحق جي ڏنل چارنڪاتي ”امن مشن“‬
‫منصوبي تي نظر ڊوڙائجي‪ .‬اهو امن مشن منصوبو نواز‬
‫شريف صاحب ايران ۽ ترڪيءَ طرف کڻي منزل طرف‬
‫روانو ٿي چڪو آهي ته ظاهر ٿيندو ته اسان جي ملڪ‬
‫جو صدر‪ ،‬وزيراعظم ۽ وزير خارجه صاحبزاده ملڪ جي‬
‫عوام جي جذبات ۽ احساسات کي لڪائي ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫پاڪستان واقعي عالمي امن چاهي ٿو‪ .‬مگر هي‬
‫افغانستان جو مسئلو هجي يا عراق‪ ،‬ايران جي جنگ يا‬
‫موجوده تڪرار‪ ،‬اڄ تائين افغانستان جو مسئلو حل ٿي‬
‫نه سگهيو آهي‪ .‬پاڪستان عراق‪ ،‬ايران جنگ ۾ غير‬
‫جانبدار پاليسي اختيار ته ڪئي آهي ۽ هينئر عراق خلف‬
‫جنگي جارحيت ۾ آمريڪي اتحادين جو ساٿاري ۽ وڪيل‬
‫بڻجي پيو آهي‪ ،‬جڏهن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي‬
‫حڪومت برطرف ٿي صدر مملڪت جي مشورن ۽‬
‫هدايتن کي نظر انداز ڪرڻ جو الزام غلط آهي‪ .‬ان لءِ‬
‫ان جو صدر صاحب اسان کي چيو ته صاحب زاده‬
‫يعقوب خان کي وزير خارجه مقرر ڪيو وڃي‪ ،‬اسان ان‬
‫ڳالهه کي مڃي ورتو‪.‬‬
‫نار جي جنگ ۾ جيستائين جارحيت ۽ ان کي ختم‬
‫ڪرائڻ جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ به عراق جي‬

‫‪128‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫دليل ۾ وزن آهي‪ .‬عراق جو موقف آهي ته پهرين‬
‫اسرائيل جي جارحيت جو خاتمو ڪيو وڃي‪ ،‬عراق‬
‫خلف هزارين ٽنن جي حساب سان بارود استعمال‬
‫ڪيو ويو آهي‪ .‬اهڙي ئي اصول ۽ مقصد جو اعلن‬
‫اسرائيل لءِ به ڪيو وڃي‪ .‬صرف جي کليل خلف‬
‫ورزين جو کيس حق ڏنو وڃي‪ .‬ان کان ڪير به انڪاري‬
‫نٿو ٿي سگهي ته ڪويت خلف جارحيت ٿي آهي‪ .‬ته‬
‫پوءِ آمريڪا کي صرف ۽ صرف ڪويت خالي ڪرائڻ لءِ‬
‫حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها‪ ،‬نه ڪي عراق جي‬
‫شهري آبادين تي حمل ڪري انساني‪ ،‬اخلقي ۽ جنيوا‬
‫ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کپي ها‪ .‬جيستائين‬
‫پاڪستان ۽ وزيراعظم جي نشري تقرير ۽ ”امن مشن“‬
‫منصوبي جو تعلق آهي‪ .‬ته ان سلسلي ۾ به معروضي‬
‫حالتن جي پيش نظر چئي سگهجي ٿي ته اهي‬
‫ڪوششون ڪامياب ٿيندي نظر نٿيون اچن‪ .‬ڇو ته اگر‬
‫”خود انحصاريءَ“ جي نالي تي آمريڪا خلف جنهن‬
‫هٿرادو محاذ آرائي کي فروغ ڏنو ويو اها هڪ نورا‬
‫ڪشتي ثابت ٿي چڪي آهي‪ .‬اگر ائين هجي ها ته خليج‬
‫جي جنگ ۾ پاڪستان سعودي عرب جو طرفدار نه‬
‫بڻجي ها‪ .‬بلڪ جيڪڏهن ”غير جانبدار“ رهي ها ته امن‬
‫لءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ها‪.‬‬
‫جناب نواز شريف جي تقرير سان آمريڪا ۽‬
‫سعودي عرب کي ضرور خوشي ٿي هوندي‪ .‬ليڪن‬
‫ايران ۽ عراق کي سخت صدمو رسيو هوندو‪ .‬ايران‬
‫جيڪو موجوده جنگ ۾ پنهنجي خلف عراق جي‬
‫”جارحيت“ کي گهڻي قدر وساري چڪو آهي ۽‬
‫غيرجانبدار آهي‪ .‬ايران‪ ،‬عراق سان ان ڪري همدرديءَ‬
‫جو اظهار ڪري رهيو آهي‪ ،‬جو عراق هڪ ئي وقت ۾‬
‫آمريڪا‪ ،‬اسرائيل ۽ سعودي عرب سان وڙهي رهيو‬
‫آهي‪ .‬ليڪن ڪربل ۽ نجف تي بمباريءَ کان پوءِ شايد‬
‫ايران ان غير جانبداريءَ واري پاليسيءَ تي به عمل پيرا‬
‫نه ٿي سگهيو‪ .‬ان ڪري ممڪن آهي ته ايران خارجه‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪129‬‬

‫پاليسيءَ ۾ پاڪستان سان گهڻو وقت ساٿ نه ڏئي‬
‫سگهندو‪ .‬وزير اعظم نواز شريف ايران کان پوءِ ترڪي‬
‫به پنهنجا فوجي اڏا به اتحادين کي ڏئي ڇڏيا آهن ۽‬
‫انهن اڏن تان اتحادي فضائيه جا بمبار جهاز ڏينهن رات‬
‫عراق تي حمل ڪري چڪا آهن‪.‬‬
‫ان پس منظر ۾ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي‬
‫ته ترڪيءَ کي عراق سان همدردي آهي؟ يا تڪڙي‬
‫”امن مشن“ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل آهي‪.‬‬
‫ٻئي طرف سعودي عرب پنهنجي دفاع لءِ پنهنجي‬
‫دوستن جي فوجي دستن کي گڏ ڪيو آهي ۽ عراق تي‬
‫اتحادي فوجن جي حملن جو آغاز سعودي سر زمين‬
‫کان ٿيل آهي‪ .‬ان صورتحال جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا‬
‫آمريڪا‪ ،‬سعودي عرب ۽ ان جي ٻين اتحادين ۾‬
‫پاڪستان شامل نه آهي؟ ياد رهي ته جنگ جو دائرو‬
‫وسيع ٿيل آهي‪ ،‬ان سان گڏوگڏ خطرا به وڌندا پيا‬
‫وڃن‪ .‬مصر‪ ،‬شام سعودي عرب جنگ ۾ فريق آهن‪.‬‬
‫اردن ۽ ايران جو لڙو عراق طرف آهي‪ .‬اتحادي ملڪن‬
‫سان وابسته مالي‪ ،‬اقتصادي مفادات ڪري اتحادي‬
‫ملڪن کان ساٿ ڇڏائڻ ۽ ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ آسان‬
‫نه آهي‪ .‬پاڪستان اهو ڪردار ادا ڪيو جيڪو آمريڪا‬
‫غير جانبدار ملڪ ئي ”امن مشن“ شروع ڪرڻ جو حق‬
‫رکي سگهي ٿو ۽ اهوئي مشن ڪاميابي سان همڪنار‬
‫ٿي سگهي ٿو‪ .‬جنهن ملڪ ۾ جارحيت جو شڪار ٿيل‬
‫ملڪ جي حمايت کي ”ڏوهه“ قرار ڏجي‪ ،‬جلسن ۽‬
‫مظاهرن‪ ،‬تصويرن ڇاپڻ ۽ ورهائڻ تي پابندي هجي‪ ،‬ان‬
‫ملڪ جون ڪوششون ڪيئن ڪامياب ٿي سگهن ٿيون‪.‬‬
‫پاڪستاني عوام سمجهي ٿو ته ڇا پاڪستان ثالث بڻجي‬
‫سگهي ٿو؟ يا ڪا مصلحت ڪرائي سگهي ٿو؟ عراق‬
‫ڪويت تي قبضو ڪيو‪ .‬جارحيت جو ارتقاب ٿيو‪.‬‬
‫اهڙي قسم جي واقعات جو تدارڪ هئڻ کپي‪.‬‬
‫ليڪن ان سلسلي ۾ عرب ليگ ۽ اسلمي ڪانفرنس‬
‫جي تنظيمن کي ملي ڪري ويهڻ گهرجي‪ .‬جنگ کي‬

‫‪130‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫روڪڻ لءِ متبادل طريقا ڳولڻ کپن ها‪ .‬هينئر صورتحال‬
‫اها آهي ته هڪ مسلمان ملڪ جي فوجي قوت کي‬
‫ختم ڪرڻ لءِ ڪيترن ٻين اسلمي ملڪن جي وسيلن ۽‬
‫افرادي قوت کي تباهه ڪيو پيو وڃي‪ .‬پاڪستان کي ۽‬
‫خصوصي طور مسلمان دنيا کي پنهنجي تباهي جي راند‬
‫۽ سازش ۾ فريق ٿيڻ بدران پاڻ ۾ ويهي ڪوششون‬
‫پهريون کان ئي شروع ڪرڻ گهرجن ها‪ ،‬عراق ۽‬
‫پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار شروع کان وٺي پيدا ٿيل نه‬
‫آهي‪ .‬اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ۽ تاريخي حقيقتن کي‬
‫ڪوڙو ثابت ڪرڻ برابر آهي‪ ،‬ته عراق شروع کان وٺي‬
‫ئي پاڪستان جو ڪشمير جي مسئلي تي ساٿ نه ڏنو‪.‬‬
‫يا وري اهو چوڻ ته سعودي عرب اسان کي معاشي ۽‬
‫سياسي طور فائدو پهچائيندو رهيو آهي‪ .‬سوال اهو‬
‫آهي ته نئين حڪومت خودانحصاري جي جنهن مشن‬
‫جو اعلن ڪيو ته پوءِ ڇا اها صرف سياسي فائدي‬
‫حاصل ڪرڻ لءِ نعرو ثابت ٿيندو؟ جيڪڏهن نه ته امداد‬
‫جي پيش نظر احسانمند هئڻ کپي ۽ نه ئي اها‬
‫دانشمندي آهي‪.‬‬
‫آمريڪا ڪهڙي ڏکئي وقت ۾ اسرائيل جي‬
‫فلسطين تي جارحيت ختم ڪرائڻ لءِ اقوام متحده جي‬
‫قراردادن عمل ڪرائڻ لءِ ڇو طاقت ۽ ڪوشش ۾‬
‫پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو آهي؟ فلسطين جي عوام‬
‫جي قتل عام ٿيڻ جي باوجود آمريڪا بهرحال اسرائيل‬
‫جي فوجي ۽ اقتصادي امداد جاري رکڻ جو سبب ۽‬
‫جواز ڇا آهي؟ عوامي احتجاج باوجود جيڪا نشري‬
‫تقرير تيار ڪري پڙهڻ لءِ وزير اعظم صاحب کي ڏني‬
‫وئي‪ .‬اهي ئي ساڳيون ڳالهيون چند ڏينهن اڳ‬
‫صاحبزاده يعقوب خان اخباري بريفنگ دوران ڪيون‬
‫هيون‪ .‬حقيقت هي آهي ته عراق انهن چند ملڪن ۾‬
‫شامل آهي‪ ،‬جن ڪشمير جي تڪرار ۾ شروع کان وٺي‬
‫پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي‪ .‬اقوام متحده جي رڪارڊ‬
‫مان تصديق ڪري سگهجي ٿي ته ڪڏهن به عراق‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪131‬‬

‫پاڪستان خلف ووٽ نه ڏنو ۽ شروعاتي ڏهن‪ ،‬ٻارهن‬
‫سالن تائين ووٽ ڏيندو رهيو‪ .‬پاڪستان ۽ عراق وچ ۾‬
‫هڪ فوجي معاهدو به ٿيو‪ ،‬جنهن جو نالو ”بغداد‬
‫معاهدو“ رکيو ويو‪ .‬هن معاهدي هي) عراق ۽ پاڪستان‬
‫خطري وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جا پابند هئا‪.‬‬
‫جڏهن عراق ۾ فوجي انقلب آيو ۽ شاهي‬
‫حڪومت جو خاتمو ٿيو‪ .‬ان وقت تائين پاڪستان ۽‬
‫عراق جا تعلقات مثالي هئا‪ .‬انقلب کان پوءِ بغداد‬
‫معاهدي جو نالو بدلئي ”نيٽو“ رکيو ويو ۽ ان معاهدي‬
‫مان عراق کي ڪڍيو ويو‪ .‬اهو فيصلو پاڪستان کي‬
‫نقصان پهچائيندڙن جو ساٿ نه ڏنو‪ .‬ٻنهي ملڪن جا‬
‫تعلقات خوشگوار آهن‪ ،‬ها البته گرمجوشي‪ ،‬سياسي‬
‫اقتصادي‪ ،‬ان ڪري نه رهي جو پاڪستان شروع کان‬
‫مغربي ملڪن جو دوست رهيو آهي‪ .‬جڏهن ته عرق ۾‬
‫انقلب کان پوءِ قائم ٿيندڙ حڪومتون مغرب نوازيءَ‬
‫ڪري ڪيترا عرب ملڪ ۽ ٻيا اسلمي ملڪ به اسان‬
‫جي ويجهو نه اچي سگهيا ۽ ان جا سبب مختلف آهن‪،‬‬
‫پر ان جو مطلب اهو ته نه آهي‪ ،‬ته اهي ملڪ اسان جا‬
‫دشمن يا مخالف آهن‪ .‬هيءَ رٿ تجزيي يا تبصري جي‬
‫نه آهي‪ .‬صدر صدام حسين ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟‬
‫سندس رويو اسان سان ڇا آهي؟ حقيقت هي آهي ته‬
‫عراق جي فوجي ۽ افرادي قوت اتان جو عوام عالم‬
‫اسلم لءِ سرمايو آهي‪ .‬فرد ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ گهرو‬
‫رشتو آهي‪ .‬ڪن جي طاقت نه به هوندي آهي پر‬
‫هزارين تبديليون ٿي وينديون آهن‪ .‬هڪڙو واقعو يا‬
‫ڪردار مقدار ۽ معيار ۾ ضرور بدلبو آهي‪ ،‬پر ان ۾‬
‫نمايان حصو تبديلي آڻيندڙ لمحي جي ڳاڻيٽي ۾ ايندو‬
‫آهي‪.‬‬
‫عراق جي فوجي طاقت متعلق آمريڪا جي‬
‫ڊاڪٽرن جان هميلين جيڪو صدر ريگن جي دؤر ۾‬
‫آمريڪي بحريه جو وزير هي چڪو آهي‪ -10 .‬جنوري‬
‫وسطي‬
‫‪1991‬ع جي شام جو هڪ تقريب ۾ ”مشرق‬
‫ٰ‬

‫‪132‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جو بحران“ جي عنوان سان هڪ‪ ،‬اڌ ڪلڪ تقرير‬
‫ڪئي‪ ،‬جنهن ۾ هن امڪاني جنگ متعلق تجزيو ۽ تبصرو‬
‫وسطي جي اهميت‬
‫ڪيو‪ .‬هن پنهنجي خطاب ۾ مشرق‬
‫ٰ‬
‫۽ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ تيل جي وڌيل اهميت آمريڪا‬
‫جي دلچسپيءَ متعلق تاريخي حوالن سان پنهنجو نقطه‬
‫نظر ٻڌائيندي چيو ته ”عراق خلف جنگ جي پهرئين‬
‫مرحلي ۾ مسلسل فضائي حملن سان آمريڪا ‪ 24‬کان‬
‫‪ 48‬ڪلڪ جي اندر فضائيه تي مڪمل ڪنٽرول ڪري‬
‫وٺندو‪ .‬فضائيه فوجي تنصيبات ائٽمي مرڪز فوجي‬
‫سپلءِ جا ڊيپو اهم شاهراهون ۽ فوجي مواصلت جا‬
‫مرڪز تباهه ڪيا ويندا‪ .‬ٻئي مرحلي ۾ بحري هٿيارن جو‬
‫استعمال ڪيو ويندو ۽ ٽئين مرحلي ۾ اتحادي فوجن کي‬
‫اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ويندو‪ .‬جان هميلين ماهرانه‬
‫وسطي جي هيءَ امڪاني جنگ‬
‫انداز ۾ چيو ته مشرق‬
‫ٰ‬
‫هڪ يا ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندي اسرائيل متعلق چيو‬
‫ته اسرائيل جي جنگي شرڪت بغير ئي آمريڪا ۽ ان‬
‫جي اتحادين جي عسڪري قوت عراق سان وڙهڻ لءِ‬
‫ڪافي آهي‪ .‬هن چيو ته صدر صدام حسين خوابن جي‬
‫دنيا ۾ آهي‪.‬‬
‫هو اسرائيلي فضائي نظام کي اورانگي نٿو‬
‫سگهي‪ ،‬اهو نظام بيحد چوڪس آهي‪ .‬عراق اسرائيل‬
‫جي علوه ٻن ٽن بستين تي روسي ساخت جي‬
‫ميزائيلن يا هڪ ٻه اسڪرڊ ميزائل ڪيرائڻ ۾ ڪامياب‬
‫ٿيندو‪ .‬پنهنجي ان خطاب ۾ ڊاڪٽر جان هميلين اهو به‬
‫چيو ته برطانيه جي فوجي دستن کان سواءِ باقي ٻين‬
‫ملڪن جا فوجي دستا محض هڪ ٻوجهه آهن‪ .‬ڇو ته‬
‫هر ملڪ جي فوجي دستن جو پنهنجو ڪلچر زبان‬
‫عادتون طرز عمل‪ ،‬حڪمت عملي ڪمانڊرن جو طرز‬
‫فڪر مختلف آهن‪ .‬پر جنگي ڪوآرڊينيشن پيدا ڪرڻ‬
‫مشڪل ڪم آهي‪ .‬جيڪو جنگ جهڙي سرعت رفتار‬
‫عمل جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿو‪ .‬البته هن انهن‬
‫فوجي رستن جي سياسي ۽ نفسياتي اهميت کان انڪار‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪133‬‬

‫نه ڪيو‪ .‬هڪ جنگي ماهر جي راءِ جنگ کان ڪيتري قدر‬
‫صحيح ثابت ٿي آهي‪ ،‬ان جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو نه آهي‪.‬‬
‫‪ 24‬کان ‪ 48‬ڪلڪن اندر عراق کي تباهيءَ جي صورت‬
‫۾ ڏسڻ وارن لءِ عبرت ۽ حيرت جو مقام آهي ته هڪ‬
‫هفتي جي جنگ ۾ به اڃا اتحادي فوجون ٻئي مرحلي ۾‬
‫داخل ٿيڻ واري پوزيشن تائين نه پهچي سگهيون آهن‪.‬‬
‫اهو اتحادي فوجن جوهڪ خواب هو‪.‬‬
‫پر پاڪستان ۽ اسلمي ملڪن جو اهو فرض آهي‬
‫ته هو اتحادين جي ان خواب کي خواب ئي رهڻ ڏين‪.‬‬
‫ٻي ڳالهه ۽ اهم نقطو جيڪو فوجي دستن متعلق ڊاڪٽر‬
‫جان هميلين واضح ڪيو آهي‪ ،‬ته برطانيه کانسواءِ باقي‬
‫ٻين جون فوجون ۽ دستا نفسياتي ۽ سياسي طور‬
‫آمريڪا کي فائدو پهچائي مطمئن ڪرڻ لءِ هڪ‬
‫مسلمان ملڪ خلف فريق بڻجي س‪Ô‬گه‪Ô‬ون‪ .‬۽جڏهن ته‬
‫اسان اعلن ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني دستا نه‬
‫آمريڪي نه اتحادي فوجن جي زيرنگراني آهن‪.‬‬

‫‪134‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪ -4‬مارچ جي اهميت ۽ ان جون‬
‫تقاضائون‬
‫مارچ جي چوٿين تاريخ سنڌي شاگردن جي‬
‫جدوجهد ۽ ٻڌيءَ جو تاريخي ڏينهن آهي‪ .‬ان ڏينهن تي‬
‫سنڌي شاگردن تعليمي ادارن ۾ ڪامورا شاهي جي‬
‫مداخلت خلف‪ ،‬سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور‬
‫مڃائڻ ۽ سنڌ جي حيثيت بحال ڪرائڻ لءِ جڏهن‬
‫احتجاج ڪيو تڏهن ڪمشنر مسرور حسن جي حڪم‬
‫تي اسان جي نوجوانن تي لٺيون وسايون ويون‪.‬‬
‫اڄوڪي ڏينهن جو اهو هڪ پس منظر آهي‪ ،‬جنهن کي‬
‫هر باشعور ماڻهو ۽ فرد پنهنجي پنهنجي اندر‪ ،‬ڏاهپ‪،‬‬
‫عقل ۽ شعور سان ڏسندو ۽ راءِ جو اظهار ڪندو هلندو‪.‬‬
‫آءي چوان ٿي ته ‪ -4‬مارچ ‪1967‬ع کان اڄ جي ”قومي‬
‫جرڳي تائين“ سنڌي نوجوان شاگرد ساٿين جيڪي‬
‫ذهني ۽ جسماني قربانيون ڏنيون آهن‪ ،‬دنيا جي ڪابه‬
‫قوم اهڙي تاريخي نوجوان شاگردن جي قربانين جي‬
‫سياسي ڏاهپ‪ ،‬سوچ ۽ ڌرتيءَ سان ”نباهه“ ڪرڻ‬
‫واري ڏاهپ اڃا تائين پيش ڪري نه سگهي آهي‪ .‬دنيا‬
‫جي ڪنڊ ڪرڇ مان شاگردن جي جدوجهد ۽ احتجاج‬
‫جون ڪڏهن ڪڏهن خبرون پڙهندا رهندا آهيون‪ .‬پر‬
‫پاڪستان جي غير فطري ورهاڱي کان پوءِ ”سنڌي‬
‫اعلي‬
‫نوجوان“ همت‪ ،‬جرئت ۽ سياسي سجاڳيءَ جا‬
‫ٰ‬
‫اعلي روايتون پيش ڪيون آهن‪ .‬پر سنڌي قوم‬
‫قدر ۽‬
‫ٰ‬
‫وانگر سنڌي شاگرد به بدقسمت ۽ يتيم رهيا آهن‪ .‬پر‬
‫بهرحال مان ڪارل مارڪس جي هڪ حوالي جي‬
‫پيروي ڪندي‪ ،‬عمل ڪندي اوهان سڄڻ ساٿين جو‬
‫ٽائيم ضايع ڪرڻ بغير چند ضروري ڳالهيون عرض‬
‫رکنديس‪ .‬ڪارل مارڪس جو چوڻ آهي ته ”آءي واندو نه‬
‫ٿو ويهي سگهان ان ڪري جو منهنجي ذهن تي‪ ،‬جنهن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪135‬‬

‫ڳالهه قبضو ڪيو آهي اها هيءَ آهي ته ساهي پٽڻ کان‬
‫سواءِ جدوجهد ڪرڻ‪.‬و‬
‫دوستو! اها حقيقت ته پڌري پٽ آهي ته فقط دشمن‬
‫ئي اسان جي ذلتن جو ڪارڻ نه آهن‪ .‬اسان وٽ گروهي‬
‫سياست‪ ،‬اجتماعي سياست کان اڳڀري رهي آهي‪.‬‬
‫عبدالواحد آريسر صاحب بلڪل صحيح فرمايو ته سنڌي‬
‫تاريخ جي ڪنهن به موڙ تي متحد نه رهيا آهن‪ ،‬سندن‬
‫ڪابه متحد فوج نه رهي آهي‪ .‬مان به ساڻس سهمت‬
‫آهيان ته جڏهن محمد بن قاسم حملو ڪيو ته راجا ڏاهر‬
‫وٽ به ڪا فوج ڪونه هئي ۽ هن راجپوت راڻن کان‬
‫فوجون گهرايون هيون‪ .‬تاريخ جي ڪابه شاهدي نه ٿي‬
‫ملي ته اسين متحد رهيا آهيون‪ .‬انفرادي طور بهادر پر‬
‫اجتماعي طور منتشر قوم‪ .‬پر هينئر سڀ دليل سڀ‬
‫شاهديون بي معنائون ثابت آهن‪ .‬ان لءِ جو سنڌ بهادر ۽‬
‫باشعور عوام جو ديس آهي‪ .‬هميشه سنڌين ڌارين سان‬
‫مزاحمتون ڪيون آهن‪ .‬کين پيار نه مليو‪ ،‬امن نه مليو‪،‬‬
‫سک نه مليو‪ .‬ويڪائو وڏيرا‪ ،‬ڀاڙيتو طبقا اڄ به ڌارين جا‬
‫ساٿاري آهن‪ .‬پر عوام ” اتحاد ايڪي“ ۽ ڪجهه ڪرڻ لءِ آتو‬
‫آهي ۽ هينئر عوام اليڪشن جي هلچل يا ڪنهن سياسي‬
‫تحريڪ بجاءِ سنڌ جو مستقبل چاهي ٿو‪ .‬ان لءِ ان کي‬
‫ٽائيم وڃائڻ بغير ڪارل مارڪس جي صحيح نشاندهيءَ‬
‫وارو رستو اختيار ڪري ساهي پٽڻ کان سواءِ ئي حقيقي‬
‫۽ تاريخي فيصل ڪري اڳتي وڌڻو پوندو‪.‬‬
‫دوستو! ان لءِ عرض آهي ته اسين ڪا وڏي جنگجو‬
‫قوم نه آهيون اگر ڪي چند دوست چند ” ڪهاڙيون گڏ‬
‫ڪري“ سمجهن ٿا ته ان جو استعمال ڪو سنڌ جو يا‬
‫سنڌين جي مسئلي جو حل آهي ته اها غير سائنسي‬
‫سوچ هينئر تبديل ٿيڻ کپي‪ .‬اسان کي اها خبر آهي ته‬
‫” پاڻي پٽ“ جهڙي جنگ ڪڏهن به اسان نه وڙهي سگهيا‬
‫آهيون دٻي ۽ مياڻيءَ واري جنگ ڪيترا ڪلڪ هلي‪،‬‬
‫حقيقت جو اعتراف هئڻ کپي‪ .‬صوفي عنايت شهيد وڏي ۾‬
‫وڏي جنگ ‪ 40‬ڏينهن ڪئي ۽ اها به پنهنجي ” وڏيرڪي“‬

‫‪136‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تسلط خلف ها البته هڪ ڪهاڻين مان سبق مليل اٿئون‬
‫ته ” راءِ ڏياچ“ ڀٽائيءَ جي زباني فرمائي ٿو تها‬
‫رن پائي‪ ،‬جي تند برابر‬
‫سؤ‪ِ ،‬‬
‫”گهر سورٺ نه پڙي َ‬
‫س ِ‬
‫توريان“‬
‫دوستو! ان صورتحال ۾ جڏهن ” والٽيئر“ جا هي لفظ‬
‫ذهن ۾ اچن ٿا ته تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اها ڳالهه‬
‫چڱي نموني سان واضح ٿئي ٿي ته قزاقن جي قتل ۽‬
‫غارت گريءَ کي بهادريءَ جا ويس ڍڪائي پڙهندڙن جي‬
‫دلين تي روايتن‪ ،‬وهمن ۽ قصيدن جو بوجهه وڌو ويو‬
‫آه‪Ô‬ي‪ .Ô‬۽ان بوجهه مان سلمتي سان نجات حاصل ڪرڻ‬
‫ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي‪ .‬برابر دوستو ڏکيو ڪم آهي‪ .‬پر هڪ‬
‫ڳالهه ويٺلن کي ذهن ۾ رکڻ کپي ته چوٿين مارچ هجي يا‬
‫سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جو مسئلو يا ڪراچيءَ کي‬
‫الڳ ڪرڻ وارو مرحلو يا وري ‪1983‬ع ۽ ‪1986‬ع جي‬
‫جدوجهد انهيءَ جدوجهد ۽ هلچل ۾ برابر اسان کي‬
‫قربانيون ڏيڻيون پيون‪ .‬ڳوٺن تي بمباريون ٿيون‪ .‬تشدد ٿيا‪.‬‬
‫جٽوڙهي ڦاٽڪ“ جي جوڌن جون قربانيون‪ .‬پر ڇا سنڌ‬
‫بمبيءَ کان آزاد نه ٿي‪ .‬ڇا ون يونٽ نه ٽٽو‪ .‬ڇا ايم‪.‬آر‪.‬ڊي‬
‫جي تحريڪن کان پوءِ اسلم آباد پنهنجي سوچ تبديل نه‬
‫ڪئي‪ .‬اهو سڀ ڪجهه ممڪن ان ڪري ٿيو جو انهن‬
‫وقتن تي اسين متحد ٿيا سون پر اُٻهري قسم جي‬
‫موسمي ۽ مندائتي سياسي طاقتن اسان کي ڇڙوڇڙ ڪيو‬
‫پنهنجي ذاتي انائن خاطر‪ .‬اهو به سوچڻ گهرجي ته اسين‬
‫حريف قوتن دشمن قوتن آڏو نئين ڄاول ٻار وانگر آهيون‪،‬‬
‫پر هو اسان کان خوف ڇو ٿا کائين ۽ سنڌين جي ان‬
‫مزاحمت جو جيڪڏهن ڪنهن دانشور بغور مطالعو ڪيو‬
‫هجي ۽ ڪا ريسرچ ڪئي هجي ته اسان جون ڪيتريون‬
‫” خوبيون“ آڏو اچي سگهن ها‪ ،‬۽ استعمال وقت انهن جو‬
‫صحيح استعمال ڪري سگهجي ها‪ .‬ته اڄ اسان جا‬
‫” سياسي مسئل“ ايترا تڪليفده نه ٿي وڃن ها‪ .‬پوءِ هيءُ‬
‫ڪهڙو ظلم ٿي ويو جو چند لڏي آيل مسلح دهشتگردن‬
‫اسان جي خون سان رستا ڳاڙها ڪري ڇڏيا‪ .‬اڄ چوٿين‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪137‬‬

‫مارچ جي حوالي سان ڪو گس ڪڍڻو آهي‪ .‬ته ڇا هن‬
‫ملڪ جي ” سياسي اکاڙي“ ۾ هر وقت دهشتگرديءَ لءِ‬
‫تيار رهجي‪ .‬يا پنهنجي ” احتسابي خوبين“ ۽ سچائيءَ‬
‫صداقت وارو رستو اختيار ڪري ٺوس دليلن‪ ،‬سان ” ايڪي‬
‫۽ اتحاد“ سان سڀني ” ڏوهاري سياستدانن“ کي ڏوهي‬
‫سمجهي پنهنجي ضمير جي عدالتن مان انهن کي‬
‫ڇوٽڪارو ڏيون‪ .‬انهن کي آزاد ڪريون‪ .‬ڇو ته سياست ۾‬
‫جمهوري اختلف ٿيندو آهي پر بااصول‪ ،‬قومون باوقار‬
‫قومون اختلفن کي دشمنيءَ جي حد تائين نه وڌائينديون‬
‫آهن‪ .‬دوست پيدا ڪرڻ سياست جو فن آهي ۽ جنهن‬
‫معاشري ۾ سماجي ۽ معاشي ايجنڊا کي ڌڪيو وڃي اتي‬
‫۽ ان معاشري ۾ وڌيڪ سياسي عمل‪ ،‬سياسي طريقا‪،‬‬
‫ايجاد به ڪرڻا پوندا‪.‬‬
‫دوستو! نيلسن منڊيل چوي ٿو ته ظلم خلف‬
‫وڙهندڙن ۾ اختلفات جو هجڻ هڪ ”ذهني عياشي“‬
‫آهي ۽ ڇا سنڌي قوم اها عياشي ڪرڻ جي اسطاعت‬
‫رکي ٿي هرگز نه!‬
‫هينئر جيڪا پاڪستاني سوچ آهي‪ ،‬سا درٻاري‬
‫سوچ آهي‪ .‬عزيزآباد ۽ اسلم آباد هڪ ٿي وئي آهي‪.‬‬
‫اسان جي زمينن تي قبضا ڪندڙ ۽ اسان کي ”ٿاڻي‬
‫بولخان“ ۾ گاديءَ جو هنڌ ٺاهڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ‬
‫سنڌين کي سبق سيکارڻ لءِ نت نوان منصوبا تيار ڪيو‬
‫ويٺا آهن ۽ انهن ئي دشمنن جا ايجنٽ اسان جي درميان‬
‫به آهن‪ .‬انهن کي پنهنجي صفن مان ڌڪاري ٻاهر ڪڍي‬
‫اچو ته اڄ هن ڏينهن جي قربانين ۽ تقدس کي پامال‬
‫ٿيڻ نه ڏيون‪.‬‬
‫ته سنڌ جي حقن لءِ عملي جدوجهد ڪندڙ‬
‫‪.1‬‬
‫پارٽين ۽ سندن وچ ۾ تضادن کي ختم ڪري‬
‫سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ پنهنجي پنهنجي‬
‫طاقتن کي مجتمع ڪري ”گڏيل جدوجهد“‬
‫هلئڻ جو فوري اعلن ڪن ۽ انهن جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪138‬‬

‫‪.2‬‬

‫‪.3‬‬

‫‪.4‬‬

‫‪.5‬‬
‫‪.6‬‬

‫نگراني لءِ دانشورن جي هڪ ٽيم منتخب‬
‫ڪئي وڃي ۽ ان ٽيم کي بااختيار بنايو وڃي‪.‬‬
‫ٻئي طرف ” سڀني سنڌ دوست“ تنظيمن جو‬
‫ڪو مستقل اتحاد يا فيڊريشن قائم ڪئي‬
‫وڃي‪ ،‬جيڪا سنڌ جي ” مڪمل اتحاد“ لءِ‬
‫جدوجهد کي پنهنجو اهم مقصد بڻائي‪.‬‬
‫فوري طور تي ”سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ“‬
‫آدم شماريءَ جي مسئلي وانگر ”بلدياتي‬
‫چونڊن“ جي ڪم کي هٿ ۾ کڻي شناختي‬
‫ڪارڊن‪ ،‬حلقه بندين ۽ ”متفقه اميدوارن“‬
‫ڏانهن وڌ ۾ وڌ توجهه ڏنو وڃي‪.‬‬
‫هڪ ”ڊڪليئريشن يا ياداشت نامو“ تيار‬
‫ڪري سنڌ جي سنڌي سياستدانن ڏانهن‬
‫موڪليو وڃي ته جيئن هو اسيمبلين ۾‬
‫پنهنجي ڪردار کي صحيح نموني ۾ پورو‬
‫ڪن‪ ،‬ورنه انهن جو سندن حلقن ۾ هر‬
‫قسم جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي‪.‬‬
‫ملڪ اندر چاهي ملڪ کان ٻاهر جمهوريت ۽‬
‫بنيادي حقن لءِ جدوجهد ڪندڙ طبقن ۽‬
‫ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچجي‪.‬‬
‫دوستو! ان کان سواءِ به ڪيترائي اهم مسئل‬
‫۽ تجويزون ذهن ۾ اچن ٿيون‪ .‬پر هڪ ته‬
‫” بنيادي ڪم“ هٿ ۾ کڻجي ڪو مستقل‬
‫”ادارو“ مرڪز قائم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي‬
‫اعتماد ۽ اعتبار ڪرڻ سکيو وڃي‪ ،‬سيکاريو‬
‫وڃي‪ .Ô‬۽ڏنو وڃي ته خود به خود ٻيا مسئل پيدا‬
‫ٿيڻ وقت ئي حل ٿي سگهن ٿا‪ .‬آخر ۾ ائين‬
‫چونديس ته اسان ” محسوس“ ڪرڻ سان‬
‫گڏوگڏ ” عمل“ جو به ڪلچر پيدا ڪريون‪.‬‬
‫نظرياتي پختگي مقصد سان سچائي عمليت‬
‫پسندي ۽ اجتماعي منصوبه بندي اسان کي‬
‫اتحاد ايڪي ۽ ٻڌيءَ طرف گهليندي ضرور ۽‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪139‬‬

‫اها ئي اڄوڪي ڏينهن جي اهميت آهي ۽‬
‫شهيد کي خراج تحسين ۽ خراج عقيدت‪.‬‬
‫مهرباني‬

‫‪140‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پنجاهون جشن آزادي ۽ تبديليء جي‬
‫عزم جي ضرورت‬
‫زندهه قومون پنهنجي آزادين جا جشن ملهائينديون‬
‫رهنديون آهن‪ .‬اهڙي طرح جشن ملهائڻ جو فيصلو‬
‫صحيح ۽ وقتائتو ثابت ٿيو آهي‪ .‬سياسي اختلفن کي‬
‫پاسيرو رکي ڏسجي ته اهو فيصلو ان ڪري صحيح آهي‬
‫ته قوم کي ۽ ادارن کي ياد ڏيارجي ته ”ڪمزور‬
‫نظرياتي هم آهنگي“ مضبوطيءَ بجاءِ ڇو وڌيڪ‬
‫ڪمزور ٿيندي وئي؟ ملڪ جي ان اهم مرحلي تي اهو‬
‫فيصلو ڪرڻو هو ۽ آهي ته ماضيءَ جي غلطين جو‬
‫ورجاءُ نه ڪجي؟ عوام کي ۽ خاص طور تي سياسي‬
‫ڪارڪنن کي ويڳاڻپ واري ماحول ۾ ڇڏي ڏجي؟ انهن‬
‫ڪارڪنن جي ڪيل جدوجهد کي وساري ڇڏجي؟‬
‫جاگيرداري سماج جي تضادات ۾ ڪوبه صحيح ڳالهه نه‬
‫ڪري؟ ان ڪري فيصلو اهو ٿيو ته جشن آزادي ملهائي‬
‫غلطين جي ازالي جو موقعو فراهم ڪيو وڃي‪ .‬يعني‬
‫ان الحينات يذهبن السيات ۽ مون به قومن کي فطرت‬
‫۽ مذهب جا اهڙا موقعا فراهم ڪيا آهن ته هو سڌي‬
‫واٽ هلي‪ .‬انصاف جي واٽ تي هلي‪ .‬نا انصافين کان‬
‫ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺن‪(.‬‬
‫اڄوڪي جشن آزادي اسان لءِ هڪ موقعو آهي ته‬
‫ماضيءَ جي برگر ڪلچر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون‪،‬‬
‫هزارين سالن کان سماج ۾ ڪمزور جي ڏاڍي سان‬
‫فردن‪ ،‬قومن ۽ طبقن جي آزادي لءِ‪ ،‬امن ۽ آسودگي‬
‫لءِ جنگ جاري آهي‪ .‬ان جنگ ڪيترائي محاذ ۽ ميدان‬
‫وڃايا ۽ هٿ ڪيا آهن‪ .‬جسرد جنگ“ ۽ ”نيو ورلڊ“ آرڊر‬
‫تائين ڪيترائي پليٽ فارم يا محاذ ملندا رهيا آهن‪ .‬جتان‬
‫قومن پنهنجا ڪردار تبديل ڪري ڇڏيا‪ .‬ڪيترن ئي تاريخ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪141‬‬

‫مان سبق حاصل ڪيا ۽ پڙهايا به آهن‪ ،‬پر اسان پنهني‬
‫تاريخ سازغلطين مان سبق سکڻ بجاءِ سبق سيکارڻ‬
‫جا تاريخ ساز فيصل به ڪيا‪ .‬پاڪستان جو وجود يا ان‬
‫جو ٺهڻ ۽ سو به بغير هٿيارن هلئڻ جي هڪ طويل‬
‫جمهوريت ۽ جمهوري طاقت وسيلي مضبوط کان‬
‫مضبوط تر ڪيو وڃي ها‪ ،‬پر افسوس جو ائين ٿي نه‬
‫سگهيو ۽ آزاديءَ جي شروعاتي دور ۾ ۽ قائد اعظم جي‬
‫حياتي ۾ ئي سازشن ۽ غلط حڪمت عملين وسيلي‬
‫ملڪ کي ڪيترن ئي منجهيل مسئلن ۾ گرفتار ڪيو‬
‫ويو‪ .‬مثال طور اعلن آزاديءَ کان پوءِ بنگال ۽ پنجاب‬
‫جو ورهاڱو ضروري ٿيڻو هو ۽ اهو ورهاڱو ضلعن جي‬
‫سطح تي ٿيڻو هو‪ .‬ان فيصلي کان انحرافي ڪندي‬
‫مسلم ليگي ليڊرن جي طرف کان ”ممدوٽ رياست“‬
‫حاصل ڪرڻ لءِ تعلقي جي سطح تي ڪيس وڙهندا‬
‫رهيا‪ .‬ان حڪمت عمليءَ سان ممدوٽ رياست سان‬
‫گڏوگڏ ضلع گورداسپور به اسان جي هٿن مان هليو ويو‬
‫جيڪو اڪثريتي مسلمانن جو علئقو هو ۽ اهو قانوني‬
‫طور تي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو هو‪ .‬ان حڪمت عمليءَ‬
‫ڪري پٺاڻ ڪوٽ تعلقو به ڀارت جي حصي ۾ آيو‪.‬‬
‫جنهن ڪري ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير تائين رسائي‬
‫ملي وئي‪ .‬ان کان سواءِ ٻنهي ملڪن درميان اهو طئي‬
‫ٿيو ته ٻنهي صوبن ۾ رهائش پذير مسلمان ۽ غير مسلم‬
‫اگر هجرت يا نقل مڪاني ڪرڻ چاهين ته اهو عمل ٻن‬
‫صوبن جي حد تائين رهندو‪ .‬ان طئي شده معاملي جي‬
‫باوجود ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مسلمانن هجرت‬
‫ڪئي‪ .‬ان لڏپلڻ جي نتيجي ۾ ان ڏينهن کان ملڪي‬
‫معيشت اهڙي مفلوج آهي جو بيروني امداد باوجود‬
‫صحيح رخ طرف نه هلي سگهي آهي‪.‬‬
‫ملڪ جا باني قائداعظم سان ٿيندڙ سلوڪ جا‬
‫ڪيترائي ”رويا“ مختلف وقتن تي مختلف لکندڙن وائکا‬
‫ڪيا آهن‪ .‬قائداعظم سان بدسلوڪي‪ ،‬سندس پرسرار‬
‫موت زيڊ‪.‬اي سليري محترمه فاطمه جناح جي تصنيف‬

‫‪142‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫”ماءِ برادر“ ۾ قائداعظم جي آخري وقت جو داستان‬
‫اسلمي نظرياتي ڪائونسل جو سبق وائيس چيئرمئن‬
‫سيد افضل حيدر‪ ،‬ڪرنل ڊاڪٽر الهي بخش روزنامه‬
‫نواءِ وقت جو چيف ايڊيٽر مجيد نظامي انهن کان سواءِ‬
‫ڪيترائي صحاگي ۽ مؤرخ ان ڳالهه تي متفق آهن ته‬
‫ملڪ جي ٺاهيندڙ ۽ قائداعظم سان سندس شخصيت‬
‫جي وقار جي منافي سلوڪ ڪيو ويو‪ .‬کيس مناسب‬
‫سهوليتون بيماريءَ جي دؤران به فراهم نه ڪيون‬
‫ويون‪ ،‬سندس خير مقدم لءِ ڪراچي جي هوائي اڏي‬
‫تي سواءِ سندس مليٽري سيڪريٽري جي ڪوبه نه اچي‬
‫سگهيو‪ .‬انهن ڳالهين جي اڄ تائين تحقيقات نه ٿي‬
‫سگهي آهي‪ .‬جنوري ‪1995‬ع ۾ پاڪستان جي هڪ‬
‫روزنامي ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته قائداعظم جي‬
‫معالج ڊاڪٽر ڪرنل الهي بخش جو ‪1951‬ع ۾ هڪ‬
‫ڪتاب ”قائداعظم جا آخري ڏينهن“ جي نالي سان‬
‫ڇپيو‪ ،‬اهو ڪتاب پراسرار نموني سان غائب ڪيو ويو‪.‬‬
‫ان وقت جي حڪومت اخبارن تي دٻاءَ وڌو ته ڪتاب ۾‬
‫درج واقعات جي ترديد ڪئي وڃي‪ .‬زيڊ‪.‬اي‪.‬سليري لکي‬
‫ٿو ته مون ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو‪ .‬زيڊ‪.‬اي‪.‬سليري‬
‫وڌيڪ لکي ٿو ته اهو درست آهي ته محترمه فاطمه‬
‫جناح ۽ بيگم رعنا لياقت عليءَ جا تعلقات پاڻ ۾ سٺا نه‬
‫هئا‪ .‬قوم محترمه فاطمه جناح کي ”مادر ملت“ چوندي‬
‫هئي‪ .‬جڏهن ته بيگم رعنا وزيراعظم جي زال جي‬
‫حيثيت ۾ ”خاتون اول“ هئي ۽ ‪ 16‬آگسٽ ‪1951‬ع جو‬
‫يوم آزاديءَ جي مناسبت سان مادر ملت ريڊيو لءِ‬
‫پيغام رڪارڊ ڪرايو ته ان جا ڪجهه فقرا ڪٽيا ويا‪.‬‬
‫زيڊ‪.‬اي‪.‬سليري چوي ٿو ته مون فاطمه جناح کي سخت‬
‫ناراض ٿيندي ڏٺو‪ .‬اهڙي طرح نئين ملڪ ۾ جمهوري‬
‫عمل شروع کان ئي سازشن جو شڪار رهيو آهي‪.‬‬
‫‪1958‬ع کان پهريون ئي مسلم ليگ ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ‬
‫جي حڪومتن عوام جي حاڪميت ۽ بالدستيءَ کي‬
‫مڃڻ کان انڪار ڪيو‪ .‬ان کان پوءِ جڏهن به جمهوري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪143‬‬

‫دؤر آيو غير سياسي قوتن ان جو خاتمو ڪيو‪ .‬ڪراچيءَ‬
‫جو سنڌ کان کسجڻ‪ ،‬ون يونٽ مڙهڻ‪ ،‬ايوبي مارشل‬
‫لءِ‪ ،‬بنگال يعني مشرقي پاڪستان جو علحده ٿيڻ‪ ،‬لکن‬
‫بنگالي ۽ بلوچن جو قتل عام ڪندڙن جو احتساب نه‬
‫هئڻ‪ .‬ڪرپشن‪ ،‬لقانونيت‪ ،‬فرقيواريت هڙتالون‪،‬‬
‫بدامني‪ ،‬عوام جي تهذيب ۽ ثقافت سان هٿ چراند‪،‬‬
‫اسلم کان اڳ واري تهذيب کي ڪافرن جي تهذيب‬
‫سڏڻ‪ .‬اهي سڀ اهڙا ڏوهه ۽ غلطيون آهن جن جي‬
‫سزا تاريخ اسان کي ڏئي رهي آهي‪ .ÔÔ‬۽سڄو بار عوام‬
‫برداشت ڪيو آهي‪ .‬پر ‪ 50‬سالن کان جاگيرداري نظام‬
‫محفوظ ٿيندو رهيو آهي‪ .‬زميندار‪ ،‬چوڌري‪ ،‬سردار وڏين‬
‫زمينن جا ملڪ بڻجي محروم هارين جي محنتن تي‬
‫عيش ڪن ٿا‪ .‬اها زمين جيڪڏهن شروع کان ئي‬
‫ورهائي وڃي ها ته زمين جو هر ٽڪرو پيداوار ڏئي ها ۽‬
‫ان جو فائدو ۽ لڀ سڄي ملڪ کي ملي ها‪ .‬اسان وٽ‬
‫جاگيرداري سماج جي گهيري ۾ ڪوبه صحيح ڳالهه ٻڌڻ‬
‫لءِ تيار نه آهي‪ .‬سياست کان تعليم تائين‪ ،‬ٻوليءَ کان‬
‫اقليتن تائين جنگ جو قانون آهي‪ .‬ان ڪري ويڳاڻپ‪،‬‬
‫مايوسي ۽ هڪ ٻئي تي عدم اعتماديءَ ڪري اسان جي‬
‫”بقا“ ۽ تشخص چئني طرفن کان خطرن ۾ آهي‪ .‬اسان‬
‫جي ان ڊگهي تاريخ ۾ جاگيردارن کان سواءِ ماضيءَ ۾‬
‫عدالتن جي ڏنل فيصلن به قانون جي حڪمرانيءَ ۽‬
‫سياسي عدم استحڪام ۾ يقينن سياسي مصلحتن کان‬
‫ڪم ورتو آهي‪ .‬تاريخ گواهه آهي ته جيڪڏهن ماضيءَ ۾‬
‫عدالتون مولوي تميزالدين‪ ،‬عاصمه جهانگير‪ ،‬نصرت‬
‫اعلي عدالتون سياسي مصلحتن کان‬
‫ڀٽو‪ ،‬ڪيس ۾‬
‫ٰ‬
‫آجيون ٿي فيصل ڏين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي‬
‫ها‪.‬‬
‫ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته آزادي‪ ،‬پاڪستان جي‬
‫اڪثريتي عوام لءِ دوکو ثابت ٿي آهي‪ .‬صرف ان ڪري‬
‫ته اسان وٽ رٿابندي ۽ منصوبا بنديءَ جو فقدن رهيو‬
‫آهي‪ .‬سڀ کان پهريائين فلحي رياست جي حڪمرانن‬

‫‪144‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جو فرض آهي ته ملڪ جي بنيادي پاليسين ۽ ترجيحات‬
‫۾ تبديلي اچڻ کپي‪ .‬اسان جو نوجوان آزاديءَ جا ثمرات‬
‫پنهنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ حاصل نه ڪري سگهيو‪.‬‬
‫ملڪ ۾ ناانصافي واري ڪلچر ۽ تضادات جي ماحول‬
‫هئڻ ڪري اسان جو سنڌي نوجوان شروع کان ئي‬
‫”مهاڏي“ ۽ اٽڪاءَ ۾ رڌل رهيو آهي‪ .‬وچولي طبقي جي‬
‫هتان لڏي وڃڻ ڪري اسان جو جاگيردار طبقو اهو‬
‫”خال“ ڀري نه سگهيو ۽ هارس ٽريڊنگ ۽ اقتداري لڏي‬
‫۾ شامل ٿيو‪ .‬نتيجو اهو نڪتو جو سڄو بار ۽ وزن سنڌي‬
‫نوجوان تي اچي پيو ۽ اهو سنڌ جي سياسي لڏي جي‬
‫ور چڙهي ويو‪ .‬جتي به ان نوجوان کي رهنمائي نه ملي‬
‫سگهي ۽ سڄي ترقي جي ايجنڊا ختم ڪري ”سياسي‬
‫ايجنڊا“ سرفهرست رهي‪ .‬ان ڪري تعليمي طور تي‬
‫سنڌ جو نوجوان اڄ جاهليت جي سرحدن تائين پهچي‬
‫چڪو آهي‪ .‬جڊگري يافته“ ته هو بڻجي ويو پر ”تعليم‬
‫يافته“ بڻائڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وئي‪ .‬سنڌ جي‬
‫نوجوان جڏهن ڳوٺن کان شهرن طرف رخ ڪيو ته‬
‫”قومي جبر“ کين آڏو آيو‪ .‬ان ڪري وقت اچي ويو آهي‬
‫ته اسان استاد پنهنجي نوجوان طبقي جي رهنمائي‬
‫ڪريون ۽ تعليمي ادارن اندر پڙهائي درس ۽ تدريس‬
‫وسيلي انهن کي سگهڙ بڻايون‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪145‬‬

‫آزادي ۽ ان جو تحفظ‬
‫اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مسلمان هڪ‬
‫بهادر ”نيڪ نيت“ قوم آهي‪ .ÔÔ‬۽پاڪستانين جي زندگيءَ ۾‬
‫بهادر ٽيپو سلطان جا اهي لفظ اڄ به هڪ ”ٽائيٽل“ ۽‬
‫”عنوان“ جي حيثيت رکن ٿا‪ ،‬ته هيءَ ”مسلمان ۽‬
‫بهادرن“ جي قوم آهي‪ .‬هن قوم کي شڪست ڪڏهن‬
‫نه ملي آهي‪.‬‬
‫اچو ته هاڻي آزاديءَ جي هن سالگرهه جي موقعي‬
‫تي پنهنجو ٿورو تاريخي حيثيت سان‪ ،‬تاريخ جي‬
‫وابستگيءَ سان ان جي آئيني ۾ پنهنجو غيرجانبدرانه‬
‫محاسبو ڪريون‪ ،‬ته ڇا اسين آزاديءَ جي ”حقيقي‬
‫پرک“ تي پورا لٿا آهيون يا مجبورا ا کڻي چئجي ته پورا‬
‫پئجي سگهيا آهيون‪.‬‬
‫ڪنهن به آدرش‪ ،‬يا نظرئي سان چهٽي رهڻ ڪو‬
‫ڏوهه يا گناهه نه آهي‪ .‬مسلمان جي سندن اڀريل‬
‫تشخص‪ ،‬کين ان ڳالهه تي چهٽي رهڻ لءِ مجبور ڪيو ۽‬
‫هو هر دور ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ثابت ٿيا آه‪Ô‬ن‪ .‬۽انهيءَ‬
‫حقيقت جي پيش نظر ئي عملي طور هو اڳتي وڌيا‪ ،‬۽‬
‫پنهنجي مذهب‪ ،‬ثقافت ۽ روايتن پنهنجي اقتصاديات‪،‬‬
‫اسلمي ريتن ۽ رسمن جي تحفظ لءِ يا کڻي چئجي ته‬
‫”ڇڪتاڻ“ کان بچڻ لءِ مسلم سياستدانن‪ ،‬اديبن‪،‬‬
‫دانشورن ۽ عالمن غلميءَ جي ڳٽ کي لهي ڦٽو ڪيو‪.‬‬
‫اسان جو مذهب اسان کي مساوات سيکاري ٿو‪.‬‬
‫اسلم انسانيت جي ”شرف“ جي بحاليءَ جو مذهب‬
‫آهي‪ .‬جيڪو جامع ۽ مڪمل نظام آهي ۽ هيءَ جامعيت‬
‫ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن ”طاقتور طبقي“ جي نه‬
‫آهي‪ .‬هيءُ هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي‪ ،‬۽ سڄي‬
‫انسانيت لءِ آهي‪ .‬يورپ وارا اجائي هاءِ گهوڙا ڪري‬
‫اسان جي )مسلم( سياسيات‪ ،‬اقتصاديات تي حاوي ٿيڻ‬

‫‪146‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي ڪوشش ۾ رڌل آهن‪ .‬ڏٺو وڃي ته انهن ترقي يافته‬
‫قومن وٽ اسلم کان پهريون ڪو ”بين القوامي‬
‫قانون“ نه هيو‪ ،‬ڪي به قاعدا قانون نه هئا‪ .‬ججيڪو‬
‫ڏاڍو سو گابو“ وارو مثال هو‪ .‬يوناني توڙي رومي‬
‫شهنشاهيت جا علمبردار سڄيءَ دنيا کي پنهنجو‬
‫سمجهندا رهيا‪ ،‬بغير اعلن جي حمل ڪندا هئا‪ ،‬هنن وٽ‬
‫‪1856‬ع تائين ڪوبه بين القوامي قانون موجود نه هو‪.‬‬
‫پهريون دفعو ”گيٽ آف نيشنس“ تحت هنن دنيا جي‬
‫پهرين بين القوامي اداري تحت هڪ بين القوامي‬
‫قانون جوڙيو‪ .‬ليڪن اسلم نبي ڪريم ﷺ جن جي‬
‫مبارڪ شخصيت جي توسط سان يورپي قومن کان‬
‫ڪافي اڳ هڪ بين القوامي قانون ڏنو‪ .‬هڪ مقرر‬
‫قانون‪ ،‬جيڪو سڄي انسان ذات جي شرف جي بحالي‬
‫لءِ اڄ به موجود آهي‪ .‬ان تمهيد کان اڳتي وڌي اسين‬
‫حقيقت سان جائزو وٺون ته مٿين تاريخي حقيقت سان‬
‫اسين وطن جي آزاديءَ سان انصاف نه ڪري سگهيا‬
‫آهيون‪ .‬آزادي فطري حق آهي‪ ،‬نعمت آهي‪ .‬مسلمان‬
‫جو شيوو آهي‪ .‬ليڪن ‪ 38‬سال صرف انهن نعرن ۾‬
‫گذاريو آهي‪ .‬اٿندي ويهندي‪ ،‬کائيندي پيئندي نعروئي هنيو‬
‫آهي‪ ،‬۽ ڏتڙيل طبقا اڄ به آزاديءَ جي پهرين واري دؤر‬
‫جي معاشي حالتن ۾ اسان جي سامهون آهن‪ ،‬۽‬
‫پڪاري رهيا آهن ڪنهن چڱي وقت جي لءِ آزاديءَ جي‬
‫تاريخ هڪ هزار سالن تي مشتمل آهي‪ .‬محمد بن‬
‫قاسم کان بهادر شاهه ظفر تائين مسلمانن جو دور‬
‫عروج ۽ زوال جو هڪ عجيب دور رهيو آهي‪ .‬جزوال“‬
‫جو مان وڌيڪ ذڪر ڪنديس ته جيئن اسان کي خبر‬
‫پئجي سگهي ته مسلمان ڪمزور ڪو ڌارين جي‬
‫سازشن ڪري وڌيڪ ڪونه ٿيا‪ .‬هنن کي ڪمزور ۽‬
‫زوال پذير پنهنجي ئي ڪمزورين ۽ اوڻاين وڌيڪ ڪيو‪،‬‬
‫اهي تاريخي حقيقتون آهن‪ ،‬نه وڌاءُ آهي‪ ،‬نه مبالغو‪ ،‬نه‬
‫ڪو غير تعميري سرگرمي‪ .‬اسين مسلمان شاهانه‬
‫مزاج جا مالڪ آهيون‪ .‬پاڻ کي صحيح تنقيد به پسند نه‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪147‬‬

‫آهي‪ .‬شخصيت پرستي اسان جو شيوو ناهي‪ .‬تاريخ‬
‫مان سبق حاصل ڪرڻ اڄ اسان لءِ وقتي ضرورت‬
‫بنجي چڪي آهي‪ .‬لرڊ ڪلئيو انگريزي سلطنت جو پايو‬
‫وجهندڙ هو‪ .‬هن ”يونين جيڪ“ جا جهنڊا ان ڪري‬
‫ڦڙڪايا‪ ،‬جو مسلمانن جي پنهنجي ئي سپهه سالرن‬
‫غداريون ڪيون‪ .‬مسلم تحريڪ ۾ سوين‪ ،‬مير جعفر‬
‫صادق ۽ مرزا الهي بخش جهڙا غدار پيدا ٿيا‪ .‬جن جي‬
‫ڪري بنگال ۾ مسلمانن کي شڪست کائڻي پئي‪.‬‬
‫وڌيڪ پري نٿا وڃون‪ .‬سر سيد احمد خان بهتر انسان‬
‫دوست‪ ،‬آزاد خيال انسان تي ملحد ۽ ڪافر جا الزام‬
‫هنيا ويا‪ .‬اهو صحيح آهي ته يورپ ۾ صنعتي انقلب‬
‫ڪري جيڪا ترقي آئي‪ ،‬تنهن سان مغربي قومن جي‬
‫يلغار ڪري ڪيترا ملڪ غلم ٿيا ۽ برصغير ۾ مسلمان ۽‬
‫”حاڪم“‪ ،‬اقتدار جا مالڪ غلم بڻجي ويا‪ .‬ليڪن‬
‫مسلمان ڪمزور پنهنجي اوڻاين ڪري وڌيڪ ٿي پيا‪ .‬جو‬
‫غيرن اچي هنن کان سڀڪجهه کسي ورتو‪ .‬اهي‬
‫مسلمان جيڪي ”شينهن ۽ ٻڪريءَ“ کي هڪ پليٽ‬
‫فارم تي گڏ بيهارڻ جا حامي‪ ،‬سي ڪمزور ٿي پيا‪.‬‬
‫تاريخي جائزي مان پتو پوي ٿو ته ”اڪبر گريٽ اڪبر“‬
‫جي زماني کان ۽ سندس غير اسلمي پاليسين ڪري‬
‫”هندن جي سياسي ترقي ٿي‪.‬و انهن کي بيحد نوازيو‬
‫ويو‪ .‬جدرٻار“ ”شاهي درٻار“ ۾ سندن اثر رسوخ وڌي‬
‫ويو‪ .‬درٻار جو رنگ غير اسلمي ٿي پيو‪ .‬ان زماني ۾‬
‫”مجدد الف ثاني“ ۽ اورنگزيب عالمگير مذهبي اصلح‬
‫جون ڪافي ڪوششون ڪيون‪ .‬پر ڪمزوريون‬
‫جڙپڪڙي چڪيون هيون‪ .‬نتيجي طور انگريزن اچي‬
‫قبضو ڪيو ۽ مسلمانن کي ‪1947‬ع جي آزاديءَ جي‬
‫وقت تائين تمام گهڻن سبق آموز لهين چاڙهين مان‬
‫گذرڻو پيو‪ .‬هتي اسين جيڪڏهن هندن جي روايتي‬
‫”زوال“ جو ذڪر نه ڪريون ته مضمون تشنه رهندو‪.‬‬
‫اها حقيقت آهي ته ”هندو ۽ مسلمان“ ٻه الڳ تهذيبون‬
‫آهن‪ ،‬۽ گڏ رهڻ ڪري گهڻيون ڳالهيون هڪ ٻئي جي‬

‫‪148‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تهذيبن تي اثرانداز ٿيون‪ .‬جڏهن انگريز هتي آيا ته هندن‬
‫وڌيڪ انهن جو ساٿ ڏنو‪ .‬ڇو ته فطري طور تي‬
‫”غلمانه ماحول“ ڪري هندن ۾ ”مطابقت“ جو جذبو‬
‫وڌيڪ رهيو‪ .‬هندن مسلمانن جي طويل دؤر ۾ حڪومت‬
‫سان ”مطابقت“ ڪرڻ سکيو‪ .‬هنن فارسي ٻولي سکي‬
‫۽ ان ۾ اديب ۽ شاعر به پيدا ڪيا‪.‬‬
‫هندن جي مذهبي رهنمائن ڪڏهن به هنن کي‬
‫فارسي سکڻ‪ ،‬پڙهڻ کان نه روڪيو‪ ،‬۽ اهوئي رويو‬
‫هندن انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ به برقرارر‬
‫رکيو‪ .‬۽ هو هر طرح سان فائدي ۾ رهيا‪ ،‬۽ ان جو واحد‬
‫مقصد اهو هو‪ ،‬ته )انگريزن مسلمانن خلف جيڪا‬
‫پاليسي اختيار ڪئي آهي‪ .‬هندو انهن سان هر طرح‬
‫سان ساٿ ڏين‪ (.‬هنن ڪمزورين جو ذڪر صرف‬
‫”تاريخ سبق“ دهرائڻو آهي‪ ،‬ته مسلم قوم بهادر نيڪ‬
‫صفت هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اوڻاين سان به لبريز‬
‫رهي‪ ،‬۽ اهي ئي انگريز جن اورنگزيب عالمگير کان‬
‫”دست بسته“ معافي وٺي خوشامد ڪري مغل‬
‫حڪمرانن کان ڪاروبار جي اجازت ورتي‪ ،‬مسلمان‬
‫انهن جا غلم بڻجي ويا‪ .‬تحريڪ آزاديءَ جي جدوجهد‬
‫مان مسلمانن ”انگريزين ۽ هندن“ جو گڏيل روپ ڏنو‪،‬‬
‫۽ آئينده لءِ هو محتاط ٿي اڳتي وڌڻ لڳا‪1857 .‬ع جي‬
‫جنگ آزادي نيڪ مقصد لءِ هئي‪ .‬پر عوام چڱيءَ طرح‬
‫بيدار نه هو‪ .‬ان ڪري بهادريءَ جو نتيجو نه نڪتو‪.‬‬
‫جريشمي رومال“ جي تحريڪ به پنهنجي غداريءَ سبب‬
‫ڪامياب نه ٿي سگهي‪ .‬بنگال جي ورهاڱي جي‬
‫منصوبي کان پوءِ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي آئي‪.‬‬
‫پلسيءَ ۽ ميسور جي جنگين اصلح جون نيون راهون‬
‫مقرر ڪيون‪ .‬جتحريڪ خلفت“ جي ڪري ”مذهبي‬
‫جوش ۽ جنون“ وڌيڪ بيدار ۽ مستحڪم ٿيو‪ .‬اها ڪا‬
‫نئين ڳالهه نه آهي‪ .‬تاريخ تي نظر وجهنداسين ته‬
‫جدوجهد آزاديءَ جي راهه ۾ اهي دشمنيون‪ ،‬پنهنجن جا‬
‫اختلف‪ ،‬غداريون ڪا نئين ڳالهه نظر نه ايندي‪ ،‬پر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪149‬‬

‫حاصل مقصد اهو آهي ته انهن لهين چاڙهين مان سبق‬
‫حاصل ڪري وطن پاڪستان جي تعمير ڪرڻي آهي‪.‬‬
‫هيءُ منهنجو وطن آهي‪ .‬اسان جن ابن‪ ،‬ڏاڏن جو وطن‬
‫آهي‪ .‬هن وطن جي حفاظت لءِ ۽ حاصل ڪرڻ لءِ ملت‬
‫اسلميه کي ”پريشان ٿيندڙ“ گروهه مان هڪ منظم‬
‫قوم بنائڻ لءِ منهنجي هن ڌرتيءَ جي ڪيترن جان‬
‫نثارن قربانيون ڏنيون‪ .‬هينئر اسان جو فرض آهي ته‬
‫جن جان نثارن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان خدمتون‬
‫ڪيون آهن‪ ،‬ذهني‪ ،‬جسماني قربانيون ڏنيون آهن‪ ،‬ته‬
‫انهن جي ڪارنامن کي نوجوان نسل تائين صحيح‬
‫نموني پهچائڻ موجوده پراڻي نسل جو تاريخي فرض‬
‫آهي‪.‬‬
‫سرزمين سنڌ باب السلم آهي ته ”نداءِ‬
‫پاڪستان“ به آهي‪ .‬مان تفصيل ۾ نه وينديس‪ .‬ابلغ‬
‫جي ذريعي اها ڳالهه صاف ٿي آهي ته آزاديءَ جي حق‬
‫۾ پهريون واضح اعلن سنڌ جي سياسي پليٽ فارم تان‬
‫ٿيو آهي‪.‬‬
‫قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي‪ ،‬اسلمي معلومات‬
‫تي مبني شاعري وسيلي‪” ،‬سنڌي ترجمن“ اقبال جي‬
‫نظمن وسيلي‪ ،‬سنڌي اديبن ۽ مسلم سياستدانن الوحيد‬
‫”مرغ فلڪ“ ڏيپلئي مرحوم جي ناولن ۽ حيدر بخش‬
‫جتوئيءَ جي افسانن ۽ ڊرامن‪ ،‬صداقت‪ ،‬الحق جهڙين‬
‫اخبارن جدوجهد آزاديءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو‬
‫آهي‪.‬‬
‫سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي‪ ،‬جميعت الشعراء‬
‫منظم نموني ۾ مسلمانن جي تائيد لءِ تاريخي ڪردار‬
‫ادا ڪيو‪.‬‬
‫تعليمي سلسلي ۾ ڪافي تعليمي ادارا کوليا ويا‪.‬‬
‫خاص طور )سنڌ مدرسة السلم جنهن جو سؤ ساله‬
‫جشن هن ئي مهيني ۾ ملهايو پيو وڃي‪ (.‬مسلمانن جي‬
‫لءِ ”علي ڳڙهه اداري“ يا مدرسي وانگر پاڻ ملهايو‪.‬‬
‫مقصد ته سرزمين سنڌ جو تحريڪ آزاديءَ ۾ اوترو‬

‫‪150‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫حصو آهي‪ ،‬جيترو ٻين علئقن جي مسلمانن جو‪ .‬هتان‬
‫جي مرد قلندرن آزاديءَ‪ ،‬سياسيات‪ ،‬مذهب جو ان‬
‫وقت به نعرو هنيو‪ .‬جڏهن اڃا مسلم ليگ جي وجود‬
‫جون تياريون ٿي رهيون هيون‪ .‬اڄ آزاديءَ جي سالگره‬
‫ملهائي پئي وڃي‪.‬‬
‫سالگره جو مقصد صرف جشن ملهائڻ يا وڏيون‬
‫وڏيون تقريرون ڪرڻ ئي نه آهي‪ .‬اهو آزاديءَ جو‬
‫صحيح نذرانو نه آهي‪ .‬اڄ آزاديءَ جو اسان جي‬
‫سامهون واضح مقصد اهو آهي ته ”تعمير پاڪستان“‬
‫جي بقا ۽ ان بقا لءِ اسان جا نوجوان نعري بازيءَ جي‬
‫وائي منڊل مان ٻاهر نڪرن‪ .‬معاشري جي ترقيءَ جو‬
‫راز‪ ،‬ان معاشري جي عوامي ۽ نوجوانن جي قوت‬
‫هوندي آهي‪ .‬نوجوانن ۾ فڪر عمل جي توانائي هوندي‬
‫آهي‪ .‬اسين جوهري توانائيءَ جي پويان بي بها قيمتون‬
‫ادا ڪيون ٿا‪ .‬ليڪن نوجوان اسان جو جوهر آهن‪ ،‬اسان‬
‫جا مستقبل آهن‪ .‬انهن جي توانائيءَ جي کپت ۽‬
‫استعمال لءِ صرف ڪاغذي ڪاروايون ڪري سگهون‬
‫ٿا‪ .‬اڄ جو اهم مسئلو اهو آهي ته نوجوان پنهنجي تعليم‬
‫کي ڪٿي استعمال ڪ‪Ô‬ن‪ .‬۽صوبي سنڌ ۾ ان مايوسيءَ‬
‫”ڪشمڪش“ جي صورت اختيار ڪئي آهي‪ .‬اچو ته‬
‫”اسلم“ جو نعرو هڻي ان نظرئي کي ”عملي طور“‬
‫نافذ ڪري پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايون‪ .‬بيشڪ‬
‫تعالي پاڻ‬
‫اسلم دين حق آهي‪ .‬ان جو محافظ رب‬
‫ٰ‬
‫آهي‪ .‬پر هر نظرئي وانگر ان جي وجوديت لءِ حامين ۽‬
‫عمل ڪندڙن جي ضرورت هوندي آهي‪ ،‬۽ اها ضرورت‬
‫آهي اسان جو ”نوجوان طبقو“‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪151‬‬

‫عورت معاشرو ۽ سياسي سٽا ;ء‬

‫جيئن سنڌوءَ جي روانين پنهنجي پوتر پاڻيءَ سان‬
‫دنيا جي ڪيترن حصن کي زرخيز ڪيو آهي )اڄ ڪلهه‬
‫اهو پاڻي ڪالباغ ڊيم جي بي اعتدالين جي ور چڙهيل‬
‫آهي( بلڪل ائين لطيف سرڪار پنهنجي شاعري ۾‬
‫جيڪا عورت جي عظمت‪ ،‬پريت‪ ،‬جاکوڙ‪ ،‬اوچائي جا‬
‫مثال سهڻي‪ ،‬سسئي‪ ،‬مارئيءَ جي مثالي ڪردارن ۾‬
‫بيان ڪيا‪ ،‬اهي ڪردار اڄ انساني لتاڙن جي چنبي ۾‬
‫آيل آهن‪ .‬شعور جون سڀ حاصلت شڪست کائي‬
‫چڪيون آهن‪ .‬اونداهي رات جي گدڙن سياسي عدم‬
‫استحڪام سان گڏوگڏ عوامي تڪليفن ۾ به اضافو ڪيو‬
‫آهي‪ .‬اڄ جي سنڌي عورت ڪيترن ئي سماج جي‬
‫پهريدارن ۽ ٺيڪيدارن آڏو پنهنجو ڪنڌ نمائي چڪي‬
‫آهي‪ .‬هڪ طرف مذهبي ٺيڪيدار ٻئي طرف قومي جبر‬
‫۽ ڏاڍ‪ ،‬ٽئين طرف رياستي قانون‪ ،‬اسان جون پنهنجيون‬
‫سماجي رسمون ۽ روايتون‪ ،‬مرد جو رويو ۽ اسان جو‬
‫جاگيردار وڏيرو‪ ،‬انهن سڀني جي پهري ۾ اسان جون‬
‫عورتون ساهه کڻي رهيون آهن‪ .‬مزي جي ڳالهه هيءَ‬
‫آهي ته اهوئي جاگيردار ۽ وڏو زميندار جيڪو معيشت‪،‬‬
‫تعليم‪ ،‬اخلقيات ۽ سماجيات جي سڀني شعبن ۾ ڏاڍ ۽‬
‫جبري استحصال جا مثال قائم ڪري‪ ،‬احساسن ۽ جذبن‬
‫جي تذليل ڪري‪ ،‬سياسي ادارن تائين عوامي تائيد‬
‫سان چونڊجي وڃي ٿو ته هو پارلياماني ادارن اندر به‬
‫بزدلي ڏيکاري عوام کي مايوس ڪري ٿو‪ .‬نتيجي ۾‬
‫سڀ عوامي حاصلت اجايون ضايع ٿي وڃن ٿيون‪ .‬اهو‬
‫ته آهي اسان جي پنهنجي وڏيري جو ڪردار‪ ،‬جنهن جا‬
‫اسين سڀ شڪار بڻيا آهيون‪ .‬قومي سطح تي اونداهي‬
‫رات جي گدڙن جمهوريت کي باربار ڪچلڻ جي‬
‫سازش‪ ،‬ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگرديءَ کي هٿي ملندي رهي‬

‫‪152‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آهي ۽ اڄ ڪلهه اسان جي جمهوريت منڊڪائي هلي‬
‫رهي آهي‪ .‬اڄ جي جمهوريت جي هڪ ٽنگ ”ابا جي“‬
‫ڪلچر جو حصو بڻيل آهي‪ ،‬ٻي ٽنگ قانون نافذ ڪندڙ‬
‫ادارن جي هٿ ۾‪ ،‬۽ ٽئين ٽنگ بيورو ڪريسي‬
‫اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ آهي‪ .‬حيرت جي ڳالهه آهي‬
‫ته جيڪي قومن جي تقديرن ۾ انقلب آڻي سگهن ٿا‪.‬‬
‫سي پنهنجي ”اباجي“ جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن‪ .‬مثال‬
‫طور وزير اعظم نواز شريف تي پنهنجي ”ابا جي“‬
‫ميان محمد شريف جو وڏو اثر آهي‪ .‬سرحد صوبي ۾‬
‫اسفند يار جو هڪ ”ابا جي“ ولي خان صاحب موجود‬
‫آهي‪ ،‬اختر مينگل واري صوبي بلوچستان ۾ تازو جڏهن‬
‫سياسي بحران آيو ته اها ڳالهه پڌري پٽ ٿي ته ان‬
‫اعلي اختر مينگل جي ”ابا جي“ عطاءَ‬
‫بحران ۾ وزير‬
‫ٰ‬
‫الله مينگل ۽ اڪبر بگٽي جا پراڻا اختلف آهن‪ .‬جنهن‬
‫جي ڪري سياسي بحران ڪر کائي سامهون آيو‪ ،‬اسان‬
‫اعلي کي به پنهنجي ”ابا جي“‬
‫جي سنڌ جي وزير‬
‫ٰ‬
‫محترم عبدالحميد جتوئي ڪالباغ ڊيم جي حوالي سان‬
‫ڪي صلحون ڏنيون هيون‪ .‬پر اهي ”اباجي“ جي‬
‫حاصلت ۾ شمار نه ٿي سگهيون‪ ،‬هن ملڪ ۾ هڪ‬
‫عورت کي به وزير اعظم ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو هو‪،‬‬
‫پر ان عورت جي پنهنجي ”ميان جي“ جي حوالي سان‬
‫شاهد حسن ۽ احمد صادق هٿان اهڙي حالت ڪئي وئي‬
‫آهي جو اڄڪلهه شايد محترمه بينظير ڀٽو اهو طئه‬
‫ڪري ڇڏيو هجي ته هن ملڪ جي ”مردانه معاشري“‬
‫۾ سياست ڪرڻ ”ڪوئلن جي دللي ۾ هٿ ڪارا“‬
‫ڪرڻ جي مثل آهي‪ .‬اهو معاشرو جيڪو صرف‬
‫”اباجين“ جي حوالي هجي‪” ،‬امي جي“ يا ڪنهن عورت‬
‫جو تقدس برقرار نه هجي‪ ،‬جتي ملڪي معاملت کان‬
‫خانداني معاملن تائين صرف ۽ صرف مرد جي‬
‫”حاڪمانه سوچ“ شامل هجي‪ ،‬اتي عورتن جي‬
‫مجموعي حالتن ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگهي آهي‪.‬‬
‫پارلياماني ادارن تائين عورتن جون مخصوص سيٽون به‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪153‬‬

‫خالي ڇڏي ڏيڻ جو ”ڏيک“ ڏئي رهيون آهن‪ .‬وچولي يا‬
‫غريب طبقي جي ڪا به عورت اسيمبلي تائين نه پهچي‬
‫سگهي آهي‪ .‬اهو سڀ ڪجهه غير جمهوري ڪلچر جو‬
‫نتيجو آهي‪ ،‬جو اڄ اسان جو مرد چاهي عورت آزادي نه‬
‫ماڻي سگهيا آهن‪ .‬ڪالمسٽ مظهر لغاري پنهنجي هڪ‬
‫مضمون ۾ هيئن لکي ٿو تها جٿورا ماڻهو آهن جيڪي‬
‫جدوجهد جي حق ۾ آهن‪ .‬سندن ارادن ۽ همتن‬
‫خودڪشيون ڪري ڇڏيون آهن‪ ،‬انهن جان جي تحفظ‬
‫جي شرط تي ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي“‪ .‬هو وڌيڪ لکي ٿو‬
‫ته ”هتي عورتون بناليسن بندوقن وانگر لڪايون وڃن‬
‫ٿيون‪ ،‬تنهن ڪري آزاد عورت جو پنڌ اڃا پري آهي‪ .‬آزاد‬
‫عورتون ۽ آزاد مرد اهي آهن‪ ،‬جيڪي عدم تحفظ جو‬
‫شڪار نه هجن‪ ،‬جيڪي فقط ماني ڪمائڻ کي ئي‬
‫زندگيءَ جو مقصد نه سمجهن‪ ،‬جن ۾ اختلف راءِ رکڻ‬
‫جي جرئت هجي‪ ،‬جن جي دل حسن سان ۽ ذهن دليل‬
‫سان ڀريل هجي‪.‬و‬
‫آزاد معاشرو جنهن جا آزاد مرد ۽ عورتون تڏهن‬
‫ممڪن ٿي سگهن ٿا‪ ،‬جڏهن ملڪ اندر سماجي انصاف‬
‫۽ قانوني تحفظ موجود هجي‪ .‬ملڪ ۾ انساني حقن جي‬
‫صورتحال ابتر نه هجي اسان وٽ مصيبت اها آهي ته‬
‫خانداني ڪٽ جوڙ جي حساب سان سڄو خاندان مرد‬
‫جي نام نهاد عزت تي قربان ٿي وڃي ٿو‪ ،‬اسان جي‬
‫سنڌي مرد کي غيرت جي نالي ۾ عورتن کي مارڻ جا‬
‫کليل سبق ڏنا وڃن ٿا‪ ،‬مرد پنهنجي جبلتي تسڪين لءِ‬
‫عورت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ان تي تشدد‬
‫ڪري ٿو ۽ اسان جي عورت اولد جي بهاني سان اهو‬
‫تشدد برداشت ڪري ٿي‪ .‬اسان جون عورتون سماج‬
‫جي ناقدرين جي ڪري يا ته آپگهات ڪن ٿيون يا ڪارو‬
‫ڪاريءَ جي لعنت جي ور چڙهي وڃن ٿيون‪ .‬هيءُ سڄو‬
‫معاشرو عورتن جو ويري ثابت ٿيو آهي‪ ،‬عورت جو‬
‫پنهنجو ڪوبه گهر نه آهي يا ته ”هن جي پيءُ ماءُ جو‬
‫گهر يا وري مڙس جو گهر“ ۽ آخر اگر اهو سندس‬

‫‪154‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مڙس ٽي اکر چئي کيس رخصت ڪري ته پوءِ ان‬
‫مظلوم عورت جو ڪوبه گهر نٿو بچي‪ .‬زندهه زندگيءَ‬
‫۾ سندس پيرن هيٺان بهشت به کيس دور دور تائين‬
‫نظر نٿو اچي‪.‬‬
‫بين القوامي طور تي ٿيندڙ ڪيترن ئي ڪانفرنسن‬
‫۾ اهو سچ متفقه طور تي تسليم ڪيو ويو آهي ته‬
‫عورت جي پسماندگي تعليمي فقدان جي ڪري وڌي‬
‫رهي آهي‪ .‬هڪ طرف سماجي رڪاوٽون ٻئي طرف‬
‫قومي پاليسيون ۽ جبر ۽ ڏاڍ مجموعي طرح سان‬
‫شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو فرق ‪1947‬ع کان وٺي پنهنجي‬
‫جاءِ تي به اعتدالين سميت موجود آهي‪ .‬هر دور ۾‬
‫اقتصادي پيڪيجز شهرن کي ڏنا ويا آهن‪ .‬اسان وٽ‬
‫هڪ هاري ۽ هارياڻي جو سڄو خاندان محنت مزدوري‬
‫ڪري ٿو‪ ،‬پر هو پيٽ بکيو ۽ انگ اگهاڙو نظر ايندو‪ .‬سنڌ‬
‫جي عورت جي هٿ جو هنر بين القوامي طور تي‬
‫مڃتا ماڻي چڪو آهي‪ ،‬پر ڪابه حڪومت ان هنر کي‬
‫سرڪاري سرپرستي نه ڏئي سگهي آهي‪ ،‬صرف‬
‫شهري سرمائيدار ان هنر کي سستن اگهن ۾ خريد‬
‫ڪري‪ ،‬مهانگي اگهه تي وڪڻي‪ ،‬پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا‪ .‬ان‬
‫سلسلي ۾ حڪومت جو سوشو اڪانامڪ سينٽر به‬
‫ٻهراڙيءَ جي اڪثريتي عورت کي فائدو نه پهچائي‬
‫سگهيوآهي‪ .‬ملڪ ۾ تعليم جو مقدار ۽ معيار هونئن ئي‬
‫گهٽ آهي‪ .‬طبقاتي معيار ۽ مختلف پرائيويٽ ادارن جي‬
‫پرماريت سبب سرڪاري ڇانوَ هي) هلندڙ ادارا‬
‫اڪثريتي عوام کي‪ ،‬خاص طور نياڻين جي ادارن اندر‬
‫ڪو به بندوبست موجود نه آهي‪ .‬ڳوٺاڻن علئقن ۾‬
‫استادن جي کوٽ ڪري سهوليتن جي فقدان ڪري‬
‫پرائمري کان ڪاليجن جي تعليم تباهه ٿيل آهي‪.‬‬
‫جيڪڏهن ڪا نياڻي مختلف سببن ڪري تعليم حاصل‬
‫نٿي ڪري سگهي يا جيڪڏهن مئٽرڪ ڪري هوءَ اڳتي‬
‫تعليم حاصل نٿي ڪري سگهي ته اهڙين عورتن لءِ‬
‫هنري مرڪز يا ته تباهه ٿيل آهن يا آهن ئي ڪونه‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪155‬‬

‫جيڪڏهن عورت کي معاشي طرح سان خود ڪفيل ۽‬
‫پنهنجن پيرن تي بيهارڻو آهي‪ ،‬ته اتي اهي ”هنري‬
‫سکيا“ جا مرڪز قائم هئڻ لزم آهن‪ ،‬حڪومت ۽‬
‫اين‪.‬جي‪.‬اوز ان سلسلي ۾ ناڪام ويون آهن‪ .‬باقي‬
‫اسڪولن ۽ تعليمي ادارن اندر جيڪو ڪجهه اٽي ۾ لوڻ‬
‫برابر سيکاريو وڃي ٿو‪ ،‬ان جي افاديت زندگي جي‬
‫وهنوار ۾ ڪٿي به ڪتب نه ٿي اچي ۽ نه نظر‪ .‬ڪنهن به‬
‫ملڪ جو معاشي ۽ سماجي نظام اتي ناڪام ٿئي ٿو‬
‫جتي عورت کي ان ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي‪ ،‬انهن لءِ‬
‫روزگار جا موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن‪ .‬ان غير سائنسي‬
‫ماحول اسان جي ماحوليات کي زندهه هوندي به ختم‬
‫ڪري ڇڏيو آهي‪ .‬اسان جي سنڌ جي ٻهراڙين جي‬
‫عورت جي صحت بين القوامي طور تي قائم ڪيل‬
‫اصولن جي بلڪل ابتڙ آهي‪ .‬اسان جي عورتن ۾ ”خون‬
‫جي کوٽ“ عام آهي‪ ،‬ڇو ته غربت ڪري سندن غذائي‬
‫صورتحال پروٽين‪ ،‬لوڻياٺ‪ ،‬آيوڊين وغيره جي گهٽتائي‬
‫ڪري عورتن مان پيدا ٿيندڙ نسل يعني ٻار انتهائي‬
‫ڪمزور‪ ،‬گهٽ وزن ۽ خون جي کوٽ سببان بيمار نل‬
‫پيدا ٿي رهيو آهي‪ .‬جيڪي سگهڙ هئڻ بجاءِ سرڪش‬
‫ثابت ٿين ٿا‪ .‬عورتن ۾ هيلٿ ڪيئر تعليم جو ڪوبه‬
‫بندوبست نه آهي‪ .‬بلڪ پاپوليشن پلننگ وارا عملدار‬
‫ڳوٺن ۾ اچي صرف تعليم يافته عورتن سان ڳالهائي‬
‫ٻولهائي مشورا ٽڪيون دوائون ڏئي هليا وڃن ٿا‪ .‬جڏهن‬
‫ته عورت سان گڏوگڏ پاپوليشن جي روڪٿام لءِ مردن‬
‫جو به تعليم يافته هئڻ لزمي آهي‪ .‬منهنجو اڪثر ڳوٺن‬
‫۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ويجهو رابطو رهيو آهي‪.‬‬
‫مان دعويٰ سان چوان ٿي ته اسان جي اڪثريتي آبادي‬
‫۾ يعني عورتن جي بيمارين جو گهڻي قدر ڪارڻ ٻا رنه‬
‫پيدا ڪرڻ واريون دوائون آهن‪ .‬ان ڪري حڪومت سان‬
‫گڏوگڏ اهي به اسان جي علئقن تائين پهچي عورتن‬
‫جي تربيت ڪن‪ .‬کين ڄاڻ ڏين‪ .‬بدقسمتي سان اسان‬
‫جو اين‪.‬جي‪.‬اوز ڪلچر جنهن مقصد لءِ شروع ڪيو ويو‬

‫‪156‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫هو‪ ،‬اهو پورو نه ٿي سگهيو آهي‪ .‬بين القوامي ادارن‬
‫جي مدد سان اهو ڪلچر ان ڪري شروع ڪيو ويو هو‬
‫ته حڪومتون پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام ويون ۽‬
‫اين‪.‬جي‪.‬اوز جو بنيادي فرض اهو هئو ته جتي انهن جي‬
‫ضرورت محسوس ڪئي وڃي‪ ،‬اتي هو پهچن‪ .‬پر‬
‫صورتحال هيئن وڃي بيٺي آهي ته عورتن جون گهڻي‬
‫قدر تنظيمون شهري پڙهيل لکيل عورتن جي حوالي‬
‫آهن ۽ اسان جون اين‪.‬جي‪.‬اوز گهڻي قدر مرد حضرات‬
‫هلئين ٿا‪ .‬جيڪي مجموعي طرح سان سماجي حالتن‬
‫کي بدلئڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن‪ .‬شهري عورتن‬
‫تي مشتمل اين‪.‬جي‪.‬اوز پنهنجي ڍانچي ۽ سوچ ۾‬
‫جمهوري ڪلچر پيدا نه ڪري سگهيون آهن ۽ انهن جو‬
‫دائرو نالي ماتر ڳوٺن تائين پهتل آهي‪ .‬اوهان ان ڳالهه‬
‫کان بخوبي واقف هوندا ته جڏهن ڪنهن به شهري‬
‫عورت سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس آڏو ايندا آهن ته‬
‫شهري تنظيمون انهن خلف آواز اٿارينديون‪ .‬مظاهرا ۽‬
‫جلوسن تائين عملي نموني ۾ متاثر خاندان سان‬
‫سهڪاري ٿينديون‪ .‬ليڪن ان جي بلڪل ابتڙ ٻهراڙين‬
‫تائين پهچڻ ۾ هو پنهنجو ٽائيم ضايع ڪرڻ ۾ هٻڪ‬
‫محسوس ڪنديون‪ .‬مٿين حقيقت مان پنهنجي تجربي‬
‫جي آڌار تي مڪمل ذميداري سان چئي رهي آهيان‪.‬‬
‫اسان جي معاشري کي مرد جي فوقيت ۽ رياستي‬
‫ناانصافين سان گڏوگڏ پنهنجي عورتن کان به شڪايتون‬
‫آهن‪ .‬هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته‬
‫جيئن مجموعي طرح صورتحال کي سمجهي سگهڻ ۾‬
‫مدد ملي سگهي‪ .‬سڄي دنيا ۾ موت جي سزا کي ختم‬
‫ڪرڻ جا بحث ٿي رهيا هئا‪ .‬گيس چيمبرز جهڙي موت‬
‫جي واهيات سزا کي سڄيءَ دنيا مان ختم ڪيو ويو‪.‬‬
‫پاڪستان جي آئين ‪1973‬ع ۾ آرٽيڪل ‪ 25‬۾سڀني‬
‫شهرين کي جنس جي بنياد تي هڪ جهڙائي حاصل‬
‫آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اهو به اختيار حڪومتن کي مليل‬
‫آهي ته اگر حڪومت عوام جي بهتريءَ لءِ ڪوبه قانون‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪157‬‬

‫جوڙي سگهي ٿي ته ان تي ڪابه آئيني پابندي لڳل نه‬
‫آهي‪1974 .‬ع کان عدالتي نظام ۾ بهتري آڻي قانون‬
‫جي نفاذ جي سلسلي ۾ عدالتن اهم ڪردار ادا ڪيو‪.‬‬
‫‪1961‬ع ۾ ”فيملي لز“ آيا ۽ انهن کي نافذ ڪيو ويو‬
‫‪1977‬ع ۾ قانون شهادت آيو ته تحريڪ هلئي وئي پوءِ‬
‫ان ۾ ترميم ڪئي وئي‪ .‬مطلب ڳالهه جو هيءُ ٿيو ته‬
‫قانون ۽ عدالتن جي اندر سزائن جي طريقئه ڪار ۾‬
‫تبديليون ٿينديون رهيون آهن‪ .‬سابق وزير اعظم بينظير‬
‫ڀٽو جي دور حڪومت ۾ جڏهن ملڪ اندر خواتين متعلق‬
‫ڪي بنيادي تبديليون آڻڻ جون ڪوششون ڪرڻ جي‬
‫جرئت ڪئي وئي‪ ،‬جنهن ۾ عورتن جا ٿاڻا‪ ،‬عورتن جي‬
‫بينڪ‪ ،‬عورتن لءِ پنج سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا جو‬
‫اعلن‪ ،‬بينيويلنٽ فنڊ ۾ معذوري جي صورت ۾ سڄي‬
‫عمر لءِ ڏنل سهولتن کان سواءِ هڪ ٻي تجويز ڪابينا‬
‫جي ميٽنگ ۾ آهي ته عورتن تان ”سزاءِ موت“ معاف‬
‫ڪئي وڃي ته ان سرڪاري تجويز خلف ڪيتريون ئي‬
‫شهري وڪيل خواتين اٿي کڙيون ٿيون‪ .‬ان مان ثابت‬
‫آهي ته اڄ جي عورت منظم نه آهي‪ .‬حق تلفين جي‬
‫کيس ڪابه ڄاڻ نٿي پهچي سگهي‪ .‬قانوني ڄاڻ کان‬
‫اسان جي عورت ناواقف آهي‪ .‬مون هڪ سيمينار ۾‬
‫جيڪو عورتن جي حوالي سان آڪسفيم اين‪.‬جي‪.‬اوز‬
‫طرفان ڪرايو ويو‪ ،‬جڏهن مرد جي ڏاڍ‪ ،‬عورت جي‬
‫حيثيت ان مٿان مڙهيل فڪري پابندين جو ذڪر ڪيو ته‬
‫ان سيمينار ۾ اسان جون چڱيون ڀليون‪ ،‬پڙهيل لکيل‬
‫عورتون مذهبي تعليم جي اڻ ڄاڻائيءَ جا ذڪر ڪري‬
‫مون کي تسليون ڏيڻ لڳيون‪ .‬منهنجي هڪ ڀيڻ جيڪا‬
‫سنڌ جي هڪ جيجل سماجي ڏاهي آهي‪ .‬ان مون سان‬
‫اختلف رکندي چيو ته اسان جي عورت آزاد آهي‪ .‬هوءَ‬
‫ٻيڙي ڇڪي ٿي‪ ،‬بازارن ۾ وڃي شاپنگ ڪري ٿي‪ ،‬مرد‬
‫هن جو اجورو هن کان نٿو کسي وغيره وغيره‪ ،‬جڏهن‬
‫ته منهنجو اڄ به خيال اهو آهي ته اسان جي عورت جي‬
‫اڪثريت ذهني عذابن ۾ مبتل آهي‪ .‬ايستائين جو جڏهن‬

‫‪158‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫زندگيءَ جا فيصل ڪيا وڃن ٿا ته کانئس ڪو نه ٿو پڇيو‬
‫وڃي‪ .‬توهان اڄ به نڪاح نامي جي رجسٽريشن آفيس‬
‫۾ وڃي هڪ سروي رپورٽ تيار ڪيو ته معلوم ٿيندو ته‬
‫اسان جي ٻهراڙين ۾ ته نڪاح رجسٽرڊ ٿيڻ جي رسم‬
‫ئي نه آهي‪ .‬شهري عورتن کي گهر جا وڏا نڪاح نامي‬
‫جا شرط طئه ڪرڻ وقت اعتماد ۾ ئي نٿا وٺن‪ .‬حق‬
‫مهر هجي يا عورت کي طلق جو حق يا وري جائداد ۾‬
‫ملڪيت جو حصو‪ ،‬گهوٽ اسان جا ٻيون شاديون ڇو‬
‫ڪندا آهن‪ .‬ان ڪري جو نڪاح نامي ۾ گهوٽ شادي‬
‫شده هجي ته به ان کي ڪنوارو ڏيکاريو ويندو آهي‪.‬‬
‫مٿيون حقيقتون ۽ ان کان علوه اسان جي سوسائٽيءَ‬
‫جون ٻيون تلخ حقيقتون بيان ڪرڻ لءِ ڪنهن به عورت‬
‫کي شهزور ۽ پرزور ٿيڻو پوندو‪ .‬ايمانداريءَ سان ادين‬
‫ٻڌايو ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ ڪيتريون اهڙيون‬
‫عورتون آهن جيڪي تهمينه دراني ”وانگر ماءِ فيوڊل‬
‫لرڊ“ لکي سگهن؟ اسان جي ڪيتريون عورتون‬
‫اهڙيون آهن جيڪي عاصمه جهانگير وانگر ڪارو گائون‬
‫پائي قانوني ويڙهه ڪري سگهن‪ .‬اسان جون ڪيتريون‬
‫عورتون فضائي ڪمپنين‪ ،‬انڊسٽري سان وابسته آهن‪.‬‬
‫خدارا جائزو وٺو ۽ متحد ٿيو‪ ،‬ان ۾ ئي اسان جي ڀلئي‬
‫آهي‪.‬‬
‫‪Believe in your self, if your do not who‬‬
‫‪?wise‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪159‬‬

‫عورت جا بنيادي حق‬
‫عورت ۽ ان جي بنيادي حقن جي ڪهاڻيءَ جو تمام‬
‫ڊگهو سلسلو آهي‪ ،‬اهي حق کيس ڪنهن بادشاهه يا‬
‫امير جا ڏنل نه آهن‪ ،‬بلڪ پيدائشي قدرت طرفان مليل‬
‫آهن‪ .‬جن کي دنيا جي ٻه سؤ کان به وڌيڪ حڪومتن‬
‫تسليم ڪيو آهي‪ .‬غور ڪيو وڃي ته هن مادي دنيا ۾ ٻه‬
‫شيون اهڙيون آهن‪ ،‬جيڪي دنيا جي بقا‪ ،‬تعمير ۽ ترقيءَ‬
‫لءِ اهم آهن‪ .‬ليڪن جڏهن به انهن کي پنهنجي اصلي‬
‫مقام ۽ مؤقف کان ڌڪيو ويو ته اهو ئي ٿي سگهي ٿو‪،‬‬
‫جيڪو اڄ اسان طالع آزمائڻ جي پوکيل فصل جي‬
‫نتيجي ۾ ڪٽي رهيا آهيون‪.‬‬
‫اهي ٻه شيون آهن‪ .‬هڪ عورت ٻئي دولت‪ .‬دولت‬
‫جي ورهاست جي نظام نه هئڻ ڪري بين القوامي‬
‫طور تي پنج وڏيون طاقتون ٺهيون‪ ،‬اسان وٽ معيشت‬
‫جي منصفاڻه تقسيم نه هئڻ ڪري‪ ،‬عوام درميان‬
‫نفرتون ۽ نسلي تضاد وڌيا‪.‬‬
‫عورتون‪ ،‬رياست جون ٿوڻيون آهن‪ ،‬انهن ٿوڻين کي‬
‫ان انسانيت جي هڪ وڏي حصي جي ترجمان عورتن‬
‫کي ڪمزور ۽ محڪوم بنايو ويو آهي‪ ،‬عورتن جي اهليت‬
‫جي صورت ۾ انساني وسيلي ۽ سرمائي جو زيان هن‬
‫ملڪ ۾ وڌيڪ ڪيو ويو آهي‪ .‬عورت ملڪ کي آباد ڪرڻ‬
‫جو نالو آهي‪ .‬عورت ڪڏهن به سماج اجاڙيا ناهن‪.‬‬
‫دوستو! سنڌي عورت جو اڌ کان وڌيڪ حصو‬
‫ٻهراڙين ۾رهي ٿو ۽ اتان جون هزارين عورتن‬
‫جاگيرداراڻي اخلقي درن جا ڪنڊا لتاڙيندي ماريون‬
‫ويون آهن‪ .‬طاقت جا سڀ وسيل عمر بادشاهه جي‬
‫هٿ ۾ هئا‪ .‬پر مارئي جي مزاحمت اسان عورت جو‬
‫ويساهه آهي‪ .‬سهڻيءَ ميهار سان محبت ڪئي ۽ اها‬
‫محبت ڪرڻ واري حق جي آزادي اڄ انساني حقن جي‬

‫‪160‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عالمي چارٽر جو حصو آهي‪ .‬مومل راڻو‪ ،‬مومل جي‬
‫ڪاڪ سندس ذهانت جو آئينو آهي‪ .‬راءِ ڏياچ اگر سر‬
‫ڏنو ته سورٺ به ڏاگهه تي چڙهڻ ۾ نه هٻڪي‪ ،‬اسين‬
‫ڇا ڪمزور آهيون؟ هرگز نه‪ .‬پر اسان عورتن جي‬
‫بدقسمتي آهي‪ .‬هڪ عورتن جي تنظيمن جو دائرو‬
‫شهرن تائين محدود آهي‪ .‬انهن کي گهرجي ته هو‬
‫اڪثريتي آبادي تائين پهچي ”حقوق نسوان“ جا حقيقي‬
‫مثال پيش ڪن‪ .‬ٻيو ته هڪ ٻئي کي برداشت‪ ،‬مڃڻ ۽‬
‫مڃائڻ واري سوچ ۽ ڪلچر کان وانجهيل آهن‪ .‬اهو ئي‬
‫سبب آهي جو اڪثريتي آبادي عورتن ۾ ڪا به تعليمي‬
‫معاشي تبديلي نه اچي سگهي آهي‪ .‬هر سال مارچ ۾‬
‫عورتن جو خاص ڏينهن ملهايو وڃي ٿو‪ .‬وڏي دعويٰ‬
‫ڪئي وڃي ٿي‪ .‬پر ڪا به تبديلي‪ ،‬ڪا به منصوبا بندي‪،‬‬
‫ڪا به پيش قدمي نظر نه ٿي اچي‪.‬‬
‫اسان وٽ عورتن جي سلسلي ۾ مردن جو رويو‬
‫جارحانه ۽ نامنصفانه رهيو آهي‪ .‬آمريڪا جي نوبل انعام‬
‫يافته اديب جان رئيس بيڪ هڪ ناول ”دي پول“ ۾ لکي‬
‫ٿو ته اها حقيقت آهي ته ڪارو ڪاري واري ماحول ۾‬
‫اڄ تائين ڪيتريون مردن هٿان عورتن جون منڍيون‬
‫ڪپيون ويون‪ .‬پر ڪنهن عورت کي ڪڏهن غيرت آئي‬
‫هجي ته هوءَ مرد جي منڍي ڪپي ٿاڻي تي پهچي ۽‬
‫اعلن ڪري ته منهنجو مرد ڪارو هو‪ ،‬مون ان کي ختم‬
‫ڪيو‪.‬‬
‫ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به عورت اهو قانوني ڏوهه‬
‫جو سوچيو به نه آهي ته بي جوڙ شادين جي نتيجن ۾‬
‫جڏهن ڪنهن ‪ 16‬سالن جي نياڻيءَ جو نڪاح زبردستي‬
‫‪ 50‬سال واري پوڙهي سان ڪرائي ته انساني‪ ،‬قرآني‪،‬‬
‫مسلماني حق استعمال ڪندي هوءَ پنهنجي ڪنهن هم‬
‫جوڙ سان سهمت هوندي شادي ڪري سگهي‪ .‬هرگز نه‬
‫پر مرد ڳوٺن ۾ ائين ڪن ٿا‪ ،‬ڇو ته عورت جي قانوني‬
‫تربيت نه‪ .‬آهي‪ .‬لٽريسي ريشو گهٽ آهي‪ ،‬ڳوٺن ۾ ادارا‬
‫آهن‪ ،‬نياڻين جي پڙهائي لءِ استاد ڪونهن‪ ،‬ميلن جا ميل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪161‬‬

‫پنڌ ڪري غريب شاگرد صبح جو اسڪول وڃي شام جو‬
‫ڪنهن ٽيوشن سينٽر تي هئڻ بجاءِ هٿ ۾ ٿالهه کڻي‬
‫ڇول )چڻا( وڪڻندو ۽ غريب والدين جو سهارو بڻجڻ جي‬
‫ڪوشش ۾ هن جي جواني تباهه‪ .‬هن وقت ملڪي‬
‫عدالتن ۾ ‪ 1800‬کان به وڌيڪ ٻارن جا ڪيس سنڌ ۾‬
‫داخل آهن‪ ،‬اهي ٻار ‪ 8‬سالن کان ‪ 25‬سالن تائين جيلن‬
‫۾ وڏا ٿيا آهن‪.‬‬
‫ڳوٺاڻي عورت هنر مند آهي‪ ،‬سنڌ جي ان عورت‬
‫جو هٿ هنر دنيا ۾ مشهور آهي‪ ،‬پر اتي پنهنجي تربيت‪،‬‬
‫سکيا ۽ منتشر ٿيل ڪم کي بهترين ڪرڻ لءِ ڪو به‬
‫ادارو حڪومتي طور تي نه آهي‪ .‬ڳوٺاڻي عورت جو‬
‫سڄو پورهيو سرڪاري فائيلن ۾ درج نه آهي‪ .‬نتيجو ڇا‬
‫ٿو ٿئي جو شهري سرمائيدار ان عورت جي محنت کي‬
‫گهٽ پيسن ۾ خريد ڪري ٿو‪ .‬معاشي طرح ئي ڳوٺاڻي‬
‫عورت ڪمزور پيءُ ۽ مڙس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملئي‬
‫ڪم ڪندي ته عورت جي پورهئي کي الڳ تسليم نه‬
‫ڪيو ويندو‪ .‬بلڪ اهو معاوضو مرد کي ئي ملندو آهي‪.‬‬
‫‪1978‬ع کان پهرين پوليس جي سالنا ڏوهن جي‬
‫رپورٽ جي گراف ۾ لڄالٽ جو ڪو به ڪالم نه هو‪.‬‬
‫‪1981‬ع ۾ پاڪستان کي انهن ملڪن جي فهرست ۾‬
‫شامل ڪيو ويو‪ ،‬جتي لڄالٽ ۽ اجتماعي لڄالٽ جهڙا‬
‫سنگين ڏوهه ٿيندا آهن‪.‬‬
‫دي بڪ آف ورلڊ ريڪينگ ۾ ‪ 1982‬۾پهريون سال‬
‫هو‪ ،‬جڏهن لڄالٽ ۾ پاڪستان جو نالو لکيو ويو‪.‬‬
‫‪1987‬ع ۾ سڄي ملڪ ۾ عورتن سان جبري زيادتي جا‬
‫‪ 460‬واقعا رڪارڊ ٿيا‪1992 ،‬ع ۾ ‪ 226‬عورتن تي‬
‫مجرمانا حمل ٿيا‪ ،‬جن ۾ ‪ 212‬واقعا اجتماعي لڄالٽ جا‬
‫هئا‪ ،‬ان جو سبب معاشي گهٽ‪ ،‬سياسي وڌيڪ آهي‪.‬‬
‫سياسي بنيادن تي عورتن تي جنسي تشدد ضياءَ الحق‬
‫جي دور ۾ شروع ٿيو‪1980 .‬ع ۾ هڪ انڌي ڇوڪريءَ‬
‫کي ‪ 80‬ڪوڙن جي سزا ۽ ملزم کي شڪ جي بنياد تي‬
‫آزاد ڪيو ويو‪ .‬هن ڇوڪريءَ عدالت ۾ پاڻ تي ٿيل‬

‫‪162‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫زيادتيءَ جو ذڪر ڪيو‪ .‬ان ڏوهاري جرم قبوليو‪ ،‬شڪ‬
‫جو فائدو ڇوڪريءَ کي ان ڪري پهتو جو ڇوڪري‬
‫انڌي هئي‪ .‬پر ڇوڪري انڌي نه به هجي ها ته چار‬
‫شاهد ڪٿان آڻي ها‪ .‬اسان وٽ ان ڪريل ڏوهه جي‬
‫سزا ڪونهي‪ ،‬آمريڪا ۾ ”وائيلنس اگينسٽ وومن‬
‫ايڪٽ“ جنهن ۾ ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لءِ عورتن جو‬
‫ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڪافي شهادت سمجهيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫اهڙن ڪيسن کي جلدا اڪلئڻ لءِ ملڪ ۾ قانون‬
‫سازي جي ضروت آهي‪ ،‬جيئن زيادتي ٿيندڙ عورتن کي‬
‫هر هر ٿاڻن‪ ،‬عدالتن کان بچائي سگهجي‪.‬‬
‫ملڪ جا سڀ طبقا ان ڳالهه تي متفق ٿين ته‬
‫نياڻين‪ ،‬عورتن کي جبري هوس جو نشانو بڻائڻ وارا‬
‫اسيمبليءَ جا ميمبر نه ٿا ٿي سگهن‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪163‬‬

‫هڪ سنيهو لطيف جي پانڌياڻين ل ?ء‬
‫پياري ادي سلطانه وقاصي‬
‫اوهان کي واڌايون هجن‪ .‬دراصل ادب جي دنيا ۾‬
‫سنڌي اديبن ۽ اخبارن خاص طور هلل پاڪستان‬
‫ڪراچي مان شايع ٿيندڙ واحد سنڌي اخبار آهي‪ ،‬جنهن‬
‫پنهنجي عليحده صحتمند روايتن کي قائم رکندي‪.‬‬
‫معاشري جي هر طبقي کي اهميت ڏني آهي‪ ،‬اهوئي‬
‫سبب آهي جو هن اخبار کي عوام عزت جي نگاهن‬
‫سان ڏسي ٿو‪ .‬هينئر عورتن جو صفحو اوهان جي‬
‫رهنمائيءَ ۾ ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته خواتين جو‬
‫نقطئه نظر صحيح طور تي سنڌ جي عوام تائين‬
‫پهچائي سگهجي ٿو‪ .‬ڇو ته اوهين دانشور ۽ اديبا سان‬
‫گڏوگڏ استاد به آهيو‪.‬‬
‫ادي! آءي اوهان جي ٿورائتي آهيان جو اوهان‬
‫منهنجي هڪ مقالي ”جا دل ۾ هئي سا آئي قلم جي‬
‫زبان تي“‪ .‬ان کي هن صفحي ۾ شايع ڪيو‪ ،‬حقيقت‬
‫هي آهي ته ڪجهه عرصي کان جڏهن کان دهشتگردن‬
‫منهنجي گهر کي لٽيو ۽ مون نقل مڪاني ڪئي‪ .‬صحيح‬
‫نموني ۾ اوهان جي عورتن جي صفحي لءِ ڪو به‬
‫تجزيو‪ ،‬تبصرو يا ڪا تجويز نٿي ڏئي سگهان‪.‬‬
‫ڀيڻ! اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ اسان جي‬
‫گهرن ۾ سنڌي اخبارن‪ ،‬رسالن ۽ موادن جي همت‬
‫افزائي ڪئي وڃي ٿي‪ ،‬آءي به انهيءَ خيال جي حامي‬
‫آهيان ته ماءُ هنج ۾ سمهاري جنهن ٻولي ۾ لولي ڏني‪،‬‬
‫لت سيکاري‪ ،‬ڏات بخشي ان کي وڌ ۾ وڌ پڙهجي ۽‬
‫سکجي‪ .‬ان لءِ ههڙي قسم جا ادبي صفحا رهنمائيءَ‬
‫جي حيثيت رکن ٿا‪ ،‬ڇا لءِ ته مون کي خبر آهي ته هلل‬
‫پاڪستان اخبار ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي هڪ عورت‬
‫جي ئي ملڪيت هئي ۽ ان بدنصيب اداري جي ڏکن ۽‬

‫‪164‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مشڪلت جي ابتدا ‪ 8‬آگسٽ ‪1977‬ع جو پاڪستان‬
‫جي هڪ انفارميشن آفيسر جي خط سان شروع ٿي‪.‬‬
‫ان وقت سراج ڪافي لکپڙهه ڪئي‪ ،‬پر ڪا به ڪاروائي‬
‫نه ٿي‪ .‬هلل پاڪستان کي مالي طور محتاج بڻايو ويو‪،‬‬
‫امتيازي سلوڪ ڪيو ويو‪ .‬صرف ان ڪري ته هنن کي‬
‫خبر هئي ته هيءَ اخبار سنڌ جي هڪ سياسي گهراڻي‬
‫جي جمهوريت پسند ۽ محنت پسند عورت جي ملڪيت‬
‫هئي‪ .‬منهنجو مقصد ۽ مضمون اخبار جي ڏکيائين متعلق‬
‫نه آهي‪ ،‬پر صرف اعتماد ظاهر ڪرڻو آهي ته اسان‬
‫جي قومي شعور‪ ،‬سوچ ۽ لوچ کي هن اخبار ۾ حقيقي‬
‫مان ۽ مرتبو ملي سگهي ٿو‪ .‬ان ڪري هڪ گذارش ڀيڻ‬
‫اوهان جي خدمت ۾ ضرور عرض ڪنديس‪.‬‬
‫روايتي طور عورت جي نالي ۾ نڪتل صفحن ۾‬
‫اڪثر رڌ پچاءُ‪ ،‬سبڻ ۽ سلئي‪ ،‬ڀرت‪ ،‬ڊزائنس جا طور‬
‫طريقا ٻڌايا ويندا آهن‪ ،‬آءي تسليم ڪريان ٿي ته اهو هڪ‬
‫صحيح طريقو به آهي‪ ،‬پر ڇا اوهان اڄ هنن ڪالمن ۽‬
‫صفحن وسيلي اڃا به سنڌي عورت کي ثقافتي ۽‬
‫روايتي ٻنڌڻن ۾ ٻڌڻ گوارا ڪندا؟ يا عورت کي‬
‫معاشرتي قدرن کان واقف ڪندا‪ .‬هتي مان اهو بحث‬
‫هرگز نه ڇيڙينديس ته ثقافتي قدر يا سماجي قدر ڇا‬
‫آهن ۽ انهن ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق محسوس ڪرڻ‬
‫گهرجي ۽ ادا هدايت بلوچ وانگر اُهي صلحون ڏينديس‬
‫ته سنڌين کي سندس وس پڄي ته ڪراچي وٺي اچي ۽‬
‫وڏن وڏن هوٽلن ۾ انهن کي مانيون کارائي انهن کي‬
‫مائيڪل جيڪسن جون ڪيسٽون ٻڌرائي‪ ،‬۽ نه وري‬
‫رحيم بخش مهر وانگر اهو اعتراض آهي ته همرچو‬
‫پروگرام ۾ ڊسڪو گانا ڇو ٿا ڳارايا وڃن‪ ،‬يا هو ڇو فل‬
‫سوٽ ڪوٽ پايو اچن ٿا‪ .‬ڳالهه ثقافتي قدرن يا انهن‬
‫جي حفاظت جي نه آهي ڇو ته ثقافت هڪ اهڙو علم‬
‫آهي جنهن ۾ تيزي سان بدلجندڙ معاشري جو سڄو‬
‫خارجي داخلي اظهار موجود هوندو آهي‪ .‬ثقافت يافته‬
‫اسين آهيون‪ ،‬مڪمل طور پنهنجي ثقافت ۾ رڱيل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪165‬‬

‫ليڪن معاشري ۾ هڪ ٻيو به رجحان آهي‪ ،‬جنهن سان‬
‫اسان کي پنهنجو اصل منصب ۽ ذميداري جو سبق‬
‫حاصل ٿيندو‪ ،‬اهوئي سبب آهي جو اڄ تيزي سان تغير‬
‫پذير معاشري ۾ علم سياسيات سڀ کان وڌيڪ متاثر‬
‫ڪندڙ علم آهي‪ .‬سياست معاشري ۾ موجود ماڻهن جو‬
‫شعوري دليل آهي ۽ هدايت بلوچ جي لفظن ۾ تها‬
‫”اسان جي ڌرتي وڃي ٿي‪ ،‬اسان جي پيرن کان‬
‫نڪرندي“‪.‬‬
‫منهنجي وس ۾ هجي ته هر هڪ کي ڪلشنڪوف‬
‫وٺي ڏيان ته جيئن هو اڳرائي نه ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ‬
‫پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو دفاع ته ڪري سگهن ۽‬
‫سياست جي لفظي تعريف به اها آهي ته اهو علم‬
‫رياست ان جي انتظام جو علم آهي‪ .‬هن تفصيل جو‬
‫مقصد اهو آهي ته اسين سگهڙين سٿ جي لڏي جي‬
‫سياسي پذيرائي ڪيون‪ ،‬انهن جي لکڻين کي انهن‬
‫صفحن ۾ وڌ ۾ وڌ جاءِ به ڏيون ۽ دعوت به ڏيون ته هو‬
‫پاڻ سان ۽ پنهنجي نوجوان نسل سان ٿيندڙ ڏاڍاين جا‬
‫”انگ اکر“ ترتيب ڏئي اخبارن تائين پهچائين‪.‬‬
‫ڀيڻ ياد رهي ته جنهن معاشري ۾ ان جي اقتصادي‬
‫نظام ۾ ”عورت“ ”سنڌي عورت“ جي پورهئي کي‬
‫شهري سرمائيدار ڪوڏين جي ملهه ۾ خريد ڪن‪ ،‬انهن‬
‫جو استحصال ڪن‪ .‬ان جي حڪومتي يا وومين ڊويزن‬
‫واريون خواتين اقتصادي يا ليبر پاليسن ۾ ان محنت کي‬
‫شمار نه ڪن‪ .‬عورت جي ڪمائي عورت کي هٿ ۾ نه‬
‫هارياڻ۾عورت کي‬
‫‪ .‬ي‪Ô‬‬
‫ملي‪ ،‬بلڪ اها به مرد جي هٿ‬
‫ڪو قرض نه ملي سگهي‪ ،‬عورت جي سياسي حقن تي‬
‫ڌاڙا‪ ،‬عورت جي سياست تي فتوائون هجن‪ ،‬ڇا اوهين‬
‫انهن کي ثقافتي يا سگهڙين جا مسئل چوندا‪ ،‬يا ٻيو ڪو‬
‫سوچيل سمجهيل نالو ڏيندا‪ .‬آءي هڪ ٻئي ڳالهه ڪندي‬
‫هلن‪ ،‬ته سنڌ ريجمينٽ ۾ شامل ٿيڻ لءِ يا ان ۾‬
‫نوجوانن کي راغب ڪرڻ لءِ ته هو وڌ ۾ وڌ شامل ٿين‬
‫۽ پاڻ تان ڪمزوري‪ ،‬بزدلي جو ٽڪو هميشه لءِ مٽائي‬

‫‪166‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڇڏين‪ .‬اهو مسئلو اسان جي ملڪ جو خالص فوجي‬
‫مسئلو آهي ۽ عوام جو مسئلو آهي‪ .‬پر اسان جي‬
‫سنڌي معاشري جي مجموعي سوچ کي آڏو رکندي اها‬
‫صلح ڏينديس ته هونءَ ته اسان جي معاشري ۾‬
‫سماجي ۽ فلحي ادارن جي کوٽ رهي آهي‪ ،‬پر هينئر‬
‫جيڪي به سنڌيت جي نالي سان عورتن جون تنظيمون‬
‫ڪم ڪري رهيون آهن‪ ،‬انهن جو اهو سماجي اخلقي ۽‬
‫قومي فرض آهي ته هو انفرادي طور ۽ اجتماعي طور‬
‫ان ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺن‪ .‬انفرادي طور ته ٻار‬
‫۽ ماءَ جي هنج وارو فلسفو بحث هي) ايندو‪ ،‬پر‬
‫جيڏيون! اچو ته ملي ڪري هٿ هٿ ۾ ڏيئي ان ڪم لءِ‬
‫سنڌي ماءُ‪ ،‬سنڌي ڀيڻ‪ ،‬ڏانهن رجوع ڪريون‪ .‬هلي انهن‬
‫سان گڏجاڻيون ڪيون‪ .‬تقريرون ڪيون‪ .‬انهن جي ذهنن‬
‫۾ پيدا ٿيندڙ خدشات دور ڪريون‪ ،‬ڇو ته اهو ڪم مرد‬
‫کان وڌيڪ عورتون ڪري سگهن ٿيون‪ .‬مرزا اسلم بيگ‬
‫خوشيءَ وچان اعلن ڪيو ته سنڌ مان ‪ 9‬هزار سنڌي‬
‫سنڌ ريجمينٽ ۾ شامل ٿيا آهن‪ .‬هاڻي اهي انگ اکر ۽‬
‫انهن جي تشخص جي نشاندهي ڪير ڪندو‪ .‬ڪٿي ائين‬
‫ته نه آهي جو سنڌي اجرڪ ٽوپي پائي ۽ ڪوڙن‬
‫ڊوميسائيل وانگر انهن اها ڪوٽا به پوري ڪرڻ جي‬
‫ڪوشش ڪئي هجي؟ ڇو ته ضياءَ الحق جو مقصد ئي‬
‫اهو هيو ته هو نالي جي لحاظ کان ته سنڌين کي‬
‫مطمئن ڪري ۽ افرادي قوت ٻئي ڪٿان سهيڙي وٺجي‪.‬‬
‫ياد رکو ڀينرون! جنهن به قوم پنهنجي اصلي‬
‫دشمن کي سڃاڻي ورتو ته ان قوم گويا اڌ جنگ کٽي‬
‫ورتي‪.‬‬
‫والسلم سدائين گڏ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪167‬‬

‫عورت معاشري جي آئيني ۾‬
‫عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ‪1975‬ع‬
‫کان اڄوڪو ڏينهن بين القوامي طور تي سڀني ميمبر‬
‫ملڪن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح تي ملهايو وڃي‬
‫ٿو‪ .‬پر ڏٺو وڃي ته عورتن جي حوالي سان ڪا واضح‬
‫تبديلي نظر نٿي اچي ۽ اسان وٽ اها ڳالهه سڀ کان‬
‫وڌيڪ بنيادي حقن جي متاثر عورتن ۽ نياڻين جي حوالي‬
‫سان ڪئي وڃي ٿي‪ .‬ڪنهن ڏاهي جو اهو چوڻ بلڪل‬
‫حقيقت تي مبني آهي ته تاريخ ۾ ٿيندڙ واقعات جي هڪ‬
‫رياضي آهي‪ ،‬جيڪا حقيقتا ا ئي بيان ڪرڻ کپي‪ ،‬نه ڪي‬
‫فرض ڪيل ڳالهين تي‪ .‬اڄ جي حقيقت اها آهي ته اسان‬
‫جي اڪثريتي ڳوٺاڻي عورت جي تعليمي ڪسمپرسي‬
‫ڪري سندن سماجي ۽ معاشي بيهڪ ڪمزور ترين ڊگري‬
‫تي بيٺل آهي‪ .‬اها عورت ايتري ‪ Pre-occupied‬آهي‪.‬‬
‫ايترين تڪليفن ۽ ڳڻتين ۾ آهي جو ان عدم مساوات جي‬
‫ماحول کي ختم ڪرڻ لءِ نه ادارن ۽ نه ڪنهن شخصيت‬
‫طرفان سندس ڪا مدد ٿي رهي آهي‪ .‬جڏهن ته‬
‫جمهوريت جي تقاضا اها آهي ته آباديءَ جي ڳري‬
‫اڪثريت ڀل حڪمران کڻي نه هجي پر ان کي خوشحال‬
‫ضرور هئڻ کپي‪ .‬ڳوٺاڻي عورت پنهنجي وجود جي تحفظ‬
‫۽ مانيءَ جي ٻن گرهن لءِ مڪمل طرح سان سماج جي‬
‫محتاج ترين مخلوق آهي‪ .‬ان کان سواءِ به اها عورت‬
‫خانگي معاملن ۾ آزاديءَ کان محروم آهي‪ .‬وراثت ۾‬
‫قانوني ڄاڻ کان اڻ واقف مختلف ادارن ۾ سندس‬
‫نمائندگي نه هئڻ ڪري اڄ به کيس چند ٽڪن تي وڪيو‬
‫وڃي ٿو‪ .‬جڏهن کيس سينگاري لنئون ڏئي دهل شرنائين‬
‫۾ سندس پلهءُ مرد جي پلهءَ سان ٻڌو وڃي ٿو ته اهو‬
‫مرد عورت جي چاهت جو حقدار بڻجي وڃي ٿو‪ .‬پوءِ ڀلي‬
‫کڻي عورت جي مرضي ان ۾ شامل نه به هجي‪ ،‬پر‬

‫‪168‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عورت مرد جي خمارن واري دنيا ۾ رهڻ لءِ بلڪه قيدي‬
‫ٿيڻ ۾ تسڪين محسوس ڪري ٿي ۽ زندگيءَ جي آخري‬
‫سرحدن تائين صرف عورت ئي ڪميٽيڊ جنس ثابت ٿي‬
‫آهي‪ .‬انسان جي بنيادي حقن جا جٿان دروازا کلڻ کپن‪،‬‬
‫عورت لءِ اتي ئي زندگيءَ جا دروازا بند ٿيو وڃن‪ .‬هيءُ‬
‫ڪو نثري تفسير نه آهي‪ ،‬بلڪ اها حقيقت آهي ته عورت‬
‫قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي‪ .‬عورت قربانيءَ واري ورثي تان‬
‫دستبردار ٿيڻ لءِ تيار نه آهي‪ .‬اها حقيقت آهي ته جيڪو‬
‫سماج طبقاتي ورهاست تي ۽ عدم رواداري ۽ فرقيواريت‬
‫تي مشتمل هجي‪ .‬اهڙن معاشرن ۾ جملي سماج جي‬
‫ترقي بند ٿي ويندي آهي پر جن معاشرن ۾ رواداري‪،‬‬
‫انصاف حسن ۽ ذهني دليلن جي جمهوري اجازت ۽ ڪلچر‬
‫روان دوان هوندو آهي‪ ،‬اهو معاشرو جمهوريت ۽ انساني‬
‫مساوات وسيلي ئي وقتي تقاضائن سان مقابلو ڪري‬
‫سگهندو آهي‪ .‬اسان جو سڄو معاشرو تعليمي بحران مان‬
‫گذري رهيو آهي ۽ تمام ويجهڙائيءَ کان اسان ڏسي رهيا‬
‫آهيون ته ماڻهو پاڻ کي خود سوزي وسيلي ختم ڪري‬
‫رهيا آهن‪ .‬ان ڪري اسان کي تمام سنجيدگيءَ سان‬
‫سوچڻو پوندو ته اگر اسان عورت کي تعليم جي زيور‬
‫سان آراسته ڪرڻ جا جوڳا بندوبست ڪيا ته نه صرف‬
‫عورت بلڪه خاندان ۽ معاشرو مضبوط بنيادن تي بيٺل‬
‫هوندو‪ .‬جنهن کي آساني سان نه ڪمزور ڪري سگهبو ۽‬
‫نه خود سوزين يا خودڪشي طرف مائل ٿي سگهندو‪.‬‬
‫اسان جي ڳوٺاڻي عورت لءِ تعليمي ادارن جو هئڻ‪ ،‬استاد‬
‫پڙهائڻ لءِ مهيا ڪري ڏيڻ‪ ،‬فرنيچر وغيره مهيا ڪري ڏيڻ‪،‬‬
‫ان کان سواءِ اهي سڀ ضرورتون سرڪاري ۽ غير‬
‫سرڪاري طور تي ڪري سگهجن ٿيون‪ .‬ائين ڪرڻ سان‬
‫عورتن ۾ شعور ۽ جاڳرتا ايندي‪ .‬عورت پنهنجو برو ڀلو‬
‫سمجهڻ جي قابل ٿيندي ۽ پنهنجا حق گهري سگهندي‪.‬‬
‫سندس نمائندگي جو حق مڪمل ٿي سگهندو ۽ ائين‬
‫ڪرڻ سان مرد عورت جا ازدواجي رشتا بهتر ٿيندا‪ .‬ان‬
‫بهتريءَ سان خاندان مضبوط ٿيندو‪ ،‬ياد رهي ته دنيا جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪169‬‬

‫اسي ڪروڙ اڻ پڙهيل عورتن مان پنجاهه ڪروڙ عورتن‬
‫جو تعلق ترقي پذير ۽ اسان جهڙن ملڪن سان آهي‪.‬‬
‫معاشي طرح اسان جي عورت انتهائي ڪمزور آهي‪ ،‬اڄ‬
‫سڄي دنيا ۾ اهي ئي قومون سرخرو ۽ سڄي دنيا جي‬
‫مالڪي ڪري رهيون آهن‪ .‬جن جي معيشت مضبوط‬
‫اهي‪ .‬خود اسان جي معاشري ۾ انهن طبقن کي گهڻو ٻڌو‬
‫وڃي ٿو‪ ،‬جيڪي معاشي طور لکن ۽ ڪروڙن جا مالڪ‬
‫بڻيا ويٺا آهن‪ .‬تنهن ڪري اسان جي ڳوٺاڻي عورت جو‬
‫ڊگري يافته هئڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي‪ .‬بنيادي طرح تي‬
‫جنهن جنهن فيلڊ ۾ اها عورت ماهر ۽ ڪاريگر آهي‪ ،‬اتي‬
‫ان عورت کي وڌيڪ تربيت ۽ تعليم يافته ڪري سگهجي‬
‫ٿو‪ .‬هونءَ به ڳوٺاڻي عورت زرعي معاشري ۾ پنهنجو‬
‫مڪمل ڪردار نڀائي رهي آهي‪ .‬گهرجي ڪم ڪار کان‬
‫سواءِ ٻارن پالڻ کان سواءِ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾‬
‫ملئي زرعي زمين تي ڏکيا ڪم ڪرڻ ۾ کيس فوقيت‬
‫حاصل آهي‪ .‬رستي تي پٿر ڪٽڻ‪ ،‬ڦٽيون چونڊڻ‪ ،‬لبارو‬
‫ڪرڻ کان سواءِ مال‪ ،‬ڍور ۽ ڍڳا ڪاهڻ تائين هو سڄو‬
‫ڪم بنا معاوضي ڪري ٿي يا وري کيس مرد جيترو‬
‫معاوضو نٿو ملي‪ .‬يا ڳوٺاڻي عورت جو اهو پورهيو‬
‫سرڪاري فائيلن جو حصو نه بڻجي سگهيو آهي‪ .‬اسان‬
‫جو اين‪.‬جي‪.‬اوز ڪلچر به ان معاملي ۾ ڪا مڪمل ڄاڻ يا‬
‫احتجاج نه ڪري سگهيو آهي‪ .‬ان ڪري اڄوڪي ڏينهن تي‬
‫اهو عهد ڪرڻ کپي ته اسان جي اين‪.‬جي‪.‬اوز ڪلچر کي‬
‫خاص طور شهري اين‪.‬جي‪.‬اوز کي پنهنجا دائرا وسيع‬
‫ڪري ڳوٺاڻي اڪثريتي عورت جي معاشي غلمي کي‬
‫ختم ڪرڻ لءِ باقاعده سياسي ادارن وسيلي اهميت ڏيڻي‬
‫پوندي ۽ جنهن ڏينهن اسان جي اها اڪثريتي عورت تعليم‬
‫يافته بنجي ۽ معاشي غلميءَ مان نجات حاصل ڪري‬
‫تعالي جمهوري طور به ايتري‬
‫وٺندي ته انشاءَ الله‬
‫ٰ‬
‫مستحڪم ٿي سگهندي‪ .‬جو هوءَ سياسي ادارن لوڪل‪،‬‬
‫گورنمينٽ جي ادارن‪ ،‬يونين ڪائونسل کان پارلياماني‬
‫ادارن تائين سرخرو ٿي سگهندي‪.‬‬

‫‪170‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شريعت‪ ،‬عورت ۽ اڪثريت‬
‫جيتوڻيڪ اسان واري جمهوريت جا پڙاڏا عالمي‬
‫مرڪزن تائين به پهتا‪ ،‬پر اها اسان جي بدقسمتي آهي‪،‬‬
‫ته عوام کي ۽ مرد يا عورت کي ڪو رليف ملي نه‬
‫سهگيو آهي‪ .‬صدين کان ڦرلٽ هلندي اچي‪ ،‬مذهبي‬
‫وهنوار ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪوبه روشن خيال ڳانڍاپو‬
‫نظر نٿو اچي ۽ ان وچ ۾ عوام کي جڏهن شريعت جي‬
‫حوالي سان ترميمن ۽ تبديلين جا ڏس ملن ٿا ته‬
‫ڪيترائي خدشا سامهون اچن ٿا‪.‬‬
‫مذهبي حوالي سان قائداعظم جي وفات کان پوءِ‬
‫‪ Objective resolution‬آندي وئي‪ ،‬ته ان کان پوءِ‬
‫فرقيوارانه بنيادن تي مذهبي حوالن سان اقليت ۽‬
‫اڪثريت جا سوال پيدا ڪيا ويا‪ .‬فساد به ٿيا ۽ ملڪ اندر‬
‫پنجاب ۾ پهريون دفعو مارشل لءِ هنئي وئي‪ ،‬تاريخ ۾‬
‫ڏسبو ته ”خلفت عثمانيه“ ”سلطنت مغليه“ ”خلفت‬
‫اميه“ عظمت ۽ شهرت حاصل ڪئي‪ ،‬پر اقتدار لءِ‬
‫سازشن‪ ،‬شورشن ۽ باهمي جهڳڙن ڪري انهن‬
‫حڪومتن جا نشان به نه رهيا‪.‬‬
‫تاريخ جي ورق گردانيءَ مان پتو پوندو ته شاندار‬
‫تهذيبن جي خاتمي جي پويان ٻه سبب اهم رهيا آهن‪.‬‬
‫هڪ ته روين جي تنگ نظري ۽ ٻيو انساني فلح بهبود‬
‫بجاءِ مالدارن طرفان پيداواري ذريعن تي قابض رهڻ‬
‫ڪري طبقاتي ٽڪراءَ ٿيندا آيا آهن‪ .‬جنهن ڪري عوام‬
‫جي اڪثريت معاشي طرح بدحال ۽ حيواني سطح تي‬
‫پهچيو وڃي ۽ ٻئي طرف دولت مند اخلقي اعتبار کان‬
‫بدحال ٿيو وڃن‪ .‬سماجي سرشتو انتشار‪ ،‬سياسي‬
‫گروهه بندين ۽ تنگ نظرين جي ڪري اقتصادي بدحالي‬
‫۾ تبديل ٿيو وڃي‪ ،‬اسان وٽ به لبرل معاشرو ۽ ويلفيئر‬
‫اسٽيٽ جا ۽ جاگيرداري سماج آهي‪ .‬جنهن ۾ هاري جي‬
‫معاشي حالت انتهائي ڪريل نظر اچي ٿي‪ ،‬اسان تي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪171‬‬

‫ٻيو جبر اهو ٿيو جو غيرمعياري تعليمي ادارن وسيلي‬
‫بغير ڪنهن منصوبابندي جي هڪ اهڙو مڊل ڪلس پيدا‬
‫ڪيو ويو‪ ،‬جيڪو مايوسي‪ ،‬فڪر ۽ انتشار جو شڪار‬
‫آهي‪ ،‬جنهن وٽ سواءِ دولت مند ٿيڻ جي انسان‬
‫دوستي جي روش ۽ همدردين جي ڪا به ايجنڊا موجود‬
‫نه آهي‪ .‬اسان وٽ مڊل ڪلس اجتماعي مفاد لءِ ذاتي‬
‫مفاد کي قربان ڪرڻ لءِ آساني سان تيار نٿو ٿئي‪ .‬ان‬
‫معاشرتي اٿل پٿل ۾ اسان جون ٻهراڙيون اڄ به‬
‫‪1947‬ع واري ئي ڏيک ڏئي رهيون آهن‪ .‬اسان وٽ‬
‫‪) Categories‬درجي بندي( جو شديد قسم جو بحران‬
‫آهي‪ .‬جنهن ۾ هڪ ٻئي کي غلم بنائڻ جي چڪر ۾‬
‫وڌيڪ غلميءَ طرف پيش قدمي ٿي رهي آهي‪ .‬عوام‬
‫اڪثريت ۾ هوندي غلم آهي‪ .‬جڏهن ته حڪمران طبقا‬
‫اقليت ۾ آهن‪ ،‬۽ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ نه آهن‪ .‬عوام‬
‫سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين ۽ جفائن جو داستان ڊگهو‬
‫آهي‪ .‬جن جي تلفي لءِ حڪومتون وڏي دعويٰ ڪنديون‬
‫رهيون آهن‪ .‬تازو حڪومت پندرهين ترميم سان سڀ‬
‫ڏک سور ختم ٿيڻ جي خوشخبري پئي ٻڌائي‪.‬‬
‫مذهب ۽ ان جا ضروري ۽ لزمي شرط اسان‬
‫مسلمانن کي هر شيءِ کان وڌيڪ عزيز آهن‪ .‬مذهب‬
‫کي اوليت هئڻ کپي‪ .‬جنهن ۾ تهذيب‪ ،‬محبت‪ ،‬دانش ۽‬
‫دوستاڻا ورتاءَ موجود آهن‪ .‬مذهبي انتشار ۽ مذهبي‬
‫ٽڪراءَ ۽ خدا جي نالي ۾ سسيون ڌڙن کان ڌار ڪرڻ‬
‫جهڙن عملن کي مقدس نٿو چئي سگهجي‪ .‬آءي سمجهان‬
‫ٿي ته موجوده شريعت بل صرف سياسي پهلوئن سان‬
‫ئي سلهاڙيل نه آهي‪ .‬بلڪ ملڪ اندر سڀني شعبن تي‬
‫قانون کان عورت جي حقن تائين‪ ،‬ان جا اثر انتهائي‬
‫گهرا پوندا‪ .‬ائين ته ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي سگهبي‬
‫ته ڪن شعبن ۾ ”شرعي قانون“ لڳو هجن ۽ ڪٿي‬
‫وري برطانوي دور جو نظام عدل هلندو رهي‪.‬‬
‫اصل مسئلو ۽ رڪاوٽون بل جي قانوني شڪل‬
‫اختيار ڪرڻ کان پوءِ سامهون اينديون‪ .‬مسلمانن جا‬

‫‪172‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مختلف فرقا ۽ عالمن جو مختلف فرقن سان تعلق هئڻ‬
‫جي صورت ۾ شريعت جون مختلف تشريحون ٿينديون‪.‬‬
‫زڪوات جي ورهاست‪ ،‬عشر‪ ،‬فطرو‪ ،‬سون چاندي‪،‬‬
‫ڪرنٽ اڪائونٽ‪ ،‬تجارت‪ ،‬وياج جو مسئلو‪ ،‬بيواهن جي‬
‫وراثت‪ ،‬جائيداد‪ ،‬سزائون‪ ،‬هي سڀ اهي مسئل آهن جن‬
‫تي قانون جي ڏس ۾ وڌيڪ هوم ورڪ ڪرڻ جي‬
‫ضرورت آهي‪ .‬هيڏي ساري تبديليءَ جي رٿا ۾ آباديءَ‬
‫جو اڌ حصو يعني عورتن جي شموليت ڪٿي به نظر‬
‫نٿي اچي‪ ،‬يونين ڪائونسل کان پارليامينٽ هائوسز‬
‫تائين ۽ هاڻي ته بدليل صورتحال ۾ اسلمي نظرياتي‬
‫ڪائونسل‪ ،‬وفاقي شرعي عدالت يا سپريم ڪورٽ جي‬
‫شرعي اپيليٽ بينچ تائين عورتن جي شموليت لزمي‬
‫بڻجي وئي آهي‪ .‬ان ڪري قانون جي بالدستي قائم‬
‫ڪرڻ لءِ اگر عدالتن کي شريعت مطابق فيصلن جو‬
‫اختيار ملي وڃي ٿو ته انهن فيصلن جا اثر عورتن‬
‫متعلق مسئلن تي يقينا ا پوندا ۽ هر عدالت شرعي‬
‫عدالت هوندي‪ .‬ان سلسلي ۾ ڇا صرف شريعا جون‬
‫عربي ۽ ايل‪ .‬ايل‪ .‬بي رکندڙ ڊگرين وارن مردن کي‬
‫عدالتن اندر تعينات ڪيو ويندو؟ عورتن ۾ ته قاضي‪،‬‬
‫مفتي ۽ خطيب جا لقب رکندڙ تمام گهٽ تعداد ۾ عملو‬
‫مهيا ٿي سگهندو‪ .‬ان ڪري عورتن کي ڊپ آهي ته‬
‫مذهبي ڊگريون ۽ لقب حاصل ڪندڙ ملڪ جا اڪثر مرد‬
‫جيڪي عورتن خلف ٻٽو معيار به رکن ٿا ۽ اسلمي‬
‫شريعت جي تشريح پنهنجي پنهنجي پسند واري ڪن ٿا‪.‬‬
‫سي سڄي نظام تي ڇانئجي ويندا ۽ عدالتن اندر فيصل‬
‫گهڻي قدر عورتن خلف اچي سگهن ٿا‪ ،‬ايوب خان جي‬
‫دور ۾ جيڪي عائلي قانون لڳو ڪيا ويا‪ .‬اهي عورتن‬
‫جي تنظيمن جي جدوجهد کان پوءِ ٺاهيا ويا ۽ مذهبي‬
‫محاذ تان انهن مختصر رليف ڏيندڙ قانونن جي به‬
‫مخالفت ڪئي وئي هئي‪ ،‬جنهن مان بدگمانيءَ جو‬
‫اندازو لڳائي سگهجي ٿو‪1961 .‬ع جي قانون ۾ اهو‬
‫لزمي قرار ڏنو ويو ته نڪاح رجسٽرڊ ٿيڻ کپن‪ .‬ثالثي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪173‬‬

‫ڪائونسلز جي ذريعي پهرين زال جي موجودگيءَ ۾ ٻي‬
‫شاديءَ جي اجازت پهرين زال کان ضرور ورتي وڃي‪.‬‬
‫مڙس کي طلق جو نوٽيس ضرور ڏيڻ کپي‪ .‬ان‬
‫کانسواءِ حق مهر‪ ،‬جائداد‪ ،‬وصيت‪ ،‬اولد جي پرورش‬
‫وغيره متعلق چند ڳالهين جو آغاز ڪيو ويو هو‪ .‬اڄ جي‬
‫عورت کي اسلمي شريعت کان نه بلڪه شريعت ۽‬
‫قانون جي امتيازي تشريح ڪندڙن کان خوف آهي‪.‬‬
‫مولنا نوراني صاحب ڪجهه وقت اڳ فرمايو هو ته‬
‫مرد جي هٿ ۾ نڪاح جي ‪) Key‬ڪنجي( آهي‪ .‬عورت‬
‫جيڪڏهن ٻار ڄڻڻ جي قابل نه هجي ته چار شاديون‬
‫ڪري سگهجن ٿيون‪ .‬هن وڌيڪ چيو ته عائلي قانون‬
‫شريعت خلف آهن‪ .‬تازو هڪ اخبار ۾ هڪ ڪالمسٽ‬
‫حڪومت کي صلح ڏني آهي ته جيڪڏهن سچيءَ دل‬
‫سان پاڪستان ۾ قرآن پاڪ ۽ سنت جي عملداري‬
‫ڪرڻي آهي ته پوءِ اسلمي ”نظرياتي ڪائونسل“ ۽‬
‫التوا ۾ پيل سفارشون تسليم ڪري نافذ ڪرڻ کپن ۽‬
‫عائلي قانونن کي ختم ڪرڻ کپي‪ .‬اسان جا ڪيترائي‬
‫قانون ۽ رواج برطانوي حڪمراني واري دور جي‬
‫پيداوار رهيا آهن‪ .‬انهن ۾ تبديلي ۽ ترميم جي گنجائش‬
‫هميشه رهي آهي جنهن ۾ وراثت جا معامل‬
‫سرفهرست آهن‪ .‬پاڪستان ۾ مغربي پاڪستان ايڪٽ‬
‫شخص قانون اطلق )ش‪Ô‬ريعت( ۾ ‪1962‬ع ۾ پهريون‬
‫دفعو کليل لفظن ۾ عورتن لءِ وراثت جا حق قانوني‬
‫طور تي قابل نفاذ قرار ڏنا ويا ۽ قرآن مقدس جي‬
‫سورت النساء ۾ به فرمايل آهي ته ملڪيت وڏي هجي‬
‫يا ننڍي جيڪو ڪجهه والدين ڇڏين ٿا‪ ،‬انهن ۾ مردن ۽‬
‫عورتن ٻنهي جو حصو آهي )بشمول زرعي ايراضي‬
‫به(‪.‬‬
‫اسان وٽ ته اسان جا زرعي انڊسري مان ڪيترا‬
‫وڏا وڏا خاندان نياڻين جون شاديون ان ڪري به نٿا‬
‫ڪرائين ته متان زمين عورت کي ڏيڻي پئجي وڃي‪،‬‬
‫تاجر برادريءَ ۾ عام طور تي پٽ جي اولد کي ئي‬

‫‪174‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪاروبار ۽ ڪارخانن ۾ شراڪت دار بڻايو وڃي ٿو‪،‬‬
‫زرعي سڌارن به زمين جي ملڪيت جي حد مقرر ٿيڻ‬
‫جي نتيجي ۾ به وڏيون زمينون رکندڙ خاندانن جي‬
‫عورتن کي ئي فائدو پهتو‪ .‬ڇو ته سرڪاري حد مقرر‬
‫ٿيڻ بعد حڪومت کي زمينون ڏيڻ يا حوالي ڪرڻ بجاءِ‬
‫زمينن کي بچائڻ لءِ اهي خاندان جي عورتن جي‬
‫حوالي ڪيون ويون هيون‪ .‬ان کان سواءِ به جڏهن‬
‫ڪنهن عورت جو ور مري وڃي ٿو ته خاندان جا مرد‬
‫وارثت جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا ۽ وارثت وقت بغير‬
‫ڪنهن عدالتي ڪاروائي طرف رجوع ڪرڻ جي حصا‬
‫پتيون ڪيا وڃن ٿا‪ .‬جائيدار يا اثاثن جي ناواقفيت‪،‬‬
‫اسٽامپ ڊيوٽيز‪ ،‬مقدمي بازي جو خرچ ۽ طويل عدالتي‬
‫ڪارواين جي ڪري ڪا به عورت قانون جي دروازي‬
‫تائين پهچڻ جو سوچي به نٿي سگهي‪ .‬ڪافي عرصي‬
‫کان قانون موجود آهي‪ .‬ان جي باوجود به جائداد جي‬
‫حصي کان عورت کي محروم رکيو ٿو وڃي‪ .‬خاص طور‬
‫تي زرعي ايراضي ۽ ان جي ورهاست ۾ هاري عورت يا‬
‫ڳوٺاڻي عورت کان دٻاءُ وجهي اهي بيان حاصل ڪيا‬
‫وڃن ٿا ته هو پنهنجي حصي تان رضا خوشي سان‬
‫دستبردار ٿي آهي‪1964 .‬ع ۾ مغربي پاڪستان عائلي‬
‫عدالت جو قانون ٺاهيو ويو‪ ،‬عورتن جي تنظيمن جي‬
‫مسلس دٻاءَ تحت انهن عدالتن جو مقصد عائلي‬
‫مقدمن ۾ جلد کان جلد فيصل ڪرڻ هو‪ .‬اهو سڀ‬
‫ڪجهه بد دلي سان ٿيو‪ ،‬ڪٽر مذهبي فرقن سخت‬
‫مخالفت به ڪئي هئي پر انهن قانونن ۽ جدوجهد جو‬
‫اهو نتيجو ضرور سامهون آيو ته عورت کي قانوني‬
‫طور تي مسلم شخصي قانون جي عين مطابق جائداد‬
‫جي وارثت هئڻ جو حق مليو ۽ مسلم شخصي قانون‬
‫جا اطلق خانگي زندگي ۽ ٻين معاملن ۾ به ٿي ويا‪.‬‬
‫هڪ وقت اهڙو به آيو جو جڏهن برطانوي عهد‬
‫حڪومت ۾ هندستان جون عدالتون اهو سمجهڻ لڳيون‬
‫ته مسلم قانون ۾ مڙس جي ظلمن خلف زال جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪175‬‬

‫بچاءُ جو ڪو طريقو ڏسيل نه آهي‪ ،‬مڙس جڏهن‬
‫چاهي‪ ،‬جيڪو چاهي‪ ،‬هو عورت سان ڪري سگهي ٿو‪.‬‬
‫ان ڪري حنفي فقي ۾ ان ڳالهه جي اجازت ۽ گنجائش‬
‫مسلم عورت کي نه هئي ته مسلم عورتون عدالت جي‬
‫ڊڪري حاصل ڪري نڪاح ختم ڪرائي سگهن‪ .‬مسلم‬
‫عورتن ازدواجي رشتن ۾ تمام گهڻيون تڪليفون‬
‫برداشت ڪيون‪ .‬ان ڪري عورتن جي ان حق کي‬
‫”اصلحات“ ذريعي سڀني فرقن تي واجب ڪيو ويو ۽‬
‫عائلي قانون ‪1961‬ع ۾ مسلم شادين جي رجسٽري‬
‫جو سلسو سروع ٿيو‪.‬‬
‫مسلم عائلي قانون ۾ ان جي فقري پنجين ۾‬
‫شادي جي رجسٽري لزمي قرار ڏني وئي‪ ،‬توڻي جو‬
‫رجسٽري نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ان ‪1961‬ع جي‬
‫آرڊيننس تحت شادي قانون جي نگاهه ۾ باطل يا غير‬
‫قانوني نٿي ثابت ٿئي‪ ،‬پر ڪيترن ئي مقدمن ۾ شادي‬
‫جو هجڻ يا نه هجڻ ثبوت طور ڪم اچي سگهي ٿو ۽‬
‫نڪاح نامو لکت ۾ هڪ اهڙو دستاويز آهي‪ .‬جيڪو‬
‫عورت کي ڪيترن ئي تڪليفن کان بچائي سگهي ٿو‪.‬‬
‫بدقسمتي سان اسان جي اڪثريتي عورتن ۾‪ ،‬خاص‬
‫طور ڳوٺاڻي زندگي ۾ تعليم جي گهٽتائي ڪري گهڻا‬
‫نڪاح رجسٽر ڪونه ٿا ٿين‪ .‬توڻي انهن علئقن ۾ مسلم‬
‫عائلي قانون جي آرڊيننس ‪1961‬ع تحت يونين‬
‫ڪائونسلز وٽ نڪاح رجسٽرار‪ ،‬نڪاح فارم ۽ ٻي‬
‫مشينري موجود آهي‪ .‬شادي ۽ نڪاح پنهنجي فطرت ۾‬
‫هڪ عمراني معاهدو آهي ۽ ان جا روحاني ۽ اخلقي‬
‫قدر به پنهنجي جاءِ تي اهم آهن‪ .‬ان سلسلي ۾ اسلم‪،‬‬
‫جيڪو دين فطرت عائد آهي‪ .‬اهو مرد ۽ عورت تي‬
‫ڪابه اهڙي پابندي نٿو عائد ڪري جيئن انگريزي‬
‫محاورو آهي ته ''‪ ''Haly Dead Lock‬شادي موت جو‬
‫مقدس پنجوڙ آهي‪ .‬ائين نه آهي‪ .‬اڪثر شاديون سڄي‬
‫زندگي قائم رهنديون آهن‪ .‬پر ڪي ٽٽي به پونديون آهن‬
‫۽ انهن کي ٽٽڻ به کپي‪ .‬هڪ حديث ۾ فرمايل آهي ته يا‬

‫‪176‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عورتن کي پاڻ وٽ رکو يا انهن کي عزت سان ڇڏي‬
‫ڏيو بغير ڪنهن نقصان پهچائڻ جي‪ ،‬جيڪڏهن مڙس‬
‫سرڪش ثابت ٿئي ۽ عورت کي نڪاح جي پنجوڙ مان‬
‫آزاد نه ڪري ته پوءِ قرآن‪ ،‬حديث ۽ شريعت محمديءَ‬
‫جو سهارو وٺڻو پوي ٿو‪ .‬جيڪو عين اسلمي طريقو‬
‫آهي‪ .‬برطانوي هند ۾ مسلم قانون جي حنفي فقهي‬
‫جي غلط تاويل ڪري )جيڪا برطانوي هند جي عدالتن‬
‫ڪئي هئي( ان جي ڪابه گنجائش نه آهي‪ ،‬ته مڙس‬
‫پنهنجي زال جي پيشگي منظوري کانسواءِ ڪا ٻي زال‬
‫رکي سگهي‪ ،‬جيڪڏهن رکندو ته پوءِ عورت کي به‬
‫مذهب ۽ قانون جو تحفظ حاصل آهي ته هوءَ ان خلف‬
‫عدالت ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪري‪ ،‬جيڪڏهن مڙس‬
‫توجهه ۽ خيال نٿو ڪري‪ ،‬ظلم ڪري ٿو‪ ،‬ماري ٿو‪ .‬بدنام‬
‫عورتن سان ميل جول رکي ٿو‪ ،‬زال کي غير اخلقي‬
‫زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو‪ ،‬زال جي جائداد‬
‫وڪڻي ٿو‪ ،‬عورت جي ڪمائي کسي وڃي ٿو‪ ،‬ٻارن جي‬
‫تربيت لءِ نڪاح نامي کي ڀرڻ وقت اقرار ڪيل سڀني‬
‫ڳالهين کان منڪر ٿي وڃي ٿو ته عورت ته ڪابه پابندي‬
‫نه آهي‪ ،‬ته هوءَ پنهنجي لءِ وڙهي نه سگهي‪ .‬ان لءِ‬
‫ضروري آهي ته عورت ئي عورت جو تحفظ ڪري‬
‫عورتن جون تنظيمون پنهنجي انهن ڀينرن جي ڀرپور‬
‫قانوني اخلقي عملي مدد ڪن‪ .‬جيڪي پنهنجي قانوني‬
‫حقن کان اڻ واقف آهن‪ .‬اسان جي زرعي معاشري ۾‬
‫جتي مردن کي عورتن جي مارڻ جا کليا لئسنس مليا‬
‫آهن‪ .‬جن جي تعليم جو انتهائي ڪريل معيار آهي‪ ،‬جيڪا‬
‫گهريلو تشدد جو شڪار آهي‪ .‬اها عورت جيڪا ڪڻڪ‬
‫جي پوکائيءَ کان ڦٽين جي چونڊائي تائين س) کان‬
‫اسي سيڪڙو پورهيو ڪري ٿي‪ .‬پر معاشي طور تي‬
‫ڪمزور ترين طبقو آهي‪ .‬ان جي زندگيءَ جا فيصل‬
‫مردن جي هٿن ۾ آهن‪1973 ،‬ع جي آئين ۾ ته جنس‬
‫جي بنياد تي امتيازي سلوڪ جي منع آهي پر اها‬
‫اڪثريتي عورت جنسي ڏاڍائيءَ جي عبرتناڪ انجام‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪177‬‬

‫وانگر اسان جي آڏو آهي‪ .‬جنهن کي شادي وقت‬
‫پنهنجي ڪابه راءِ ظاهر ڪرڻ جو ڪوبه اسلمي‪،‬‬
‫انساني ۽ آئيني حق نٿو ڏنو وڃي‪ .‬حڪومتي سطح تي‬
‫به سوشيو اڪنامڪ سينٽر‪ ،‬سوشل ايڪشن پلن يا‬
‫بنيادي حقن جا سيل ان عورت جي ڪابه مدد نه ڪري‬
‫سگهيا آهن‪ .‬پارليامينٽ جي اندر سؤ سيڪڙو عورتن جا‬
‫ووٽ حاصل ڪندڙ مرد ۽ مخصوص نشستن تي وقفي‬
‫وقفي سان فائز ٿيندڙ عورتون‪ ،‬جن جا پنهنجا پنهنجا‬
‫الڳ الڳ جاگيرداري حوال ۽ شجرا آهن‪ .‬انهن به اڄ‬
‫ڏينهن تائين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي‪ .‬مخصوص نشستن‬
‫جي حوالي سان جيڪا خاص رعايت عورتن جي مفاد ۾‬
‫ڏني وئي آهي‪ .‬ان خصوصي رعايت کي حاصل ڪري‬
‫سياست ڪار عورتون بس مخصوص سيٽن تي ويهڻ‬
‫لءِ پاڻ ۾ وڙهي مقابلي ۾ هڪ ٻئي کي ئي ميدان مان‬
‫خارج ڪريو ڇڏين‪ .‬آخر ۾ اهوئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته‬
‫شريعت جي نفاذ ۽ قوم تي پوندڙ اثر جو جائزو وٺڻ‬
‫ضروري آهي‪ .‬ڇو ته سياسي‪ ،‬مذهبي‪ ،‬گروهه بندين‬
‫واري هن اسان جي معاشري ۾ اسلم جي عظمت‪،‬‬
‫ناموس ۽ سربلندي تي ڪوبه حرف اچڻ نه گهرجي‪.‬‬
‫مذهبي عدم رواداري ۾ اضافو نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي‬
‫معاشري ۾ فاشسٽ ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي راند‬
‫کيڏڻ جي آزادي ملڻ کپي‪.‬‬
‫مين اپني لفظ جو لکهون‪ ،‬تو قلم لهو روئي‪،‬‬
‫لبون پر آکي رکي جو سوال‪ ،‬آؤ طئي‬
‫کرلين‪.‬‬

‫‪178‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫بقا ۽ فنا جا تصادات‬
‫تاريخ جي ترقيءَ جا ويري ڪهڙي به روڪ ڪن پر‬
‫انساني تاريخ پنهنجي منزل مقصود طرف روان دوان‬
‫آهي‪ .‬انسان نه صرف سائنسي اڀياس پرجمالياتي ۽‬
‫اعلي آدرشي نظرين ۽ نظامن وسيلي ئي پنهنجون‬
‫ارتقائي منزلون طئي ڪيون آهن ۽ هينئر ايڪويهين‬
‫صديءَ جي آڌر ڀاءَ لءِ انسانن جو تجس ڏسڻ وٽان‬
‫آهي‪ .‬چون ٿا ته نئين صديءَ ۾ ماڻهن جون زندگيون‬
‫يڪسر بدلجي وينديون ۽ اها ڳالهه سڌريل سماجن‬
‫سان واقعي به ٺهڪي اچي ٿي‪ .‬مغرب جي ويلفيئر‬
‫اسٽيٽس ۾ رليف شهرين جو حق قرار ڏنل آهي‪.‬‬
‫رياستن ۽ ادارن اُتي فرد جا نوان نوان حق تخليق ڪيا‬
‫آهن ۽ انهن حقن کي تحفظ ڏيڻ لءِ ٿيندڙ قانون سازيءَ‬
‫جي اجتماعي سختين وري ايڏي ته اچي جاءِ والري‬
‫آهي جومرڳو آزاديون محدود پيون ٿين‪ .‬يعني حق‬
‫آزادين تي والر پيا ڪن پر اسان وٽ نه حق آهن ۽ نه‬
‫آزاديون‪ .‬اسان استحصالي ۽ غير مساويانه نظام ۾‬
‫زندگيون گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهيون‪ .‬اسان اڃا‬
‫بنياد پرستي ۽ جديديت جي وچ ۾ لٽڪيل قوم آهيون‪.‬‬
‫زندگيءَ جي وهنوار ۾ آزادي به اسان جو ڪجهه بگاڙي‬
‫نه سگهي آهي‪ .‬گهٽيل سوسائٽيءَ ۾ سڀ ڪجهه وڃايو‬
‫ويٺا آهيون‪ .‬صدين جو حساب ڪتاب اڳتي هلي ڪبو پر‬
‫پهرين مريم مجيديءَ جو هيءُ شعر اوهان سان شيئر‬
‫ڪرڻ تي دل ٿي چويا‬
‫وقت سان گڏ دل جي ديوارن مٿان‪،‬‬
‫عشق جا سارا اکر گم ٿي ويا آهن‪.‬‬
‫هن سچي ڳالهه ڪئي آهي ته ”اسان جي‬
‫سوسائٽيءَ ۾ محبتن جو ڪلينيڪل موت ٿي چڪو‬
‫آهي“‪ .‬جڏهن ته جرمني جو عظيم مفڪر ”مارڪس“‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪179‬‬

‫چئي ويو آهي ته ماڻهوءَ جي حقيقي روحاني دولت‬
‫اصل ۾ سندس لڳاپن جي دولت آهي‪.‬‬
‫هن صدي ۾ اسان ٻن جنگين جا ڪلئميڪس‬
‫آهيون‪ ،‬پهرين جنگ عظيم ۾ چار ڪروڙ عوام ماريو ويو‬
‫۽ ٻي جنگ عظيم ۾ ڇهه ڪروڙ انساني جانيون ضايع‬
‫ٿيون‪ ،‬ان کان وڌيڪ هن صديءَ جي ڪهڙي بدقسمتي‬
‫ڳڻائجي جو امن جي زماني ۾ به بين القوامي تنازعن‬
‫۾ ڪروڙين انسانن کي پنهنجي قيمتي جانين تان هٿ‬
‫کڻڻو پيو‪ .‬ويهين صدي ۾ هڪ طرف سائنس ترقي‬
‫ڪئي‪ .‬ڪمپيوٽر‪ ،‬انٽرنيٽ‪ ،‬سيٽلئيٽ ٽي‪.‬ويءَ کان وٺي‬
‫چنڊ جي ڪامياب تسخير تائين انسان ڪامياب ضرور‬
‫ويو‪ .‬پر ٻئي طرف انسان اعلي انساني گڻ وڃائي ويٺو‪.‬‬
‫اڄ جو انسان پر اميد ضرور آهي‪ .‬پر وسوسن‪ ،‬وهمن‪،‬‬
‫انديشن ۽ مونجهارن ۾ گرفتار آهي‪ .‬پٿرن مان باهه پيدا‬
‫ڪرڻ وارو انسان ايڪويهين صديءَ ۾ خوشي‪،‬‬
‫خوشحالي ۽ خوش مزاجي وڃائي ويٺو آهي‪ .‬اوهان‬
‫ڪنهن به شعبي تي نظر وجهندا ته کل‪ ،‬ڀوڳ‪،‬‬
‫مسڪراهٽ‪ ،‬مرڪ وارو ڪلچر نظر نه ايندو‪ .‬سرڪاري‬
‫ادارن جا اهلڪار ۽ آفيسر جن جو روزانو لکين ماڻهن‬
‫سان واسطو پوي ٿو‪” ،‬روبوٽ“ جيان ڪرسين تي ويٺل‬
‫هوندا‪ ،‬هو ”خوش پوشاڪ“ ضرور نظر ايندا‪ .‬ليڪن‬
‫ڪنهن سائل سان ڳالهائڻ وقت پيار‪ ،‬اخلص ۽ اخلق‬
‫سان پيش نه اچڻ جو قسم کاڌل هوندو اٿن‪ .‬هر اهڙي‬
‫صورتحال ۾ گهڻو ڪري ڏوهه وري عورت تي پوندو ته‬
‫پڪ سان زال وڙهي هونديس‪ ،‬تڏهن منهن سڄايو ويٺو‬
‫آهي‪ .‬تعليمي ادارن جو مثال وٺبو ته اتي ٻي ماجرا نظر‬
‫ايندي‪ .‬اسان جي تعليمي ادارن ۾ اپريل فول ‪Eve‬‬
‫‪) Teasing‬ڇوڪرين سان ڇيڙڇاڙ( جهڙن شرارت‬
‫ڀريل جذبن ۾ هاڻي تذليل جو عنصر شامل ٿي ويو‬
‫آهي‪ .‬مرڪون کسجي ويون آهن‪ .‬چانهه جي ڪوپ تي‬
‫مذهب‪ ،‬سياست ۽ ادب تي نه کٽندڙ بحثن جو خاتمو ٿي‬
‫ويو آهي‪ .‬اڄ جي سرمايه دارانه نظام ۾ صرف فائيو‬

‫‪180‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اسٽار هوٽلن اندر ويٺل عورتن يا ايئر هوسٽسن جي‬
‫چهرن تي مسڪراهٽون نظر اينديون‪ .‬سو به ان ڪري‬
‫جو مسڪراهٽ انهن ويچارين جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي‪.‬‬
‫جنهن جو کين معاوضو ادا ڪيو وڃي ٿو‪ .‬قوم جي مزاح‬
‫۽ مزاج کي واپس ڪرڻ لءِ هن ئي صدي جي پڇاڙڪن‬
‫ڏينهن ۾ جرمن قوم ”کلئڻ ۽ مسڪراهٽن“ وارو هڪ‬
‫ڪلب قائم ڪيو آهي‪ .‬مقصد اهو اٿن ته علئقي مان‬
‫اداسيون ختم ڪن‪ .‬ڪلب جي ميمبرن کي هفتي ۾ هڪ‬
‫دفعو ضرور ملڻو آهي‪ .‬جيئن هو هڪ ٻئي کي لطيفا‬
‫ٻڌائين ۽ کلڻ جي مشق ڪن‪ .‬اسان جي ته گهر گهر ۾‬
‫جهيڙو آهي ۽ خوشيءَ جو ڏڪار پئجي ويو آهي‪ .‬اسان‬
‫جي ماڻهن جو کلڻ ته آءِ‪.‬ايم‪.‬ايف وارن ختم ڪيو آهي‪.‬‬
‫ٽين دنيا جا ڪيترائي ملڪ کلندا ضرور هوندا‪ ،‬پر‬
‫پنهنجي ڊٺل معيشت‪ ،‬سياسي ۽ تعليمي زوال تي‪.‬‬
‫اسان عورتون ته انهي پازيب کي به ڏاڍي حيرت‬
‫سان ڏسنديون رهيون آهيون‪ .‬جنهن تي اسان جا نفيس‬
‫جذبا جرڪي جرڪي الوپ ٿي ويا آهن‪ .‬سماجي ڏاڍ‬
‫جي زنجيرن سڀني خواهشن کي ڄمڻ شرط ئي جيئري‬
‫دفن ڪري ڇڏيو آهي‪ .‬ڇا ڪجي؟ پيار جي جواب ۾ پيار‬
‫نه ملندو‪ .‬مرڪ نه ملندي مرڳو ڪنڌن تي بي غيرت ”‬
‫غيرتن“ جون ڪهاڙيون هلنديون‪ ،‬ته به اسان جيئڻ تان‬
‫معني ئي تڏهن‬
‫هٿ ته نه کڻنديون سين‪ .‬زندگيءَ کي‬
‫ٰ‬
‫ملي ٿي جڏهن اداس دليون ۽ اکيون پنهنجن کي ڳولهڻ‬
‫چاهين ٿيون‪ .‬ڀلي ڪو به نه کيڪاري ڪو به نه مرڪي‪.‬‬
‫پر اسان جي بقا‪ ،‬فنا ۽ آجپي جي جاءِ هي ڌرتي آهي‪.‬‬
‫اسان زندگي جي چوواٽي تي ڀليل ڀٽڪيل واٽهڙو وانگر‬
‫ڪنهن قطب تاري جي تلش ۾ انتظار ڪنداسون ۽‬
‫آجيان ڪنداسون نئين صديءَ جي جنهن جي دامن ۾‬
‫خبر ناهي ڇا لڪل آهي‪.‬‬
‫حقيقت پسند ٿي جيڪڏهن ڏسجي ته ارڙهين‬
‫صدي جنگين ۽ انقلبن جي صدي هئي‪ .‬اڻويهين صدي‬
‫ان کان به وڌيڪ عدم استحڪام جي صدي ثابت ٿي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪181‬‬

‫ويهين صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ‪ ،‬خون خرابو ٿيو ۽ ان‬
‫سان گڏوگڏ اهو به ڏٺو ويو ته هڪ انتهائي محدود‬
‫اقليت بي پناهه اڪثريت تي طاقت ۽ دولت وسيلي‬
‫قابض ٿي‪ .‬بادشاهت کان جمهوريت تائين جا نظام هن‬
‫صديءَ ۾ آزمايا ويا‪ .‬ويهين صديءَ کي اهو وڏو ڪريڊٽ‬
‫حاصل آهي ته سماجي ارتقا ۾ پهريون دفعو مڊل‬
‫ڪلس پيدا ٿيو‪ .‬بين القوامي ادارا قائم ٿيا ۽ پختا به ٿيا‪.‬‬
‫عالمي سهڪار جا رستا کليا‪ ،‬عورتن‪ ،‬نوجوانن ۽ ٻارن‬
‫جي مسئلن کي عالمي پليٽ فارم تائين پهچايو ويو‪ .‬هن‬
‫ئي صديءَ ۾ ‪1917‬ع جو آڪٽوبر جي عظيم‬
‫سوشلسٽ انقلب آيو‪ .‬جيڪو ‪1991‬ع ۾ بين القوامي‬
‫سرمايه دار ملڪن جي سازشن سان ختم ڪيو ويو‪.‬‬
‫هن ئي صدي ۾ برصغير ۾ سڀ کان وڏي سياسي‬
‫سجاڳي آئي‪ .‬باقاعده سياسي هلچل هلي ۽ ملڪ آزاد‬
‫ٿيا‪ .‬اڳتي هلي بدقسمتي سان جڏهن پاڪستان جو‬
‫اڀرندو ڀاڱو ڌار ٿي ويو ته مملڪت جي اصل نظرئي‬
‫تان هٿ کڻي اقتدار ٽولي ”نظريه ضرورت“ کي اختيار‬
‫ڪيو‪ .‬جنهن مان اڃان تائين هٿ نه ڪڍيا ويا آهن ۽‬
‫هينئر ملڪ انيڪ مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي‪ .‬جيڪڏهن‬
‫ڏسجي ته اسلم ۽ سيڪيولرزم کي هڪ ٻئي جي‬
‫مخالفت ۾ بيهاريو ويو آهي‪ .‬ملڪ ۾ فرقيواراڻي ڀائپي ۽‬
‫سماجي هيڪڙائيءَ جو خاتمو اچي چڪو آهي‪ .‬وڌندڙ‬
‫آبادي صحت‪ ،‬تعليم ۽ روزگار جا مسئل‪ ،‬خودڪشيون‪،‬‬
‫دهشتگردي‪ ،‬قرضن جوبار ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا مسئل‬
‫آهن جن عوام جي زندگي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا کي‬
‫تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ خوشيءَ لءِ هن ملڪ ۾ ڪاري‬
‫رات لهي آئي آهي‪ .‬نئين صدي ۾ اوليتن جي ايجنڊا‬
‫ٺاهي سنڌي مرد کي سنڌي عورت جي آجپي لءِ‬
‫جدوجهد ڪرڻي پوندي‪ .‬ڇو ته اسان جي عورت جي‬
‫راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ نام نهاد غيرت آهي‪.‬‬
‫هتي عورت کي اهو ڪجهه ملي ٿو جيڪو مرد چاهي‬
‫ٿو‪ .‬عورت کي ملڪيت جو حق مرد کان اٺوڻو گهٽ‬

‫‪182‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ملي ٿو‪ .‬سماجي طرح عورت شودر جي حيثيت ۾ آهي‬
‫جڏهن ته مرد برهمڻ بڻيل آهي‪ .‬هندو سماج ۾ شودر‬
‫کي به بنا جواز جي قتل ڪرڻ گناهه آهي پر سنڌ ۾‬
‫عورت کي ڪاري ڪري ڪهي ڇڏڻ لءِ مرد کي ڪنهن‬
‫کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي‪ .‬بلڪ اهو هڪ‬
‫قبائلي اعزاز آهي‪ .‬ڏٺو وڃي ته مجموعي ريت اسان‬
‫جو معاشرو جنسي دهشتگردي ۾ وڪوڙيل آهي‪ .‬ٻئي‬
‫طرف تعليم عام ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ لءِ شروع کان‬
‫ئي سياسي عزائم جي ڪمي رهي آهي‪ .‬ضياءَالحق جي‬
‫دور ۾ ته تعليم کي ترقياتي منصوبا بندي مان خارج‬
‫ڪيو ويو هو‪ .‬تعليم لءِ ڪي به اضافي فنڊ ڪنهن به‬
‫بجيٽ ۾ ويهين سالن کان نه رکيا ويا آهن‪ .‬تعليمي‬
‫ميدان ۾ اسان آفريقي ملڪن کان به پوئتي آهيون‪ ،‬اڄ‬
‫جي ايشين ٽائيگر ملڪن ۽ اسان ۾ بنيادي فرق تعليم ۽‬
‫تعليمي شرح جو ئي آهي‪ .‬اسان کي اڄ جي تعليم کي‬
‫انقلبي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ پهچ مطابق بنائڻو‬
‫پوندو‪ .‬نصاب سازي کي جديد ٽيڪنڪ مطابق بنائڻ جي‬
‫ضرورت آهي ڇو ته مستقبل ۾ علم کان وڌيڪ هنر‬
‫جي اهميت ٿيندي‪ .‬درسي ڪتابن کي علم ۽ هنر جي‬
‫متوازن طريقي سان پڙهائڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت‬
‫آهي‪ .‬اسان وٽ تعليمي مستقبل تابناڪ ٿي سگهي ٿو‬
‫پر ان لءِ اسان کي پنهنجي معاشري ۾ زرعي سائنسي‬
‫۽ سماجي تعليم ۽ ان جي نصاب جو بندوبست ڪرڻو‬
‫پوندو‪ .‬پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن وانگر سنڌ‬
‫ايجوڪيشن فائونڊيشن کي فعال ڪرڻو پوندو ته جيئن‬
‫سنڌ جي ڳوٺن‪ ،‬واهڻن ۾ سٺا تعليمي ادارا کولي‬
‫سگهجن‪ .‬جن ۾ ٻارن کي جديد علم ۽ انگريزي جي‬
‫تعليم ڏني وڃي‪ .‬ڇو ته وڏن شهرن ۾ ته پرائيويٽ‬
‫سيڪٽر ۾ سٺا اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن پر ٻهراڙين‬
‫۾ گهڻو ڪري مقامي زميندار اسڪول لءِ پلٽ ته آڇين‬
‫ٿا پر پوءِ ان کي اوطاق بنائي ڇڏين ٿا‪ .‬ان حوالي سان‬
‫علمي ماحول جو بندوبست حڪومت ۽ايجوڪيشن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪183‬‬

‫فائونڊيشن کي گڏجي ڪرڻو پوندو‪ .‬سنڌ ۾ هن مرحلي‬
‫تي تعليم جي حوالي سان ”ٿنڪ ٽينڪ“ ۽ سياست جي‬
‫رهبري جي وڌ ۾ وڌ طلب محسوس ٿي رهي آهي‪.‬‬
‫اهوئي اسان لءِ هن صديءَ جو اصلي پورهيو هوندو‪،‬‬
‫ايڪويهين صديءَ جي اچڻ وقت جيتوڻيڪ اسان وٽ‬
‫خوش ٿيڻ لءِ نهايت ٿورا سبب موجود آهن پر پوءِ به‬
‫اسين نئين صديءَ جي آجيان خوش ٿي ڪنداسين‪ .‬نئين‬
‫صدي ۾ اسان جي اها ئي تمنا آهي ته خوشي‪،‬‬
‫خوشحالي ۽ سهپ واري سولئزيشن ۽ جمهوريت جو‬
‫بنياد وجهون‪ .‬شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ان ايڏي وڏي‬
‫ايجنڊا کي هڪ سٽ ۾ هيئن سمجهايو آهي ته‬
‫‪ Civilization means civilian supremacy‬يعني‬
‫تهذيب جو مطلب سويلين ماڻهن جي بالدستي آهي‪.‬‬

‫‪184‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آدم ۽ حوا کي هڪجهڙو استحقاق‬
‫ملڻ گهرجي‬
‫ويجهڙائيءَ ۾ انساني حقن جي پاڪستان ڪميشن‬
‫جي چيئرپرسن محترم عاصمه جهانگير جنهن کي‬
‫ڪئناڊا جي ڪوئيز يونيورسٽي طرفان ”ڊاڪٽر آف ل“‬
‫جي اعزازي ڊگري ڏني وئي ۽ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ‬
‫هڪ عورت جڏهن هڪ جوڙي جو نڪاح پڙهايو ته‬
‫ڪجهه حلقن اندر ٿرٿلو مچي ويو‪ .‬اها مون کي پڪ نه‬
‫آهي ته آيا عاصمه جهانگير رجسٽرڊ نڪاح خوان جي‬
‫حيثيت ۾ ان جوڙي کي آشير واد ڏنو‪ ،‬يا جنس جي بنياد‬
‫تي امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لءِ اهو جرئت مندانه‬
‫قدم کنيو‪ .‬بهرحال ان قدم ۽ عمل مان ثابت آهي ته اڄ‬
‫جي دور جي عورت جو فڪر‪ ،‬مطالعو وسيع ٿيندو پيو‬
‫وڃي ۽ اسلم جي سرچ لئيٽ جي روشنيءَ ۾ هو‬
‫پنهنجا رستا پاڻ هموار ڪرڻ جي سنت تي عمل پيرا‬
‫آهي‪ .‬دشمن ۽ بالدست طبقا هميشه معاشري ۾ سٺن‬
‫ذهنن ۽ خوبصورت چهرن جا دشمن ثابت ٿيا آهن‪ .‬ائين‬
‫عورت جي حوالي سان وڌيڪ ٿيندو رهيو آهي ته‬
‫جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي احساسن ۽ خوبصورت‬
‫سوچن ۽ جذبن سان مرد کان اڳتي نڪرڻ جي‬
‫ڪوشش ڪندي آهي ته معاشرو ان تي مختلف قسم‬
‫جا الزام مڙهي کيس ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ۾‬
‫مصروف عمل ٿي ويندو آهي‪ .‬سگهاري قائم رهڻ جو‬
‫قانون حيوانت جي دنيا جو قانون آهي‪ .‬اسان وٽ قرآن‬
‫مقدس جي اصلي پهلوئن کان نٽائيندي‪ ،‬انهن بالدست‬
‫قوتن هميشه ان مقدس ”ڪتاب الله“ جا تفسير‬
‫پنهنجي دفاع ۽ حقن لءِ استعمال ڪيا آهن‪ .‬اهو ته‬
‫شڪر آهي جو الله پاڪ جو اهو موڪليل تحفو يعني‬
‫”ڪلم الله“ انهن بالدستين کان بچيل رهيو آهي‪ .‬قرآن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪185‬‬

‫مقدس جي عبارت )جنهن کي قانوني لفظن ۾ وڪيل‬
‫‪ Text of Law‬چوندا آهن( اهو سلمت آهي پر‬
‫”امپورٽ آف ل“ کي انهن طبقن هميشه پنهنجي‬
‫مرضي سان زير وزبر ڪيو آهي‪ .‬قرآن حڪيم کي بغير‬
‫معني ۽ مطلب جي سمجهڻ کان سواءِ پڙهڻ جو‬
‫ٰ‬
‫ڪجهه نه ڪجهه ثواب ضرور آهي پر ان مقدس ڪتاب‬
‫جي تعليم کي مڪمل نه ملڻ ڪري اسان وٽ نقصان‬
‫تمام گهڻا ٿيا آهن‪ .‬ان موضوع طرف پوءِ ٿا اچون‪ .‬اڄ‬
‫جو موضوع ”نڪاح“ آهي‪ ،‬قرآن مقدس کان پوءِ سنت‬
‫جي سند ئي اسلمي فڪر جو ماخذ آهي‪ .‬مختلف‬
‫حديثن جي مستند مجموعن ۾ تضادات جي باوجود‬
‫عورت جي نڪاح پڙهائڻ ۽ نه پڙهائڻ جو ڪو به ذڪر يا‬
‫بحث ٿيل نه آهي‪ .‬اها نه صرف منهنجي راءِ آهي بلڪ‬
‫عاصمه جهانگير جي نڪاح ۾ هٿ ونڊائڻ کان پوءِ‬
‫مختلف عالمن جي جيڪا راءِ جڙي‪ ،‬اها به اها ئي هئي‬
‫ته نڪاح پڙهائڻ جو صاف ۽ کليل مشاهدو اهو رهيو‬
‫آهي ته قانوني ضرورتون پوريون ڪندي آخر ۾ ان نئين‬
‫جوڙي جي خير عافيت لءِ دعا گهري ويندي آهي‪ .‬اها‬
‫ٻي ڳالهه آهي ته جن طبقن جي روزي جو گذارو انهن‬
‫دعائن تي آهي‪ .‬اهي عوام کي ان موقعي تي جذبات ۾‬
‫آڻڻ لءِ ڪجهه سازشون ڪندي نظر اچن‪ .‬نه ته عورت‬
‫يا مرد جي دعائن ڏيڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي‪.‬‬
‫اسلم جي تعليمات جو مقصد قطع اهو نه آهي ته خير‬
‫جي ڪم تي بند ٻڌا وڃن ۽ پنهنجي حاڪميت کي قائم‬
‫رکڻ لءِ ڪو اهڙو دستور مرتب ڪيو وڃي‪ .‬جنهن سان‬
‫ڪو به ذي روح احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي وڃي‪.‬‬
‫هر مذهب نڪاح جي بنياد تي عورت ۽ مرد جي جنسي‬
‫لڳاپن کي جائز قرار ڏنو آهي‪ .‬نڪاح کان سواءِ عورت‬
‫۽ مرد جا جنسي تعلقات جنسي مباشرت جي حيثيت‬
‫رکن ٿا‪ .‬جڏهن ته نڪاح انتهائي لزم معاهدو آهي‪ .‬ان‬
‫لزمي ۽ عمراني معاهدي جي اندر ڪيترائي اخلقي ۽‬
‫روحاني قدر نپايل آه‪Ô‬ن‪ .‬۽اهو به واضح ڪندي هلن ته‬

‫‪186‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫دين اسلم ۾ ان عمراني معاهدي لءِ مرد يا عورت جي‬
‫ڪا به پابندي نه آهي ته هو معاهدي کي ٽوڙي نٿا‬
‫سگهن‪ .‬مذهبي طور تي اسان وٽ مسلم قانونن کي‬
‫بي جان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل طبقا وڌيڪ مسئل‬
‫پيدا ڪندا آيا آهن‪ .‬قرآن مقدس جي اها تعليم ته‬
‫زندگي هڪ ارتقا پذير تخليقي عمل آهي‪ .‬ان تعليمات‬
‫مان واضح آهي ته هر نسل کي پنهنجي ”پيش رو‬
‫نسل“ جي ڪم ڪارين مان فيض حاصل ڪندي پنهنجا‬
‫مسئل پاڻ حل ڪرڻ جي اجازت هئڻ کپي‪ ،‬شادين جي‬
‫رسمن ۽ رواجن جي ماحول ۾ اسان وٽ ڪيترائي اهڙا‬
‫فيصل ٿيندا آيا آهن‪،‬جيڪي وقت جي معروضي حالتن ۾‬
‫ڪرڻ ضروري ٿي پيا‪ .‬مثال طور ‪1961‬ع ۾ ايوب خان‬
‫جي دور حڪومت ۾ عائلي قانون آيا‪ ،‬ان جو لزمي‬
‫شرط اهو قانوني طور ئي نافذ ٿيو ته نڪاح باقاعده‬
‫رجسٽرڊ ٿيڻ کپن‪ .‬اڳ نڪاح شاهدن جي موجودگيءَ ۾‬
‫صرف زباني ڪيو ويندو هو‪ .‬ليڪن ان کان پوءِ نڪاح‬
‫نامي جا باقاعده فارم آهن‪ .‬جيڪي ڌرين جي طرفان‬
‫ڀريا وڃن ٿا‪ .‬مسلم عائلي ‪1961‬ع ۾ يونين ڪائونسلز‬
‫کي باقاعده قاعدن ۽ قانونن تحت مجاز بڻايو ويو ته هو‬
‫نڪاح پڙهائيندڙن جو تقرر ڪن‪ .‬انهن قانونن کان پهرين‬
‫اگر ڪنهن شخص خلف تعزيرات پاڪستان جي‬
‫آرٽيڪل ‪ 498‬تحت ڪنهن ورت کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ‬
‫پنهنجي صفائيءَ ۾ اهو بيان ڏي ته هن عورت جي‬
‫رضامنديءَ سان شادي ڪئي آهي ته قانون جي عدالتن‬
‫۾ زباني شهادتن تي فيصل ڪرڻ تي ڏکيائيون پيش‬
‫اينديون هيون‪ .‬جيڪڏهن شادي شده عورت کي اغوا‬
‫ڪيو ويندو هو ته ڪهاڻي اها گهڙي ويندي هئي ته‬
‫عورت جي پهرين مڙس طلق ڏني هئي‪ .‬ڇو ته طلقن‪،‬‬
‫شادين ۽ نڪاحن جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه هوندو هو‪.‬‬
‫مسلم عائلي قانون ‪1961‬ع جي آرٽيڪل پنجين ۾‬
‫شاديون رجسٽرڊ ڪرائڻ لزمي آهن‪ .‬حالنڪه اها‬
‫رجسٽري نه هئڻ جي صورت ۾ قانون يا معاشري جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪187‬‬

‫نگاهه ۾ شادي باطل نه آهي‪ .‬ليڪن نڪاح جو رجسٽرڊ‬
‫نه ڪرائڻ شاديءَ جي ثبوت جو هڪ اهم عنصر ٿي‬
‫سگهي ٿو ۽ ان کان اڳتي ڏسجي ته اسان وٽ وڏن‬
‫شهرن جي اندر تهذيبن جي ميلپ ڪري جن غير‬
‫ضروري نمائش ۽ نمود جي روايتن جنم ورتو ”ڏاج ۽‬
‫ڏيوڻ“ جي رسم انهن مان هڪ هئي ۽ اهي ‪1976‬ع ۾‬
‫وقت جي حڪومت طرف کان هڪ قانون تمام گهڻي‬
‫بحث ۽ اختلفن کان پوءِ واضح ڪيو ويو‪ .‬جنهن ۾ ڏاج ۽‬
‫شين جي ماليت تي پابندي عائد ڪئي وئي‪ .‬وقت جي‬
‫حاڪمن تازو شادين ۾ کاڌن ۽ وليمن تي پابندي هنئي‬
‫آهي‪ ،‬اهي سڀ قدم نه غير اسلمي آهن ۽ نه غير‬
‫آئيني‪ ،‬ليڪن معروضي صورتحال ۾ انتهائي اهم فيصل‬
‫ڪرڻا پون ٿا ۽ قرآن مقدس ۾ اهڙا بي شمار انمول‬
‫مسئل سهڻي نموني سان سلجهايل ۽ سمجهايل آهن‪.‬‬
‫جنهن سان نسل انساني هميشه مستفيض ٿي سگهي‬
‫ٿو‪ .‬اهو علمي ۽ عملي ماهرن جو فرض آهي ته هو‬
‫پنهنجي فهم ۽ فراست جي روشنيءَ ۾ غير جانبدار ٿي‬
‫مسئلن کي حل ڪرڻ لءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن‪.‬‬
‫اسان جي مذهبي اڳواڻن ۽ انساني حقن لءِ جاکوڙيندڙ‬
‫تنظيمن کي هڪ مسلم ملڪ مصر ۾ ”عورتن جي‬
‫طهر“ واري رسم طرف به توجهه ڏيڻ جي سخت‬
‫ضرورت آهي‪ .‬مصر جي حڪومت ‪1920‬ع کان هلندڙ‬
‫عورتن جي طهر واري رسم کي ختم ڪرائڻ ۾ بلڪل‬
‫ناڪام وئي آهي‪1988 .‬ع ۾ يو‪.‬اين‪.‬او جي طرف کان‬
‫سڄي دنيا ۾ عورتن جي طهر واري رسم کي ختم‬
‫ڪرڻ لءِ ٽن سالن جي هڪ مهم شروع ڪيل آهي‪.‬‬
‫جڏهن ته اسان جي مذهب اسلم ۾ ان رسم جو ڪوبه‬
‫حوالو يا ذڪر نٿو ملي‪ .‬دنيا ۾ ‪ 12‬ڪروڙ عورتن کان‬
‫وڌيڪ عورتن جا طهر ڪرايا ويا آهن‪ .‬مصر هڪ مسلم‬
‫ملڪ آهي‪ ،‬اتي اهو تعداد ۽ رسم سڀني کان وڌيڪ‬
‫مضبوط آهي‪ .‬اتي جا رهواسي مسلم ۽ عيسائي ان‬
‫رسم کي پراڻو سمجهي عمل ڪري رهيا آهن‪ .‬اها هڪ‬

‫‪188‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫قبيح ۽ اذيت واري رسم آهي‪ .‬پاڪستان ڇو ته اسلم‬
‫جو قلعو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ ۽‬
‫ايندڙ تبديلين تي مسلم ملڪن طرفان وقت به وقت‬
‫فتوائون ۽ صلحون ملنديون رهيون آهن‪ .‬ان ڪري‬
‫ضروري آهي ته عورتن جي حوالي سان اهو مسئلو‬
‫حل ٿيڻ گهرجي‪ .‬بين القوامي طور تي ڪوبه خاندن يا‬
‫ڪٽنب معاشري جو ”فطري يونٽ“ آهي‪ .‬آئين ۽ قانون‬
‫طرفان هر خاندان حفاظت جو حقدار آهي‪ .‬مضمون ۾‬
‫ذڪر ڪيل تفصيل جو حاصل مقصد ۽ اڄ جي دور جي‬
‫جيڪا معروضي ضرورت آهي‪ .‬اها هيءَ آهي ته بي‬
‫شمار مسئل جديد دور جي پيداوار آهن‪ .‬جيڪي‬
‫سنجيدگيءَ سان حل ڪري سگهجن ٿا‪ .‬اسان جهڙن‬
‫معاشرن ۾ گهريلو تضاد اختلفي مسئلن ۾ عدالتن‬
‫تائين زال ۽ مڙس گهٽ پهچ رکن ٿا يا هو پهچڻ نٿا‬
‫چاهين‪ ،‬ان ڪري لزمي آهي ته ”زندگي گذارڻ“ جي‬
‫بنيادي معاهدي يعني ”نڪاح نامي“ اندر سماجي قانون‬
‫سازيءَ جا سڀ شرط سوچي سمجهي طئي ڪرڻ‬
‫کپن‪ .‬ليڪن مشاهدو اهو رهيو آهي ته اسان جون‬
‫خواتين شادين جي خوشين ۾ هار سنيگار‪ ،‬لباس‬
‫زيورات ۽ بيوٽي پارلرس جهڙن ثانوي مسئلن طرف‬
‫وڌيڪ متوجهه ٿين ٿيون‪ .‬جڏهن ته اسان کي عهدنامي‬
‫۽ معاهدي جي انهن بنيادي شين طرف وڌيڪ توجهه‬
‫ڏيڻ کپي‪ .‬جنهن سان عورت کي تحفظ مهيا ٿيل آهي‪.‬‬
‫نڪاح نامي جي فارم تي حق مهر‪ ،‬گذاري جو خرچ‪،‬‬
‫طلق جي باري ۾ نڪاح نامي اندر اهو پڇيو ويو آهي ته‬
‫آيا مڙس کي طلق ڏيڻ جي حق تي ڪهڙي طرح جي‬
‫پابندي لڳائي وئي آهي؟ ان شق سان عورت کي‬
‫تحفظ مليل آهي‪1961 .‬ع جي مسلم فيملي لز ۾‬
‫ننڍي عمر جي شادين تي پابندي عائد ٿيل آهي‪.‬‬
‫ڇوڪريءَ لءِ ‪ 16‬سال ۽ ڇوڪري لءِ ‪ 18‬سال عمر‬
‫رکيل آهي‪ ،‬انهن ماڻهن لءِ سزائون به تجويز ٿيل اهن‪.‬‬
‫جيڪي اهڙيون شاديون ڪرائڻ ۾ حصيدار بڻبا‪” ،‬نڪاح‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪189‬‬

‫پڙهائيندڙ“ جي اها ذميداري هوندي آهي ته هو نڪاح‬
‫داخل به ڪري نڪاح جا شاهد نوجوان هئڻ کپن‪ .‬ماڻهن‬
‫۾ شاهدي ڏيڻ وقت ”ڦري وڃڻ“ جو رجحان عام ڏٺو‬
‫ويو آهي‪ .‬ان ڪري لکت وارو نڪاح اوليت رکي ٿو‪.‬‬
‫ائين ڪرڻ سان ڪوڙن ۽ فرضي نڪاحن جو خاتمو آيو‬
‫آهي‪ .‬زندگيءَ جي پرپيچ حالتن سان سهمت ٿيڻ لءِ‬
‫ضروري آهي ته عورتن کي وڌ ۾ وڌ نڪاح رجسٽرار‬
‫مقرر ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي نڪاح نامو ۽ فارم‬
‫ڀرڻ وقت جيڪي شرط وارا ڪالم آهن‪ .‬اهي ڪنهن‬
‫خاتون وڪيل مذهب جي ڄاڻو ملڪي ۽ فيملي لز‬
‫متعلق ڄاڻي ٻجهي خالي نه رهجي وڃن‪ .‬نڪاح نامي‬
‫جي ٻولي کي اڃا به وڌيڪ آسان بڻايو وڃي‪ .‬عورت ۽‬
‫مرد ٻنهي جي باري ۾ هڪ جهڙي ۽ هڪ جيتري ڄاڻ‬
‫ورتي وڃي‪ .‬بدلجندڙ معاشرتي ضرورتن کي نظر ۾‬
‫رکندي‪ ،‬ضروري آهي ته خاندان آدم جو بنياد وحدت آدم‬
‫تي منحصر هجي‪ .‬آدم ۽ حواکي هڪ نظام‪ ،‬هڪ قانون‬
‫۽ هڪ جهڙو استحقاق حاصل رهي‪.‬‬

‫‪190‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي رسم ۽‬
‫اڄ جو معاشرو‬
‫اڄ جي جديد ۽ ترقي يافته دنيا ۾ انسان جون‬
‫ايتريون ته ”قلبي وارداتون“ آهن جو انهن کي لفظن ۾‬
‫بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي‪ .‬انسانن جا تمام گهڻا‬
‫معاملت آهن‪ .‬جن کي دليل ۽ عقل فهم جي پڪڙ ۽‬
‫پيمانن ۾ تڪي ۽ توري ان ڪري نٿو سگهجي جو اسان‬
‫جو معاشرو ڪيترين ئي ذهني ۽ روحاني ڪمزورين ۽‬
‫منافقين جي ور چڙهيل آهي‪ .‬اسين آزادي جي باوجود‬
‫ذهني غلمي ۾ مبتل آهيون‪ .‬اسان جي ملڪ ۾ اڄ به‬
‫بنيادي ضرورت فرد جي جياپي جي آهي‪ .‬سماج اندر‬
‫انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيترن ئي روين ۾ نمايان‬
‫نظر اچي رهيون آهن‪ .‬وحشي جبلت جي اهڙي‬
‫معاشري ۾ عورت تمام تر قربانين ۽ جدوجهد جي‬
‫باوجود اڄ به مظلوميت جو سمبل بڻيل آهي‪ .ÔÔ‬۽عملي‬
‫طرح سان عورت لءِ احترام جي فضا به قائم نه ٿي‬
‫سگهي آهي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو جڏهن ملڪ جي‬
‫قائم ٿئي کان پوءِ سرڪاري شعبا عوام کي بنيادي‬
‫حقن جي فراهمي ۾ ناڪام ويا ته غير سرڪاري ادارن‬
‫اين‪.‬جي‪.‬اوز )جنهن ۾ بنيادي حقن جي ڪميشن به‬
‫شامل آهي( انصاف فراهم ڪرڻ لءِ جدوجهد ڪرڻ‬
‫شروع ڪئي‪ .‬اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي منظم نموني‬
‫سان مستحق ماڻهن تائين پنهنجي پروگرامن ۽ منصوبن‬
‫کي نه پهچائي سگهيا آهن‪ .‬انهن ڪمزورين ۽ غلطين‬
‫جو ئي نتيجو آهي‪ .‬جو اڄ به سنڌ ۾ ”ڪارو ڪاري“ جي‬
‫رسم سميت ٻيون ڪيتريون ئي غير انساني رسمون ۽‬
‫رواج ختم نه ٿي سگهيا آهن ۽ سنڌ جي عورت کي ته‬
‫چارلس نيپئر جا قانون به محفوظ نه ڪري سگهيا آهن‪.‬‬
‫عورت جي رت سان راند ۽ اها سفاڪي اڄ به اسان‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪191‬‬

‫جي اڪثريتي آبادي ۾ آزادانه نموني سان جاري آهي‪.‬‬
‫اهوئي سبب آهي جو سنڌي معاشري جي ارتقا ُرڪيل‬
‫آهي‪ .‬جن معاشرن ۾ اندروني طرح ئي سگهه ۽ طاقت‬
‫هوندي آهي‪ .‬اهي معاشرا پنهنجي ان سگهه سان‬
‫پنهنجي ڪمزورين کي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا‬
‫آهن‪ .‬اهو ته هينئر اسان جي معاشري جا طاقتور مرد‬
‫به قبول ڪن ٿا ته سنڌ جي سماج جي پوئتي رهڻ جو‬
‫هڪ وڏو سبب عورت جي پسماندگي آهي‪ .‬عورت جو‬
‫ڪردار‪ ،‬سماجي رتبو گهڻي عرصي کان بحث هي)‬
‫رهيو آهي‪ .‬جڪارو ڪاري“ جي رسم اسان جي عورت‬
‫جي جياپي جو مسئلو آهي‪ .‬چيو اهو ٿو وڃي ته اهو‬
‫مسئلو ۽ روايت پراڻي آهي ۽ جاگيردارانه نظام جي‬
‫حاصلت آهي‪ .‬اسان کي اهو به تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته‬
‫موجوده سرمايه دارانه نظام ۽ صنعتي دؤر جي آغاز‬
‫کان به پهريون هر جاءِ تي جاگيرداري ۽ غلمي جي‬
‫باقيات موجود هئي‪ .‬پر شهري نظام جي درٻاري ۽ نام‬
‫نهاد ملئن غير مستند حوالن سان ڪيترائي مفروضا‬
‫واضح ڪيا‪ .‬جن جو مذهبي نظرين سان ڪوبه تعلق نه‬
‫هو ۽ نه آهي‪ .‬ليڪن منهنجو سوال انهن پڙهيل لکيل‬
‫مردن ۽ عورتن کان آهي‪ ،‬جيڪي معاشري جي سماجي‬
‫نظام ۾ اهم ڪردار اداڪن ٿا‪ .‬اُهي جڏهن سرڪاري‬
‫امدادن تي پنهنجي گذر سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪري‬
‫سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙ ظلم خلف‬
‫ڇو نٿا متحد ٿي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلف جدوجهد‬
‫ڪن‪ .‬انهن تنظيمن کي انساني حقن جون ٻيون‬
‫ڀڃڪڙيون نظر اچن ٿيون‪ .‬ليڪن سنڌي عورت جو قتل‬
‫ڇو نٿو سندن ضميرن کي جهنجهوڙي‪ ،‬انهن تنظيمن‬
‫کي ”وينا حيات“ تي ٿيل زيادتيون ته کڙو ڪري سگهن‬
‫ٿيون‪ .‬پر انهن کي دهشتگردن هٿان سنڌي عورتن جا‬
‫ڪٽيل اُرهه ۽ ٺپا نظر نٿا اچن‪ .‬محترمه عاصمه جهانگير‬
‫هڪ بهادر عورت جي روپ ۾ اسان آڏو آهي‪ .‬سپريم‬
‫ڪورٽ ۾ پنهنجي والد صاحب جو ڪيس لڙندي جڏهن‬

‫‪192‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫هن آواز بلند ڪيو هو ۽ جڏهن ٻن اهڙين خواتين جو‬
‫مقدمو وڙهيو جنهن لءِ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون‪،‬‬
‫قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون‪ .‬ليڪن عاصمه جهانگير‬
‫اهي ڪيس وڙهيا‪ .‬ته پوءِ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙ اهو‬
‫غير مهذب رويو ۽ جدوجهد به ڪرڻ کپي‪ .‬ڇو ته ‪10‬‬
‫ڊسمبر ‪1948‬ع جي منظور ٿيندڙ انساني حقن جي‬
‫عالمي اعلن نامي جي آرٽيڪل ‪ 7،5،2‬۾چيل آهي ته‬
‫ڪنهن به شخص کي اذيت نه پهچائي ويندي غير‬
‫انساني‪ ،‬توهين آميز سلوڪ نه ڪيو ويندو‪ .‬قانون جي‬
‫آڏو هڪجهڙو مساويانه قانوني تحفظ حاصل رهندو ۽‬
‫ان کانسواءِ اسان جي عورتن لءِ متحرمه بينظر ڀٽو جو‬
‫دؤر آهي‪ .‬جنهن ۾ عورتن لءِ وزارتون ۽ انساني حقن‬
‫جي وزارت به قائم ٿي چڪي آهي‪ .‬هر صوبي ۾ عورتن‬
‫جي ترقيءَ لءِ سيل قائم ڪيا ويا آهن‪ .‬اگر اسان جي‬
‫غير سرڪاري ادارن ان صورتحال ۽ سهوليتن مان‬
‫فائدو نه ورتو ته اهو وقت جو اسان تي اهڙو قرض‬
‫رهندو جنهن کي چڪائڻ لءِ شايد اسان کي مهلت نه‬
‫ملي سگهي‪.‬‬
‫منهنجي هن مضمون جي موضوع جو ٻيو حصو‬
‫آهي ڪارو ڪاري جي رسم ۽ ان جا اسان جي‬
‫معاشري تي اثرات‪.‬‬
‫اها حقيقت آهي ته ڪنهن به سياسي ۽ سماجي ۽‬
‫روايتي ڪمزوري کي ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ انهن‬
‫تبديلين لءِ حڪومت قانون ساز ادارا ۽ غير سرڪاري‬
‫ادارا گڏجي سهڪاري صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا‪.‬‬
‫اسان وٽ عورت ۽ مرد جو تعليم يافته نه هئڻ‬
‫ڪري ۽ پڙهيل مردن ۽ عورتن جو سهڪار نه هئڻ‬
‫ڪري‪ ،‬ڪارو ڪاري جهڙي غير انساني رسم ختم نه ٿي‬
‫سگهي آهي‪ .‬خاص طور اتر سنڌ ۾ روزانو ڪيترين ئي‬
‫ٿاڻن تي عورتن جا لش پهچن ٿا ۽ ڪيترائي ڪيس‬
‫رجسٽرڊ نه هئڻ ڪري لڪايا وڃن ٿا‪ .‬جاگيردارانا ۽‬
‫جتي ۽ مرد جي ذاتي‬
‫قبائلي نظام کي عورت پير جي ُ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪193‬‬

‫ملڪيت ڪري ليکي وڃي ٿي‪ .‬پيٽ لکي ڏيڻ‪ ،‬ٽڪن تي‬
‫نياڻيون وڪڻڻ‪ ،‬خاندان کان ٻاهر ٻئي ذات ۾ شاديون ۽‬
‫انهن بي جوڙ شادين جي نتيجي ۾ مرد ذات جو عورت‬
‫تي شڪ ڪرڻ ۽ وڏي عمر جي عورت ۽ ننڍي عمر جو‬
‫مرد هئڻ جي صورت ۾ مرد جي جنسي آزادي‬
‫ڪاروڪاري جا بنيادي سبب آهن‪ .‬ان کان چاهي عورتن‬
‫کي بيجوڙ شادين‪ ،‬نڪاح‪ ،‬طلق ۽ خلع جي متعلق‬
‫قانوني ڄاڻ نه هئڻ برابر آهي‪ .‬قانوني ڄاڻ نه هئڻ‬
‫ڪري ڪيتريون ئي بي گناهه عورتون گهرن ۽ عدالتن‬
‫اندر ڪُٺيون ويون آهن‪ .‬سنڌ جي ڪنهن ڏاهي پنهنجي‬
‫هڪ مضمون ۾ تازو سنڌي عورتن جي حالتن تي تمام‬
‫بهترين خيالن جو اظهار ڪيو آهي‪ ،‬جنهن کي دهرائڻ‬
‫مان پنهنجو اخلقي ۽ منصوبي فرض سمجهان ٿي‪ .‬هو‬
‫لکي ٿو تها‬
‫سنڌ جي عورت ويهين صدي ۾ لٽيل ۽ ڦريل قافلي‬
‫مان بچي ويل نڌڻڪو انسان آهي‪ .‬جنهن کي سولئيءَ‬
‫سان وڍي‪ ،‬ڪهي نصير واهه‪ ،‬رائيس ڪئنال‪ ،‬ڦليلي يا‬
‫سنڌوءَ ۾ اڇلي سگهجي ٿو“‪ .‬وڌيڪ لکي ٿو تها‬
‫”ڪوبه جواز قتل کي انصاف پٽاندر نٿو ڪري‬
‫سگهي‪ .‬قتل لءِ ”جواز“ ۽ ”سبب“ ڳولڻ عقل جو قتل‬
‫آهي‪ .‬انسان جو قتل اڇن ڪپڙن تي لڳل اهو رت آهي‪.‬‬
‫جيڪو ”جوازن ۽ سببن“ جي ڌوٻي گهاٽ تي نٿو ڌوپي‬
‫سگهجي‪ .‬جواز قتل کان وڏو ڏوهه ان وقت بڻجي ٿو‪.‬‬
‫جڏهن اهو عورت کي ”ناري“ جي لقب سان نوازي ٿو‪.‬‬
‫اهو جواز ايترو ته قابل قبول بڻجي چڪو آهي‪ .‬جو قتل‬
‫ڪندڙ کي ڪابه ندامت نٿي ٿئي ۽ نه ئي سماج ان تي‬
‫احتجاج ڪري ٿو‪.‬و‬
‫سماج ڪيئن احتجاج ڪندو؟ ڇو ته سماج ۽ ان جا‬
‫ٺيڪيدار‪ ،‬سماجي ورڪر ۽ ملڪي نظام جا هلئيندڙ‬
‫سڀ تماشائي بڻجي ان صورتحال کي تڪيندا رهيا آهن‬
‫۽ تماشبين بڻجي چڪا آهن‪ .‬روايتي طرز فڪر جي‬
‫شوقيه روايت پسندن جي هن معاشري ۾ عورت‬

‫‪194‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سعادت حسن تي ان انساني جي نه پر حقيقت جي‬
‫دنيا ۾ جيئندي رهي آهي‪ .‬جنهن ۾ هڪ عورت جو ٽانگو‬
‫هلئيندڙ مڙس وفات ڪري وڃي ٿو‪ .‬هوءَ بيوهه ٽانگي‬
‫هلئڻ لءِ جڏهن لئسنس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾‬
‫مايوس ٿي مردن کان سوال ڪري ته آخر ڇو نٿو کيس‬
‫لئسنس ڏنو وڃي ته جواب مليس ٿو ته توکي صرف‬
‫هيرامنڊيءَ جو لئسنس ملي سگهي ٿو‪.‬‬
‫قدرت‪ ،‬مرد ۽ عورت کي هڪجهڙا جذبا‪ ،‬ارمان‪،‬‬
‫گهرجون‪ ،‬تقاضائون بخشيون آهن‪ .‬ان نقطي مان‬
‫ڪيئي سوال اڀرن ٿا‪ .‬عورت جي آزادي تي ڪوبه بند‬
‫نٿو ٻڌي سگهجي‪ .‬جڏهن غير اخلقي‪ ،‬غير شرعي‬
‫سماجي جبر ان صنف نازڪ تي ڪيو وڃي ٿو‪ .‬ته پوءِ‬
‫ان عورت کي به فرار حاصل ڪرڻ جو انساني ۽‬
‫خدائي حق ملڻ کپي‪ .‬ڪوبه معاشرتي جبر ۽ منافقت‬
‫خانداني اوچائيءَ کي تباهه ڪري سگهي ٿي ۽ تباهه‬
‫ڪاري اسان جي آڏو آهي‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته نعرن‬
‫۽ زباني ڪلچر ۽ ڪوهيڙي مان پاڻ آجو ڪيون‪ .‬عورت ۽‬
‫مرد جي اڪثريت کي تعليم يافته ڪرڻ جو بندوبست‬
‫ڪيون‪ .‬ماڻهپي جي سفر طرف قدم وڌايون‪ .‬نياڻين کي‬
‫پنهنجن فيصلن تي ”ها“ ۽ ”قبول“ ڪرڻ تي مجبور نه‬
‫ڪيون‪ .‬خود بخود ”شڪ“ وارو ماحول ختم ٿيندو نظر‬
‫ايندو‪ .‬مقدس نياڻين جي ڪومل جذبن جو احترام‬
‫ڪيون‪ .‬تعليم ۽ ”ور“ منتخب ڪرڻ جو کين حق ڏيون‪.‬‬
‫ننڍي عمر جي شادين کي ملڪي قانون وسيلي غير‬
‫قانوني قرار ڏيڻ کپي‪ .‬اهڙي طرح اسان جي آباديءَ‬
‫جي اڌ حصي کان به وڌيڪ عورتن جو ڪارگر قافلو‬
‫ٺهي پوندو ۽ بهترين خاندان‪ ،‬بهترين نسل تيار ٿي پوندو‪.‬‬
‫اوهان ڪيترا به غريب هجو‪ ،‬غير فعال ناڪام هجو پر‬
‫خانداني سڪون ۽ خوشيون اوهان کي پنهنجي ئي‬
‫عورت کان ملي سگهي ٿو‪ .‬زندگي خوبصورت ۽ خدا‬
‫جي امانت آهي‪ .‬ان جي زندگي کي عشق‪ ،‬محبت‪ ،‬پيار‬
‫ونڊڻ ۽ ورهائڻ جو آماجگاهه بڻائڻ لءِ ضروري آهي ته‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪195‬‬

‫اسان تعليم يافته بڻجي پنهنجي ڪيترين ئي بيمارين ۽‬
‫ڪمزورين جو علج ڳولي وٺون‪.‬‬
‫سکيو هجين سپرين‪ ،‬ڏکيو نه ڏسين ڏينهن‪،‬‬
‫رحمت وسندي رب جي‪ ،‬جيئن سانوڻ وسي‬
‫مينهن‪،‬‬
‫جنهن سان آهين نينهن‪ ،‬سي پرين ايندا پڪ سان‪.‬‬

‫‪196‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پورهيت عورتن کي زندگيء جي‬
‫وهنوار ۾ درپيش مسئل‬
‫وقت جي سخت گير ڪٿا ۾ مرد ۽ عورتون‬
‫زندگيءَ جي سفر جي اڪيلئپ کي دل جي سوجهري‬
‫سان طئي ڪري سگهيا آهن‪ .‬هڪ اديب لکندڙ کي‬
‫سماجي عنصرن وسيلي ئي پنهنجي تخليقي صلحيتن‬
‫کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي رهي آهي‪ .‬سارتر جي‬
‫جملن ۾ ته ”جڏهن مان لکندو آهيان‪ ،‬تڏهن مايوسيءَ‬
‫جي ڄار مان ڪنهن خوبصورتيءَ کي پڪڙڻ جي‬
‫ڪوشش ڪندو آهيان‪.‬و ڪوبه ماڻهو يا معاشرو ڪيترو‬
‫جمهوري ۽ مهذب آهي‪ .‬ان جو اندازو ان مان لڳائي‬
‫سگهجي ٿو ته ان مالڪ جي معاشري ۾ اتان جي‬
‫رهاڪن خاص طور تي عورتن کي سياست‪ ،‬تعليم‪،‬‬
‫معيشت‪ ،‬صحت ۽ قانوني حقن سميت زندگيءَ جي‬
‫انهن شعبن ۾ ڪيترا هڪجهڙا برابريءَ وارا حق مليل‬
‫مراد اها سماجي‬
‫آهن‪ .‬عورتن خلف ناانصافيءَ مان ُ‬
‫ناانصافي آهي‪ ،‬جيڪا جنسي بنياد تي هجي‪ .‬ملڪ جي‬
‫هر شعبي ۾ عورتن خلف جنسي امتياز موجود آهي‪.‬‬
‫جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل نمبر ‪ 25‬۾واضح طور لکيل‬
‫آهي ته جنسن جي بنياد تي ڪوبه فرق نه رکيو ويندو ۽‬
‫منهنجو هميشه اهو ايمان رهيو آهي ته اهوئي معاشرو‬
‫مضبوط ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿو‪ ،‬جنهن معاشري جي فردن‬
‫۾ قريبي رابطو هجي‪ .‬عورت ۽ مرد جي تخليق اصل ۾‬
‫ڪائنات جي تڪميل جو وهنوار آهي‪ .‬پنهنجي بقا ۽‬
‫تڪميل جا فيصل ته آزاد مرد ۽ آزاد عورتون ئي ڪري‬
‫سگهن ٿا‪ .‬آزاد معاشري ۾ عورت اها جيڪا عدم تحفظ‬
‫معني ۾ اسان وٽ اهڙا‬
‫جو شڪار ٿيڻ نه کپي ۽ صحيح‬
‫ٰ‬
‫آزاد ماڻهو مرد چاهي عورتون آڱرين تي اوهان ڳڻي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪197‬‬

‫سگهو ٿا‪ .‬اها به حقيقت آهي ته حالتن جي بدلجڻ جو‬
‫داراومدار انسانن جي پنهنجي عمل تي آهي‪ .‬آزاديءَ‪،‬‬
‫عزت‪ ،‬اطمينان‪ ،‬اعتبار‪ ،‬استحصال‪ ،‬جهالت تذليل جا‬
‫ذميوار تاريخ ۾ طاقتور طبقا ئي رهيا آهن‪ .‬ننڍي هوندي‬
‫جا عڪس ذهن تي اڃا به نقش ٿيل آهن‪ .‬ان ڪري جو‬
‫من جي موسم کي تبديل‬
‫فطرت جي تڪڙين تبديلن به َ‬
‫ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي مدد نه ڪري سگهيون آهن‪ .‬جڏهن‬
‫اڃا ننڍي هوندي ٻئي يا ٽئين درجي ۾ زير تعليم هيم ته‬
‫سنڌي ڪتاب ۾ ڪجهه بيت اسڪول جي بينچن تي‬
‫ويهي ياد ڪرايا ويندا هئا‪ .‬شڪارپور منهنجو آبائي شهر‬
‫آهي‪ .‬اول شاهه پڌر کان ٿيندي‪ ،‬جڏهن اسڪول پهچندا‬
‫هئاسون ته رستي ۾ به اهي بيت ياد ڪندا ويندا‬
‫هئاسون‬
‫مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو‪،‬‬
‫پيار منجهان ٿي گود ويهاريو‬
‫‪.......‬‬
‫اچو ته ڀينر راند رچايون‪،‬‬
‫ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون‪،‬‬
‫يا وري هيءُ بيتا‬
‫منهنجا مٺڙا مور ادا‪ ،‬توتان گهوري ڀيڻ سدا‪،‬‬
‫ننڍي هوندي تون ٻار پيار‪ ،‬وڏڙي هوندي ڀرپور‬
‫سهارو‪،‬‬
‫ابي امان جو توسان پيارو‪ ،‬ساري گهر لءِ اکين‬
‫ٺار‪،‬‬
‫جوان ٿئين شال جانب ڀاءُ‪ ،‬لڳي نه توکي‬
‫ڪوسو واءُ‪.‬‬
‫ڪچڙي وهيءَ ۾ عورت يا نياڻيءَ جي ذات جي‬
‫نفي ۾ امتيازي سلوڪ درسي ڪتابن تائين ڦهليل‬
‫دقيانوسي نظريا ۽ عورت کي ٻئين ۽ ٽئين درجي جو‬
‫شهري ثابت ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ڪامياب رهيا آهن‪.‬‬

‫‪198‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عزت ۽ غيرت جو تصور ائين هنن اکين سان ڏٺوسون‪.‬‬
‫جو پنهنجن عورتن کي برقعن ۾ ويڙهي ائين بگين ۽‬
‫ٽانگن ۾ ڍڪي روانو ڪندا هئا‪ .‬ڄڻ ته غير لئيسنسن‬
‫شده هٿيار هجن‪ .‬جن کي لکائي منزل تائين پهچائڻو‬
‫ضروري آهي‪ .‬هيءُ ته هڪ ننڍڙو مثال ۽ ننڍي هوندي‬
‫جا اولڙا ۽ عڪس‪ .‬جيئن مون مٿي جنسي تفريق جو‬
‫ذڪر ڪيو ته نصاب کان نظام تائين شروع کان ئي‬
‫اسان جي سوسائٽي جي ڄڻ ته هڪ نقاطي ايجنڊا‬
‫رهي آهي‪ .‬حالنڪه امتيازي سلوڪ جي خاتمي واري‬
‫ڪنوينشن جي پڌرنامي تي پيپلز پارٽي جي حڪومت‬
‫انساني حقن جي تنظيمن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي‬
‫دٻاءَ ۽ پريشر ملڪي ۽ بين القوامي احتجاج جي پيش‬
‫نظر عورتن خلف جاري ڪيل پڌر نامي تي متفق‬
‫ٿيندي صحيح ڪري ڇڏي هئي‪ .‬ٿيڻ ائين گهربو هو ته‬
‫ملڪ جا قانون سازي ڪندڙ ادارا اخلقي طرح عورت ۽‬
‫اقليت دشمن قانونن کي ختم ڪري نئين قانون سازي‬
‫ڪن ها‪ .‬اهوئي سبب آهي جو سماجي تفريق جي‬
‫خاتمي لءِ غريب ملڪن اندر هڪ وڏي جدوجهد هلي‬
‫رهي آهي‪ .‬ڪيترائي منشور‪ ،‬بين القوامي معاهدا ۽‬
‫دستاويز سامهون آيا آهن‪ .‬جن ۾ خاص طور چند‬
‫معاهدن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي‪1848 .‬ع ۾‬
‫انساني حقن جي منشور‪1952 ،‬ع ۾ عورتن جي‬
‫سياسي حقن متعلق ڪنوينشن‪1979 ،‬ع ۾ عورتن‬
‫خلف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي جو‬
‫ڪنوينشن‪1988 ،‬ع ۾ مردن ۽ عورتن جي برابري‬
‫متعلق يورپين اعلن‪1985 .‬ع ۾ نيروبي ڪانفرنس‪،‬‬
‫‪1993‬ع ۾ ايشيا پيسفڪ اين‪.‬جي‪.‬اوز سمپوزيم‪،‬‬
‫‪1985‬ع ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس‪ ،‬ان قسم جي‬
‫سرگرمين جي نتيجي ۾ هن وقت تائين اهو ضروري ٿيو‬
‫آهي جو هڪ طاقتور عوامي راءِ ۽ اتفاق حاصل ڪيو‬
‫ويو آهي‪ .‬هاڻي اچون ٿا ان اهم مسئلي طرف ته اسان‬
‫وٽ ڪم ڪندڙ عورتن جو تناسڀ ڇا آهي؟ ۽ انهن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪199‬‬

‫محنت ڪندڙ عورتن آڏو ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟‬
‫جاگيردارانه نظام جي باقيات مذهبي اجاره داري ۽‬
‫قدامت پرستيءَ ڪري عورتن جي ڪم ۽ محنت ڪرڻ‬
‫کي دل سان تسليم نه ٿو ڪيو وڃي‪ .‬سماجي قدر‬
‫گهڻي حد تائين سياسي نظام جا عڪس هوندا آهن‪.‬‬
‫پاڪستان ۾ جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽون ته گهڻي‬
‫حد تائين بيان ڪيون وڃن ٿيون‪ .‬ليڪن ان ڳالهه جو‬
‫اعتراف ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪئي وڃي ٿي‪.‬‬
‫رڪاوٽ اها به رهي آهي ته عورتن کي گهڻي قدر‬
‫سياسي عمل کان ٻاهر رکڻ‪ .‬جمهوريت جي بنيادي‬
‫خامين ۾ شامل آهي‪ .‬اتفاقي ۽ حادثاتي طور تي ۽‬
‫مجبوري ۽ چئلينج سمجهي ايشيا ۾ جيڪي به عورتون‬
‫اعلي مقام تي پنهنجي ڏاهپ سان پهتيون‪ .‬انهن لءِ‬
‫ٰ‬
‫بقول شاعر محسن نقويءَ جي دعا آهي تها‬
‫سن غريب ڪي دُعا‪،‬‬
‫اي عظيم کبريا ُ‬
‫سازشون مين گهير گئي بنت ارض‬
‫ايشيا‪،‬‬
‫ايک يتيم بي خطا‪،‬‬
‫ٽال سب مصيبتين هي دُعا تيري‬
‫حضور‬
‫واسطه حسينؓ کا توڙ ظالم کا غرور‪،‬‬
‫حسينا واجد‪ ،‬اندرا گانڌي‪ ،‬بينظير ڀٽو‪ ،‬برما جي‬
‫آزاديءَ جي هيرو سوچي‪ ،‬فلپائن جي ڪوريزون اڪينو‪،‬‬
‫سڀني جو هڪ ئي داستان‪ ،‬هڪ ئي پسمنظر ۽ پيش‬
‫منظر آهي‪ .‬ورنه اسان وٽ عورتن کي ووٽر ۽ ورڪر‬
‫جي حيثيت کان وڌيڪ سياسي جماعتن اندر به مضبوط‬
‫ڪلچر پيدا نه ٿي سگهيو آهي‪ .‬ايشيا جي هڪ ارب کان‬
‫وڌيڪ عورتن لءِ سياست ۾ اڳتي وڌڻ اڃا پري جو پنڌ‬
‫آهي‪ .‬انساني حقن جي دستاويز کي اهڙي زبان ۾ لکڻ‬
‫کپي‪ ،‬جيڪا جنسي تفريق کان پري هجي‪ .‬اسان جي‬
‫اڪثريتي خواتين جي چئني طرفن کان گهريلو تشدد‪،‬‬

‫‪200‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫روايتي تشدد ۽ گهر کان ٻاهر جنسي تشدد‪ ،‬هاڻي ڪابه‬
‫لڪل ڳالهه نه آهي‪ .‬ان ڪري عورت جي ڪم‪ ،‬محنت ۽‬
‫گهر کان دور ڪٿي وڃڻ ۾ اها وڏي رڪاوٽ آهي‪.‬‬
‫ملزمت ڪرڻ واري عورت جيڪا ڪم ڪرڻ واري جاءِ‬
‫تي گهڻو وقت گذاري ٿي‪ .‬جنس جي بنياد تي هو‬
‫ڪيترن معاملن ۾ پريشان رهي ٿي‪ .‬اهو مسئلو ننڍي‬
‫عمر جي نياڻين سان وڌيڪ ٿئي ٿو‪ .‬حدود آرڊيننس‬
‫قانون شهادت ۽ ”فيملي لز“ اهي سڀ قانون عورت‬
‫جي ڪابه مدد نه ٿا ڪري سگهن‪ .‬ياد رهي ته ‪1978‬ع‬
‫کان پهرئين پاڪستان پوليس جي سالنه رپورٽ جي‬
‫گراف ۾ لڄالٽ جو ڪوبه ڪالم نه هوندو هو‪1981 .‬ع‬
‫۾ به ”دي بڪ آف ورلڊ رينڪنگ“ ۾ به پاڪستان کي‬
‫انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو هو‪ .‬جتي‬
‫لڄالٽ جهڙا سنگين ڏوهه ٿيندا هئا‪1982 .‬ع ۾ دي بڪ‬
‫ورلڊ رينڪنگ ۾ لڄالٽ جهڙن واقعن جو ذڪر ٿيو ۽‬
‫باقاعده کاتو کوليو ويو‪ .‬هينئر صورتحال عورتن خلف‬
‫وڌيڪ تشويشناڪ حد تائين پهتل آهي‪ .‬ان صورتحال‬
‫ڪري ڪيترين غريب مڊل طبقي جي خاندانن جون‬
‫نياڻيون خاص طور تي فيڪٽرين‪ ،‬اسپتالن ۾ نرسنگ‪،‬‬
‫فضائي ڪمپنين‪ ،‬ٽائيپسٽ‪ ،‬رسيپشن‪ ،‬طور پوليس‬
‫ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ کان لهرائين ٿيون‪ ،‬اپريل ‪ 7‬تاريخ سن‬
‫‪2001‬ع ۾ ريفارمز غير سرڪاري تنظيمن جي طرف‬
‫کان هڪ ورڪشاپ ڪراچيءَ ۾ منقعد ٿيو‪ ،‬جنهن جو‬
‫عنوان هوا‬
‫''‪Women Empowerment Major‬‬
‫‪ ''Challenges‬ان سيمينار ۾ ڊي‪.‬آءِ‪.‬جي حيدر آباد‬
‫اعلي عهدن تي فائز شخصيتن‬
‫فيصل مسعود ۽ ٻين اهم‬
‫ٰ‬
‫جيڪا صورتحال پيش ڪئي‪ ،‬ان مان اندازو ڪري‬
‫سگهجي ٿو ته هن بيروزگاري‪ ،‬بک ۽ اڃ واري دؤر ۾‬
‫پڙهيل لکيل نوجوان نياڻيون پوليس کاتي ۾ اچڻ کان‬
‫يقينن ڪيٻائين ٿيون‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪201‬‬

‫‪The D.I.G Hyderabad in his presentation‬‬
‫‪mentioned that against 300 approved posts‬‬
‫‪of women head constable and 1200 posts‬‬
‫‪of constable only 19 and 218 women could‬‬
‫‪be seen associated with the Department in‬‬
‫‪the two positions, respectively only 47 lady‬‬
‫‪Assistant Sub-Inspectors were working in‬‬
‫‪the province against 150 sanctioned posts.‬‬
‫‪It seen that strict enforcement of laws to‬‬
‫‪.tackle the problem of women harassment‬‬
‫اهي خواتين‪ ،‬اهي عورتون جيڪي گهرن ۾ پنهنجي‬
‫وت آهر محنت ڪن ٿيون‪ .‬انهن کي وري بلڪل بيڪار‬
‫سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬حالنڪه هڪ گهريلو عورت پنج‬
‫پگهاردار ملزمن جي برابر ڪم ڪري ٿي‪ .‬کاڌو پچائڻ‪،‬‬
‫ٿانو ڌوئڻ لءِ هڪ اڌ بورچي جي ضرورت پوي ٿي‪.‬‬
‫ٻارن کي سنڀالڻ لءِ هڪ آيا جي ضرورت پوي ٿي‪،‬‬
‫ڪپڙن ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ لءِ ڌوٻي جو هجڻ لزمي‬
‫آهي‪ .‬گهر جي صفائيءَ لءِ خاڪروب به کپي ٿو‪ .‬ڏينهن‬
‫رات گهر ۾ جيڪا عورت نگهباني ڪري‪ ،‬ان لءِ‬
‫چوڪيدار جي ضرورت آهي‪ .‬ٻارن کي پڙهائڻ لءِ هڪ‬
‫ٽيوٽر جي ضرورت آهي‪ .‬سڀني ڪمن لءِ هوءَ صبح جو‬
‫ساجهر اٿي ٿي‪ ،‬رات جو سڀني کان آخر ۾ بستري تي‬
‫وڃي ٿي‪ .‬اهڙي عورت کي ڪابه هفتيوار موڪل نه ٿي‬
‫ملي‪ .‬ڪنهن اوور ٽائيم جي کيس طلب نه آهي‪ .‬اهڙي‬
‫عورت کي بيڪار ۽ غير پيداواري فرد ڪيئن ثابت ڪري‬
‫سگهجي ٿو؟‬
‫اچون ٿا ڳوٺاڻي عورت تي‪ ،‬جيڪا معاشري جي‬
‫سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل مخلوق آهي‪ .‬اگر ان عورت کي‬
‫معاشي نظام جي سرگرمي کان الڳ سمجهيو وڃي‬
‫ٿو‪ ،‬ته ان جهڙو غير اسلمي غير منصفانه مؤقف ٻيو‬
‫ٿي نه ٿو سگهي‪ .‬سنڌ ۾ هاري يا هارياڻي طبقو‬
‫پندرنهين صديءَ واري غلميءَ جي زندگي بسر ڪري‬

‫‪202‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫رهيو آهي‪ .‬ٻهراڙيءَ جي اها عورت پيداواري عمل ۾‬
‫برابريءَ جي شريڪ آهي‪1989 .‬ع جي لينڊ گرانٽ‬
‫پاليسيءَ ۾ هاريءَ جي وصف ڄاڻائيندي عورت هارياڻي‬
‫کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي‪ .‬آئين موجب سڀني‬
‫شهرين جا حق هڪجهڙا آهن‪ .‬هارياڻي عورت کي زمين‬
‫جي حق کان ان ڪري محروم ٿيڻو پوي ٿو‪ .‬جو کليل‬
‫ڪچهرين ۾ ڪالونائيزيشن آفيسرن جي موجودگيءَ ۾‬
‫زمينون ڏنيون وڃن ٿيون‪ .‬اتي عورت هارياڻي جي‬
‫موجودگيءَ کي مرد ممڪن نه ٿو بڻائي‪.‬‬
‫سڄي زرعي پورهئي ۾ هارياڻي عورت بختاور‬
‫شهيد جي وارث عورت فصل جي تياري‪ ،‬ڪٽائي‪،‬‬
‫لبارو‪ ،‬ڦٽين جي چونڊ‪ ،‬جانورن جو گاهه‪ ،‬ڪاٺيون‬
‫مهيا ڪرڻ‪،‬‬
‫ڪرڻ‪ ،‬ڪوهين ميل پنڌ ڪري پاڻيءَ جو ُ‬
‫صحرا ۾ رهندڙ پورهيت عورتون‪ ،‬چولستان‪ ،‬ٿر جي‬
‫ڪيترن ئي علئقن ۾ بي انتها محنت ڪن ٿيون‪ .‬پر‬
‫سندن ان پورهئي ۽ محنت کي سرڪار جي فائيل ۾ نه‬
‫ٿو شامل ڪيو وڃي ۽ نه کين ڀرپور معاوضو ڏنو وڃي‬
‫ٿو‪ .‬گهٽ اجورو‪ ،‬فيڪٽرين جي اندر صحت جون‬
‫اڻپوريون سهوليتون‪ ،‬تعليم جي گهٽتائي‪ ،‬مردن جو‬
‫تشدد‪ ،‬انهن سڀني رڪاوٽن جي باوجود عورتن پنهنجي‬
‫مقصد سان ۽ دل و جان سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري‬
‫رهيون آهن‪ .‬معاشي سرگرمين ۾ اڄڪلهه پڙهيل لکيل‬
‫نوجوان نياڻيون وري بوتيڪس‪ ،‬بيوٽي پارلرز‪ ،‬ٽيوشن‬
‫سينٽرن ۽ صحافت‪ ،‬فن‪ ،‬شاعريءَ‪ ،‬اداڪاريءَ‪،‬‬
‫اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جهڙن خالص مردانه حاڪميت‬
‫وارن ادارن ۾ رپورٽنگ‪ ،‬ايڊيٽنگ‪ ،‬فيچرز‪ ،‬مضمون لکڻ‪،‬‬
‫”نيوز ٽيبلس“ تي ڪم ڪري رهيون آهن‪ .‬پر انهن ادارن‬
‫اندر به کين ڏکيائيون ضرور پيش اچن ٿيون‪ .‬ڇو ته‬
‫فيصل ڪرڻ ۽ فيصلن ۾ شامل ڪرڻ کان کين پري‬
‫رکيو وڃي ٿو‪ .‬مضمون جي طويل هئڻ جي خوف کان‬
‫آخر ۾ ايترو اضافو ضرور ڪرڻ چاهينديس ته جيئن ته‬
‫موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ جيڪي اهم ۽ ڪارائتا‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪203‬‬

‫فيصل ڪيا آهن‪ .‬انهن کي ڏسندي حڪومت مان توقع‬
‫ڪري سگهجي ٿي ته ‪ 33‬سيڪڙو عورت نمائندگيءَ‬
‫کي يقيني بنائڻ ۾ موجوده حڪومت ضرور يقيني‬
‫بڻائيندي‪ .‬ڇو ته پاڪستان ۾ بلدياتي ادارن جي ڪم‬
‫ڪرڻ جي تاريخ قابل فخر نه رهي آهي‪ .‬ڪجهه عرصو‬
‫ايوبي آمريت دؤران اهي ادارا موجود رهيا‪ .‬ايوب خان‬
‫براهه راست جمهوريت ۽ انتخابات جا طريقا رائج ڪيا‪.‬‬
‫جن کي بنيادي جمهوريت جو نالو ڏنو ويو‪ .‬ضياء الحق‬
‫به ائين ڪيو‪ .‬ليڪن موجوده حڪومت انهن ادارن اندر‬
‫استحصال زده طبقن‪ ،‬عورتن‪ ،‬مذهبي اقليتن جي‬
‫نمائندگيءَ کي ممڪن بڻايو آهي‪ .‬ان ڪري ان عمل کي‬
‫سينيٽ‪ ،‬قومي اسيمبلين ۽ صوبائي اسيمبلين تائين‬
‫يقيني بنائڻ موجوده حڪومت جي اولين ذميداري آهي‪.‬‬
‫ان کان سواءِ نظامات جي نظام ۾ جيڪي به لوڪل‬
‫ڪائونسلن جا ناظم آهن‪ .‬انهن کي بجيٽ خرچ ڪرڻ‬
‫جو حق ملڻ کپي‪ .‬ليڪن عورت ميمبرن لءِ پنهنجي‬
‫پروجيڪٽ متعلق بجيٽ ضرور ڏني وڃي‪ ،‬بلڪ مختص‬
‫ڪئي وڃي ته جيئن عورت ميمبرن جو استحقاق ۽‬
‫اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي‪ .‬ان کان سواءِ‬
‫متوسط‪ ،‬غريب ۽ بي شهر عورتن کي حڪومت جي‬
‫سماجي ادارن اندر اهڙين عورتن لءِ تربيت جو مڪمل‬
‫بندوبست ڪيو وڃي‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته حڪومت‬
‫پنهنجي سوشل ويلفيئر ۽ دارالمان جهڙن ادارن کي‬
‫مڪمل ڪري ۽ وڌ ۾ وڌ بجيٽ مهيا ڪري‪ .‬عورتن جو‬
‫صرف پڙهيل هئڻ ئي ضروري نه آهي‪ .‬معاشي خود‬
‫ڪفالت‪ ،‬معاشي استحڪام عورت لءِ بي انتها وقت‬
‫جي اهم ضرورت آهي‪ .‬ان سلسلي ۾ حڪومت ۽‬
‫سماجي تنظيمون ملي ڪري بهتر ڪم ڪري سگهن‬
‫ٿيون‪ .‬اسان وٽ جيڪي شرعي ۽ برطانوي دؤر جا‬
‫قانون موجود آهن‪ .‬مگر هڪ ته مذهبي طور انهن تي‬
‫صحيح طريقي سان عمل نه ٿو ٿئي‪ .‬ٻي طرف قانون‬
‫صرف ڪمزور تي لڳو آهي‪ .‬طاقتور ان کان آزاد ۽‬

‫‪204‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫بالتر آهي‪ .‬اسان جي عورتن کي خبر هئڻ کپي ته‬
‫قانون سندن ڪيتري حفاظت ڪري سگهي ٿو ۽ اسان‬
‫کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته هڪ مرد ۽ ٻن عورتن جي‬
‫گواهيءَ جي قانون تحت عورت جي شعور ۾ عقل کي‬
‫مردن جي مقابلي ۾ گهٽ قرار ڏنو ويو آهي‪ .‬ان قانون‬
‫معني نه ٿي‬
‫تحت باشعور پڙهيل عورت جي گواهي ڪا‬
‫ٰ‬
‫رکي‪ .‬ليڪن گهٽ تعليم يافته چوڪيدار به قانون جي‬
‫نظر ۾ وڌيڪ معتبر آهي‪ .‬تنگ نظر مردن صاف ۽ پاڪ‬
‫دين کي عورت خلف استعمال ڪيو آهي ۽ مقدس‬
‫صفحن کي پنهنجي مرضي مطابق معنائون ڏيندا رهيا‬
‫آهن‪ .‬اسان وٽ لڄالٽ خلف ان ڪريل ڏوهه کي‬
‫روڪڻ لءِ سخت قسم جي قانون سازي جي ضرورت‬
‫آهي ته جيئن زيادتي جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي‬
‫عدالتن ۽ ٿاڻن جي چڪرن کان نجات ملي سگهي‪ .‬ان‬
‫کان سواءِ گهريلو جسماني تشدد ڪنهن به فرد جو‬
‫ذاتي معاملو نه آهي‪ .‬جنهن ۾ دخل نه ٿو ڏئي سگهجي‪.‬‬
‫زندگيءَ جي حق کي ذاتي معاملن جي حقن تي ترجيح‬
‫ملڻ کپي‪ .‬اسان جي خاندانن ۾ خاص طور تي گهٽ‬
‫پڙهيل عورتن تي ڪيترن ئي شڪلين ۾ تشدد جاري‬
‫آهي ۽ ان قسم جي تشدد جا ڪي به سرڪاري يا غير‬
‫سرڪاري انگ اکر موجود نه آهن‪ .‬ليڪن روايتن جي‬
‫نالي ۾ تشدد موجود آهي‪ .‬دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي‬
‫ويون آهن‪ .‬اڄ اهي ملڪ به جيڪي اقوام متحده جي‬
‫منشور ٺاهڻ وقت شامل نه هئا‪ ،‬اهي به هن منشور ۾‬
‫شامل ٿيڻ چاهين ٿا‪ .‬اهو مطالبو هاڻي وڌيڪ اثرائتي‬
‫نموني ۾ زور پڪڙي رهيو آهي ته سلمتي ڪائونسل‬
‫بجاءِ جنرل اسيمبليءَ کي وڌيڪ فيصل ڪُن ۽ اثرائتو‬
‫بڻايو وڃي‪ .‬اسان وٽ صورتحال اها آهي ته صرف‬
‫حڪومتن تي ئي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي‪ .‬ان‬
‫سلسلي ۾ حڪومت ۽ غير سرڪاري تنظيمون‬
‫سرگرميءَ سان ملڪ جي ڪل آبادي جي اڌ حصي کان‬
‫به وڌيڪ عورتن متعلق گڏجي سرگرم عمل ٿين ۽‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪205‬‬

‫حڪومت تي هن وقت اهم ذميواري آهي ته عورتن‬
‫سان نا انصافيءَ جو سلسلو بند ٿيڻ کپي‪.‬‬

‫‪206‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خاموش اڪثريت ۽ درد جا رشتا‬
‫مٿئين عنوان تحت هزارها سوال پيدا ٿين ٿا‪ .‬بنيادي‬
‫طرح سان جيڪڏهن سماجي تاڃي پيٽي ۾ اسين‬
‫جيڪڏهن گهري نظر ڊوڙائينداسون ته معلوم ٿيندو ته‬
‫اسان جي معاشري جي اڪثريت جاگيرداري قدرن کان‬
‫ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهي آهي‪ .‬ان تاڃي پيٽي ۾‬
‫ڪمزور جي فطرت آهي ته حق لءِ جاکوڙي ۽ طاقتور‬
‫پنهنجي برتريءَ‪ ،‬پنهنجي تسلط ۽ عورت تي حڪمراني‬
‫واري جاگيردارنه روين تان دستبردار ٿيڻ لءِ تيار نه‬
‫آهي‪ .‬چنانچه اهو چوڻ بلڪل غلط ثابت ٿيو آهي ته‬
‫فطرت ان معاملي ۾ غير جانبدار ثابت ٿي آهي‪.‬‬
‫ضروري نه آهي ته قلم سيف الله جي ذريعي هر‬
‫انسان جي ترجماني ڪري سگهجي ۽ هر خيال ۽ دليل‬
‫کي جائز ۽ فائز سمجهيو وڃي‪ .‬اسان جي مردن جو‬
‫اهو رويو رهيو آهي ته اسان مجازي خدا آهيون‪ .‬ان‬
‫ڪري بحث ۾ عورت جو وڃڻ اجايو آهي‪ .‬پر اڄ‬
‫ايڪويهين صديءَ جي چانئ) تي قدم رکندي‬
‫سرمائيدارانه‪ ،‬جاگيردارانه ۽ پروسٽرائيڪا جي چو واٽي‬
‫نظامن تي بيٺل عورت پنهنجي فطري حق‪ ،‬اظهار جي‬
‫آزاديءَ جو حق حاصل ڪري ورتو آهي‪ ،‬۽ قدرت اڄ‬
‫جي عورت جو مڪمل ساٿ ڏئي رهي آهي‪ .‬اسان‬
‫جهڙين سماجي طور تي اڀري آيل عورتن لءِ جيڪي‬
‫پنهنجي شعوري وهڪري کي جڏهن ۽ جتي به ٻوساٽيل‬
‫محسوس ڪن ٿيون‪ ،‬سنڌ جي حوالي سان ڌرتي ڌياڻين‬
‫۽ ڌڻين سان سماجي‪ ،‬معاشي ۽ سياسي وارداتن ۽‬
‫ڏاڍين تي ڪڏهن به خاموش نٿيون رهي سگهن‪ .‬مردن‬
‫سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملئي پنهنجي بقاءَ جي جنگ‬
‫وڙهڻ سان گڏوگڏ مختلف دٻائن جي باوجود پنهنجي‬
‫قلم سان مسيحائي جو ڪم وٺن‪ .‬اڄ جي عورت سياڻن‬
‫جو اهو چوڻ سچ ثابت ڪيو آهي‪ ،‬ته عورت هڪ اهڙو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪207‬‬

‫لطيف مثال آهي‪ ،‬جنهن جي تعليم جو هر باب خلوص‪،‬‬
‫سچائي‪ ،‬قرباني ۽ محنت سان سلهاڙيل آهي‪ .‬عورت‬
‫هميشه پنهنجي بقاءَ ۽ حق جي جنگ مرد سان گڏجي‬
‫وڙهڻ چاهي آهي‪ .‬جيئن پروين شاڪر مرحومه جي‬
‫هڪ اردو شعر جي سنڌي ترجمي مطابق تها‬
‫”دعا ته خبر نه آهي ڪهڙي هئي‪ ،‬ذهن ۾‬
‫نٿي اچي‪،‬‬
‫بس ايترو سو ياد آهي ٻه هٿ دعا لءِ کڄيا‬
‫هئا‪.‬‬
‫جنهن ۾ هڪ منهنجو هڪ تنهنجو هو‪.‬و‬
‫ٻه هٿ علمت آهن‪ ،‬مرد ۽ عورت جي سنگم جا‪.‬‬
‫ان سنگم جي اصلي ڪهاڻيءَ کان الڳ اها وضاحت‬
‫ڪندي هلن‪ ،‬ته جانورن کي به پنهنجون جاگرافيائي‬
‫سرحدون آهن ۽ انسان کي به پنهنجون جاگرافيائي‬
‫سرحدون آهن‪ .‬انسان ۽ جانور پنهنجي سرحدن جي‬
‫حفاظت ان ڪري ڪندا آهن ته جيئن انسان جي بقا هر‬
‫حالت ۾ ٿيندي رهي‪ .‬پروين شاڪر مرحومه جي اها‬
‫لکڻي ڪيترن کي ياد هوندي‪ ،‬جڏهن آڪٽوبر ‪1994‬ع ۾‬
‫اهل قلم ڪانفرنس ۾ مختلف زبانن تي بحث ڇيڙيو ته‬
‫ِ‬
‫مرحومه پروين شاڪر جنگ اخبار ۾ لکيو ته مين وه‬
‫پوري رات سو نه سکي جب اردو زبان ڪي ليئي‪ ،‬اهل‬
‫قلم ڪانفرنس ۾‪ ،‬مون کي پروين جا لکيل جمل صحيح‬
‫طريقي سان ياد نه آهن‪ .‬صرف اهو چوڻو آهي ته‬
‫پروين شاڪر لطيف جي سورمي يا ڪا علمت نه آهي‪.‬‬
‫جو ضروري هجي ته سندس شاعري جو حوالو ڏجي‪.‬‬
‫ليڪن محبت جي عالمگير اخلقي فطري ۽ سنڌين جي‬
‫آفاقي فطرت پٽاندر ته هو ڪنهن زبان کان نفرت نه‬
‫بلڪه هو شرط جي خلف رهيا آهن‪ ،‬نه منهن لڪائي نه‬
‫سر جهڪائي بلڪه نظر نظرن سان ملئي جيئڻ جو‬
‫ڍنگ سکندا رهيا آهن‪ .‬اها ٻي ڳالهه آهي ته جمهوريت ۽‬
‫مساوات جون روايتون خاندانن اندر پيدا نه ڪري‬

‫‪208‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سگهيا آهن‪ ،‬اهو خاندان ۽ معاشرو جيڪو مرد ۽ عورت‬
‫جي مشترڪه جدوجهد جو نتيجو آهي‪ .‬ليڪن جنهن‬
‫معاشري ۾ سماج جو بنياد طبقاتي تقسيم ٿيو هجي‪،‬‬
‫اتي انسان ذات جهڙي ڪا خالص شيءِ ڪٿان نظر‬
‫ايندي‪ .‬سماجي تفريق واري هن ماحول ۾ جمهوريت‬
‫جي ناڪامين جي ڪري غريب ۽ اسرندڙ ملڪن ۾‬
‫ڪروڙها عوام جي اڪثريت کي انهن جي ڪيترن ئي‬
‫بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي‪ .ÔÔ‬۽عمرانيات جي‬
‫ماهرن مطابق عورت کي ته وڌيڪ ڀوڳڻو پيو آهي‪.‬‬
‫ايتري قدر جو هر ٽن ڪلڪن ۾ هڪ عورت تشدد جو‬
‫شڪار ٿئي ٿي‪ .Ô‬۽اها صورتحال مسلم معاشرن ۾ وڌيڪ‬
‫قابل توجهه آهي‪ .‬ڇو ته اهي معاشرا ۽ سماج جيڪي‬
‫پاڻ هر طرح سان ڪمزور هوندا‪ .‬اهي پنهنجي عوام‬
‫کي غير محفوظ ٿيڻ لءِ ئي ڇڏي ڏيندا ۽ حفاظت نه‬
‫ڪري سگهندا‪ .‬ان ڪري انهن معاشرن ۾ عورت وڌيڪ‬
‫غير محفوظ آهي‪ .‬اسان جي معاشري ۾ مرد جي‬
‫حاڪميت جو تصور ننڍي هوندي کان ئي نياڻين جي‬
‫معصوم ذهن تي چٽو ڪري واضح طور تي ٻڌايو ويندو‬
‫آهي ته عورت يا نياڻي شينهن ڪلهي چڙهي يا ”مور‬
‫ٿوٽلي“ او راڻا مور ڀلي ٿوٽلي“ جي صورت ۾ چاچن ۽‬
‫مامن جي ئي ڪلهن تي مرد سونهين ٿو‪ .‬عورت‬
‫ويچاري لءِ اهو ضروري آهي ته هوءَ پنهنجي پيار ۽‬
‫عزيز شيءِ کي به پيرين پئي ايلز منٿون ڪري پرچائي‬
‫سان رهي وڃ رات‬
‫سان چوندي‬
‫يعني ”پيرين پوندي‬
‫ِ‬
‫ِ‬
‫ڀنڀور ۾ اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون ئي نفسياتي‬
‫ڪيفيتون اسان جي خاندان ۾ روايتي طور عرصي کان‬
‫هلنديون اچن‪ .‬اهي عورتون جيڪي رياست جي ٿوڻي ۽‬
‫سليقي جو سرچشمو آهن‪ .‬انهن کي اگر شينهن مردن‬
‫جي حوالي ڪيو ويندو ته سندن معصوم چهرا ۽‬
‫معصوم جسم شينهن بچائيندا ۽ نتيجو اسان جي آڏو‬
‫آهي ته عورت پاڻ ته احساس ڪمتريءَ جو شڪار‬
‫بڻائي وئي آهي‪ .‬پر سندن رحم مادر من جيڪي نسل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪209‬‬

‫پلجي وڏو ٿي رهيو آهي‪ .‬اهو به ذهني طور تي ڪمزور‬
‫۽ ضعيف ۽ جيڪو پنهنجو بوجهه نٿو کڻي سگهي‪ .‬سو‬
‫معاشري اندر ڪهڙو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽‬
‫عورتن جي خاموش اڪثريت پنهنجي انهن ئي ناڪامين‬
‫کي لڪائيندي‪ ،‬لفظن جا ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن‪.‬‬
‫پنهنجي استحصال‪ ،‬محرومي‪ ،‬دست نگريءَ‪ ،‬تحقير ۽‬
‫تذليل کي‪ ” ،‬قرباني صبر ۽ شڪر“ جهڙن لفظن سان‬
‫پاڻ کي وندرائيندي ۽ مطمئن ڪندي سوين سال گذري‬
‫ويا آهن‪ .‬اهوئي سبب آهي جو اسان جهڙن پٺتي پيل‬
‫ملڪن ۾ معاشري جي ترقي ۽ تبديلي تڪڙي ۽ جلدي‬
‫نه آئي آهي‪ .‬نه اچي سگهندي‪ .‬جيڪي ملڪ آدم‬
‫شماريءَ جي ان حد کان وڌيڪ حصي کي بيڪار ۽‬
‫ڪمزور سمجهي ڇڏي ڏيندا‪ ،‬اتي توازن بگڙجڻ ۾‬
‫ڪيتري دير لڳندي‪ .‬ملڪ ۾ آبادي جي شرح ۾ اضافو‬
‫ٿيندو رهيو آهي‪ .ÔÔ‬۽ٿي رهيو آهي‪ ،‬وسيلن جي گهٽتائي‬
‫في ڪس آمدني ۽ اڪثريتي عوام جون اجرتون گهٽ‪،‬‬
‫اتي اگر عورت کي صرف ٻارن ڄڻڻ ۽ بستري جي‬
‫زينت ئي سمجهيو وڃي‪ .‬ان شاهانه مزاج واري سوچ ۽‬
‫ريتن رسمن جو خاتمو اچڻ کپي‪ ،‬جيئن سانئڻ‬
‫وزيراعظم فرمايو تها جاسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو‬
‫پوندو‪ .‬هي سمنڊ ڦڙن ڦڙن جي گڏجڻ سان ٺهيو آهي‪.‬‬
‫سڀ ڦڙا گڏجي پون ته محنت ۽ محبت جو هڪ سمنڊ‬
‫ظاهر ٿي پئي“ جيستائين گڏ ٿيڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ‬
‫جو سوال آهي‪ ،‬ته اچو ته اجتماعي صورتحال جي‬
‫جائزي کان پوءِ اسان پنهنجي ان خاموش‪ ،‬گونگي‪،‬‬
‫صابر ۽ شاڪر عورت جي معروضي حالت جو جائزو‬
‫وٺون‪ .‬جنهن کي ڳوٺاڻي عورت چيو وڃي ٿو‪ .‬جيڪا‬
‫ڪَرايُن کان ڪلهن تائين آج جون چوڙيون پائي محنت ۽‬
‫پورهيو ڪري ٿي‪ .‬پر کيس ڪنهن به سرڪاري فائيل ۾‬
‫کيس ڪا به اهميت مليل نه آهي‪ .‬يا ته چلهن آڏو يا‬
‫وري ٻنين ۾ يا وري کيکڙن ۽ آخر ۾ اڄ به ترقي يافته‬
‫سيٽلئيٽ واري دور ۾ بيل گاڏين ۾ ٻار ڄڻيندي الله وٽ‬

‫‪210‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫وڃي پهچي ٿي‪ .‬اها عورت ٻارن ڄڻڻ کان جانور جي‬
‫پالنا تائين‪ ،‬پاڻي ڀرڻ‪ ،‬ڪاٺيون ڪرڻ‪ ،‬مرد جي اڌ معاون‬
‫۽ مددگار طور ٻنين ۾ ڪم ڪري ٿي‪ ،‬رستن ۽ روڊن تي‬
‫پٿر وڇائيندي نظر ايندي‪ .‬ليڪن سندن هٿ ۾ اجرت‬
‫نٿي ملي ۽ نه صنعتي مزدورن وانگر کيس ڪو سوشل‬
‫سيڪيورٽيءَ جو تحفظ مليل آهي‪ .‬معاشي پسماندگيءَ‬
‫کان پوءِ سماجي طور تي اڄ به اها خاموش اڪثريت‬
‫برادرين جي فيصلن جو کاڄ بڻجي ٿي‪ .‬ليڪن سندس‬
‫حالت تبديل ڪرڻ لءِ اهڃاڻ مرد جيڪي آبادي جي اڌ‬
‫حصي جا ووٽ کڻي ڪامياب ٿي قانون ساز ادارن تائين‬
‫پهچن ٿا‪ .‬لوٽا ۽ لفافا بڻجي سرمائي وانگر گردش ۾‬
‫رهن ٿا ۽ عورت کي ڪو به فائدو نٿا پهچائي سگهن‪.‬‬
‫البته اهو‪ ،‬ضرور آهي ته موئن جي دڙي مان مليل‬
‫مورتين وانگر اها عورت اديبن‪ ،‬شاعرن‪ ،‬دانشورن ۽‬
‫سياستدانن جي ڊرائنگ روم جي ديوارين جي زينت‬
‫ضرور بڻجي سگهي آهي‪ .‬عورت تي ٿيندڙ ناانصافين‬
‫کي ڪيتري عرصي تائين محبوب ۽ غلط نه سمجهيو‬
‫ويو آهي‪ .‬حالنڪ ڏٺو وڃي ته مرد ذات کي ڪا به‬
‫پيدائشي امتيازي حيثيت مليل نه آهي‪ .‬صرف خانداني‬
‫نظام جي رنگ ۽ ڍنگ ڪري ۽ ٻيو معاشي طور تي مرد‬
‫جو با اختيار هئڻ ئي امتيازي حيثيت جو سبب آهي‪.‬‬
‫ٿورو غور ڪريو ته تهذيب يافته نظام ۾ اگر معيشيت‬
‫جي واڳ يا اڳواڻي عورت جي هٿ ۾ اچي ٿي وڃي ته‬
‫اها برتري مرد جي بجاءِ عورت جي حصي ۾ ايندي‪.‬‬
‫اهڙي قسم جا ڪيترائي عقلي دليل آهن‪ .‬جن کي اکرن‬
‫جي پڪڙ ۾ نٿو آڻي سگهجي‪ .‬ليڪن اعتراف ڪرڻ ۾‬
‫ڪو حرج ته نه آهي‪ .‬انڪاري صورت ۾ ايندڙ وقت ۾‬
‫معاشري جو بگاڙ خوفناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو‪.‬‬
‫معاشري جي بگاڙ کي ختم ڪرڻ لءِ جاکوڙي رهي‬
‫آهي‪ .‬عورت مرد جي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لءِ واجهائي ٿي‪.‬‬
‫تعليم يافته هئڻ جي صورت ۾ مفيد ۽ منافعه بخش‬
‫روزگار لءِ قدم ٻاهر رکي ٿي ته سندس ئي مرد‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪211‬‬

‫مختلف نفسياتي ڪيفيتن ۾ مبتل ٿي گهر جي‪ ،‬نظام‬
‫بگاڙڻ ۾ دير نٿو ڪري‪ ،‬گهر جي مسئلن ۾ شيئر نه‬
‫ڪرڻ ڪري سڄي گهر جو ماحول خراب ٿي ويندو‬
‫آهي‪ .‬زال ته ويچاري اڳ ئي هيسيل ٻار جي جيڪي پيار‬
‫۽ پيءُ ماءُ جي محبت جا بکيا هوندا آهن‪ .‬سي اهڙي‬
‫ماحول کان متنفر ٿي ويندا آهن‪ ،‬اهوئي مرد جيڪو‬
‫ٿڪجي گهر ۾ ايندو‪ ،‬گهر کان ٻاهر هوندو ته تمام گهڻو‬
‫خوش‪ ،‬پر جي گهر ۾ ايندو ته شروعات گلس پاڻيءَ‬
‫جي اڇلئڻ سان ڪندو‪ ،‬مار موچڙو گارگند جيڪڏهن‬
‫مرد ٿڪل هوندو ته زال به گهر ۾ سڪون سان ڪو نه‬
‫هوندي آهي‪ ،‬هوءَ به ته ٻاهران نوڪري ڪري ٿڪجي‬
‫ايندي هوندي ۽ اچڻ سان ئي گهر ٻچن ۽ مڙس جي‬
‫خدمت گذاري ۾ لڳي ويندي‪ .‬صرف ان خواهش ۽ تمنا‬
‫۾ ته سندس پورهئي ۽ سليقي جو قدر ڪيو ويندو‪.‬‬
‫ڪيترا اهڙا پورهيا مثلا‪ ،‬آفيسن ۾ چانهه ٺاهڻ‪ ،‬صفائي‬
‫ڪرڻ‪ ،‬لنڊري ۾ ڪپڙا ڌوئڻ استري ڪرڻ يا هوٽلن جي‬
‫اندر عورت سان مدد ڪرڻ ۾ ڇو ٿو لنوائي ۽ ڪيٻائي‪.‬‬
‫آءي ائين چونديس ته نڪاح هڪ معاهدو آهي مساوات‬
‫جو‪ ،‬اسلم به مساوات جو حامي آهي‪ ،‬پوءِ اگر اڄ جي‬
‫عورت ٻٽيون ذميوارين پوريون ڪري ٿي ته اهو عورت‬
‫جو مرد تي احسان آهي‪ .‬ان ڪري اسان جي بالدست‬
‫طبقن کي پنهنجن روين ۾ انقلبي تبديليون يقينن آڻڻ‬
‫گهرجن‪ .‬جڏهن اسلم ۽ قرآن شريف ۾ روحاني ۽‬
‫فڪري طور تي مرد ۽ عورت کي هڪ جهڙي حيثيت‬
‫ڏني وئي آهي‪ ،‬ته پوءِ قرآن جي عبارت کي پنهنجي‬
‫مرضيءَ ۽ منشا مطابق ڇو ٿو اختيار ڪيو وڃي‪ ،‬ٻيا‬
‫ملڪ جيڪي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيٺل آهن‪،‬‬
‫جن وٽ ڪنهن به قسم جي بنياد پرستي يا انتها پرستي‬
‫نه آهي‪ ،‬انهن ملڪن ۾ عورت کي وڌيڪ تحفظ مليل‬
‫آهي‪ ،‬مثال طور سوئيڊن حڪومت زال ۽ مڙس جو‬
‫قانوني درجو سرڪاري ۽ حڪومت طور تي هڪجهڙو‬
‫رکيو آهي‪ .‬جيڪڏهن عورت نوڪريءَ ۾ نه آهي ته کيس‬

‫‪212‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سرڪار طرفان ماهوار الئونس ملي ٿو‪ .‬سوئيڊن ۾‬
‫مرد ائين نٿو چئي سگهي ته پيسا مان ٿو ڪمايان‪ .‬مرد‬
‫۽ عورت ٻئي گهر جو ڪم ملي ڪري ڪن ٿا‪ .‬طلق جي‬
‫صورت ۾ عورت کي نه مرد کي گهر ڇڏڻو پوي ٿو‪.‬‬
‫طلق جي صورت ۾ مرد هڪ سال تائين قانوني طور‬
‫تي شادي نه ڪرڻ جو پابند آهي‪ .‬انگلستان هڪ اهڙو‬
‫ملڪ چئي سگهجي ٿو‪ ،‬جتي رياست طرفان عوام کي‬
‫سڀ سهوليتون ميسر آهن‪ ،‬تازو انگستان جي وزارت‬
‫داخل عورت تي تشدد خلف ملڪ گير مهم تي پوڻا ٻه‬
‫لک پائونڊ خرچ ڪرڻ جو اعلن ڪيو آهي‪ ،‬ته جيئن‬
‫عورتن کي ترغيب ڏني وڃي ته هو پنهنجن گهرن ۾‬
‫مڙسن هٿان تشدد مارڪيٽ جي صورت ۾ فوري طور‬
‫تي رپورٽ ڪن ته جيئن ان تشدد کي روڪي سگهجي‪.‬‬
‫ان کان سواءِ سماجي مساوات ۽ اخلقيات جي‬
‫گهرجن کي پورو ڪندي ڪيترن ملڪن ۾ سياسي‬
‫عورتن جا مڙس سياست ۽ حڪومت کان پري رهي‬
‫مثالي مرد ۽ مڙس ثابت ٿي چڪا آهن‪ .‬ناروي جي ‪55‬‬
‫سالن جي خاتون وزيراعظم ڊاڪٽر گروها رلم جو‬
‫مڙس مسٽر آرن پنهنجي زال جو سياسي طور تي‬
‫مخالف آهي‪.‬‬
‫ڪجهه مواد عرب جو پڙهڻ لءِ مليو‪ .‬جنهن ۾‬
‫سعودي عرب جي عورتن جي حالتن جو جائزو ورتو‬
‫ويو هو‪ .‬ان تفصيل مان خبر پئي ته سعودي عرب ۾‬
‫سنڌ جي رسم ڪاروڪاري کان به وڌيڪ خوفناڪ سزا‬
‫اها ته معمولي ڏوهن تي عورتن کي فائرنگ اسڪواڊن‬
‫آڏو ڦاهين تي چاڙهيو وڃي ٿو‪ .‬انهن تفصيلت لکڻ جو‬
‫مقصد اهو آهي ته اسان جهڙن مسلم ملڪن ۾ هر‬
‫معاشرو منافقت ۽ طبقاتي سوچ سان ڀريو پيو آهي‪ ،‬۽‬
‫جنوني ڪٽر ملئن پنهنجي مقصد‪ ،‬پنهنجي مرضي ۽‬
‫خواهشن جو مواد هر وقت پاڻ وٽ دستياب رکيو آهي‪.‬‬
‫ياد رکڻ کپي ته اسلم ۽ بنياد پرستيءَ ۾ فرق واضح‬
‫ٿيڻ کپي‪ ،‬اسلمي مساوات سماجي انصاف مان آشتي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪213‬‬

‫صلح صفائيءَ جو مجموعو آهي‪ ،‬جڏهن ته ڪٽر بنياد‬
‫پرستيءَ ۽ جنونيت انصاف جي خلف ثبوت دنيا آڏو‬
‫پيش ڪيا آهن‪ ،‬انتهاپسندي اسلم ۾ قطع طور تي جائز‬
‫نه ڪئي وئي آهي‪ ،‬اسان جي عوام جي اڪثريت کان‬
‫ويندي ناٽو جي حلقن تائين ان انتها پرستي کي‬
‫خطرناڪ ۽ خوفناڪ سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬تازو جڏهن‬
‫وزيراعظم سانئڻ بينظير ڀٽو صاحبا فرانس جي دوري‬
‫تي وئي هئي ته اتي هڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو جنهن‬
‫کي اسان جي ملڪ جا نام نهاد اسلم پرست ۽ عالم نه‬
‫سمجهي سگهيا ۽ اخبارن ۾ بغير سوچي سمجهي‬
‫تصديق ڪرڻ جي بغير باهه ٻاري ڏني ته وزير اعظم‬
‫فرانس ۾ مسلم شاگردياڻين جي اسڪارف پائڻ جي‬
‫مذمت ڪئي آهي‪ .‬حالنڪه حقيقت هيءَ هئي ته‬
‫فرانس ۾ بينظير ڀٽو صاحبه لءِ گهڻو عزت ۽ اسڪارف‬
‫پائڻ واري عورت خون خرابي ۾ يقين رکن ٿا‪ .‬ڇو ته‬
‫پيرس ۾ الجزائر جي اسلمڪ سالويشن فرنٽ جا گهڻا‬
‫حامي موجود آهن‪ .‬جيڪي فرانس جي حڪومت جا ان‬
‫ڪري مخالف آهن جو فرانس جي حڪومت الجزائر ۾‬
‫اسلمڪ سالويشن فرنٽ جي مخالف برسر اقتدار‬
‫گروپ جي حمايت ڪندي رهي آهي‪ .‬چنانچه فرانس‬
‫جي اسڪولن ۾ اسڪارف تي پابندي پيل آهي ۽‬
‫اسڪارف پائيندڙن کي فرنٽ جو حامي سمجهيو ويندو‬
‫آهي‪ ،‬اسان وارا عالم اڳ ۾ ئي محترمه بينظير صاحبه‬
‫جي شبيح کان رئي تائين مهذب زاوين کان به الرجڪ‬
‫نظر ايندا آهن‪ .‬ان ڪري هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾‬
‫نه آئي جڏهن ته محترمه سائنڻ جي ذات مان اها توقع‬
‫سندس غير ملڪي دشمن به نه ڪري سگهيا هوندا ته‬
‫هوءَ مغربي ملڪن کي خوش ڪرڻ لءِ ڪا غير ذميوار‬
‫ڳالهه ڪري سگهي ٿي‪ .‬فرانس جي خبر سان ايجنسين‬
‫اسڪارف جي مسئلي تي بينظر ڀٽو صاحبه کي‬
‫منجهائڻ ضرور چاهيو پر پاڻ جرئت مند ۽ ڊپلوميٽڪ‬
‫جواب ڏنائين ته اسڪارف دراصل مسلم عورتن جي‬

‫‪214‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شناخت جو مسئلو فرانس جي عوام کي ماڻهن اسلم‬
‫کان گهٻرائڻ نه کپي‪ .‬مسلم قوم جي ۽ خاص طور‬
‫اسان جي ملڪ جي مذهبي فرض ۾ موجود‬
‫انتهاپسنديءَ ۽ انتها نظرين ۽ انهن نظرين جو سياست‬
‫سان ڳانڍاپي ڪري سماج اندر ۽ عالمي طور تي اسلم‬
‫۽ مسلمانن خلف نفرت وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪا‬
‫ڪسر نه ڇڏي آهي‪ ،‬۽ پاڪستان سميت ٽئين دنيا جي‬
‫آباديءَ جي شرح ۽ واڌ جي گنڀير مسئلي تي قاهره ۾‬
‫جيڪا ڪانفرنس ٿي گذري‪ ،‬ان ڪانفرنس ۾ شرڪت‬
‫ڪرڻ واري موضوع کي ايترو ته اختلفي بڻايو ويو جو‬
‫امڪان اهو هيو ته شايد مسلم بنياد پرست ۽ انتها‬
‫پرست ڪانفرنس هال کي بم سان اڏائيندا‪ .‬چنانچه‬
‫وزير اعظم ۽ سندس ور آصف زرداريءَ فيصلو ڪيو ته‬
‫وزير اعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي ته جيئن ملڪ‬
‫جي نمائندگي ڀرپور انداز ۾ ڪري سگهجي‪ ،‬آصف‬
‫زرداري ان ڪري نه وڃي سگهيو هوندو جو شايد‬
‫ڪنهن نقصان جي صورت ۾ ٻارن جو پيءُ ۽ ماءُ مان‬
‫هڪ ته انهن ۾ موجود رهي‪ ،‬حالنڪه ان ڪانفرنس جي‬
‫ٻين اختلفي موضوعات کي هڪ پاسي ڪري ڏسجي‬
‫ته مقصد وڌ ۾ وڌ اهو هيو ته آباديءَ جي واڌ ۽ خانداني‬
‫منصوبابندي جي مسئلي تي عورت ۽ مرد کي اعتماد ۾‬
‫وٺجي ۽ ٻنهي جو راضپو رضا ڪارانه طور تي حاصل‬
‫ڪجي‪ .‬قاهره ڪانفرنس کان پهريون به ‪1954‬ع ۾ روم‬
‫شهر ۾ ٿي‪ .‬ٻئي ڪانفرنس ‪1984‬ع ۾ ڊينماڪ ۾‪،‬‬
‫بخارسٽ‪ ،‬ميڪسيڪو ۾ به ڪانفرنسن جا اجلس ٿي‬
‫چڪا هئا‪ .‬سال ‪1994‬ع ۾ اقوام متحد قاهره جو‬
‫انتخاب ڪيو ۽ آخر ۾ هڪ دستاويز ٻه خانداني منصوبه‬
‫بندي تي تيار ڪيو ويو‪ .‬ان دستاويز ۾ منصوبه بنديءَ‬
‫متعلق زال ۽ مڙس جي درميان افهام ۽ تفهيم تي زور‬
‫ڏنو ويو‪ .‬وزيراعظم بينظير ڀٽو هن ڪانفرنس ۾‬
‫اسلمي نقطئه نظر ۽ دليلن سان پنهنجي مؤقف کي‬
‫پيش ڪيو‪ ،‬اهوئي مصر جو ملڪ ۽ قاهره جو شهر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪215‬‬

‫جڏهن وزير اعظم بينظير ڀٽو تاريخ ۾ پهريون دفعو‬
‫ننڍي عمر واري ۽ مسلم خاتون اول جيڪا پهريون‬
‫وزيراعظم جي حيثيت ۾ ملڪ جي سربراهه بڻي ۽‬
‫تعالي اهو شرف بخشيندو ته اسان جي ملڪ‬
‫کيس الله‬
‫ٰ‬
‫جي جنوني بنياد پرستن جون ته وايون بتال ٿيون ٿي‪.‬‬
‫ليڪن مصر‪ ،‬اردن ۽ اسلمي دنيا جي ٻين ملڪن جي‬
‫اڪثريت ان ڳالهه تي حيران هئي ته خاتون وزير اعظم‬
‫مرد رهنماءَ وانگر ڪيئن پنهنجا فرض احسن طريقي‬
‫سان پورا ڪري سگهندي ۽ مصر جي ئي رسالي‬
‫”النور“ جي ايڊيٽر خميس الباقري مطابق ته بينظير ڀٽو‬
‫جي ڪاميابي مصر جي عوام کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو‬
‫آهي‪ ،‬هڪ فلسطيني عالم چيو ته هو ته بينظير کي‬
‫مسلم دنيا جي مذهبي رهنمائن ۽ اهم شخصيتن جي‬
‫مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو‪ ،‬اردن جي هڪ رهنما ته‬
‫ائين به چيو ته عورت کي ذميوارين کان سبڪدوش‬
‫ڪرڻ لءِ مردن سان ساٿ ڏيڻ کپي‪ .‬اهي آهن بنياد‬
‫پرست ملڪن جي جنوني ماڻهن جا رايا‪ ،‬جن جو ورجاءَ‬
‫ان ڪري ضروري آهي ته جيئن ناڪاري ڦوٽن ۽ لڙن‬
‫جي مذمت ڪرڻ جو حق محفوظ ڪري وٺجي‪ .‬اصل ۾‬
‫اسان شيطان جي هڪ گناهه ۽ نافرمانيءَ جي ڪري‬
‫کيس ذليل چئون ٿا‪ .‬ليڪن حقيقت هي آهي ته ان کي‬
‫ذليل چوڻ وارن جي خود گناهن ۽ اسلمي نافرمانين‬
‫جي هڪ ڊگهي فهرست آهي‪ .‬اهي اصل ۾ بالدست‬
‫طبقا آهن‪ .‬جن وقت هميشه پنهنجي پسند ۽ پنهنجي‬
‫حقن ۾ ٿيل قرآن مقدس جون تشريحون‪ ،‬تاويلت ۽‬
‫فتوائون دستياب ملنديون‪ .‬شادي طلق‪ ،‬حق مهر‪ ،‬چار‬
‫شاديون وغيره وغيره اهڙن موضوعات آهن جيڪي‬
‫اٽلي قانونن جي زمري ۾ اچن ٿا‪ .‬ليڪن انهن مسئلن‬
‫تي به انهن طبقن جي اجاره داري جي ڪوشش‬
‫هميشه کان رهندي آئي آهي‪ ،‬ليڪن ايوب خان کان‬
‫وٺي اڄ تايئن ڪابه حڪومت انهن قانونن کي ختم ان‬
‫ڪري نه ڪري سگهي آهي‪ ،‬جو ڪورٽن جي تنظيمن‬

‫‪216‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪئي آهي‪) .‬حالنڪه‬
‫موجوده دؤر ۾ عورتن يج پنهنجي طبقي جي حڪومت‬
‫آهي ان ڪري انهن قانونن ۾ وڌيڪ اصلح جي گنجائش‬
‫موجود آهي‪ (.‬پاڪستان هن کان پوءِ ۽ ڪنهن به‬
‫حڪومت عورتن جي تحفظ معيشت‪ ،‬تعليم ۽ ٻين‬
‫ضرورتن ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي‪ ،‬اهو اعزاز موجوده‬
‫حڪومت جي خاتون وزير اعظم ڏانهن وڃي ٿو‪ .‬جنهن‬
‫جي ٻن حصن ۾ حڪومت دوران عورتن جي معيشت‬
‫طرف توجهه ڏنو ويو آهي‪ .‬مثل ا پهريون عورتن جي‬
‫بئنڪ جيڪا عورتن کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي کين معاشي‬
‫طور پاڻ ڀرو ڪرڻ لءِ جاکوڙي رهي آهي‪ ،‬اهو به‬
‫عورتن کي اعزاز حاصل آهي ته هو بئنڪ مان ورتل‬
‫قرض صحيح وقت تي ادا ڪري رهيون آهن‪ ،‬بيگم‬
‫اڪرم خاتون جو چوڻ آهي ته ڳوٺن ۾ سئو سيڪڙو ۽‬
‫شهرن ۾ ‪ 97‬سيڪڙو قرض وصول ٿيا آهن‪ .‬ان کان‬
‫سواءِ عورتن لءِ الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو به‬
‫وقتائتو آهي‪ .‬جهڙي رفتار سان ملڪ اندر عورتن خلف‬
‫جسماني تشدد وڌي رهيو آهي‪ ،‬ضروري آهي ته انهن‬
‫جي رهنمائي تفتيش ۽ ٿاڻن اندر عورتون‪ ،‬عورتن جي‬
‫حفاظت ۾ رهن‪ ،‬ان کان سواءِ پيپلز پارٽي حفاظت‬
‫گهرن قائم ڪرڻ جو اعلن وفاقي حڪومت جي طرف‬
‫کان برقرار آهي‪ ،‬حڪومت زينب نورزئي سندس مڙس‬
‫جي زيادتيءَ کان پوءِ انهي کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو‬
‫فيصلو ٿيو‪ .‬انهن گهرن ۾ سماج جو نشانو بڻجندڙ‬
‫عورتن کي سرڪاري طور رهائش کان سواءِ مالي‬
‫مدد‪ ،‬مفت قانوني مدد ڏيڻ لءِ سفارشون تيار ڪيون‬
‫ويون هيون‪ ،‬هڪ سمري ٺاهي وزير اعظم تائين پهچائي‬
‫ويئي هئي‪ .‬هي گهر شايد ملڪ ۾ موجود دارالمان کان‬
‫مختلف طرز تي هوندا ڇو ته دارالمان ۾ رڳو اهڙيون‬
‫عورتون هونديون آهن‪ ،‬جن جا ڪيس عدالت ۾ هلندڙ‬
‫هوندا آهن انهن کي عارضي رهائش عدالت جي حڪم‬
‫سان ملندي آهي‪ ،‬جڏهن ته پيپلز سيڪيولرمز ۾ مڙسن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪217‬‬

‫جو ڏاڍ سهندڙ عورتن کي رهائش ڏني ويندي‪ ،‬اصل ۾‬
‫اسان جي ملڪ ۾ سماجي تحفظ اسڪيم جو ڪوبه‬
‫جامع تصور يا پلننگ نه آهي‪1952 .‬ع ۾ حڪومت‬
‫عالمي اداره صحت سان معاهدو ڪيو‪1957 .‬ع تائين‬
‫ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي‪1970 .‬ع ۾ سوشل‬
‫انشورنس آرڊيننس نافذ ٿيو‪ .‬هن آرڊيننس مطابق‬
‫بيماري‪ ،‬ويم ۽ ڪم دوران زخمي ٿيڻ جي صورت ۾‬
‫امدادي سهوليتن جي گنجائش رکي وئي‪ ،‬اگر ڏٺو وڃي‬
‫ته هنن سهوليتن مان به صرف زرعي مزدور عورتون ۽‬
‫مرد فيضياب ٿي سگهن ٿا‪ .‬ضرورت ان ڳالهه جي آهي‬
‫ته زراعت سان واڳيل اڪثريتي عوام تائين ڳوٺاڻين‬
‫عورتن‪ ،‬مردن ۽ پورهيتن تائين وسيع ڪيو وڃي‪ .‬جيئن‬
‫روس ۾ ‪1956‬ع ۾ سوشل سيڪيورٽي ايڪٽ نافذ ٿيو‪،‬‬
‫هيءُ پهريون ملڪ آهي‪ ،‬جتي خاص طور هارين ۽‬
‫هارياڻين جي فلح بهبود کي پست نظر رکيو ويو‪.‬‬
‫‪1958‬ع ۾ چين ۾ به زرعي ڪارڪنن لءِ ڪميونٽي‬
‫سسٽم ۾ سماجي تحفظ بهبود جا بهترين انتظامات‬
‫ڪيا ويا‪ .‬ڊينمارڪ‪ ،‬ناروي‪ ،‬سوئيڊن‪ ،‬۾ ‪1930‬ع ۾‬
‫سوشل سيڪيورٽي ٺاهيا ويا‪ .‬امداد باهميءَ جي اهڙا‬
‫ادارا ٺاهيا ويا‪ ،‬جيڪي اڄ تائين مثالي سمجهيا وڃن ٿا‪.‬‬
‫اسان جي ملڪ جي اڪثريتي آباديءَ جي معاشي ۽‬
‫سماجي مسئلن جي حل ۽ ڪوششن جي سلسلي ۾‬
‫لزمي آهي ته سماجي بهبود ۽ باهمي امداد نظام کي‬
‫وڌيڪ موثر بڻايو وڃي‪ ،‬۽ خواتين کي انهن ۾ نمائندگي‬
‫ڏني وڃي‪ .‬هن مضمون جي آخر ۾ ائين چوندس ته‬
‫اسان جي معاشري ۾ عورتون خاموشيءَ سان اڳتي‬
‫وڌي رهيون آهن ۽ معاشري ۾ پنهنجا رستا ٺاهي رهيون‬
‫آهن‪ .‬ان ڪري عورتن جي صلحيتن کي تسليم ڪيو‬
‫وڃي‪ ،‬گڏيل قومن ‪1975‬ع کان ‪1985‬ع تائين عورتن‬
‫جو ڏهاڪو ڪري ملهايو ويو‪1985 .‬ع ۾ سڄي دنيا جي‬
‫ملڪن هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون‪ ،‬جنهن ۾ عورتن‬
‫خلف امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي‪،‬‬

‫‪218‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫انساني قدرن جي احياءَ لءِ ان جي ملڪ جي هڪ‬
‫سنڌي اڳواڻ محترمه اشرف عباسي ‪1992‬ع ۾ اعلن‬
‫ڪيو هو ته هوءَ انساني قدرن جي احياءَ لءِ هڪ مدر‬
‫ٽرسٽ قائم ڪندي ۽ محلي سطح تي گهر گهر وڃي‬
‫ماڻهن کي تربيت ڏيندي خبر نه آهي‪ ،‬ان ٽرسٽ جو ڇا‬
‫ٿيو‪ ،‬ليڪن مان هڪ سنڌي عورت جي حيثيت ۾‬
‫معاشري ۽ ملڪ جي انهن عالمن ۽ بنياد پرستن کي‬
‫ٻڌائڻ چاهينديس ته مهرباني اوهان جيڪي ترقيءَ جا‬
‫دشمن ٿي سامهون آيا آهيو‪ .‬اوهان جي جذبن ۾ فڪري‬
‫۽ گهرائي تعليمي سچائي موجود ئي نه آهي‪ .‬اوهان هن‬
‫ملڪ ۾ بنياد پرستيءَ کي صرف مسلح ٿي هٿيارن جي‬
‫راند کيڏڻ‪ ،‬۽ سيکارڻ چاهيو ٿا‪ .‬اوهان اسلم جي‬
‫عالمگيريت واري پهلوءَ کي سمجهي ئي نه سگهيا آهيو‪.‬‬
‫اوهان وٽ جديد علمن جي بغير ئي ڪونه آهي‪ ،‬۽ نه ئي‬
‫عوام اوهان کي ووٽ ڏيڻ لءِ تيار آهي‪ .‬اوهان ڪنهن‬
‫عقيدي ۽ مسلڪ جي حوالي سان متحد ئي نٿا ٿي‬
‫سگهو‪ .‬اوهان جي بنياد پرستي روس کان پوءِ موجود‬
‫دنيا ۾ خطرناڪ سمجهي پئي وڃي‪ .‬اهوئي سبب آهي‬
‫جو اڄ اوهان جا سرپرست غير ملڪي آقا اوهان کي‬
‫ئي پاڻ ۾ ويڙهائي سڄي دنيا خاص طور پاڪستان ۾‬
‫ه صحابه ۽ فقه جعفريه جي هٿيارن‬
‫س‪Ô‬پا۾‬
‫)ڪراچي‬
‫(‬
‫جي جنگ ۾ ڪيترين عورتن کي بيواهه‪ ،‬ڪيترن ٻارن‬
‫کي يتيم ڪيو آهي‪ .‬اڃا به نه سمجهندؤ ته تاريخ اوهان‬
‫کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪219‬‬

‫محبتن جا بنيادي حق ڇو وساريل‬
‫آهن‬
‫هن صديءَ ۽ نئين سال جو هيءُ پهريون عورتن‬
‫جو عالمي ڏينهن آهي‪ .‬ائين چئي سگهجي ٿو ته خشڪ‬
‫ساليءَ ۾ ورتل بي حوصل معاشرن ۾ عورتون پنهنجو‬
‫خاموش احتجاج درج ڪرائينديون‪ .‬گڏوگڏ ذميدارين جو‬
‫احساس ڪندي بي انصافين کان سلمتيءَ سان نجات‬
‫حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جا وچن‪ ،‬وعدا ۽ قراردادون‬
‫به منظور ڪنديون‪ .‬پيڙائن جي پنڌ ۾ احترام ۽ مرتبي‬
‫جي حاصلت لءِ اهي ڪوششون يقينن ڪاميابي‬
‫ماڻينديون‪ .‬ڇو ته هي ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي‬
‫ته پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لءِ هنجهون هارڻ‬
‫سان گڏوگڏ اجتماعي طور تي فرار ٿيڻ بجاءِ گڏجي لءِ‬
‫عمل تلش ڪجي‪ .‬هونءَ به چاهتن ۽ محبتن وسيلي‬
‫زندگيءَ جي ڏکين پيچرن تي هلڻ لءِ سفر جاري رکڻ‬
‫لءِ ”ڳوڙهن“ ۽ ”هنجن“ جي نمڪين ذائقي کي چکڻ ۽‬
‫آشنا ٿيڻ تمام ضروري آهي‪ .‬هي اُتاهين منزل ماڻيندڙ‬
‫جا موضوع ۽ مسئل ناهن رهيا؟ هي انهن اين‪.‬جي‪.‬اوز‬
‫سان وابسته عورتن جا به ٽارگيٽ ناهن‪ .‬جيڪي‬
‫ڪلڪن جا ڪلڪ پنهنجو پاڻ کي سينگارڻ لءِ وقف‬
‫ڪن ٿيون‪ .‬مس ۽ قلم جي استعمال کي پنهنجي چهري‬
‫جي ڳلن تي ”للڙي“ وانگر ”للڻ“ مکين ٿيون‪ .‬هي‬
‫انهن بي خوب ۽ وقت جي مريل گواهه ماڻهن جا‬
‫ٽارگيٽ آهن‪ .‬جيڪي اوندهه کي چيرڻ ۽ روشن‬
‫مستقبل جي اميدن‪ ،‬پيار‪ ،‬محبتن ۽ زندگيءَ تي يقين‬
‫رکن ٿا‪ .‬ڇو ته زندگيءَ سان محبت هڪ اهڙو نشو‬
‫آهي‪ .‬جيڪو سڄي عمر ذهنن کي دليلن سان ڀرپور‬
‫رکي ٿو‪ .‬ظاهر آهي اهڙي معاشري جا جمهوري پير‬
‫زمين ۾ ئي کتل ٿين ٿا‪ .‬ڏٺو وڃي ته اسان جي سڄي‬

‫‪220‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سوسائٽي غير جمهوري روايتن ڪري ئي انارڪي ۽‬
‫تعصب جو شڪار آهي‪ .‬گذريل صديءَ ۾ ”هجرتن کان‬
‫ايٽمي“ هٿيارن تائين دنيا جو هيءَ خطو خطرناڪ ترين‬
‫بڻجي ويو آهي‪ .‬اسٽريو ٽائيپ نظم ونسق ۽ ايڊهاڪزم‬
‫پاليسين ڪري ماڻهوءَ کي بدترين ماحول ۾ رهڻ لءِ‬
‫مجبور ٿيڻو پيو آهي‪ .‬جگڏيل ملڪيت“ جي جاءِ تي‬
‫”انفرادي ۽ ذاتي ملڪيت“ جو تصور ۽ نظرئي جو رويو‬
‫ته پيڙهجندڙ عورتن جي حيثيت به ملڪيت‪ ،‬جنس ۽ وکر‬
‫جي صورت اختيار ڪئي‪ .‬اسان وٽ فرق صرف ايترو‬
‫آيو ته اڳ نياڻين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو‪ .‬هاڻي‬
‫زندهه نه رهڻ ڏنو وڃي ٿو‪ .‬ساهي پٽڻ جي مهلت ملي‬
‫آهي‪ .‬باقي ته ڪارو ڪاري جا عذاب! نوجوان معصوم‬
‫رحيمان جي تصوير کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو‬
‫ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟ ڀٽائي چوي ٿو ته ”ڪاتيءَ‬
‫ڪونهي ڏوهه‪ ،‬ڳڻ وڍيندڙ هٿ ۾“‬
‫عزتن ۽ غيرتن جي نالي ۾ قتل ڪيترائي ٿي چڪا‬
‫آهن‪ .‬انهن جو نه ڪو رڪارڊ آهي‪ ،‬نه دليل‪ ،‬نه وڪيل؟‬
‫مون کي ته ان قيامت واري ماحول ۽ ڪيفيت‪،‬‬
‫معاشري جي خاموشي ۽ بي حسيءَ تي جين ڊڪسن‪،‬‬
‫ناسٽروڊيس‪ ،‬ڊيوڊين بگ جي پيش گوين ۾ سائنسي‬
‫حقيقت نظر اچي رهي آهي‪ ،‬ته سنه ‪2002‬ع ۾ زمين‬
‫پنهنجو ‪ Cycle‬مڪمل ڪندي‪ .‬خشڪي جي جاءِ تي‬
‫سمنڊ ۽ پاڻيءَ جي جاءِ خشڪي سنڀاليندي‪ ،‬اهڙي‬
‫تباهيءَ ۾ انساني آبادي گهٽجي هڪ ارب جي قريب‬
‫ٿيندي‪ .‬هڪ دفعو ٻيهر قديم غارن وارو دؤر شروع‬
‫ٿيندو‪ .‬ظاهر آهي ناانصافين ۽ غير فطري ماحول جو‬
‫ڪٿي ته انت ٿيڻو آهي؟‬
‫ليڪن زندگي ته بهرحال زندگي آهي‪ .‬جنهن جي‬
‫سر ڪومل جذبن ۽ خوابن سان ڀرپور‬
‫وجود جا سڀ ُ‬
‫رهن ٿا‪ .‬عقل کي شڪستون ڏئي محبتن کي امر ڪرڻ‬
‫به ته زندگي آ‪ ،‬دنيا ۾ فلسفين‪ ،‬شاعرن‪ ،‬صوفين ۽‬
‫سماجي ماهرن انسانيت‪ ،‬مساوات ۽ هميشه‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪221‬‬

‫خوبصورت ۽ مهذب دنيا جا خواب ڏٺا ۽ فڪر پيش ڪيا‬
‫آهن‪ .‬ان ڪري اسين عورتون اڄ جي ڏينهن تي پوري‬
‫عذر گناهه سان ان ڳالهه جو اقرار ڪريون ٿا‪ ،‬ته زمين‬
‫۽ زندگيءَ سان محبت ڪنداسون‪ .‬محبتون ته سنسار‬
‫جي سونهن آهن‪ .‬انهن کي مرڪن ۽ محبتن سان ۽‬
‫پنهنجي ڪمنٽمينٽ سان اتحاد آڻڻ جي ڪوشش کي‬
‫اڳتي وڌائينداسين‪ .‬اها ڳالهه مڃڻ کان انڪاري آهيون‪،‬‬
‫ته اسان زال‪ ،‬ڌيءُ‪ ،‬ڀيڻ ۽ ماءُ جي ٻنڌڻ ۾ خوش‬
‫آهيون‪ .‬ليڪن ”ڪنيز ۽ غلم“ ٿيڻ کان انڪاري آهيون‪،‬‬
‫غلميءَ جا اهي طوق پنهنجي پوري طاقت سان ٽوڙڻ‬
‫جي صلحيت رکون ٿا‪ .‬اسين قتل‪ ،‬غارتگري‪ ،‬غيرتن جا‬
‫وهم‪ ،‬وسوسن ۽ عقيدن جي اضافي وزن کڻڻ جا نه‬
‫مستحق آهيون‪ .‬اهل پريم ونڊيندڙ سان گڏجي پنهنجي‬
‫معاشري جي تخليقي‪ ،‬فڪري صلحيتن ۽ سرگرمين جا‬
‫شائق ۽ فائق به آهيون‪ .‬اسان جو يقين آهي ته محبت ۽‬
‫پيار هڪ ”الهام“ آهي‪ .‬محبتن جي ڪنهن موڙ تي‬
‫کسجي وڃڻ سان ڪيڏو نه عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو‪ .‬اها‬
‫ڪمنٽمينٽ جيڪا اسان مان هر فرد تي هڪجهڙي لڳو‬
‫ٿئي ٿي‪ .‬ان کي يڪطرفو ڪامياب بنائڻ جو سهرو اڄ‬
‫تائين عورت جي حصي ۾ ان ڪري آيو آهي جو ڪنهن‬
‫به صورت ۾ ”زندگيءَ جي جوئا“ هارائڻ نٿا چاهيون‪،‬‬
‫رجنيشن جون هي سٽون کڻي اوهان جي سپاس گذار‬
‫آهيان تها‬
‫‪Hate is Good, at least it is hot, Hate can‬‬
‫‪he turned into love because both are hot‬‬
‫‪.energies‬‬
‫لطيف جي رولنگ آهي تها‬
‫ت ۾ ڳاله گهرجي ڳچ‪،‬‬
‫ستي تنهنجي َ‬
‫س َ‬
‫ُ‬
‫چ‬
‫وڍيو‪ ،‬چيريو‪ ،‬چيريو‪ ،‬چچريو‪ ،‬پَرِ ۾ اڀي پ َ ُ‬
‫ساڻ امانت اچ‪ ،‬ته ٿئين سماني ساڻيهه‬
‫۾‬

‫‪222‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پيار‪ ،‬محبت ۽ نفرت ۽ شڪستن ۾ به هڪ رومانس‬
‫آهي ۽ ان رومانس ۾ عورت جو مڪمل ڪردار آهي‪.‬‬
‫اها اسان جي مرد جي پراڻي عادت‪ ،‬سندس سرشت ۾‬
‫شامل بي وفائي آهي ته هو پاڪ ۽ نيڪ جذبن جي‬
‫معتبريءَ تائين پهچ نه ڪري سگهيو آهي‪ .‬محبتن کي‬
‫جسم ۽ جان جي تقاضائن کان ماروا يا هٽيل هئڻ کپي‪.‬‬
‫غور جي غيرت نازافتخار‪ ،‬تڪميل حسن جي رعنائي‪،‬‬
‫عورت جو ورثو رهندو آيو آهي‪ .‬اهي سڀ پيار ڪندڙ‬
‫دلين جا ”اعتبار“ ۽ ”ڀرم“ رهيا آهن ۽ جنهن به اهي‬
‫اعتبار بچايا‪ .‬قائم رکيا اهڙي جيون کي ته پنهنجي وجود‬
‫سان به هم ڪلم ٿيڻ وقت اجازت ۽ اعتبار جي‬
‫ضرورت محسوس ٿئي ٿي‪ ،‬ڇو ته تخليق جا سڀ لمحا‬
‫انساني وجود جي آڏو جوابده آهي‪ .‬سوچي سگهو ٿا ته‬
‫جنهن معاشري ۾ اهي ‪ Values‬۽اعتبار ختم ٿيل هجن‪.‬‬
‫اتي ڪير پيار ۽ نينهن جي تمنا ڪري سگهي ٿو؟ ۽‬
‫جڏهن اهڙو اعتبار ڪنهن کي ساڀيان نٿو پوي‪ ،‬راس نٿو‬
‫اچي‪ ،‬ته هو پنهنجا وجود ئي وڃائي ويهن ٿا‪ .‬پوءِ ڇا به‬
‫ٿئي‪ ،‬معذرتن ۽ عذر خواهين جي مصنوعي ماحول ۾‬
‫ست سئو سلمن ۽ نياپن جي باوجود وصل جا وهاڻي‬
‫وسائڻا پئجي وڃن ٿا‪ .‬سوچيو وڃي ته مرد جي‬
‫خوبصورتي ڇا ۾ لڪل آهي‪ .‬ڪا به عمدي شيءِ يا‬
‫شخصيت حاصل ڪرڻ ئي خوبي نه آهي‪ .‬اصل خوبي‬
‫اها آهي ته عمده طريقي سان ان جو استعمال ڪرڻ‬
‫کپي‪ .‬بقول ”مظهر السلم“ جي ته پيار ته هڪ مذهب‬
‫آهي‪ ،‬ان ۾ ملوٽ ڪري ان کي گدلو نه ڪرڻ کپي‪ .‬بنا‬
‫گهرڻ جي عورت کي پنهنجا حق ملڻ کپن‪ .‬مانيءَ جو‬
‫ٽڪر يا ڪپڙي جا ٻه وال ڏئي احسان نه جتائڻ کپي‪.‬‬
‫نفسياتي خواهشن جو آله ڪار نه سمجهڻ کپي‪ .‬پيار‬
‫جي آڪسيجن واري ماحول جي اڻاٺ هوندي نٻل‪ ،‬ڏٻرا‪،‬‬
‫ڪمزور پيا ٿيندا‪.‬‬
‫لکين ماڻهن جا ڪوس ڪندڙ جرنيل به پيار ۽‬
‫پنهنجن محبوبائن لءِ تڙپندي تاريخ ڏٺا‪ .‬اکين ڏٺيون‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪223‬‬

‫گواهيون معتبر ان ڪري بڻجي ويون آهن‪ .‬جو پيار ۽‬
‫محبت ئي هڪ وسيلو آهي‪ .‬جنهن سان معاشري جو‬
‫توازن برقرار رهي سگهي ٿو‪ .‬معاشري جو توازن ان‬
‫ڪري به بي اعتدال آهي‪ .‬جو جاگيرداري ۽‬
‫سرمائيداريءَ جي ٻه واٽي جو شڪار معاشرو ۽ ان جي‬
‫”رعايا“ ۾ ڪمزور طبقن کي فرمانبرداري ۽ ها ۾ ها‬
‫ملئڻ جو ڪلچر عام جام ڪيو ويو‪ .‬اهڙا قدر اڳتي وڌايا‬
‫ويا‪ .‬جن سان عورت جا حق ۽ آزادي سڀ مرد جي‬
‫مرضيءَ تي بيٺل نظر ايندا‪ .‬سوسائٽيءَ جو تهذيبي ۽‬
‫ثقافتي معيار سڄي دنيا ۾ اهو پيمانو جاچيو ويندو آهي‪،‬‬
‫ته ڪا به قوم يا حڪومت پنهنجي ڪمزور طبقن‬
‫عورتن ۽ معصوم ٻارن سان ڪهڙو اجتماعي رويو رکيو‬
‫وڃي ٿو‪ .‬ليڪن افسوس آهي ته اسان جي تعليم به‬
‫اجتماعي بجاءِ انفرادي قدرن تي زور ڏئي ٿي‪ .‬برابري‬
‫مساوات بجاءِ طبقاتي اوچ نيچ جا جواز فراهم ڪري‬
‫ٿي‪ .‬حال تي گهٽ‪ ،‬ماضيءَ جي افسانن ۾ گم ٿيڻ جا‬
‫رجحان عام جام نظر ايندا‪ .‬تعليم جي آرٽ ۽ سائنس‬
‫جي باهمي ربط ۽ تعلق کي ڄاڻي واڻي الڳ ڪيو ويو‬
‫آهي‪ ،‬ته جيئن علم جي ٻنهي شاخن جي درميان فاصلو‬
‫وڌي‪ .‬ان ڪري ته عوام ۾ ڪا به متحده جدوجهد جنم‬
‫نه وٺي‪ .‬جنهن سان حڪمرانن جا پاسا ڪمزور ٿيڻ جا‬
‫امڪان وڌيڪ هوندا‪ .‬ڪيڏو نه هاڃو آهي ته هيڏي‬
‫ساري انفارميشن ٽيڪنالجي جي ترقيءَ جي باوجود‬
‫اهو تاثر عام آهي‪ ،‬ته ٻهراڙيءَ جي پورهيت عورت جي‬
‫ملڪي پيداوار ۾ ڪو به حصو نه آهي‪ .‬وقت جي ڪنهن‬
‫به حڪومت ان تاثر جي خاتمي لءِ عملي طور تي اڃا‬
‫تائين ڪا به ڪوشش نه ورتي آهي ۽ نه سرڪاري طرح‬
‫سان عورت جي ان محنت مزدوريءَ کي داخل ڪري‬
‫مالي طور تي کيس فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي‬
‫آهي‪ .‬تعليم قانوني ڄاڻ ۽ صحت جي سهوليتن جو الڳ‬
‫فقدان آهي‪ .‬مان صرف معاشي پهلوءَ کي ڏسان ٿي ته‬
‫ان غريب عورت سان جيڪا ناانصافي ٿي رهي آهي‪.‬‬

‫‪224‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ان طرف غير سرڪاري تنظيمن يا هيومن رائيٽس‬
‫ڪميشن جو ڪو به توجهه طلب ريڪارڊ نظر نٿو اچي‪.‬‬
‫سخت پورهيو‪ ،‬غير صحت منداڻي ماحول ۾ ٻهراڙيءَ‬
‫جو هڪ اندازي مطابق س) سيڪڙو عورتون ڪنهن نه‬
‫ڪنهن بيماريءَ ۾ ورتل آهن‪ .‬هيءَ عورت ويهه ڪلڪ‬
‫مسلسل پورهيو ڪري ٿي‪ .‬لکين مڻ ڦٽيءَ مان جيڪا‬
‫ڪپهه پيدا ٿئي ٿي‪ ،‬ان کي يڪجا ڪري ڪارخاني تي‬
‫موڪلڻ جهڙو ڏکيو ڪم هيءُ عورت ئي ڪري ٿي‪.‬‬
‫کيس اجورو نه هئڻ جي برابر ڏنو وڃي ٿو‪ .‬بصر‪،‬‬
‫سارين جا رونبا‪ ،‬جانورن کي ڏهڻ‪ ،‬گاهه ڪرڻ‪ ،‬ڪاٺيون‬
‫ڪرڻ‪ ،‬پاڻي ڀرڻ کان سواءِ گهر جو ڪم ڪار‪ ،‬ٻارن جي‬
‫پالنا اهي سڀ ڪم عورتن جي حوالي آهن‪ .‬قبائلي‬
‫معاشرو جتي اڄ به نياڻي پيدا ٿيڻ تي بي عزتي‬
‫محسوس ڪئي وڃي ٿي‪ .‬جائيداد جي نه ڏيڻ جي‬
‫بهاني سان سندن حق بخشرايا وڃن ٿا‪ .‬تعليم ۽‬
‫سياحت سفر جا سڀ وسيل ان عورت تي ممنوع ٿيل‬
‫آهن‪ .‬قبائلي دشمنين جي نتيجي ۾ صلح مصلحت کان‬
‫پوءِ عورتون بدلن ۾ پيش ڪيون وڃن ٿيون‪ .‬سياسي‬
‫انتقامن ۾ ڪيل شادين جي نتيجن ۾ عورتون قتل‬
‫ڪيون وڃن ٿيون‪ .‬سرحد ۽ بلوچستان ۾ عورتن جو‬
‫وڪرو عام جام آهي‪ .‬غريب والدين غربت ڪري‬
‫نياڻيون وڪرو ڪري ڇڏين ٿا‪ .‬اهي سڀ ناانصافيون ۽‬
‫انهن جا وري قبائلي جوازالڳ پيش ڪيا وڃن ٿا‪.‬‬
‫ناانصافيون ۽ رسوائين جي ان ماحول ۾ اڄ جو‬
‫ڏينهن ذميدارين جي احساس جو به ڏينهن آهي‪ .‬تمام‬
‫گهڻيون ذميداريون عورت جي حصي ۾ اچي ويون آهن‪.‬‬
‫هڪ اهم نڪتو جيڪو مون کي سماجي ورڪر جي‬
‫حيثيت ۾ محسوس ڪيو‪ .‬اهو هيءَ ته ترقيءَ جي ڊڪ‬
‫ڊوڙ‪ ،‬ريس ۽ نقالي جي تقليد ۾ اسان جون عورتن‬
‫جيڪي قبائلي يا راڄوڻي ماحول سان نه بلڪ گذشته‬
‫صديءَ جي سفر ۽ ارتقا جي نتيجي ۾ وچولي طبقي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪225‬‬

‫جي حوالي سان تعليم يافته ٿيون نه آهن‪ .‬اهي اسان‬
‫جي معاشري جي ميراث آهن‪.‬‬

‫‪226‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ماء جي‬
‫پيٽ کان ڌرتي ماتا جي پٽ تائين‬
‫‪ -5‬جنوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو جنم ڏينهن‬
‫آهي‪ .‬اهو ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو آهي‪ .‬ان‬
‫سلسلي ۾ سنڌ ۾ سڀني ضلعن ۽ تعلقن هيڊ ڪوارٽرس‬
‫۾ به سالگره جا مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن‪.‬‬
‫گذشته سال ‪1994‬ع ۾ اسلم آباد ۾ پارليامينٽ هائوس‬
‫۾ به سالگره جي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي ۽‬
‫سالگره جو ڪيڪ تازو ۽ صلحڪارن پنهنجي پنهنجي‬
‫علم ۽ ڄاڻ پٽاندڙ شهيد ڀٽي کي خراج تحسين پيش‬
‫ڪيو‪ .‬سال ‪1994‬ع جو ان موقعي تي وزيراعظم‬
‫بينظير ڀٽو طرفان نئين ديري جي رهواسين لءِ مختلف‬
‫گرانٽن جو به اعلن ڪيو هو‪ ،‬جنهن ۾ شهيد ذوالفقار‬
‫علي ڀٽي جي ياد ۾ هڪ ”قائد عوام هال“ تعمير ڪرائڻ‬
‫۽ راندين لءِ اسٽيڊيم تعمير ڪرائڻ جا اعلن موجود‬
‫مرتضي ڀٽو سندس فيملي‬
‫آهن‪ .‬ان ئي سال ‪1994‬ع‬
‫ٰ‬
‫فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر لنڍي جيل ۾ شهيد بابا‬
‫جي سالگره ملهائي ۽ سالگره جو ڪيڪ جيل واري‬
‫ڪمري اندر ڪٽيو ويو‪ .‬ان کان سواءِ هڪ اڻ وڻندڙ‬
‫واقعو ڀٽي شهيد جي ‪ 44‬هين سالگره تي رونما ٿيو‪،‬‬
‫المرتضي سامهون‬
‫جنهن ۾ قادر جکرو ۽ شاهد رند‬
‫ٰ‬
‫بندوق جي نڪتل گولي مان موت جي واديءَ ۾ ڌڪجي‬
‫ويا ۽ شايد سندن مائرون اڄ به پنهنجي پٽن جي‬
‫واپسيءَ جي اوسيئڙي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور جيئريون‬
‫هونديون‪ .‬ان واقعي سان شهيد ذوالفقار ڀٽي جي روح‬
‫کي ”ڀٽو فيڪٽر“ کي ڪيترو نقصان پهتو ۽ آئينده لءِ‬
‫شهيد جو روح ڪهڙي پاسي هوندو‪ ،‬اهو منهنجي اڄ جي‬
‫قلم جو موضوع نه آهي‪ .‬صرف اُن چوڻ جو حق ضرور‬
‫رکان ٿي‪ .‬ان ۾ ڪو به شڪ باقي نه رهيو آهي ته‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪227‬‬

‫بينظير ڀٽو صابر ۽ مخالفن کي گڏ وٺي هلڻ جو فن‬
‫خوب سکي ورتو آهي‪ .‬پ پ جي اڳواڻي مستقبل ۾‬
‫شايد خانداني نه رهي سگهي ۽ پارٽي ڊسيپلين جي‬
‫خلف ورزي ڪندڙن کي شايد قبول نه ڪيو وڃي‪ ،‬رهيو‬
‫سوال غلم قادر جکرو ۽ شاهد رند جي امڙين جو‪ ،‬ته‬
‫مون کي هي سٽون لکندي ڏکڻ آفريقا جو نوجوان‬
‫شاعر بينجمن مولئيس ياد اچي رهيو آهي‪ ،‬جنهن کي‬
‫پنهنجي عوام ۽ ڌرتيءَ جي عشق جي عيوض جيل ۾‬
‫واڙي ‪1985‬ع ۾ کيس ڦاهي ڏني هئي‪ .‬بينجمن‬
‫مولئيس جي امڙ ڦاهي کان هڪ ڏينهن اڳ پٽ سان‬
‫جيل ۾ ملقات ڪئي ”ماءُ پنهنجي پٽ کي اکين ۾‬
‫نهاريو ۽ چيائينس ته آءي تو سان گڏ ڦاهي کائينديس‪ .‬پٽ‬
‫پنهنجي زندگيءَ جي آخري شام جو ماءُ کي نراڙ تي‬
‫چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيل جي سيخ ڪاري‬
‫رنگ جي‪ ،‬ماءُ تائين کيس پهچڻ نه ڏنو‪.‬و بينجمن‬
‫مولئيس جواب ڏنو ته ”امان جي تون به مري وئين ته‬
‫پوءِ منهنجي ماڻهن کي منهنجو ڪير پيغام ڏيندو‪ .‬موت‬
‫جي اوسيئڙي ۾ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هن تخليقڪار به نظم‬
‫لکيا جنهن جو ڪو به عنوان نه هوا‬
‫‪I am proud to be what I am the storm of‬‬
‫‪oppression will he followed by the rain of‬‬
‫‪my blood‬‬
‫منهنجي رت جو مينهن ظلم‪ ،‬تشدد جي طوفانن‬
‫جو مقابلو ڪندو‪ .‬مون کي فخر آهي ته مان پنهنجي‬
‫زندگي ڏئي رهيو آهيان‪ ،‬منهنجيون امڙيون‪ ،‬ڀينرون هن‬
‫ڌرتيءَ ۽ جمهوريت جي بقا ۽ واڌاري لءِ اسان جي‬
‫ڪيترن نوجوانن اهي قربانيون ڏنيون آهن‪ ،‬جيڪي‬
‫اسان تي به فرض هيون‪ .‬اسان کي اها چڱي طرح‬
‫پروڙ آهي ته جڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڪو نئون وجود‬
‫جنم وٺندو آهي‪ ،‬ته اسان جهڙن روايت پرست معاشرن‬
‫۾ خاص طور پٽن ڄمڻ تي وڌيڪ خوشي ۽ سرهائي‬
‫اچي ويندي آهي‪.‬‬

‫‪228‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫نياڻين جي ڄمڻ تي وڏن وڏن سردارن پڳدارن جا‬
‫ڪنڌ ۽ پڳون نمجي وينديون آهن‪ .‬ان حوالي سان ڏٺو‬
‫وڃي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم خاندان جي لءِ‬
‫گهڻيون خوشيون آنديون هونديون‪ .‬ڇو ته ڀٽو شهيد هڪ‬
‫امير ۽ زميندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو‪ .‬شاهنوار ڀٽو ۽ قانون‬
‫ساز اسيمبلي جو ميمبر هئو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان‬
‫علحدگي ۾ هن تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو‪ .‬سر‬
‫شاهنواز ڀٽي جو سياسي حلقن ۾ وڏي احترام سان‬
‫نالو ورتو ويندو هو‪ .‬شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي والده‬
‫وچولي طبقي جي عورت هئي‪ .‬جنهن جو ورثو پيار ۽‬
‫محبت ونڊڻ هو‪ .‬ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾‬
‫وقت جي پيداوار نه هئو‪ .‬هن جي ترتيب هن کي ڌرتي‬
‫سان پيار پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان پيار ڪرڻ‬
‫سيکاريو‪ .‬پيڙائن سان پيار ڪندڙ شهيد ذوالفقار کي‬
‫وقت جي حڪمرانن‪ ،‬آمرن‪ ،‬جلدن ۽ دللن عوام جي‬
‫دلين مان ڪڍڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون‪ .‬جعوامي‬
‫قائد ۽ عوامي رشتي“ واري ڪلچر کان پاڻ بنهه بي‬
‫واقف هئا‪ .‬ڏينهن رات سازشون ڪيائون‪ .‬سندس‬
‫حڪومت خلف وائيٽ پيپر شايع ڪيائون‪ .‬ميڊيا جا سڀ‬
‫ادارا ۽ نشرياتي رابطا قائد عوام خلف پروپيگنڊا ۾‬
‫مصروف عمل رهيا‪ .‬پر تڏهن به هو ڪامياب نه ٿي‬
‫سگهيا‪ .‬اهو تمام ضروري هيو ۽ لزمي به ته پاڪستان‬
‫ميڊيائي ۽ نشرياتي ادارا ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عظيم‬
‫عوامي سياستدان ۽ ملڪي حڪمران جي سالگره ۽‬
‫سندس عظيم شهادت تي کيس خراج تحسين پيش‬
‫ڪندا هئا ۽ اها روايت ملڪي سياست ۾ منجهيل‬
‫مسئلن جو ”حل“ به پيش ڪري ها ۽ اهو ثابت ٿي‬
‫وڃي ها ته پيار ۽ احترام ته عشق ۽ محبت ۾ مشڪلتن‬
‫۽ ڏکيائين جو حل به موجود هوندو آهي‪ .‬ان جي‬
‫برعڪس ڀٽو اهو جو اسلم ۽ شريعت جي نام نهاد‬
‫دعويدارن هڪ ڊڪٽيٽر ۽ تنگ نظر شخص کي شهيد ۽‬
‫شهيد اعظم ثابت ڪرڻ لءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪229‬‬

‫مفتين فتوائون ڏنيون ۽ هڪ اهڙي شخص کي جيڪي‬
‫قانون جي ۽ اسلمي نظرين جي ڀڃڪڙي ڪري سڄو‬
‫عرصو پنهنجي اقتدار جي مضبوطيءَ لءِ ڪم ڪندو‬
‫رهيو‪ ،‬ان کي شاهه فيصل مسجد ۾ دفن ڪيو ۽ مسجد‬
‫جهڙي مقدس اداري کي اختلفي بڻائي ڇڏيو‪ .‬زندگي‬
‫جهڙي عزيز ۽ عظيم متاع انساني ان وقت شهادت جو‬
‫عظيم مرتبو ماڻي ٿي‪ .‬جڏهن اها ڪنهن عظيم مقصد‬
‫لءِ ڏني وئي هجي‪ .‬رسول ﷺ جن هڪ موقعي تي موت‬
‫لءِ اها دعا گهري جنهن کي اسان جا نام نهاد اهل علم‬
‫دهرائيندا به آهن‪ .‬پاڻ فرمايو ته ”اي الله ناگهاني موت‬
‫کان پناهه ۾ رکجانءِ ڇو ته اهڙي قسم جي موت ۾‬
‫توبهه تائب ٿيڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي سگهي“‪.‬‬
‫تاريخ جي رڪارڊ کي درست رکڻ هر اهل علم جو‬
‫فرض اولين بڻجي ٿو ۽ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ اهو‬
‫فرض پورو نه ٿي سگهيو ته عوام جيڪو تاريخ جو‬
‫جوڙيندڙ آهي‪ ،‬جيڪو فيصلي جو حقيقي حق رکي ٿو‪،‬‬
‫ان عوام ”شهيد ذوالفقار“ سان محبت ۽ عشق جا‬
‫رڪارڊ قائم ڪيا‪ .‬توڙي جو خود پاڻ مظلوم پيرين‬
‫اگهاڙا ٿي رهجي ويا‪ .‬عوام حالتن کي جيئن جو تيئن‬
‫قبول نه ڪيو ۽ ظلم ناانصافي جي خاتمي‪ ،‬جمهوريت‬
‫لءِ مزاحمت ڪئي‪ .‬ڇو ته عوام ڄاڻي ٿو ته شهيد‬
‫ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي قميص جي ڪالر مان نڪتل‬
‫ڪنڌ عظيم مقصد ۽ سچائيءَ تي ڪپائي ڇڏيو پر آڻ نه‬
‫مڃي ۽ ناقابل شڪست بڻجي ويو‪ .‬تاريخ ۾ قومن ۽‬
‫حڪمرانن جي حوالي سان ڪيترائي نال پڙهڻ لءِ‬
‫ملندا‪ .‬اهڙي طرح پاڪستان جي حوالي سان ڀٽي شهيد‬
‫جو نالو تمام تر مخالفت جي باوجود تاريخ جو حصو ۽‬
‫باب بڻجي ويو آهي‪ .‬بينجمن مولئس سندس ڦاهي تي‬
‫چڙهڻ کان اڳ وارو نظم لکي ٿوا‬
‫‪.All the Armies that ever marched‬‬
‫‪.All the parliaments that ever out‬‬
‫‪.Have not affected the life of man on earth‬‬

‫‪230‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪.As that one solitary life‬‬
‫‪.I am proud of want ideal‬‬
‫”مون کي فخر آهي پنهنجي ڪئي تي‪ ،‬اهي سڀ‬
‫فوجون جيڪي اڄ تائين پيش قدمي ڪري چڪيون‬
‫آهن‪ .‬اهي سڀ پارليامينٽس جيڪي اڄ تائين پنهنجا‬
‫اجلس منعقد ڪري چڪيون آهن‪ ،‬هن ڌرتي تي انسان‬
‫جي زندگيءَ کي ايترو تبديل نه ڪري سگهيا آهن‪.‬‬
‫جيترو هڪ اڪيلي زندگيءَ جي قرباني ڪري سگهي‬
‫ٿي“‪.‬‬
‫اها بلڪل حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو‬
‫پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو‪ .‬جتي اهو تسليم ڪرڻو‬
‫آهي ته عوام جو شهيد سان عشق ئي سندس‬
‫ڪاميابيءَ جو پهريون ڏاڪو هو‪ .‬بقول آريسر جي ته‬
‫انسان هميشه هن ڌرتي تي جيڪا به جدوجهد ڪئي‬
‫آهي‪ ،‬سا ڪنهن نه ڪنهن عشق ۾ ڪئي آهي‪ .‬سمورن‬
‫لڳاپن جو محور جذبه عشق آهي‪ .‬اها ئي ڌرتي جنهن‬
‫جي ڌوڙ ۾ سڀني کي پنهنجي پنهنجي ضمير جو حساب‬
‫ڏيڻو آهي‪ .‬اتي جڏهن جبر ۽ ماڻهو ختم آهي‪ .‬تڏهن ڌرتي‬
‫جي ئي اوڻائين تي آسمان ورندي ڏيندو آهي ۽ ڪو نه‬
‫ڪو رهبر سامهون اچي پاڻ صليب تي چڙهي ويندو‬
‫آهي ۽ پنهنجي رت سان ڌرتيءَ کي ڌوئي ڇڏيندو آهي‪،‬‬
‫ته جيئن محبت جا ماڳ ۽ عشق جون آکاڻيون ۽ رشتا‬
‫تسلسل سان سلهاڙيل رهن‪ .‬خليل جبران پنهنجي هڪ‬
‫ڪتاب ”دي پرافٽ“ ۾ هڪ راهه ويندڙ جي لڌل خواب‬
‫جي تعبير ۽ تعمير ڏانهن پهريون قدم کڻي ٿو‪ .‬اهو سڀ‬
‫ڪجهه پنهنجي ۽ ڌرتي تي رهندڙن جي عشق سک ۽‬
‫آسودگيءَ لءِ ئي ڪري سگهجي ٿو‪ .‬پر مون کي چي‬
‫گويرا جو چوڻ وڌيڪ وزنائتو ۽ متاثر ڪرڻ وارو لڳو‬
‫آهي‪ .‬هو چئي ٿو تها جموت جتي مليو اسان آڌرڀاءُ‬
‫ڪنداسون‪ .‬شرط اهو ته اسان جو نعرو ڪنهن جي‬
‫دلين ۾ کپي چڪو هجي ۽ اسان جا هٿ هٿيارن کڻڻ لءِ‬
‫تيار هجن‪ .‬اسان جا جنازا ماتمي ترانن بجاءِ توبن جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪231‬‬

‫گجگوڙ ۾ کڄڻ گهرجن‪ .‬جنگ کٽڻ جي نون گيتن سان‬
‫فضا جا هنياءَ ڦاٽي پون‪.‬‬
‫مان سمجهان ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي‬
‫جدوجهد غريب پسمانده طبقن لءِ سندس قيادت جو‬
‫مقصد ئي اهو هيو ته هيءُ طبقو پنهنجي سربلنديءَ لءِ‬
‫جدوجهد وسيلي پنهنجي عزت نفس کي بلند ڪري‬
‫سگهي‪ 20 .‬ڊسمبر ‪1970‬ع جي هڪ عام جلسي کي‬
‫خطاب ڪندي‪ ،‬ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته ”منهنجي لءِ‬
‫خوشيءَ جو ڏينهن اهو هوندو‪ ،‬جڏهن ملڪ جي ڪا به‬
‫ماءُ پنهنجي ٻار کي کاڌو مهيا ڪري ڏيڻ ۾ پريشان نه‬
‫هوندي‪ .‬جڏهن هن ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ ٻار کي ڏيڻ لءِ‬
‫کير مهيا هوندو‪ .‬ٻار کي کير جي دستيابي جي موقعي‬
‫تي هڪ ٻيو تاريخي بلول زرداري ياد اچي ويو‪ .‬خليل‬
‫جبران هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”توهان جا ٻار توهان جا نه‬
‫آهن‪ .‬هو زندگيءَ جا پٽ ۽ ڌيئرون آهن‪ .‬جڏهن زندگي‬
‫پاڻ پنهنجي عشق ۾ بي قرار ٿيندي آهي ته توهان جي‬
‫ذريعي زندگيءَ ڏانهن ايندا آهن‪ .‬جيتوڻيڪ هو توهان جي‬
‫هنج ۾ پليا آهن‪ .‬پر اوهان جي ملڪيت نه آهن“‪.‬‬
‫شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اسان لءِ وڏي ۾ وڏو‬
‫ڪارنامو متفقه آئين ‪1973‬ع آهي‪ ،‬جيڪڏهن ان آئين‬
‫جي روشنيءَ ۾ مقرر ڪيل عرصي مطابق اسلمي‬
‫نظريي مطابق ديانتدارانه عمل ڪيو وڃي ها‪ ،‬ته ملڪ‬
‫اندر استحصالي نظام جو مڪمل طرح سان خاتمو‬
‫اچي وڃي ها‪ ،‬ته احساس محرومي نه عليحدگي نعره ۽‬
‫تحريڪون هلن ها‪ ،‬نه ملزمتن ۽ مالي وسيلن جي‬
‫ورهاست جون شڪايتون پيدا ٿين ها‪ .‬شهيد ذوالفقار‬
‫علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ ملڪ جا سڀ سماجي ۽‬
‫اخلقي قدر هٿ سان تباهه ڪيا ويا‪ .‬ڪو به شعبو‬
‫بدعنواني‪ ،‬انتشار کان محفوظ نه رهي سگهيو آهي‪.‬‬
‫شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ساڍا پنج سال دور مرد‬
‫مومن ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جي يارهن سالن کان وڌيڪ‬
‫حاوي آهي‪ .‬غير جانبداري تعصب ۽ غير مقبوليت جو‬

‫‪232‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پردو هٽائي تجزيو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته آئين ڪنهن‬
‫به ملڪ لءِ هڪ ”چئن ڀتين“ واري حيثيت رکي ٿو‪.‬‬
‫قرآن مقدس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اوهان جي‬
‫درميان ڪو مسئلو‪ ،‬ڪو تنازعو پيدا ٿئي ته باهمي‬
‫مشاورت سان ملي فيصلوڪريو‪ .‬رسول ﷺ جن دنيا جو‬
‫پهريون دستور مرتب ڪيو‪ .‬بخاري شريف ۾ حضرت‬
‫انسؓ جي روايت آهي ته مدينه ان وقت مروٺ ڪيو ويو‬
‫جڏهن پاڻ سڳورا سندن والدين جي گهر رهائش پذير‬
‫هئا ۽ هيءُ اهو زمانو آهي جڏهن اڃا نه مسجد نبوي‬
‫تعمير ٿي ۽ نه حجرا ٺهيا هئا‪ .‬گويا آنحضرت ﷺ جي‬
‫نزديڪ آئين جي ترتيب کي مسجد جي تعمير تي‬
‫فوقيت حاصل آهي‪ .‬اسلم ۾ غير آئيني حڪومت‪ ،‬غير‬
‫اسلمي آهي ۽ ان مقدس آئين کي ضياءُ الحق ڪاغذ‬
‫جو ٽڪرو چئي اسلم جو مذاق اڏايو ۽ اسان جي ملڪ‬
‫جا ڪي ئي اهل علم ۽ فتوائن جو ڪاروبار ڪندڙ مفتين‬
‫ضياءُ الحق کي سندس ناگهاني موت کان پوءِ ”شهيد‬
‫اعظم جو لقب ڏنو“ ۽ کيس هڪ مسجد ۾ دفن ڪري‬
‫مسجد جهڙي مقدس اداري کي متنازع بنائي ڇڏيو‪.‬‬
‫هيءَ ڳالهه ته وچ ۾ اچي وئي آهي‪ .‬آئين جي ان جي‬
‫اهميت جي اصل م پاڪستان جي وجود کان ئي ملڪي‬
‫معاملت ۾ ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن رويا اختيار ڪيا‬
‫ويا‪ .‬هن کان اڳ مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ عوامي‬
‫بنياد حقن جي سلسلي متعلق لکيو هو ته پاڪستان ۾‬
‫بنيادي حقن جي پهرين ڀڃڪڙي اها هئي ته هڪ مهاجر‬
‫لڏي آيل کي پاڪستان جو پهريون وزير اعظم بڻايو‬
‫ويو‪ .‬آئين جي سلسلي ۾ به ان راءِ کي برقرار رکندي‬
‫منهنجو تجزيو اهو آهي ته ملڪ ۾ سياسي بحرانن جي‬
‫شروعات لياقت علي جو اهو رويو ته ”قرارداد‬
‫پاڪستان“ ۽ ”قرارداد مقاصد“‪ ،‬جهڙن بنيادي‬
‫دستاويزن جي موجودگي جي باوجود آئين طرف توجهه‬
‫نه ڏنو‪ ،‬بلڪه مسلم ليگ جي صدارت قبول ڪري‬
‫پاڪستان جي خالق جماعت کي اقتدار جي ايوانن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪233‬‬

‫تائين ۽ بيورو ڪريسي جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو‪1951 .‬ع‬
‫تائين سياسي تنظيم نه صرف غير موثر رهي‪ .‬بلڪه‬
‫حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ آئين سازي ۾ تمام گهڻو‬
‫عرصو ضايع ڪيو ويو‪ .‬روايتي ادارا تباهه ٿيا‪ .‬صوبن ۾‬
‫احساس محرومي پيدا ٿي ۽ عدالتن جي ڪجهه فيصلن‬
‫عدليه جو وقار عوام جي نظر ۾ مجروح ڪيو‪.‬‬
‫قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ‬
‫دل شڪستي سان ڇو چيو ته منهنجي کيسي جا سڀ‬
‫سڪا کوٽا آهن؟ نواز شريف‪ ،‬عابده حسين ‪1983‬ع ۾‬
‫هڪ هنڌ چيو ته مسلم ليگ ٻار ڄڻيندي رهندي آهي پر‬
‫خبر نه آهي ته ڪهڙو ٻار ڪهڙي وقت دفنايو ويندو‪.‬‬
‫‪1992‬ع ۾ پنجاب هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جاويد‬
‫اقبال‪ ،‬اقبال واري ڏينهن ملهائڻ جي تقريب ۾ مسلم‬
‫ليگ تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته مسلم ليگ ۾ چٻرا اچن‬
‫ٿا‪ .‬ڀٽو دور ۾ هلندڙ پي‪ .‬اين‪ .‬اي جي تحريڪ نظام‬
‫مصطفي جي نالي ۾ عوام سان دوکو هئي‪ .‬ان تحريڪ‬
‫ٰ‬
‫۾ اُهي تنظيمون شامل هيون جن جو اسلم سان ڪوبه‬
‫واسطو نه هو‪ .‬ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته جي‪ .‬ايم‪ .‬سيد‬
‫سان اختلفات پنهنجي جاءِ تي‪ ،‬پر ڇا هو سچو قوم‬
‫پرست‪ ،‬مسلم ليگي نه هئو؟ ڇا پاڪستان جي جوڙڻ ۾‬
‫سندس ڪردار تاريخي نه رهيو آهي ڇا؟ شيخ مجيب‬
‫شاگردي واري زماني ۾ سائيڪل تي مسلم ليگ جي‬
‫اخبار نه وڪڻندو هو؟ پوءِ ڇو مجيب الرحمان کي سال‬
‫بنگالي ۽ جي‪ .‬ايم سيد کي سال سنڌي ۽ هندستان جو‬
‫ايجنٽ چيو ويو‪ .‬اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي وزير‬
‫اعلي سيد عبدالله شاهه تازو جڏهن سر هدايت الله‬
‫ٰ‬
‫جي ورسي ملهائجي رهي هئي‪ .‬ان ۾ تقرير ڪندي‬
‫شڪايت ڪئي ته مسلم ليگين سان اها شڪايت نه پر‬
‫تاريخي حقيقت چئي سگهجي ٿي‪ .‬جنهن ۾ شاهه‬
‫صاحب چيو ته مسلم ليگ ڪيترن ڌڙن ۾ آهي پر ڪنهن‬
‫به مسلم ليگي سنڌي رهنما جو ذڪر نه ڪرڻ ان جون‬
‫تاريخي غلطيون ايتريون آهن جو انهن لءِ هڪ الڳ‬

‫‪234‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪتاب جي ضرورت آهي‪ .‬ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق سياسي‬
‫جماعتن جي بحاليءَ کان پوءِ مذهبي جماعتن کي ڇڏي‬
‫ضياءُ الحق هڪ سرڪاري مسلم ليگ جوڙائي پر ٽن‬
‫سالن جي اندر ئي انهن کي قوم جي سامهون ذليل‬
‫ڪري برطرف ڪيو ۽ پوءِ وري برطرف مسلم ليگين‬
‫مان پسنديده مسلم ليگين کي چونڊي وزارتون ڏنيون‪.‬‬
‫انهن ليگين پنهنجي محسنن سان بي وفائي ڪري نئين‬
‫سر مسلم ليگ ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويا‪ .‬ڊاڪٽر اسرار‬
‫احمد تازو هڪ تقرير ۾ چيو ته مسلم ليگ هڪ جماعت‬
‫نه بلڪه هڪ تحريڪ هئي‪ .‬ڪانگريس کي ڊاڪٽر اسرار‬
‫هڪ سياسي جماعت جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي‪ .‬سوال‬
‫صرف اهو آهي ته جنهن جماعت پاڪستان ٺاهيو‪ ،‬جنهن‬
‫کي عوامي مڃتا به هئي‪ .‬ان کي پاڪستان جي تعمير ۾‬
‫جنبجي وڃڻ گهرجي ها ۽ ڪنهن تاخير جي بغير ملڪ ۾‬
‫آئين سازي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي پر بدقسمتي سان‬
‫ائين ٿيو ۽ ملڪ بحرانن ۾ ڦاسندو ويو‪ .‬شهيد ذوالفقار‬
‫علي ڀٽو به ائين ڪري ٿي سگهيو پنهنجي اڪثريتي زور‬
‫تي هڪ طرفو آئين بڻائي نافذ ڪري ٿي سگهيو پر نه‬
‫بلڪل نه‪ ،‬شهيد‪ ،‬جمهوريت تي پورو يقين رکندڙ هو‪.‬‬
‫هتي سڀني چونڊيل نمائندن ساڄي ۽ کاٻي ڌر وارن‬
‫نمائندن سان صلح و مشورو ڪيا ۽ هڪ متفقه آئين‬
‫ٺاهي قوم کي تحفو ڏنو ۽ جنرل ضياءَ ان آئين کي‬
‫لتاڙيندي غير اسلمي طريقي سان برسر اقتدار ۾ آيو‪.‬‬
‫اهو سمجهڻ ۽ سوچڻ ته هن اسلمي طريقي سان‬
‫جمهوري ۽ اسلمي نظام نافذ ڪري ٿي سگهيو‪ ،‬بلڪل‬
‫غلط آهي‪ .‬جهڙي طرح شراب سان وضو ۽ جوئا ۾‬
‫کٽندڙ رقم سان خيرات ڪرڻ جو ثواب نه ٿو ملي‬
‫سگهي‪ .‬اهڙي طرح غاصب حڪمرانن سان اسلمي‬
‫نظام جي توقع رکڻ فضول آهي‪ .‬ٺڳي‪ ،‬ڪوڙ‪،‬‬
‫لقانونيت‪ ،‬تعليمي ۽ صنعتي ادارن مان جمهوريت جو‬
‫خاتمو‪ ،‬ڪتابن بجاءِ ڪلشنڪوف ۽ هيروئن‪ ،‬اختلف‬
‫رکندڙ کي جلوطن ڪرڻ‪ ،‬جان عالم سربلند خان جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪235‬‬

‫ماءُ جو ‪1986‬ع ۾ پٽ جي جدائيءَ ۾ مري وڃڻ‪ ،‬سنڌ‬
‫۾ پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪيترا رنگ رچايا ويا‪.‬‬
‫شهيد ڀٽي جي قبر ۾ چن جو ٻورو گهڻي انداز ۾ ڀرائڻ‬
‫۾ اهڙا ڪيميڪلس استعمال ڪرايا ته جيئن جسم کي‬
‫جلدي ختم ڪري ڇڏجي‪ .‬اهي سڀ ضياءُ جي ننگي‬
‫آمريت ۽ مڪمل فسطائيت جا ثبوت آهن‪ .‬صرف‬
‫اسلمي سزائن جي نفاذ کي اسلم جي خدمت نه ٿو‬
‫چئي سگهجي‪1985 .‬ع ۾ ضياءُ الحق اخباري نمائندن‬
‫سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل کي پنهنجي نظرياتي‬
‫سرحدن جي حفاظت لءِ طاقت جي استعمال جو حق‬
‫حاصل آهي‪) .‬ڪمزور لبنان تي حملو ڪرڻ عراق جي‬
‫ايٽمي پلنٽ جو اڏائڻ‪ ،‬بي وطن فلسطينن جو قتل عام‬
‫پنهنجي نظرياتي سرحدن جي حفاظت جو ڪهڙو‬
‫خوبصورت انداز آهي( ضياءُ الحق چيو ته اسرائيل هڪ‬
‫حقيقت آهي ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي‪ .‬مسلم دنيا‬
‫ان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي‪ .‬ان وقت جماعت‬
‫اسلمي جي امير طفيل پڻ ضياءُ الحق جي انٽرويو ۾‬
‫ان خيال جي تائيد ڪئي ته ضياءُ جو تجزيو غلط نه‬
‫آهي‪.‬‬
‫جوڻيجي حڪومت کي برطرف ڪرڻ ۽ قومي‬
‫اسيمبلي جي اعلن جي هڪ ڪلڪ پهريون ”رافيل“‬
‫کي ضياءُ سان گڏ ڏٺو ويو‪ .‬ضياءَ حڪومت ان انٽرويو‬
‫جي ترديد ڪئي‪ ،‬پر غير ملڪي اخبار دعويٰ ڪئي ته‬
‫هنن وٽ رڪارڊ ٿيل انٽرويو موجود آهي‪ .‬دراصل ضياءُ‬
‫الحق پنهنجي اسرائيل نوازي ان ڪري لڪائي نه‬
‫سگهيو‪ .‬جو آمريڪي سفير رافيل جمهوري هو‪ .‬جيڪو‬
‫هن جو ويجهو دوست هو ۽ پاڪستان ۾ هر تاريخي‬
‫بحران ۾ ضياءُ الحق سان گڏ نظر ايندو هو ۽ آخر ۾‬
‫ٻنهي گڏجي جان ڏني‪ .‬افغانستان متعلق پاليسي‪ ،‬ايوان‬
‫آمريڪي يرغمالين جي رهائي متعلق مذاڪرات ۾ به‬
‫رافيل شريڪ رهيو آهي‪ .‬ايران عراقي مسلمان کي‬
‫ويڙهائڻ واري )جنهن ۾ ‪ 40‬لک مسلمان جان بحق ٿيا(‬

‫‪236‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جنگ ۾ به رافيل جو مڪمل هٿ شامل رهيو‪ .‬ضياءَ جي‬
‫دور ۾ سريلنڪا پنهنجي ملڪ ۾ گوريل جنگ خلف‬
‫مختلف ملڪن مان فوجي مشير گهرايا‪ .‬اسرائيل سان‬
‫گڏ پاڪستان به پنهنجا مشير ڪولمبو موڪلڻ ۾ دير نه‬
‫ڪئي‪ .‬جڏهن صدر سادات مرحوم سڀني عرب ۽ مسلم‬
‫ملڪن جي مخالفت جي باوجود آمريڪي دٻاءُ ۾ اچي‬
‫”ڪيمپ ڊيوڊ“ معاهدو ڪيو‪ .‬اسرائيل تسليم ڪرڻ جو‬
‫اعلن ڪيو ته انهن ملڪن مصر کي اسلمي ڪانفرنس‬
‫۽ عرب ليگ مان ڪڍي ڇڏيو‪ .‬پاڪستان انهن ملڪن ۾‬
‫شامل رهيو جيڪو مصري رڪنيت بحال ڪرائڻ ۾‬
‫اڳيان رهيا‪ .‬انور سادات هڪ فوجي پريڊ ۾ قتل ٿيو‪.‬‬
‫حسني مبارڪ عهدو سنڀاليو ته ان سان وڌ ۾ وڌ‬
‫تعلقات پاڪستاني جنرل رکيا ۽ باقاعده انبن جون‬
‫پيٽيون کيس موڪليندو رهيو‪ .‬جڏهن يهودين متعلق‬
‫پاڪستان جي پاليسيءَ کان دنيا آگاهه هئي ۽ آهي ته‬
‫پوءِ پاڻ کي پڪو مسلمان سڏائيندڙ جون اُهي حرڪتون‬
‫اسلمي خدمت جو حصو ڪيئن ٿي سگهن ٿيون‪ .‬شهيد‬
‫ذوالفقار عليءَ جي حڪومت سان طويل محاذ آرائي‬
‫کان پوءِ قومي اتحاد سان سمجهوتي تي مڪمل اتفاق‬
‫ٿيو هو‪ 4 .‬جولءِ ‪1977‬ع جو اهو طئي ٿيو ته ‪ 5‬جولءِ‬
‫تي باقاعده ۽ باضابطا صحيحون ٿينديون‪ .‬اها هڪ‬
‫تاريخي سچائي آهي‪ ،‬ته ‪ 4‬جولءِ تي آمريڪا جي قومي‬
‫ڏينهن تي اسلم آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني جي هڪ‬
‫استقباليا تقريب ۾ ٻين کان سواءِ جنرل ضياءَ الحق‬
‫چيف آف اسٽاف جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو‪ .‬جڏهن آمر‬
‫جنرل واپس ٿيڻ لڳو ته رافيل رخصت ڪرڻ لءِ کيس‬
‫ڪار تائين ڇڏڻ آيو ۽ ڪار جي دروازي تي اڪيلئپ ۾‬
‫مختصر گفتگو کان پوءِ ٻنهي جي چهرن تي مسڪراهٽ‬
‫۽ عجيب خوشيءَ جا تاثر نظر آيا‪ 5 .‬جولءِ تي‬
‫صحيحيون ٿيڻ بجاءِ ملڪ ۾ مارشل ل لڳائي وئي‪.‬‬
‫ضياءُ‪ -‬رافيل جي دوستيءَ تي آمريڪي نيوز ويڪ‬
‫رسالي باقاعده هڪ مضمون شايع ڪري چڪو آهي‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪237‬‬

‫شهيد ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ کيس ڦاهي‬
‫جي منزل تائين پهچائڻ ۾ اهي دوستيون وڌيڪ‬
‫ڪارفرما رهيون آهن‪1979 .‬ع ۾ ضياءُ سان گڏ ميان‬
‫طفيل‪ ،‬پير پاڳارو‪ ،‬نواب زاده نصرالله وارا سڀ مڪمل‬
‫طرح سان ذميدار رهيا آهن‪ 19 .‬آگسٽ ‪1989‬ع تي‬
‫ڪالمسٽ ۽ صحافي نذير لغاري جنگ اخبار ۾ هڪ‬
‫مضمون لکيو‪ ،‬ان ۾ لکيائين ته پ‪.‬پ ۽ پي‪.‬اين‪.‬اي جي‬
‫درميان ٿيندڙ معاهدي جي ڪاپي چيف آف آرمي‬
‫اسٽاف جي حوالي عبدالحفيظ پيرزادي ڪئي هئي‪،‬‬
‫عبدالحفيظ پيرزادي پاڻ اها ڳالهه ڪئي ته حالنڪه هو‬
‫ان جو پابند نه هو‪ .‬پر چيف آف آرمي اسٽاف ان‬
‫ڪاپيءَ جي گهر ڪئي ۽ مون کيس ڏئي ڇڏي‪ .‬مون کي‬
‫سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان پنهنجي قلم کان هن‬
‫مضمون جي پڇاڙي جو ڪم ڪٿان وٺان‪ ،‬هڪ سياسي‬
‫شاگرد ۽ استاد جي حيثيت ۾‪ ،‬۽ شهيد ذوالفقار علي‬
‫جي چاهيندڙ جي حيثيت ۾‪ ،‬اسان جهڙن چاهيندڙن‬
‫هميشه شهيد جي ذات متعلق پڙهڻ جو تجسس رهيو‬
‫آهي‪ .‬ڪيترو لکجي چڪو آهي‪ .‬سندس ڪارنامن‪،‬‬
‫ڪاميابين ۽ ناڪامين متعلق شهيد سان نوجوان نسل‬
‫جن مون کي ڪڏهن ڏٺو به نه‪ ،‬ان سان پيار ڪن ٿا‪.‬‬
‫اهو پيار ۽ عزت سچن ۽ بهادر قوم پرستن کي ئي‬
‫نصيب ۾ ملندو آهي‪ .‬اسان جيڪڏهن ساڻس انصاف نه‬
‫ڪري سگهيا آهيون ته اها ٻي ڳالهه آهي‪ .‬پر عوام ۽ اڄ‬
‫جو نوجوان سمجهي ٿو ته سنڌ جي ثقافت ۾ شهيد‬
‫ذوالفقار جو جيڪڏهن عاليشان يادگار مقبرو اڏجي ويو‬
‫ته اهو ڪنهن ”ڪمائي گهر“ جو وسيلو يا ذريعو نه‬
‫بلڪه عوام کي سياسي ۽ معاشي شاهراهه طرف‬
‫لڙڪاڻي جي فضائن ۾ ضرور گهلي ويندو‪ .‬تاريخ دوران‬
‫سفر تي اهو ضرور ٿيندو آيو آهي ته تاريخ پراڻين شين‬
‫جي جاءِ تي نين شين ۽ ضرورتن کي متعارف ڪرايو‬
‫آهي‪ .‬پر تاريخ اڃان تائين مارڪس‪ ،‬لطيف ۽ ذوالفقار‬
‫علي ڀٽي کي ٻيهر جنم نه ڏئي سگهي آهي‪ .‬شهيد‬

‫‪238‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ذوالفقار جا مخالف‪ ،‬گهڙين ۽ گهڙيالن جي ٺڪائن ۾ ان‬
‫حقيقت کي فراموش نه ڪري سگهيا آهن‪ ،‬ته وقت‬
‫جي مهارن کي ۽ عوامي اهميت ۽ فيلصي کي تبديل‬
‫ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي‪ .‬سياسي مخالفت جا فائدا‬
‫ضرور وٺندا آهن پر ان جي قيمت ايتري چڪائڻي آهي‬
‫جيتري شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ سندس خاندان ۽‬
‫سندس نياڻي چڪائي آهي‪ .‬جنرل ضياءُ جي دهشت‬
‫ناڪ استحصال انتهائي بلند ڪردار سياستدانن کي‬
‫مايوسي ۽ خاموشي مصلحتي ڪارنر ۾ چپ ڪرايو پر‬
‫عوامي مزاحمت ريڪارڊ ٿيندي رهي‪ ،‬برصغير ۾‬
‫سياست‪ ،‬ڪرڪيٽ ۽ برج برطانوي سامراج جو ورثو‬
‫آهي‪ .‬ڪرڪيٽ اسان وٽ ڳلين ۽ بازارين ۾ بغير وڪٽ‬
‫۽ بيٽ جي کيڏي وڃي ٿي ۽ سياست جي بازيگيري به‬
‫هن ملڪ ۾ اڪثر بغير اصولن ۽ ضابطن جي کيڏي وئي‬
‫آهي‪ .‬جنهن ۾ ذوالفقار علي کي شهيد ڪرائڻ واري‬
‫راند به غير انساني ۽ غير اسلمي اصولن تحت کيڏي‬
‫وئي ۽ ان جو خميارو عوام ۽ ملڪ کي ڀوڳڻو پيو آهي‪.‬‬
‫ٿورو سوچيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ٻين ڪارنامن‬
‫کان سواءِ اسلمي دنيا کي متحد ڪرڻ ۾ انهن جا‬
‫اختلف ختم ڪرڻ ۾ ڪيترو نه تاريخي ڪردار ادا ڪيو‬
‫آهي ۽ انهن مشورن کي شاهه فيصل به خراج تحسين‬
‫پيش ڪيو‪ .‬نتيجو اهو نڪتو جو رافيل پهريون شاهه‬
‫فيصل ۽ پوءِ ڀُٽي کي شهيد ڪرائي ڇڏيو ‪1974‬ع ۾‬
‫اسلمي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرائي‬
‫انهن کي سياسي شعور جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ‪،‬‬
‫انهن جو توجهه سندن اصلي دشمنن طرف ڏيارڻ‪،‬‬
‫وڏين طاقتن جي مفاد پرستيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لءِ‬
‫تيل کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ‪ ،‬اسلمي بينڪ جو‬
‫قيام‪ ،‬مغربي بينڪن مان جمع شده پونجي ڪڍرائڻ جا‬
‫مشورا‪ ،‬ان ڪري سياسي شعور جو حصو بڻيا ته جيئن‬
‫معاشي طور تي اسلمي ملڪ مضبوط ٿين ۽ ٻيا انهن‬
‫جا محتاج ملڪ ۾ قائداعظم جي ‪ 20‬سالن کان پوءِ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪239‬‬

‫وزارت اسلميءَ جو قيام شهيد ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ٿيو‪.‬‬
‫حاجين کي مقدس مقامات جي زيارتن لءِ سرڪاري‬
‫طور تي اهتمام ڪيو ويو‪ ،‬ملڪ ۾ مدرسن کي‬
‫سرڪاري گرانٽ ڏيڻ جو قانون پهريون ڀيرو سامهون‬
‫آيو‪ .‬مسجدن ۾ آذانون ڏيندڙ ۽ امامن کي جن لءِ‬
‫برصغير ۾ اها سوچ هوندي هئي ته هو صرف الله جي‬
‫نالي تي ڏنل ماني کائيندا آهن‪ .‬انهن کي گرانٽون ڏئي‬
‫معاشري ۾ عزت ۽ مقام ڏنو ويو‪ .‬ضياءُ الحق جي دور‬
‫۾ ‪ 1500‬ڪلو ميٽر علئقي تي ڀارت قبضو ڪيو‪ .‬جڏهن‬
‫ته شهيد پنهنجي اڏول شخصيت سان جنگي قيدين جي‬
‫نالي تي ماڻيندڙ آزاد ڪرايا‪ ،‬۽ ڪيترو علئقو ملڪ جو‬
‫واپس ٿيو‪ .‬عوام جي تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لءِ‬
‫اصلحات ڪيا‪ ،‬ادارا قومي ملڪيت بڻيا‪ ،‬انهن ادارن ۾‬
‫هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو‪ .‬پرائمري تائين تعليم‬
‫کي لزمي ۽ ميٽرڪ تائين مفت تعليم جو فيصلو ڪيو‬
‫ويو‪ .‬سائنس ۽ فني تعليم تي زور ڏنو ويو‪ .‬استادن کي‬
‫قومي سروس ڪيڊر ۾ شامل ڪيو ويو‪ .‬پاڪستان‬
‫سامراج جي ڦندي مان ڪڍڻ لءِ ثقافتي شعبي ۾ اهم‬
‫تبديليون ڪيون ويون‪ .‬شهيد ذوالفقار پنهنجي خارجا‬
‫پاليسي کي ٽئين دنيا جي عوام جي امنگن جي مطابق‬
‫ترتيب ڏنو‪ .‬هن ان جو آغاز بحيثيت وزير براءِ قدرتي‬
‫وسيلن جي روس سان ڪراچي ۾ لوهه جي ڪارخاني‬
‫لڳائڻ سان ڪري ڇڏيو هو ۽ ظاهر ڪيو هو ته‬
‫پاڪستان وڏين طاقتن جي دنگل ۾ ڪنهن سان به‬
‫فريق نه بڻجندو‪ .‬هو صرف آمريڪا تي انحصار نه ٿو‬
‫ڪري سگهي‪ .‬اپريل ‪1966‬ع جو سابقه خارجا پاليسي‬
‫تي تنقيد ڪندي فرمايو ته اڄ تائين اسان ان حقيقت‬
‫کان انڪار ڪندا آهيون‪ ،‬جنهن کي سوويت يونين چيو‬
‫وڃي ٿو‪ .‬ان کان نظرانداز ڪرڻ پسند ڪيو آهي‪ .‬هن‬
‫چيو ته حالتن جي تبديل ٿيڻ تي خود روس ۽ آمريڪا به‬
‫پنهنجي پاليسين ۾ ردو بدل ڪئي آهي‪ .‬پر پاڪستان‬
‫اتي جو اتي بيٺل رهيو‪ .‬شهيد ڀٽي پنهنجي فڪر‪ ،‬فهم ۽‬

‫‪240‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خيالن کي پنهنجي هڪ ڪتاب ”آزادي مهم“ ۾ واضح‬
‫طور تي بيان ڪيو آهي‪ ،‬هيءُ هڪ مفيد ۽ ڪارآمد‬
‫ڪتاب آهي ۽ اسان سڀني کي شهيد جي چاهيندڙن کي‬
‫هيءُ ڪتاب بار بار پڙهڻ گهجري‪ .‬تاريخ گواهه ٿيندي ته‬
‫شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي زندگي عوام جي‬
‫سربلندي لءِ قربان ڪري ڇڏي‪ .‬جيل ۾ جيل کان ٻاهر‬
‫سندس تحريرون اهڙو ورثو آهي جيڪو عوام کي اڳتي‬
‫وڌڻ لءِ متحرڪ رکندو ايندو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪241‬‬

‫آدم شماري انسانن جي ڳڻپ ۾ ڪپت‬
‫جا امڪان مارٽن لوٿر ڪنگ چيو‬
‫هو‬
‫‪Injustice any where in the world is a‬‬
‫‪.threat to justice every where‬‬
‫)دنيا ۾ ڪٿي به ٿيندڙ نا انصافي هر هنڌ انصاف لءِ‬
‫خطرو آهي(‪.‬‬
‫اسان جي ملڪ ۾ مٿين نقطئه نظر سان اختلف‬
‫جي ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي‪ .‬ان ڪري جو دنيا‬
‫جي مڃيل اصول پٽاندڙ قوم جي اجتماعي مفاد لءِ‬
‫سياسي اختلفن جي باوجود به ڪيترائي ڏکيا مرحل‬
‫بحث مباحثي کان پوءِ ٿوري دير سان ئي‪ ،‬پر انصاف‬
‫جي بنيادي اصولن مطابق حل ڪيا وڃن ٿا‪ .‬پر اسان‬
‫وٽ صورتحال بلڪل مختلف رهندي آئي آهي‪ .‬اجتماعي‬
‫مسئل يا ته سرد گهرن جي تهه خانن ۾ دفن ڪيا ويا‬
‫آهن‪ .‬يا ڪيترن ئي مسئلن کي دٻايو ويو آهي‪ .‬من پسند‬
‫نتيجا نه نڪرڻ جي صورت ۾ ”ويٽو پاور“ استعمال ڪيا‬
‫ويندا آهن‪ .‬جنج مسلمانن“ ۽ ”دين ڀائي“ مفاد پرست‬
‫ٽولن شروع کان ئي پنهنجي گڏيل مفادن لءِ حڪمران‬
‫طبقن جي مفادن جي جنگ وڙهي آهي‪ .‬اهڙو هڪ‬
‫ڪردار اشتياق اظهر جو به آهي‪ .‬جيڪو ڪجهه وقت‬
‫اڳ تائين وڏي هوشياريءَ سان ”پير صاحب“ جو‬
‫ترجمان بڻيل رهيو‪ .‬اشتياق اظهر سال ‪1994‬ع ۾ آدم‬
‫شماريءَ متعلق هڪ مضمون لکيو‪ .‬جنهن جون ڪجهه‬
‫سٽون هي هيون ته‬
‫”سيد عبدالله شاهه کي هيءَ ڳالهه چڱيءَ ريت‬
‫ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي آباديءَ‬

‫‪242‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫کي پنجاب جي آباديءَ جي برابر ڏيکاريو ويو ته پنجاب‬
‫جو عوام ان ڳالهه کي هرگز گوارا نه ڪندو‪.‬و‬
‫منهنجي سوچ مطابق هن وقت ملڪ جي ڪئنواس‬
‫)پردي( تي جيڪي اقتصادي‪ ،‬سياسي ۽ سماجي مفادن‬
‫جا ‪) Currents‬وهڪرا( موجود آهن‪ ،‬انهن جو ”ڇوڙ“‬
‫آدم شماريءَ جي ڳڻپ سان ڳنڍيل آهي‪ .‬آدم شماري‬
‫وفاقي حڪومت جو ڪم آهي‪ .‬صوبا وفاق جا مددگار‬
‫آهن ۽ هميشه ان موقعي تي هڪ هٽي قائم رکڻ لءِ‬
‫غير قانوني رويا ۽ هٿڪنڊا استعمال ٿيندا رهيا آهن‪.‬‬
‫تاريخ ساز تنگ نظرين مان ڪوبه سبق حاصل نه ڪيو‬
‫آهي ۽ نه ئي ڪوڏوهه قبولڻ جو درجو ماڻي سگهيو‬
‫آهي‪ .‬آدم شماري لءِ سڀ رٿابنديون مڪمل طرح‬
‫ناڪام رهيون آهن‪ .‬ملڪ جي پنجين آدم شماري جڏهن‬
‫هڪ دفعو وري ملتوي ڪئي وئي ته ان وقت جي خراب‬
‫موسم ڪري ملتوي ڪئي پئي وڃي‪ .‬ڪڏهن پنجاب ۾‬
‫ٻوڏ‪ ،‬ڪڏهن اسڪولن ۾ امتحان‪ ،‬ڪڏهن عام چونڊن‬
‫جي ڪري اهو آئيني عمل متاثر ٿيندو رهيو آهي‪ ،‬پر‬
‫سمجهڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته ‪1994‬ع جي آدم‬
‫شماري ڪنهن خراب موسم ڪري نه پر سياسي‬
‫ماحول ۽ دٻاءُ ڪري پهرئين مرحلي بعد ملتوي ڪئي‬
‫وئي هئي‪ .‬جي ان وقت جي حڪومت ائين نه ڪري ها‬
‫ته کيس مرڪز ۽ بلوچستان اسيمبليءَ افغان پناهگيرن‬
‫جي نيڪاليءَ تائين آدم شماري روڪڻ جو قرارداد‬
‫اعلي‬
‫اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي هئي‪ .‬وزير‬
‫ٰ‬
‫بلوچستان صدر فاروق لغاري کي ۽ وقت جي‬
‫وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ خط به لکيا هئا‪ .‬حڪومت‬
‫آءِ‪.‬ايم‪.‬ايف‪ ،‬ورلڊ بينڪ ۽ قرض ڏيندڙ ادارن ۽ ملڪن‬
‫جي شديد دٻاءَ ڪري آدم شماري آڪٽوبر مهيني ۾‬
‫ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي‪ ،‬پر ملڪي‬
‫”سياسي موسم“ جي بي رحمانه حالتن ان عمل جو‬
‫ٻيو حصو مڪمل ٿيڻ نه ڏنو‪ .‬موجوده حڪومت آڪٽوبر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪243‬‬

‫مهيني ۾ ئي آدم شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو‬
‫آهي‪.‬‬
‫موجوده حڪومت جتي ڳري مينڊيٽ وسيلي ٻيا‬
‫تڪڙا فيصل ڪيا آهن‪ ،‬اتي وفاقي ڪابينا کان آدم‬
‫شماريءَ جي منظوري ورتي وئي‪ .‬جنهن تي تقريبا ا‬
‫اسي ڪروڙ رپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي‪.‬‬
‫جڏهن ته سال ‪1990-91‬ع ۾ جڏهن اهو مرحلو طئي‬
‫ٿيڻو هو‪ ،‬ان وقت خرچ جو ڪاٿو ڏهه ڪروڙ پنجويهه لک‬
‫اسي هزار رپيا لڳايو ويو هو‪.‬‬
‫‪92-1991‬ع ۾ ان اضافو ڪري ‪ 35‬ڪروڙ چوڏنهن‬
‫لک اوڻانوي هزار رپيا مخصوص ڪيا ويا‪1992-93 .‬ع ۾‬
‫وري ان مد ۾ اضافو ڪري ‪ 37‬ڪروڙ پنجاسي لک‬
‫تيرنهن هزار رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن‪1993 .‬ع ۾‬
‫ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو‪ .‬پر هينئر ‪1997‬ع ۾‬
‫اسٽيٽڪس ڊويزن ظاهر ڪيو آهي ته فوج آدم شماري‬
‫لءِ ابتدائي طور چاليهه ڪروڙ گهريا آهن‪ .‬هاڻي وڌيڪ‬
‫چوٽيهه ڪروڙ گهربل آهن‪ .‬ڇهه ڪروڙ رپيا ته‬
‫اسٽيشنريءَ تي خرچ ٿي چڪا آهن‪ .‬جڏهن ته وفاقي‬
‫ڪابينا طرفان منظور ڪيل رقم کان وڌيڪ ‪ 15‬ڪروڙ‬
‫رپيا خرچ ٿي چڪا آهن‪ .‬فوج جي نگرانيءَ ۾ آدم‬
‫شماري ٿيڻ کان پهرين عوامي سطح تي عدليه جي‬
‫زير نگراني‪ ،‬ڪرفيو هڻي ڳڻپ ڪرائڻ جا هڪ ئي ڏينهن‬
‫تي گهر شماري آدم شماري ڪرائڻ جون تجويزون‬
‫سامهون اچي چڪيون آهن‪ .‬اهي انتهائي حيثيت جا‬
‫مطالبا معقول يا غير معقوليت واريون حدون ان ڪري‬
‫اورانگيل آهن‪ ،‬جو ننڍن صوبن اندر غلط انگن اکرن‬
‫جي اچڻ جا خدشا آهن‪ .‬ان ڪري حڪومت کي فوجي‬
‫۽ نيم فوجي خدمتون حاصل ڪريون پئجي ويون آهن‪.‬‬
‫ته جيئن ڳري مالي خرچ کان پوءِ شفاف آدم شماري‬
‫ڪرائي سگهجي‪.‬‬
‫گڏيل قومن ‪2000‬ع سال کي سڄيءَ دنيا ۾ آدم‬
‫شماريءَ جو سال قرار ڏنو آهي‪ .‬ان ڪري هڪڙي‬

‫‪244‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تجويز اها به آئي ته گڏيل قومن جي ميمبر هئڻ جي‬
‫حيثيت ۾ انهيءَ سال ئي آدم شماري ڪرائي وڃي‪ .‬پر‬
‫اعلي سطحي طور تي اها تجويز رد ٿي وئي‪ .‬ان ڪري‬
‫ٰ‬
‫حڪومت ٽائيم ٽيبل مطابق مڪمل طرح تيارين ۾‬
‫مصروف آهي‪ ،‬ان سلسلي ۾ ننڍن صوبن کي مطمئن‬
‫ڪرڻ لءِ شفاف ڳڻپ لءِ حڪومت کي چند ڳالهين‬
‫طرف مڪمل توجهه ڏيڻو پوندو‪ .‬جسٽس دوراب پٽيل‬
‫مارچ ‪1992‬ع ۾ ڊان اخبار ۾ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾‬
‫لکيو هو ته ”زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌي سمجهن ٿا‬
‫ته سندن پرماريت ڪئي پئي وڃي‪ .‬ان ڪري سندن‬
‫ويساهه کڄي ويو آهي‪ .‬رياستي ادارن جي ڏاڍ وسيلي‬
‫تڪليف گهٽائڻ ۾ مدد نٿي ملي سگهي‪.‬و‬
‫تازو آدم شماريءَ جي حوالي سان هڪ اهم خبر‬
‫نظرن مان گذري ته مادري ٻولي واري خاني ۾ ”سنڌي‬
‫زبان“ کي آدم شماري فارم ۾ ”باقي“ واري ڪالم ۾‬
‫رکيو ويو آهي‪ .‬سنڌ جي واحد سرڪاري ٻوليءَ جي‬
‫حيثيت رکندڙ ”زبان“ سان اهو رويو ڪهڙي شفاف آدم‬
‫شماريءَ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو؟ آدم شماري اها راند‬
‫آهي‪ ،‬جيڪا هر ٻي راند وانگر ”داءُ پيچ“ رکي ٿي‪.‬‬
‫آدمشماري ۽ مادري زبان هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ‬
‫آهن‪ .‬انهن کي عليحده نٿو ڪري سگهجي‪ .‬اهي ئي ته‬
‫خدشا آهن جن ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ماڻهن کي ان‬
‫ڳالهه چوڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ”آدم شماريءَ ۾‬
‫ڪٿي انجنيئرڊ نتيجا مهيا نه ڪيا وڃن‪.‬و ڇو ته ملڪ جي‬
‫بااثر ۽ ناعاقبت انديش طبقن ۽ انهن جي لساني‬
‫فنڪارن مختلف حيلن ۽ بهانن سان پنهنجي ”عددي‬
‫اقليت“ کي مادري زبان جي ترقي وسيلي وڌايو آهي‪،‬‬
‫عددي اڪثريت وڌائڻ جي نتيجي ۾ هو حاڪميت جا‬
‫ڀاڱي ڀائيوار هئڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي ”ڀاڱا ڀاڱا“‬
‫ڪرڻ لءِ ”عليحده تشخص“ جي ويڙهاند به وڏي‬
‫چابڪدستيءَ سان وڙهي رهيا آهن‪ .‬پاڪستان بنيادي‬
‫طور تي اهڙو وفاق آهي‪ ،‬جنهن ۾ چار مختلف ثقافتون‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪245‬‬

‫۽ مادري زبانون هزار سالن کان اهڙي تاريخي پسمنظر‬
‫سميت موجود آهن‪ ،‬جن ۾ انهن جي مادري زبان ۽‬
‫لوڪ ادب جا عظيم خزانا موجود آهن‪ .‬ان حوالي سان‬
‫سڄيءَ دنيا ۾ آدم شماريءَ دؤران شهرين‪ ،‬جي سندن‬
‫بنيادي زبان ‪ First Language‬جو مقصد مادري زبان‬
‫ورتو ويندو آهي‪ .‬جيئن اسان وٽ بلوچي‪ ،‬پشتو‪ ،‬پنجابي‬
‫۽ سنڌي آهن‪ .‬البته ملڪ جي ٻين اقليتي گروهن جن‬
‫جي مادري زبان انهن چئني زبانن کان پوءِ ڪا ٻي آهي‪.‬‬
‫مثل ا فارسي‪ ،‬بنگالي‪ ،‬اردو‪ ،‬گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي وغيره‬
‫ته پوءِ انهن لساني گروهن ۽ فردن جو آدم شماريءَ ۾‬
‫سندن مادري زبان جي حوالي سان الڳ تشخص ۽‬
‫سڃاڻپ هئڻ کپي‪ .‬ان حوالي سان سندن حق به اقليتن‬
‫وانگر محدود هئڻ کپن‪.‬‬
‫سڄي دنيا ۾ ڪنهن به طرز حڪومت جي‬
‫جمهوريتن ۾ اهڙو ڪوبه مثال نه ملندو ته ڪٿي رابطي‬
‫واري زبان خاطر عوام جي اڪثريتي ٻولين جي نفي‬
‫ڪئي وئي هجي‪1916 .‬ع جي لکنئو پيڪٽ ۽ ‪1932‬ع‬
‫جي ڪميونل ايوارڊ وسيلي مسلم اقليت کي تمام گهڻو‬
‫سياسي نفعو پهتو هو‪ .‬اقليتي مسلم صوبن جي‬
‫رهنمائن عام طور اسلم ۽ مذهب جي حوالي سان‬
‫مسلم‪ ،‬اڪثريتي صوبن کي ضرور متاثر ڪيو هو‪ .‬پر‬
‫ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ايئن ڪرڻ مناسب نه هو ته ٻوليءَ‬
‫جي حوالي سان قومي شماريات ۾ ست سيڪڙو جا‬
‫هي ماڻهو ‪ 93‬سيڪڙو ماڻهن تي حاوي نظر اچن‪ .‬هتان‬
‫جو عوام آزادي ماڻن لءِ ساڻن گڏ رهيو ۽ انصاف پلئه‬
‫پوڻ جون اميدون وابسته ڪيون‪ .‬ان ڪري حاڪم‬
‫طبقن ۽ جمهوريت ۾ ويساهه رکندڙ طبقن جو فرض‬
‫بڻجي ٿو ته هو آئيني تقاضائن ۽ ”توازن“ واري عدل جا‬
‫ڳري مينڊيٽ وسيلي تحفظ ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿي اڳتي اچي‬
‫نروار ٿين ته جيئن آدم شماريءَ واري عمل ۽ اسم کي‬
‫عوامي طاقت‪ ،‬مڃتا ۽ فعاليت وارو درجو ملي سگهي‪.‬‬

‫‪246‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آدم شماريءَ کي شفاف بنائڻ لءِ حڪومتي سطح‬
‫تي مادري زبان کان پوءِ ٻئي نمبر تي جنهن مسئلي کي‬
‫منهن ڏيڻو آهي‪ ،‬اهو مسئلو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير‬
‫قانوني ۽ غير ملڪين جو ناجائز طريقن سان پاسپورٽ‪،‬‬
‫شناختي ڪارڊ‪ ،‬پي‪.‬آر‪.‬سي وغيره حاصل ڪرڻ آهي‪.‬‬
‫اهو مسئلو عالمي حيثيت جو آهي‪ .‬برطانيه‪ ،‬آمريڪا ۽‬
‫جرمنيءَ جهڙن ملڪن ۾ به اهڙا مسئل موجود آهن پر‬
‫اميگريشن جا قانون مضبوط هئڻ ڪري انهن ملڪن ۾‬
‫غير ملڪي پنهنجي مقرر حدن کي اورانگي نٿا سگهن‪.‬‬
‫اسان وٽ اهڙن غير ملڪي ڏوهارين جي مدد مفاد‬
‫پرست بيورو ڪريسي به ڪري رهي آهي جن جي مدد‬
‫اهڙا غير قانوني رهندڙ ڪيترائي اهم دستاويزات‪،‬‬
‫پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ تائين حاصل ڪري وٺن ٿا‪.‬‬
‫ڪراچيءَ ۾ بدامني‪ ،‬دهشتگرديءَ ۾ انهن جو با بار هٿ‬
‫ظاهر ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬پر ڪمزور قانون بدعنوان‬
‫بيوروڪريسي ۽ مخصوص سياسي ٽولن جي رهنمائيءَ‬
‫سبب اهڙا غير قانوني شهري ڪراچيءَ کان سواءِ‬
‫سڄيءَ سنڌ ۾ موجود آهن‪ .‬سنڌ جي وڏي وزير لياقت‬
‫جتوئيءَ جو اهو اعلن ته ”آدم شماري کان اڳ اهڙن‬
‫غير قانوني شهرين کي ٻاهر ڪڍيو ويندو“ موجود آهي‬
‫پر وفاقي حڪومت کان صوبائي حڪومتن تائين اڄ‬
‫تائين ڪابه اهڙي پاليسي عوام آڏو نه اچي سگهي‬
‫آهي‪ .‬ڪراچيءَ ۾ اهڙي غيرقانوني طور تي موجود‬
‫ماڻهن جو تعداد ‪ 16‬لکن کان ‪ 40‬لکن تائين ٻڌايو وڃي‬
‫ٿو‪ .‬جن وٽ مڪمل طرح سان سڀ دستاويز موجود‬
‫آهن‪ .‬اهي غير قانوني طور رهائش پذير آهن ۽ انهن‬
‫جي وجودگي امن امان کان سواءِ منصوبه بنديءَ ۾ به‬
‫رڪاوٽ آهي‪ 50 .‬لک ماڻهو ٻين لکين ماڻهن کي هتي‬
‫وٺي اچڻ جو سبب بڻجي ويا آهن‪ .‬ان ڪري حڪومت ۽‬
‫سينس ڪميشن کي تڪڙا ۽ جلدي قدم کڻڻ گهرجن‪.‬‬
‫آدم شماريءَ قومي فرض آهي ۽ ان قومي فرض جي‬
‫ادائيگي لءِ حڪومت ڪهڙي به اداري مان عملو وٺي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪247‬‬

‫سگهي ٿي‪ .‬پر استاد خانه شماري ۽ آدم شماريءَ لءِ‬
‫منتخب ڪيا وڃن ٿا‪ 250 .‬گهرن تي هڪ استاد مقرر‬
‫ڪيو ويو آهي‪ ،‬پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي‬
‫اسي سيڪڙو کان وڌيڪ مرد استادن جون خدمتون‬
‫حاصل ڪيون ويون آهن‪ 18 .‬کان ‪ 31‬آڪٽوبر تائين‬
‫اسڪول بند رهندا‪ .‬ان ڪري جو استادن جو سکيا جو‬
‫عمل به مڪمل ڪرڻو آهي‪ .‬اسان جو تعليمي شعبو اڳ‬
‫ئي سرد مهريءَ جو شڪار بڻجي ويل آهي‪ ،‬سڄي سال‬
‫۾ ”تعليم“ لءِ اڳ ئي تمام گهٽ وقت ميسر آهي‪ .‬تعليم‬
‫جهڙي اهم مقصد کي ڻ ‪) Non Productive‬غير‬
‫پيداواري( قرار ڏيڻ وارا اليڪشن ۽ آدم شماريءَ لءِ‬
‫تعليمي نقصان طرف ڪوبه توجهه نٿا ڏين ۽ منصوبه‬
‫بندي نٿا ڪن‪ .‬تعليمي ادارا ڇوڪرن جا بند ٿين يا نياڻين‬
‫جا‪ ،‬مجموعي طرح نقصان شاگردن جو آهي‪ .‬ان ڪري‬
‫گرمين يا سردين جي موڪلن ۾ استادن کي ان ڪم لءِ‬
‫منتخب ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو‪ .‬انهن ٽن اهم ۽‬
‫بنيادي ڳالهين کان سواءِ هڪ وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ به‬
‫شامل ڪرڻ کپي ته ڳوٺن ۾ آدم شماريءَ وارو عمدو‬
‫جيڪڏهن شام جي وقت دروازن تائين پهچي ته وڌيڪ‬
‫”لڀ“ حاصل ٿيندو‪ .‬ان ڪري جو مرد ماڻهن جي ٻني‬
‫ٻاري تي هجڻ ڪري اسان جون عورتون صحيح ڄاڻ نه‬
‫ڏئي سگهنديون يا اهو مليل فارم يا سوال نامو غير اهم‬
‫سمجهندي اهو آواز ڏينديون ته ”بابا گهر ۾ ڪوبه مرد‬
‫موجود نه آهي‪.‬و ان سبب اڻپوري ڄاڻ اسان جو قومي‬
‫نقصان ڪري سگهي ٿي‪.‬‬

‫‪248‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خانگي جيلن جي اصل حقيقت پڌري‬
‫ٿيڻ گهرجي‬
‫شعور جو احساس تاريخ جي سڀ کان وڏي‬
‫خوشخبري ثابت ٿي آهي‪ ،‬عوام جو تجسس‪ ،‬تمنا ۽‬
‫تشويش سماج جي سڀني ادارن جي چوڪسيءَ جو‬
‫فرض نڀائيندي نئين صحت مند روايتن ۽ روين کي جنم‬
‫به ڏنو آهي‪ .‬انسان جي انهن روين ڪري ئي زندگي‬
‫ايتري خوبصورت آهي جو هن جي بدصورتين ۾ به هڪ‬
‫حسن موجود رهيو آهي‪ .‬اهو حسن وڌيڪ اسان کي‬
‫متوجهه ڪري ٿو جڏهن اسان جو عنوان ”بنيادي‬
‫انساني حق“ ۽ انهن متعلق ڄاڻ ٿئي ٿي‪ ،‬پر جيڪڏهن‬
‫واقعن جي مڪمل صحت مند تفصيل ۾ وڃجي ته‬
‫بنيادي حقن جي موجوده صورتحال غير مطمئن ڪندڙ‬
‫نظر اچي ٿي‪ .‬گڏيل قومن جي منشور ۽ بنيادي حقن‬
‫جي فاصلي يعني اڌ صديءَ گذارڻ کان پوءِ به نتيجن‬
‫جي لحاظ کان انهن ملڪن ۾ جتي انساني حقن جون‬
‫اعلي مقصدن لءِ وڌ ۾ وڌ مصروف‬
‫تنظيمون پنهنجي‬
‫ٰ‬
‫آهن‪ ،‬اُتي حقن جي پاماليءَ جو رجحان ڏينهون ڏينهن‬
‫ڇو وڌي رهيو آهي؟ انسانن جو انسانن هٿان استحصال‬
‫نه صرف ختم نه ٿي پر سگهيو آهي بلڪه ان ۾ وڌ ۾ وڌ‬
‫طاقت پڻ آئي آهي‪.‬‬
‫اسان وٽ هيومن رائيٽس ڪميشن جو هڪ پنهنجو‬
‫اهم ڪردار رهيو آهي‪ .‬معاشري جي سماجي شعور‬
‫وڌائڻ ۾ سندن ڪردار قابل تعريف آهي‪ .‬ڪالباغ ڊيم‬
‫جو مسئلو هجي يا ڪاروڪاريءَ جو مسئلو‪ ،‬معصوم‬
‫صدام هجي يا عورت جي حيثيت ۽ مقام جو عنوان‬
‫هجي‪ .‬اقليتن جي لءِ جداگانه چونڊ جو مسئلو هجي يا‬
‫فرقيواريت جي مخالفت‪ ،‬انهن سڀني اهم مسئلن‬
‫متعلق هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو پوري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪249‬‬

‫طاقت سان احتجاج تاريخ ۾ اهم جاءِ والري چڪو آهي‪،‬‬
‫پر هاري ۽ زميندار جي لڳاپن ۽ زراعت جي بنيادي‬
‫ڍانچي متعلق ڪميشن جي سوچ ۽ پهچ ۾ ترميم جي‬
‫گنجائش مون کي نظر اچي ٿي‪ .Ô‬۽ان جو اظهار ڪجهه‬
‫وقت اڳ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪميشن جي طرفان‬
‫ٿيل سيمينار ۾ به ڪري چڪي آهيان‪ ،‬منهنجي بنيادي‬
‫حقن جي ڪميشن جي ٽاسڪ فورس جي دوستن کي‬
‫اپيل آهي ته ان سلسلي ۾ زرعي معاشي سان وابسته‬
‫ٻين بنيادي مسئلن کي به کڻڻ گهرجي‪ .‬هڪ مسئلو‬
‫جيڪو ”خانگي جيلن“ جي حوالي سان عالمي پيماني‬
‫تي پهتل آهي‪ ،‬جنهن بابت ملڪي سطح تي سياستدانن‬
‫کان وٺي دانشورن تائين ٻن مختلف راين ۾ ورهايل‬
‫آهن‪ ،‬ان معاملي بابت عوام تي احسان عظيم ڪندي ۽‬
‫آئينده جي تاريخ ۾ عوام کي مونجهارن مان ڇوٽڪارو‬
‫ڏيڻ لءِ اهم اسم کي غير جانبدار نموني ۾ واضح ڪرڻ‬
‫اعلي اخلقي قدر ئي قومن جي نجات جا‬
‫کپي‪ ،‬ڇو ته‬
‫ٰ‬
‫ذريعا بڻجي سگهن ٿا ۽ بنيادي مشڪلت ۾ مشڪل‬
‫ڪشائي ڪري سگهن ٿا‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته جيئن‬
‫مختلف وقتن ۾ سرڪاري سطح تي ڪميٽيون ٺهنديون‬
‫رهيون آهن‪ ،‬تيئن ان مسئلي تي هيومن رائيٽس‬
‫ڪميشن ۽ ٻين غير سرڪاري تنظيمن طرفان هڪ‬
‫ڪاميٽي جوڙي وڃي‪ .‬جيڪا خانگي جيلن جي اصل‬
‫حقيقت بابت جاچ ڪري‪ ،‬ان ڪاميٽيءَ ۾ انساني حقن‬
‫جي لءِ پتوڙيندڙ ماڻهن سان گڏوگڏ صحافي وڪيل ۽‬
‫زراعت سان وابسته سٺي ڄاڻ ۽ نالي رکندڙ ماڻهن کي‬
‫شامل ڪيو وڃي‪.‬‬
‫موجوده دؤر ۾ جاگرافيائي سرحدن سان گڏوگڏ‬
‫معاشي سرحدن جي حفاظت به ضروري ٿي پئي آهي‪.‬‬
‫دنيا ۾ بمن ۽ توبن کان وڌيڪ معاشي دهشتگرديءَ‬
‫مالياتي بحران پيدا ڪيا آهن‪ .‬ان سڄي صورتحال ۾‬
‫ضروري آهي ته اسان جي معاشي نظام ۾ ڪرنگهي‬
‫جي هڏي جي حيثيت رکندڙ زراعت کي بچايو ۽ سگهارو‬

‫‪250‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪيو وڃي‪ .‬هڪ طرف اهو بين القوامي استحصال ته‬
‫ٻئي طرف اسان جي سماج ۾ هاري تنظيمن جي غير‬
‫فعال ڪري زراعت سان لڳاپيل هاري ڪا به اثرائتي‬
‫تحريڪ يا مزاحمت نٿا ڪري سگهن‪ .‬جڏهن ته‬
‫جاگيردار طبقي وٽ استحصال جا ڪيترائي طريقا‬
‫موجود آهن‪ .‬ان حقيقت تسليم ڪرڻ کان ڪو به انڪار‬
‫نه آهي ته فسطائيت يعني سياسي وراثت ۽ پارٽي‬
‫سسٽم ۾ پيري مريدي اڃان تائين موجود آهي‪ .‬فيوڊل‬
‫پاليسين ڪري زرعي سيڪٽرتحت ڪا به انقلبي تبديلي‬
‫نه اچي سگهي آهي‪ ،‬انڪري وقت اچي ويو آهي ته غير‬
‫سرڪاري سطح تي قائم تنظيمون ۽ ڪميشنون ڏتڙيل‬
‫هاري طبقي لءِ بنيادي تبديلين طرف پنهنجن منشورن‬
‫۾ تبديليون آڻين‪.‬‬
‫اسان هر دور ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته معيشت‬
‫جو بنياد ئي زراعت آهي پر اسان جي ان دعويٰ ۾ وڌاءُ‬
‫جي آميزش جو ثبوت تڏهن ملي ٿو جڏهن ڏسون ٿا ته‬
‫اسان خوراڪ جي معاملي ۾ به پاڻڀرا نه رهيا آهيون‪،‬‬
‫هن وقت ملڪ جي اندر خوراڪ جي شين جي پيداوار‬
‫وڌائڻ لءِ مضبوط مربوط اپائن جي سخت ضرورت‬
‫آهي‪ .‬هاري طبقي کي پنهنجي زمين مان وڌ ۾ وڌ نه‬
‫منافعو ملي سگهيو آهي ۽ نه في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ‬
‫لءِ زرعي زمين کي سم ۽ ڪلر کان محفوظ ڪيو ويو‬
‫آهي‪ .‬هن وقت اُهي ئي ملڪ ڪامياب آهن جيڪي پوک‬
‫وڌيڪ ڪن ٿا ۽ نه صرف پاڻ کائين ٿا پر ٻين ملڪن کي‬
‫اناج به موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿا‪ .‬دنيا ۾ هن وقت‬
‫هڪ ٻئي جي علئقن تي قبضي ڪرڻ بجاءِ مارڪيٽن‬
‫تي برتري حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي‬
‫وئي آهي‪ .‬ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ في ايڪڙ‬
‫پيدوار ان ڪري گهٽ آهي‪ ،‬جو ‪ 0.95‬ملين هيڪٽر‬
‫زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهيل آهي‪ .‬ڪئنال سسٽم‪،‬‬
‫واٽر ڪورس سسٽم اهڙيءَ طرح جا آهن جو انهن مان‬
‫سيپيج )‪ (Seepage‬ذريعي س) سيڪڙو پاڻي ضايع‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪251‬‬

‫ٿيو وڃي‪ .‬ڪئنال سسٽم شروع ٿيڻ ڪري اڄ پنجن يا‬
‫ڇهن فوٽن جي کوٽائيءَ سان زمين اندر پاڻي نڪري‬
‫اچي ٿو‪ .‬ڊرينيج سسٽم شروع کان ئي ناڪاره آهي‪.‬‬
‫ٽيوب ويلن مان س) سيڪڙو خراب آهن‪.‬‬
‫ايل‪.‬بي‪.‬او‪.‬ڊي رٿا جي ڪارڪردگيءَ کان اسين سڀ‬
‫بخوبي واقف آهيون‪ .‬سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري جي‬
‫زرعي زمين جو سم وارو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لءِ‬
‫عالمي بينڪ جي سهڪار سان هيءُ منصوبو تيار ڪيو‬
‫ويو‪ ،‬پر اڄ اهو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بجاءِ هر سال بدين‬
‫جي سامونڊي ڪنارن تي چڙهي اچي ٽائيڊل لنڪ‬
‫سميت سم نالين جي ابتڙ وهڻ ڪري ساريال جي‬
‫فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو‪ .‬ان کانسواءِ زرعي اپت‬
‫جي تباهه ڪارين ۽ ماحولي گدلڻ جي صورت ۾ آبي‬
‫جيوت کي خطرو نيشنل ڊرينيج پروگرام جي اڌ ۾‬
‫رڪجي وڃڻ ڪري وڌي ويو آهي‪ .‬سنڌ ۾ ڊرينيج‬
‫پروگرام جو ڪم رڪجڻ ڪري ٻين صوبن جو سم وارو‬
‫پاڻي ۽ زهريلو صنعتي مواد سنڌ ۾ داخل ٿي ڍنڍن جي‬
‫صورت اختيار ڪري ٿو‪ .‬منڇر ڍنڍ جو زهريلو ٿي وڃڻ‬
‫جو هڪ سبب اهو به آهي‪ ،‬ان ڪري انهن بنيادي ڳالهين‬
‫طرف ۽ غريب پهچ هارين جي بنيادي مفادن طرف‬
‫ڌيان ڏيڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي‪.‬‬
‫‪1960‬ع ۾ ڪجهه اطمينان جوڳين پاليسين ڪري‬
‫صنعت ترقي ڪئي پر ملڪ ۾ سياسي بي چيني پيدا‬
‫ٿي‪ .‬هتي سياسي مصلحتن جي ڪري ڪامياب حڪمت‬
‫عمليون به ترڪ ڪيون وڃن ٿيون‪ .‬ڇاڪاڻ جو عالمي‬
‫ادارن جي مفادن جي حق ۾ فيصل ڪرڻ جي توقع‬
‫فضول آهي‪ .‬هن صورتحال ۾ اهو ضروري آهي ته‬
‫چونڊيل عوامي نمائندا معاشي ۽ معاشرتي لحاظ کان‬
‫اهم فيصل ڪري عوام کي مهانگائي ۽ بي روزگاريءَ‬
‫جي ڌٻڻ مان ڪڍن‪ .‬ملڪ اندر ڪم ڪندڙ غير‬
‫سرڪاري تنظيمون به ان سلسلي ۾ عوام جي‬
‫رهنمائي ڪري سگهن ٿيون‪ .‬سڄي دنيا جي ڪيترن ئي‬

‫‪252‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ملڪن ۾ مهانگائيءَ ۽ وڌندڙ قيمتن کي منهن ڏيڻ لءِ‬
‫ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪائونسلون ۽ سوسائٽيون ٺهيل‬
‫آهن‪ .‬جڏهن ڪنهن به شيءِ جي قيمت چڙهندي آهي ته‬
‫هو ان کي خريد ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن پراسان وٽ‬
‫عوام کي اها تعليم بنهه گهٽ مليل آهي‪ .‬حڪومتون‬
‫پنهنجي طور تي اهڙيون ڪائونسلون نه ٺاهين پر‬
‫پرائيويٽ سطح تي عوامي رهنمائي ۽ کين رليف ڏيڻ‬
‫لءِ اهو نيڪيءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻي سگهجي ٿو‪ .‬مون‬
‫کي ياد آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ دفعو عورت‬
‫واري حڪمرانيءَ جي دور ۾ اسلم آباد ۾ ”ڪنزيومر‬
‫پروٽيڪشن ڪائونسل“ قائم ڪئي وئي هئي‪ ،‬جنهن ۾‬
‫مختلف وزارتن‪ ،‬مان آفيسر‪ ،‬ايم‪.‬اين‪.‬ايز ۽ چيئرمين‬
‫ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ کي شامل ڪرڻ جا اعلن ٿيا‬
‫هئا پر وڌيڪ پيش رفت نه ٿي سگهي‪.‬‬
‫سنڌ جي معاشي خوشحاليءَ لءِ اهو ضروري آهي‬
‫ته جاگيردار ۽ زرعي سرمائيدار جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ‬
‫هاريءَ کي نجات ڏيارجي‪ ،‬ان سلسلي ۾ انساني حقن‬
‫جون تنظيمون غير سرڪاري تنظيمون ميڊيا تائين پڙاڏا‬
‫ڪندڙان مامري جي تهه تائين پهچي سگهن‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪253‬‬

‫غير مهذب روين جي شڪار سنڌي‬
‫پريس‬
‫صحافت برف تي مجسمي نگاريءَ جي مترادف‬
‫آهي ۽ فرد جو ڪردار ايستائين ڪارگر ۽ تاريخي آهي‪،‬‬
‫جيستائين هو پاڻ کي عوام ڏانهن ذميوار سمجهي ٿو‪.‬‬
‫( ‪You can not argue with a sick‬‬
‫‪mind‬توهان بيمار ذهن سان دليل نٿا ڏئي سگهو( ‪You‬‬
‫‪) get, what you pay for‬اوهان کي اهوئي ملندو‬
‫جنهن جي ادائگي ڪريو پيا(‬
‫مٿيان جمل يقينا ا ڪنهن ڏاهي جا ئي چيل آهن‪ .‬پر‬
‫منهنجو وائڙو ٿيڻ‪ ،‬احتراما ا ۽ غير مهذب روش جي‬
‫قبوليت واري ماحول ۾ لزمي بڻجي پيو آهي‪ .‬سنڌي‬
‫اخبارن )بشمول ڪاوش( سان منهنجو رستو ۽ تعلق‬
‫خريدار ۽ قاريءَ وارو آهي‪ .‬اهي روزنامه جيڪي‬
‫اعلي معيارن‬
‫صحافتي ۽ اخباري دنيا جي مقرر ڪيل‬
‫ٰ‬
‫طرف وک وڌائي ثابت ڪري چڪا آهن‪ .‬غير جانبدار‬
‫ڪوريج‪ ،‬سياسي مصلحتن کان پاڪ اداريه‪ ،‬بي لوثي‪،‬‬
‫بهادري‪ ،‬چيڪ ۽ بيلنس پروف ريڊنگ وسيلي غلطين‬
‫کان پاڪ تجزياتي مضمون‪ ،‬ٻوليءَ جي ڦهلءَ عوام جي‬
‫بنيادي شهري حقن جي ڀڃڪڙين وارن واقعات تي‬
‫احتجاجي اداريه لکڻ ۽ دردناڪ صورتحال کي وقار ۽‬
‫سنجيدگيءَ سان منهن ڏيڻ‪ ،‬اهڙا روزنامه منهنجي‬
‫ڪمزوري رهيا آهن ۽ منهنجو پنهنجي ذات تي خرچ انهن‬
‫اخبارن کان تمام گهٽ ايندو آهي‪ .‬ان ڪري سنجيدگيءَ‬
‫سان منهنجو حق بڻجي ٿو ته مان ڪاوش تي حملي‬
‫خلف پنهنجو تاريخي احتجاج نوٽ ڪرائيندي هلن‪ .‬اهو‬
‫احتجاج مون علي قاضيءَ سان ٽيليفون تي به نوٽ‬
‫ڪرايو آهي‪ .‬مون کي خبر نه آهي ته اهي ڏوهاري‬
‫جيڪي وقفي وقفي سان متواتر سنڌي پريس ۽‬

‫‪254‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫صحافين سان ناانصافيون ڪن ٿا‪ ،‬انهن جون روحاني ۽‬
‫نسلي پاڙون ڪٿي کتل آهن‪ .‬وقت آيو آهي ته اسين‬
‫اهڙن قومي ڏوهارين کي تلش ڪيون ۽ وائکو ڪيون‪.‬‬
‫آرگن )ترجمان( بڻجي شيطاني قوتن جي غير مهذب ۽‬
‫ڪريل حرڪتن خلف اجتماعي آواز اٿاريون ۽ صحافي‬
‫برادريءَ سان عملي طور تي گڏ رهون‪ .‬سچي ڳالهه‬
‫اها آهي ته اسان مان ڪيترن ئي حساس دليون ۽ جذبا‬
‫رکندڙن جا جيءَ جهوريل آهن‪ .‬پريس تي حملن ۽ پيدا‬
‫ٿيل حالتن جي خارجيت ۽ احساسات جي داخليت واري‬
‫تضاد اڄ اسان کي عجيب انساني ڪيفيتن ۽ ڪشمڪش‬
‫۾ مبتل ڪري ڇڏيو آهي‪ .‬اهو ڪهڙو ادارو آهي‪ ،‬جنهن‬
‫کي اسان ڪوتاهين سان ڪمزور نه ڪيو آهي؟ قومي‬
‫ڏوهارين کان منهنجو سوال آهي ته ”ڇو آزاد صحافت‬
‫جي پکيئڙي کي هٿيارن ۽ داٻي ڪلچر سان هيسائي‬
‫عوام جو سک ڦٽائي رهيا آهيو؟“ ڇو ته اها صحافت ئي‬
‫وڃي غريب عوام جو سهارو بچيل آهي‪ ،‬جنهن جي‬
‫ڪلهي تي ڪنڌ رکي اسان روئي ته سگهون ٿا‪ .‬اوهان‬
‫شعوري غدارين واري واٽ تي گامزن ٿي ڪنهن ڪنهن‬
‫جي خدمت ڪري رهيا آهيو؟ پريس تي حمل ڪندڙن‬
‫کي سمجهڻ کپي ته فطري آزادي آڏو رڪاوٽون ۽‬
‫رنڊڪون پيدا ڪرڻ غلمانه ۽ جاگيردار نه ذهنيت‬
‫واروعمل آهي‪ ،‬جيڪو دهشتگرديءَ سان ٻٽ آهي‪.‬‬
‫مونجهارن ۽ اختلفن کي نبيرڻ جو وسيلو تشدد ئي‬
‫ڇو؟ هڪ ٻئي ڏانهن موٽ وارو رويو دور انديشيءَ ۾‬
‫رٿابندي ۽ صحافتي ديانتداريءَ وسيلي موجود آهي‪.‬‬
‫عوام جي حقن حفاظت ڪرڻ‪ ،‬سچائين کي بالدست‬
‫طبقن آڏو وائکو ڪرڻ ڪا رواجي سياست يا آسان‬
‫رستو نه آهي‪ .‬اسان مٿين بيان ڪيل واٽ وسيلي‪،‬‬
‫ڏاهپ سان ايندڙ ڪيترن ئي طوفانن جو مقابلو ڪري‬
‫سگهون ٿا‪ .‬جن معاشرن ۾ تحرير ۽ فڪر جي آزادي‬
‫آهي اتي هزارين شڪايتن جي باوجود به سيلبي‬
‫صورتحال پيدا نٿي ٿي سگهي‪ ،‬جيڪا پاڻ سان هر شيءِ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪255‬‬

‫کي وهايو کڻي وڃي‪ .‬اخبارن جو سڀ کان وڏو ڪردار‬
‫عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي‪ .‬ان سان گڏوگڏ عوام جي‬
‫بنيادي حق تلفين خلف اسان جون اخبارون پنهنجو‬
‫ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اخبارن جو اهو ڪردار‬
‫رياست جي ”بنيادن“ کي جهڙيءَ طرح تعمير ڪري ٿو‪،‬‬
‫ان تي ئي سياسي ۽ رياست جي مستقبل جو انحصار‬
‫هوندو آهي‪ .‬اسان جڏهن چئون ٿا ته سنڌ جمهوريت‬
‫جي پناهه گاهه آهي ته پوءِ جمهوريت جي فائدن مان‬
‫هڪ اهو به ته اسان جو گڏيل فائدو آهي ته جمهوري‬
‫ماحول ۾ ڪنهن به اخبار تي ڪا به بندش نٿي لڳائي‬
‫سگهجي‪ .‬اخبارن جي آزادي هڪ طرف حڪومت‬
‫ڪندڙن لءِ ”حفاظتي بند“ جو ڪم ڏين ٿيون ته ٻئي‬
‫طرف شڪايتن ۽ مسئلن جي عڪاسيءَ ۾ معاون ثابت‬
‫ٿين ٿيون‪ .‬اها هڪ اهڙي سچائي آهي جنهن مان اسان‬
‫لڀ اهو حاصل ڪري سگهون ٿا ته اخبارون خاص طور‬
‫تي سنڌي اخبارون يا پريس صحافتي لوڏن کان پوءِ‬
‫سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ بغير ”شجاعتي‬
‫اعزازات“ جي پنهنجي صحافتي ذميوارين طرف‬
‫مڪمل سهڪار ۾ جنبيل آهي‪ .‬سرڪاري پريس رليزن ۽‬
‫موقف بجاءِ اهم قومي مسئلن تي اسان جي پريس جو‬
‫مؤقف ۽ ڪردار ”قومي پريس“ سڏجندڙن صحافين‬
‫کان مثبت آهي‪ .‬اسان جا ڏاها صحافي واقعات وارن‬
‫هنڌن تي پهچي مشاهدي کان پوءِ مڃيل صحافت جي‬
‫اصولن پٽاندڙ رپورٽنگ ڪن ٿا‪ .‬ٽنڊو بهاول کان ڪيٽي‬
‫بندر ۽ ڪالباغ ڊيم‪ ،‬ناڻي ۽ پاڻيءَ جي متعلق اداريا‪.‬‬
‫تجزيا‪ ،‬قومي پريس جا سچاين بجاءِ جانبداريءَ سان‬
‫پيش ڪيا وڃن ٿا‪.‬‬
‫‪)Extra Judicial Killing‬عدالتن کان مٿڀرا قتل(‬
‫جهڙي انساني ۽ بنيادي مسئلي متعلق قومي پريس‬
‫صحيح ۽ غير جانبداريءَ سان انگ اکر پيش نه ڪري‬
‫سگهي آهي‪1980 .‬ع ۾ ڪراچي جي هڪ سرڪاري‬
‫ٽارچر ڪيمپ ۾ ستاويهن سالن جو هڪ نوجوان شهيد‬

‫‪256‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫نظير عباسي تشدد جو شڪار ٿيو‪ ،‬ان موت خلف‬
‫قومي پريس هيڊنگ به نه ڏئي سگهي‪ .‬سانگي ريلوي‬
‫اسٽيشن تي ريل جي هڪ وڏي حادثي کان پوءِ سڀ‬
‫کان اڳ اتي پهتل ڳوٺاڻن متعلق قومي پريس خبر ڏني‬
‫ته عورتن جي ٻانهن ۽ ڪنن مان سونا زيور لٿا ويا‪.‬‬
‫طوالت کان بچڻ لءِ اهو چونديس ته‪ ،‬اڄ به اهو رويو‬
‫برقرار آهي‪ .‬فرق صرف ايترو آيو آهي ته سنڌي‬
‫اخبارن ۾ ڇپيل مواد کي هفتيوار ترجمو ڪري ڇپيو‬
‫وڃي ٿو‪ .‬سنڌ جي سنڌي پريس انهن ئي روين ۽ لوڏن‬
‫مان پنهنجي پروفيشنلزم جي حوالي سان پنهنجو‬
‫استحقاق حاصل ڪري مٿانهين ڪرسين تي ويٺل ۽‬
‫حڪومت ڪندڙن کي پنهنجي تحريرن وسيلي آگاهه‬
‫ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهيو آهي‪ .‬هاڻي جيڪڏهن‬
‫اسان به ڪات ڪهاڙا کڻي پريس کي دٻايون ۽ هيسايون‬
‫ته پوءِ علي قاضيءَ جو جملو بلڪل حقيقت تي مبني‬
‫آهي ته ”ڇو آخر هڪ بلوڊ پريس کي هيسيل ۽ ڊنل‬
‫پريس ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ ان سلسلي ۾ سنڌي‬
‫اخبارون پڙهندڙ عوام پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي چڪو‬
‫آهي‪ .‬ڏمريل عوام لڙڪاڻي شهر ۾ ‪ 7‬سالن جي‬
‫معصوم راجيش جي ڌاڙيلن هٿان قتل تي به ائين ئي‬
‫تعليمي ادارن کان بازارين تائين مڪمل هڙتال جو‬
‫ثبوت ڏنو هو‪ ،‬جنهن تي ان وقت اتان جي ايس‪.‬پي فتح‬
‫علي خواجا فعال ڪردر ادا ڪيو هو‪ .‬ان کان سواءِ‬
‫بينظير ڀٽو جي تڪ واري ڳوٺ جروار ۾ عورت سان‬
‫لڄالٽ واري ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش ٿي ته‬
‫ملڪ جي ميڊيا هڪ ڳالهه تي هئي‪ .‬اسان جا آزاد‬
‫طبيعت صحافي ان ڪري ڪامياب ٿيا جو انهن صحافت‬
‫اعلي معياري اصولن کي پنهنجو ڪيو‪ .‬ان ڪري‬
‫جي‬
‫ٰ‬
‫انهن سوڀن ۽ انهن احتجاجن کي غير معمولي سمجهي‬
‫پنهنجي ڊائرين جي لکڻين ۾ محفوظ ڪري وٺجي ته‬
‫بهتر آهي‪ .‬بقول علي قاضيءَ جي ته ”طاقت آڏو ٺاهه‬
‫ڪري پنهنجي قلم جي نب چٻي ڪرڻي آهي ته پوءِ مڏو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪257‬‬

‫قلم ڪنهن ناڻي جي ٺاهه‪ ،‬ڪنهن عورت جي لڄالٽ‬
‫خلف لکي نه سگهندو‪.‬و‬
‫رهيو آخري سوال صحافت جي پروفيشنلزم ۽ سنڌ‬
‫جي ڪيس وڙهڻ جو ته اهو هڪ وڏو بحث طلب‬
‫موضوع آهي‪ .‬هڪ مشهور ڏاهو فلپ هنڊرسن چوي ٿو‬
‫تها اهو وڏو دوکو آهي‪ ،‬اگر ڪو اديب يا لکندڙ چوي ٿو‬
‫يا دعويٰ ڪري ٿو ته اسان انسان ذات لءِ لکي رهيا‬
‫آهيون ۽ غير جانبدار آهيون‪ ،‬جڏهن سماج جو بنياد ئي‬
‫طبقاتي ورڇ تي ٻڌل آهي ته اتي خالص انساني ذات‬
‫ڪا شيءِ ڪونهي‪ ،‬اهڙي وقت غير جانبدار ٿيڻ جي‬
‫معني اها ٿيندي ته اسين انقلب ۽ ترقيءَ جا حامي نه‬
‫ٰ‬
‫آهيون پر گذريل حالتن کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ‬
‫گهرون ٿا‪.‬‬
‫اها مڃيل حقيقت آهي ته جتي طبقاتي نظام‬
‫هوندو اتي سوچ‪ ،‬فلسفو به طبقاتي هوندو‪ .‬غلمانه ۽‬
‫جاگيردارانه نظام کان سوشلسٽ نظام تائين سڀ‬
‫نظام طبقاتي نظام ثابت ٿي چڪا آهن‪ .‬ان ڪري قلم‬
‫اديب‪ ،‬شاعر ۽ صحافيءَ جو مشترڪ اثاثو آهي ۽ پٺتي‬
‫پيل قومن ۾ اهي ذميواريون حڪومت کان پري رهي‬
‫دانشور ئي پوريون ڪندا رهيا آهن‪.‬‬

‫‪258‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مارچ مهينو ۽ عوامي حڪومت جو‬
‫آئيني ترميم‬
‫ت‬
‫اٺين‬
‫ت‪ -‬تتت‬
‫ورثو‬
‫تتت‬

‫ڪنهن به سياسي موضوع تي لکڻ تمام گهڻو ۽‬
‫ڏکيو مرحلو هوندو آهي‪ .‬ڇو ته سياست ۾ هر لفظ کي‬
‫هزارين ويس ۽ معنائون پهرائي اختلفن جو بهانو تلش‬
‫ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬ليڪن اسان جي ملڪ ۾‪ ،‬۽ ان جي‬
‫سياسي نظام ۾ ”اٺين آئيني ترميم“ هڪ اهڙو آئيني ۽‬
‫سياسي مسئلو آهي‪ ،‬جنهن ذريعي اختيار جي مرڪزيت‬
‫۽ اقتدار کي بچائڻ ۾ طول ڏيڻ جي لءِ عوامي حقن‬
‫م) ۾ بند ڪيو ويو ۽ ان طبقي جا باقي رهيل‬
‫جو ساهه ُ‬
‫چهرا ان صورتحال کي منافقي ۽ تضادي سياست سان‬
‫برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ آزاد پارليامينٽ جي عالمي‬
‫حقيقت کان به منڪر ٿيا بيٺا آهن‪ .‬اهوئي سبب آهي ته‬
‫”اٺين آئيني ترميم“ جي اثرات کي سڄي پاڪستاني‬
‫عوام محسوس ڪيو آهي‪ ،‬۽ جمهوريت پسند پاڪستاني‬
‫عوام ۽ سياسي ڌريون ان صورتحال کي جلد از جلد‬
‫ختم ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿيون‪ .‬اها هڪ حقيقت آهي ته‬
‫عوام جا حق غضب ڪندڙ طالع آزمائن جي پوکيل ٻني‬
‫جو فصل معصوم ۽ مجبور عوام کي لڻڻو پوندو آهي‪.‬‬
‫مقدمه ابن خلدون جي ورق گرداني ڪريون يا روم جي‬
‫سلطنت جي زوال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون‬
‫يا ٽوائن بي جي تاريخ کي پڙهون يا وري پاڪستان جي‬
‫سياسي تاريخ کي سمجهون ته مٿيون ئي نتيجو نڪري‬
‫سگهندو‪ ،‬قيام پاڪستان کان پهريون برطانوي سامراج‬
‫پنهنجي قائم ڪيل استحصالي نظام ۾ اهڙن ئي‬
‫عناصرن ۽ اجاره دار طبقن جي پنهنجي مطلب ۽ مقصد‬
‫لءِ عوام تي مسلط ڪيو‪ ،‬ان کان پوءِ مستقل طور‬
‫اهي طبقا مونجهارن واري سياست اندر زهر آميز‬
‫فصل پوکيندا رهيا آهن‪ ،‬۽ غير جمهوري روين کي فروغ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪259‬‬

‫ڏيڻ لءِ هر حربو استعمال ڪيو آهي‪ ،‬اهو ئي سبب آهي‬
‫جو پاڪستان جي ٺهڻ جي چند سالن اندر ملڪ ۾‬
‫فوجي آمريت ڪنڌ کنيو ۽ ملڪ کي ”بي آئين“ بنائيندا‬
‫رهيا‪.‬‬
‫وقفي وقفي ۾ ‪ 20‬سالن جي طويل عرصي تائين‬
‫عوام جا حق غضب ڪندا رهيا‪ .‬غير نمائنده حيثيت سان‬
‫فوجي ڊسيپلين جي اصولن مطابق ليڪن‪ ،‬شهري زبان‬
‫۾ غير جمهوري اقدامات جي ذريعي ڪيترائي‪ ،‬معاشي‬
‫۽ معاشرتي مسئل پيدا ڪيا‪ ،‬هڪ اهڙو مسئلو ‪1973‬ع‬
‫جو متفقه جمهوري ۽ اسلمي آئين آهي‪ .‬ضياء الحق‬
‫حڪومت جي دؤر ۾ بغير ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي‬
‫آئين کان هٽي ڪري اقدامات کنيا ويا جو قائم ڪيل‬
‫نظام قابل عمل نه رهيو آهي‪1973 .‬ع جي آئين ۾‬
‫پهريون دفعو اهو تسليم ڪيو ويو ته مملڪت جو‬
‫سرڪاري مذهب اسلم هوندو‪ ،‬اسلمي نظرياتي‬
‫ڪائونسل جوڙي ويئي‪ .‬ان ڪائونسل جي رپورٽ تي‬
‫پارليامينٽ ۾ بحث مباحثو ٿيو‪ .‬اهڙيءَ طرح بتدريج‬
‫قانونن کي اسلمي بنائڻ جي ڪوشش ۾ وقت جي‬
‫حڪومت رڌل رهي‪ ،‬ليڪن ضياءَ دؤر ۾ اٺين ترميم جي‬
‫وسيلي آرٽيڪل ‪) 270‬الف( جو اضافو ٿيو ۽ ان تحت‬
‫مارشل ل جي سڀني احڪامات موجب فوجي عدالت‬
‫جي فيصلن کي آئيني تحفظ ڏنو ويو‪ .‬هينئر صورتحال‬
‫هيءَ آهي ته آرٽيڪل ‪ 2‬۽ ‪) 2‬الف( ۾اسلم جي‬
‫بالدستيءَ کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ آرٽيڪل ‪270‬‬
‫)الف( ۾مارشل ل جي اقدامات کي تحفظ حاصل آهي‪،‬‬
‫اهوئي سبب آهي جو عوامي حڪومت کي عوام سان‬
‫ڪيل وعدن کي پوري ڪرڻ جي لءِ انقلبي قانون‬
‫سازي ڪرڻ لءِ آئين ۾ آندل اٺين ترميم روڪي رهي‬
‫آهي‪ .‬ٻي ڳالهه ”ورهايل عوامي فيصلو“ سياسي تاريخ‬
‫۾ ملڪ اندر پهريون دفعو مرڪز ۽ صوبن ۾ ٻين پارٽين‬
‫جون حڪومتون ٺهيون‪ .‬ان کان سواءِ صدر پاڪستان‬
‫کي وزير اعظم مقرر ڪرڻ جو اختيار به ان عوام‬

‫‪260‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫دشمن اٺين آئيني ترميم جو ڪيل گند آهي‪ ،‬ان لحاظ‬
‫يحي خان جي آندل مارشل ل ضياء‬
‫کان ايوب خان ۽‬
‫ٰ‬
‫الحق جي مارشل لءِ مختلف ثابت ٿي آهي‪ .‬ڇو ته‬
‫مٿين ذڪر ڪيل پهرين ٻن فوجين جي آمريت ۽ مارشل‬
‫اعلي‬
‫لئن کي قانوني طرح سان چيلينج ڪيو ويو‪.‬‬
‫ٰ‬
‫عدالتن ۾ مقدما دائر ڪيا ويا‪ .‬عاصم جيلني ڪيس ۽‬
‫يحي خان کي غاصب قرار ڏنو ويو‪ ،‬ليڪن اٺين آئيني‬
‫ٰ‬
‫ترميم ذريعي ضياء الحق جي اقدامات کي آئيني تحفظ‬
‫ملي ويو‪ .‬بقول اقبال آخوند صاحب جي ته ”اٺين آئين‬
‫ترميم منٽو مارلي اصلحات جي ٻي شڪل آهي‪ ،‬جنهن‬
‫زريعي ملڪ ۾ ٻه اٿارٽيز ”قوتون“ تخليق ڪيون وين‬
‫آهن‪ .‬هيءَ ترميم سابقه حڪومت جي وقتي ضرورت‬
‫تحت سامهون آندي ويئي هئي‪ .‬ترميم پارليامينٽ تي‬
‫براه راست حملو آهي‪ .‬صدر ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾‬
‫اختيارات جي ورهاست جي ڪوشش ڪئي وئي‪.‬‬
‫‪1972‬ع جو آئين پنهنجي اصلي صورت ۾ ملڪ جي لءِ‬
‫مفيد آهي‪ .‬اگر نه ته پوءِ متفقه آئيني فارمولو سامهون‬
‫اچڻ ضروري آهي‪.‬‬
‫هيءَ ته هيو حڪومتي مؤقف پر پاڪستان جو عام‬
‫عوام ۽ جمهوريت پسند عوام به اهو چڱي طرح‬
‫سمجهي چڪو آهي ته اٺين ترميم جنهن حڪومت جي‬
‫ايوان اندر ٻه عملي پيدا ڪئي آهي‪ ،‬ان جو گهڻي قدر‬
‫توازن صدر مملڪت جي حق ۾ وڌيڪ آهي ۽ اهو به ته‬
‫عوامي حقن جي لءِ پنهنجي مسئلن جي خلف آهي ۽‬
‫بدقسمتي سان سي‪.‬او‪.‬پي ان صورتحال جي جيئن تيئن‬
‫برقرار رکڻ جي لءِ ملڪ اندر صرف هڪ سال جي‬
‫مختصر عرصي ۾ ايجيٽيشن واري سياست شروع‬
‫ڪري ڏني آهي‪ ،‬۽ عام ووٽرس طرفان عائد ٿيل فرضن‬
‫جي پورائي ۽ جمهوري عمل جي فروغ بجاءِ حڪومت‬
‫جي تبديلي‪ ،‬مرڪزيت خلف بغاوت ۽ ملڪ جي منتخب‬
‫وزير اعظم کي ”غدار ۽ دشمن“ هئڻ تائين جا الزامات‬
‫عائد ڪري رهيا آهن‪ ،‬نواز شريف تازو پنجاب جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪261‬‬

‫مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تقريرون ڪندي جهڙيءَ طرح‬
‫سياسي عدم بصيرت جو ثبوت ڏنو آهي‪ .‬ان مان صاف‬
‫ظاهر آهي ته آءِ‪.‬جي‪.‬آءِ جي سربراهن جو رويو جارحانه‬
‫۽ غير مصالحانه آهي‪ ،‬ايستائين جو سانئڻ وزير اعظم‬
‫بي نظير ڀٽو جي سرتاج آصف علي زرداريءَ کي مسٽر‬
‫ٽين پرسنٽ قرار ڏنو‪ ،‬دانسته طور تي سي‪.‬او‪.‬پي‬
‫محاظ آرائيءَ طرف وڌي رهي آهي ته جيئن ماڻهو‬
‫پريشان رهن‪ ،‬سندن جمهوريت ۾ ويساهه ختم ٿئي‪.‬‬
‫ملڪ جو حشر خراب ٿئي ته جيئن جنرل اچي ۽ مارشل‬
‫ل لڳو ڪري ڇو ته غير سياسي ۽ بي بصيرت ماڻهن‬
‫کي جمهوريت ۾ اڀرڻ جو موقعو نٿو ملي‪ ،‬جڏهن ته هو‬
‫آمريت ۾ وڌيڪ محفوظ رهن ٿا‪ .‬سي‪.‬او‪.‬پيءَ جي انتها‬
‫پسندن کي خبر آهي ته هو حڪومت ڪونه جوڙي‬
‫سگهندا‪ ،‬هن وٽ پنج ته پرائيم منسٽر ٿيڻ جا اميدوار‬
‫آهن‪ .‬ڇهه ست ڪامرس ۽ انڊسٽريز وزارت جا اميدوار‪،‬‬
‫اهڙا ماڻهو ملڪ جي لءِ ڪينسر جي حيثيت رکن ٿا‬
‫جيڪي پنهنجي مفاد‪ ،‬روايتن ۽ ثقافتن جي ڀڃڪڙي ڪن‬
‫ٿا‪ .‬ڪارو ناڻو ڊرگ مافيا هنن جون علمتون آهن‪ .‬حيرت‬
‫جي ڳالهه اها آهي ته جمهوريت دشمني جي پوائنٽ‬
‫ڪري نواز شريف ۽ سي‪.‬او‪.‬پي جا ٻيا ڪرتا ڌرتا پنجاب‬
‫عوام جي پليٽ فارم تان صوبائي خودمختياريءَ جا‬
‫مطالبا ڪري رهيا آهن‪ .‬تاريخ جي ڪيڏي نه ستم‬
‫ظريفي آهي؟ ڪيڏو نه ظلم آهي ته هڪ وڏي صوبي‬
‫اندر پنهنجي ثقافتي روايتن کي ٽوڙي جمهوريت‬
‫دشمنيءَ جي مخالفت ۾ ايم‪.‬ڪيو‪.‬ايم وارن کي صوبي‬
‫۾ گهرائي فرقيواريت ۽ لساني ڇڪتاڻ جي ابتدا ڪئي ۽‬
‫ٻج پوکيو آهي‪.‬‬
‫ان صورتحال کان سواءِ سال ‪1990‬ع جا پهريان‬
‫ٽي مهينا جن لءِ چيو وڃي ٿو ته سياسي لحاظ کان‬
‫خطرناڪ آهن‪ ،‬اهو هڪ تاثر آهي جيڪو اٺين آئيني‬
‫ترميم جي نتيجي ۾ باقي رهيل آهي ۽ متحده حزب‬
‫اختلف ان صورتحال مان وڌيڪ فائدو وٺڻ چاهي ٿي‪،‬‬

‫‪262‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اندازو اهو ئي آهي ته انهن مهينن ۾ سي‪.‬اُو‪.‬پي پنهنجي‬
‫ايجيٽيشن واري مهم وڌيڪ زور شور سان هلئي ڪونه‬
‫ڪو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهيندا‪ .‬اهو ئي سبب آهي جو‬
‫گذريل چند ڏينهن کان متحده حزب اختلف جي مختلف‬
‫مصطفي‬
‫اڳواڻن جا بيان سامهون آيا آهن‪ .‬مسٽر غلم‬
‫ٰ‬
‫جتوئي چيو آهي ته وزير اعظم کي ‪ 20‬مارچ کان اڳ‬
‫اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو ڇو ته صدر طرفان وزير‬
‫اعظم کي نامزد ڪرڻ جا اختيار ان ڏينهن ختم ٿين ٿا‪.‬‬
‫مصطفي صاحب اهو به چيو ته‬
‫پر ان سان گڏ غلم‬
‫ٰ‬
‫قطعي نموني ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر آئيني ماهر‬
‫ان لءِ ويهاريا ويا آهن‪ .‬صورتحال هيءَ آهي ته ‪ 20‬مارچ‬
‫‪1990‬ع ان تاريخ جو دستور پاڪستان جي روءِ سان‬
‫چند آئيني اقدامات کڻڻ ضروري آهن‪ .‬آئين جي منظور‬
‫آرٽيڪلس )‪ 91 (2‬۽ )‪ 2‬الف( ‪ 91‬آهن جن ۾ چيو ويو‬
‫آهي ته پاڪستان جو صدر پنهنجي صوابديده جي‬
‫مطابق قومي اسيمبليءَ جي ڪنهن اهڙي ميمبر کي‬
‫جو هن جي راءِ ۾ اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن جي‬
‫اڪثريت حمايت حاصل ڪرڻ جو امڪان رکي ٿو‪ .‬ان‬
‫کي وزيراعظم مقرر ڪري سگهي ٿو‪ .‬ان لحاظ کان‬
‫آئين جي مٿين فقرن جي مطابق قومي اسيمبليءَ جو‬
‫هڪ اجلس ‪ 20‬مارچ ‪1990‬ع کان پوءِ يڪدم گهرائڻ‬
‫ضروري آهي‪ .‬مگر ان اجلس ۾ ڪاروائي ۾ نتيجن جي‬
‫باري ۾ آئيني ماهرن جي راءِ ۾ اختلف آهي‪ ،‬چند‬
‫ماهرن جي راءِ ۾ ته هن اجلس ۾ موجوده وزيراعظم‬
‫کي نئين سر اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻو پوندو‪.‬‬
‫جڏهن ته ٻيا اهل راءِ چون ٿا ته‪ ،‬وزيراعظم منتخب ٿي‬
‫آئي آهي ان ڪري هن کي وڌيڪ اظهار حمايت جي‬
‫بلڪل ضرورت نه رهي آهي‪ .‬ان کانسواءِ چند ماهرِ‬
‫قانون جو خيال آهي ته ‪ 20‬مارچ ‪1990‬ع صدر جا سڀ‬
‫مرضيءَ وارا اختيار ۽ وزيراعظم کي نئين سر اعتماد‬
‫جو ووٽ حاصل ڪرڻ جو اختيار وغيره صدر هٿان‬
‫کسجي ويندا‪ ،‬جڏهن ته وري آئين جي ٻين ماهرن جو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪263‬‬

‫خيال آهي ته ان تاريخي صدر صرف پنهنجي هڪ اختيار‬
‫)يعني پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به اسيمبلي جي‬
‫ميمبر کي وزير اعظم مقرر ڪرڻ( جي اختيار کان‬
‫محروم ٿي ويندو ۽ هن جا ٻيا اختيار برقرار رهندا‪ .‬جيئن‬
‫جيئن ‪ 20‬مارچ جي تاريخ ويجهي ايندي پئي وڃي‪،‬‬
‫قياس آرائيون ۽ قانوني ڏکيائن جو سلسلو ڊگهو ٿيندو‬
‫پيو وڃي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو سانئڻ وزير اعظم تازو‬
‫اعلن ڪيو آهي ته حڪومت مڊٽرم انتخابات کان خائف‬
‫نه ٿيندي‪ ،‬ليڪن اسين سمجهون ٿا ته اهو قوم ۽ ملڪ‬
‫جي حق ۾ بهتر نه ٿيندو‪ ،‬ان ڳالهه جو به امڪان آهي‬
‫ته مٿي بيان ڪيل قانوني ۽ آئيني تشريحات ۽ وضاحت‬
‫لءِ حڪومت عدالت طرف رجوع ڪري‪ ،‬حالنڪه آئيني‬
‫مسئلن کي پارليامينٽ اندر ئي بحث مباحثي سان حل‬
‫ڪري سگهجي ٿو‪ ،‬پر هڪ پاڪستان جي اها وڏي‬
‫بدقسمتي آهي پارليامينٽ جا اختيار عدالت طرف‬
‫منتقل ٿيندا رهيا آهن‪ ،‬اها ڪا نئين روايت نه ٿيندي‪،‬‬
‫مولوي تميز الدين ڪيس کان اڄ ڏينهن تائين آئيني‬
‫معاملت لءِ عدالت طرف رجوع ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو ته‬
‫موجوده حزب اختلف جن ۾ ڪيترا اڳواڻ اهڙا آهن‪.‬‬
‫جن ۾ ايم‪.‬آر‪.‬ڊي جو پليٽ فارم تان صوبائي‬
‫خودمختياريءَ لءِ پاڻ ۾ معاهدو ڪيو‪ .‬اٺين آئين ترميم‬
‫جي خاتمي لءِ ڪوشان رهڻ جو اعلن ڪيو هو‪ .‬ليڪن‬
‫هڪ سال جي عرصي ۾ هو عوام سان ڪيل وعدن تي‬
‫قائم نه رهي سگهيا ۽ آزاد پارليامينٽ جي تصور کي هو‬
‫حڪومت سان ڪنهن به طرح سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي‬
‫لءِ تيار نه آهن‪ .‬سي‪.‬او‪.‬پيءَ ٻيو جيڪو ڦڏو ملڪ اندر‬
‫ڦهليو آهي اهو آهي مشترڪ مفادات ڪائونسل جو‬
‫اجلس‪ .‬عوام کي انهن ڳالهين کان باخبر رکڻ ضروري‬
‫آهي ورنه عوام کي ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار ٿي‬
‫هي جاني ۽ افراتفريءَ واري سياست جو حصو ۽ شڪار‬
‫نه ٿي وڃن‪1972 .‬ع آئين جي آرٽيڪل ‪ 152‬تحت وزير‬
‫اعظم صدر مملڪت کي اهو مشورو ڏئي سگهي ٿي ته‬

‫‪264‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مشترڪ مفادات جي ڪائونسل قائم ڪئي وڃي‪ .‬آئين‬
‫تحت مشترڪ مفادات ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ چئني‬
‫وزيراعلي وفاقي حڪومت جا چار ميمبر جن‬
‫صوبن جا‬
‫ٰ‬
‫کي وزيراعظم نامزد ڪندي اگر وزيراعظم ڪائونسل‬
‫جي چيئرپرسن به پاڻ هوندي‪ .‬اختلفن ۽ مسئلن کي‬
‫ختم ڪرڻ جو اهو هڪ جمهوري طريقو جيڪو ‪1972‬ع‬
‫جي آئين ۾ درج آهي‪ .‬پر سي‪.‬او‪.‬پي جيڪا پاڻ انتهائي‬
‫ڪريل ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪري رهي آهي‪ ،‬اها هن‬
‫موقعي تي مشترڪ مفادات ڪائونسل جي اجلس جو‬
‫مطالبو هڪ بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي لءِ ڪري‬
‫رهي آهي‪ ،‬اگر کين صوبن جا مفادات ۽ عوامي امنگن ۽‬
‫جذبن جو ايترو خيال هجي ها ته پوءِ هو جمهوري انداز‬
‫۾ صوبائي رابطا ڪميٽيءَ جي اجلس جو بائيڪاٽ نه‬
‫ڪن ها‪.‬‬
‫سڄي دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جي‬
‫پارليامينٽ جو ٻيو ايوان سينيٽ اهو واحد ادارو آهي‪،‬‬
‫جنهن ۾ اقتدار تي فائز جماعت جا صرف ٻه ميمبر‬
‫موجود آهن‪ .‬باقي سڄو لڏو مخالف ڌر جو آهي‪ .‬آئين‬
‫‪1972‬ع تحت مشترڪ مفادات ڪائونسل جي ڪنهن‬
‫فيصلي کي غير مطمئن ٿيڻ جي صورت ۾ مسئلو‬
‫پارليامينٽ جي مشترڪ اجالس ۾ پيش ڪري سگهجي‬
‫ٿو‪ .‬اسين سمجهون ٿا ته مشترڪ اجلس ۾ اگر‬
‫بلوچستان صوبي گيس متعلق يا سرحد صوبي بجليءَ‬
‫جي متعلق يا سنڌ صوبو تيل جي رائلٽيءَ متعلق ڪي‬
‫اختلفي مسئل آڏو آندا ته پوءِ جيترو نقصان پنجاب‬
‫صوبي جي عوام کي پهچندو‪ ،‬ان کان نواز شريف‬
‫صاحب بخوبي واقف آهن‪ .‬پر جنگ ۽ محبت جي مثال‬
‫وانگر ته اکيون ٻوٽي سڀڪجهه جائز آهي‪ .‬ليڪن‬
‫سياست ۽ عوامي سياست ۾ اکيون ٻوٽي يا اکين تي‬
‫پٽي ٻڌي سياست ڪرڻ لءِ ڪابه جڳهه نه هوندي آهي‪.‬‬
‫پنجاب جي عوام کي آبادي جي گهڻائيءَ جي لحاظ کان‬
‫جيڪي سهوليتون ۽ مالي پوزيشن حاصل آهي‪ ،‬نواز‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪265‬‬

‫شريف صاحب پنهنجي مخصوص مفادات تحت ان کان‬
‫محروم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ جمهوري حڪومت ۽ وزير‬
‫اعظم جهڙي منصب کي غدار چوڻ جا ملڪ دشمن يا‬
‫پنجاب دشمن چوڻ تي ساڻس مٿان ڪابه آئيني‬
‫رڪاوٽ يا پابندي نه آهي‪.‬‬
‫آخر ۾ مان اپيل ڪندس عوام دوست جمهوريت‬
‫پسند ۽ ملڪ جي خير خواهن کي ته هو انهن حرڪتن‬
‫تي نظر رکن‪ ،‬۽ غيرجمهوري قوتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ‬
‫طاقتور ۽ مضبوط ٿين‪.‬‬

‫‪266‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫گورنر جو راڄ ۽ سندس ٻه اوليتي‬
‫ايجنڊائون‬
‫يورپ جي شاهوڪار گهراڻن ۾ ٻارن جي پرورش‬
‫لءِ گورنيس ”‪Governess‬و جي مدد ورتي ويندي‬
‫آهي‪ .‬والدين پنهنجي معصوم اولد کي گورنيس جي‬
‫حوالي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي آزاد ۽ هلڪو ڦلڪو‬
‫محسوس ڪندا آهن‪ .‬اولد جي ذهن ۾ به شايد اها‬
‫ڳالهه گهر ڪري وڃي ٿي ته ماءُ کان کير بخشرائڻ جي‬
‫ڪابه ضرورت نه آهي‪ .‬دٻن ۾ بند ٿيل کير پيئندڙن جي‬
‫ته ٻي ڳالهه آهي‪ .‬البت جن پنهنجي ماءُ جو کير پيتو‬
‫هوندو اهي ان کير جو حق ضرور ادا ڪندا آهن‪ .‬سنڌ‬
‫اهڙو ٻار آهي‪ ،‬جيڪو جمهوريت کي پنهنجي ماءُ‬
‫سمجهي ٿو‪ .‬هن ٻار جي ماءُ ڏٻري ئي سهي‪ ،‬ڪمزور ۽‬
‫بيمار ئي سهي‪ ،‬سندس ٿڃ سڪي ويل ئي سهي‪ ،‬ٻار‬
‫وري به ان جي مامتا جي ڇانءَ ۾ ئي رهڻ چاهيو ٿي پر‬
‫اقتداري گهر جي وڏڙن هن ٻار کي ماءُ کان ڌار ڪري‪،‬‬
‫”آيا“ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫‪1973‬ع جي آئين ۾ گورنر راڄ جو نسخو رکيل‬
‫آهي‪ ،‬جنهن کي پهريون دفعو بلوچستان صوبي ۾ آزمايو‬
‫ويو‪ .‬گورنر راڄ ڪيترو جمهوري اُپاءُ آهي‪ .‬ان بحث ۾ نه‬
‫پوندي اسين فقط اهوئي چونداسين ته اهو بهرحال‬
‫هڪ آئيني اُپاءُ ضرور آهي‪ .‬پر ان جي باوجود اهو فرض‬
‫ڪري سگهجي ٿو ته آئين جي دائري ۾ رهندي جيڪو به‬
‫آپشن يا قدم کنيو وڃي ٿو‪ ،‬اهو جمهوريت جي حق ۾‬
‫ئي وڃي سگهي ٿو‪ .‬اها البته سنڌ جهڙي حساس صوبي‬
‫لءِ اهو ڪيترو فائديمند آهي‪ .‬ان جو تعين ۽ هن راڄ جي‬
‫نتيجن جي ڪٿ مستقبل جو تاريخدان ڪندو‪ .‬جيڪڏهن‬
‫ان راڄ کي گهڻو عرصو هليو ويو ته اها ڳالهه واضح‬
‫آهي ته ان سان وڌيڪ ڏکيا مسئل پيدا ٿيندا‪ .‬هن ئي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪267‬‬

‫هفتي ۾ سنڌ ۾ فوجي عدالتن به ڪم شروع ڪري ڏنو‬
‫آهي‪ .‬صدارتي آرڊيننس تحت انهن عدالتن ۾ فائرنگ‪،‬‬
‫چاڪنگ‪ ،‬گاڏيون کسڻ‪ ،‬ڀتو وصول ڪرڻ‪ ،‬غير قانوني‬
‫طور تي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ ۽ دهشتگردي ۾ ملوث‬
‫ڏوهارين تي ڪيس هليا ويندا‪ .‬انهن عدالتن جو قيام‪،‬‬
‫عدالتن ۾ اپيل جو حق يا شهري انتظاميه جو ڪردار ڇا‬
‫هوندو ۽ ڇا هئڻ کپي‪ .‬قانوندان ان ڏس ۾ سنجيده رايا‬
‫پاڻ وٽ رکن ٿا‪ .‬هڪ استاد‪ ،‬سماجي ڪارڪن جي‬
‫حيثيت ۾ پنهنجي پڙهندڙ کي اها آگاهي ڏيڻ مان پنهنجو‬
‫سماجي فرض سمجهان ٿي ته عوام جو ان صورتحال‬
‫طرف ڪهڙو رخ ۽ رويو آهي‪ .‬سڀني سياسي ليڊرن جا‬
‫بيان مٿئين صورتحال متعلق هڪجهڙا آهن ۽ اهي ان‬
‫کي غير آئيني مارشل ل‪ ،‬آئيني مارشل لءِ ۽ سول‬
‫مارشل ل وغيره سڏي رهيا آهن‪ .‬اهي اسان لءِ نوان‬
‫لفظ نه آهن‪ .‬ڇو ته اهي اصطلح اسين وڏي عرصي‬
‫کان ٻڌندا پيا اچون‪ .‬عوام کي معاشي ۽ سماجي فائدو‬
‫پهچائڻ‪ ،‬انصاف ڀري زندگي ميسر ڪرڻ‪ ،‬زندگيءَ جو‬
‫تحفظ ڏيڻ‪ ،‬روزگار‪ ،‬امن‪ ،‬انصاف تعليم ۽ صحت جا حق‬
‫۽ سهوليتون جمهوريت ۾ ئي ممڪن هونديون آهن‪.‬‬
‫آمريت ته آمريت هوندي آهي پر افسوس جو جمهوري‬
‫دؤر ۾ به اهو سڀ ڪجهه عوام تائين پهچي نه سگهيو‬
‫آهي‪ .‬عوام کي ايترو ته وائڙو ڪيو ويو آهي جو اهو‬
‫جمهوريت ۾ مارشل لءِ ۽ مارشل لءِ ۾ جمهوريت کي‬
‫ياد ڪري ٿو‪ .‬ڇو ته انهن ٻنهي نظامن ۾ عوام سان‬
‫انصاف نه ٿي سگهيو آهي‪ .‬آمريت ۾ مراعات يافته‬
‫اقليت ۽ جمهوريت ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار گروهه‬
‫اقتدار تي قابض رهيا آهن‪.‬‬
‫گورنر جي ايجنڊا تي بظاهر ٻه اسم ترجيحي‬
‫بنيادن تي ڏسجن ٿا‪ .‬هڪ امن امان ۽ ٻيو تعليم‬
‫دهشتگردن خلف انصاف تي مبني شفاف ڪارواين‬
‫جي هر شخص حمايت ڪندو‪ .‬ڇو ته شهرين جي‬
‫اڪثريت پڙهيل‪ ،‬مهذب ۽ امن پسند آهي‪ .‬پر هتي‬

‫‪268‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫بدقسمتيءَ سان هڪ اهڙو عنصر به مضبوط ٿي چڪو‬
‫آهي‪ .‬جيڪو ”طاقت“ جي استعمال تي يقين رکي ٿو ۽‬
‫انسانن جي قتل سان سياست به چمڪائي ٿو ته ان‬
‫مان لذت به حاصل ڪري ٿو‪ .‬ڪراچيءَ ۾ غير قانوني‬
‫طور تي آباد پناهگيرن به امن امان جو مسئلو وڌايو‬
‫آهي‪ .‬اهڙن غير قانوني طور تي ايندڙ ‪ 50‬لک ماڻهن‬
‫کي ديده دليري سان آباد ڪرڻ ۾ مقامي ادارا ئي مدد‬
‫ڪندا رهيا آهن‪ .‬ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غير‬
‫قانوني شناختي ڪارڊ‪ ،‬پاسپورٽ ۽ ڊوميسائل رد ڪيا‬
‫وڃن‪ .‬اهڙن ادارن مان نااهل ۽ دهشتگردن سان مليل‬
‫مافيائي آفيسرن ۽ ملزمن کي هٽائي ايماندار آفيسر‬
‫مقرر ڪيا وڃن‪ ،‬غير قانوني طور رهائش پذير ماڻهن‬
‫کي قانوني گرفت ۾ آڻي انهن کي اصل ملڪن ۽ پرڳڻن‬
‫ڏانهن واپس اماڻيو وڃي‪ .‬ڏٺو ويو آهي ته ڀارت‪،‬‬
‫بنگلديش‪ ،‬سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن کان ماڻهو هتي اچن‬
‫ٿا ۽ ڪجهه عرصو مٽن مائٽن وٽ رهي پوءِ ويزا‬
‫پاسپورٽ ڦاڙي هتي ئي آباد ٿين ٿا‪ .‬اها لڏپلڻ ٻين‬
‫صوبن مان به ٿي رهي آهي‪ .‬تنهنڪري لڏپلڻ وارن‬
‫محڪمن کي سخت ڊسيپلين ۾ آندو وڃي‪1995 .‬ع ۾‬
‫رجسٽريشن کاتي جي هڪ سابق ڊائريڪٽر جنرل‬
‫طرفان نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي اخبارن ۾ هڪ‬
‫تفصيلي رپورٽ شايع ٿي ته وفاقي حڪومت جي‬
‫رجسٽريشن کاتي پاران باقاعدي جاچ پڙتال ڪري‬
‫ٺوس ثبوت حاصل ڪري اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي‬
‫گرفتار ڪيو ويو‪ ،‬جيڪي بعد ۾ سياسي دٻاءَ تحت آزاد‬
‫ٿيا‪ .‬هڪ شهري تنظيم جا ست ميمبر غير قانوني طور‬
‫تي ‪1983‬ع ۾ اچي هتي آباد ٿيا هئا‪1985 .‬ع ۾ سندن‬
‫ٻه چونڊيل ايم‪.‬پي‪.‬اي غير قانوني پرڏيهي ثابت ٿيا‪ .‬ان‬
‫ڊائريڪٽر جنرل اهو به ٻڌايو ته هن غير قانوني شناختي‬
‫ڪارڊن جي حوالي سان هڪ جامع رٿا تيار ڪري‬
‫حڪومت آڏو رکي هئي‪ .‬پر ان کي پذيرائي نه ملي‬
‫سگهي‪ .‬شايد ان وقت جي حاڪمن کي ڪراچي ۽ ملڪ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪269‬‬

‫کي درپيش هن سنگين مسئلي جو ايڏو احساس نه ٿيو‬
‫هوندو‪.‬‬
‫آدم شماري هجي‪ ،‬يا پنجاب ۾ تعليمي ادارن جو‬
‫ماحول سڌارڻو هجي‪ .‬موٽر وي هجي يا واپڊا جو انتظام‬
‫هجي‪ ،‬پي‪.‬آءِ‪.‬اي جا جهاز هجن يا اسٽيل ملز جو اجگر‬
‫جيڏو آڏاڻو هجي‪ ،‬هر شعبي جو انتظام هلئڻ لءِ‬
‫عسڪري خوف جي نفسيات جو استعمال لزمي بنايو‬
‫پيو وڃي ۽ هر هنڌان سويلين انتظاميائون موٽ کائي‬
‫رهيون آهن‪ .‬مهذب سوسائٽي ۾ جيڪي اسم بغير‬
‫ڪنهن خوف‪ ،‬دٻاءَ يا رعب جي ٿيڻ کپن‪ ،‬تن جي ڏس ۾‬
‫هتي عسڪري خوف جو استعمال معاشري لءِ ضروري‬
‫بڻايو ويو آهي‪ .‬ان ۾ ڀلي کڻي نيڪ نيتي ئي شامل ڇو‬
‫نه هجي‪ ،‬پر اها ڳالهه سماج کي سخت گير ۽ غير‬
‫لچڪدار روين ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي‪ .‬سياسي‬
‫نظام کي هلئڻ لءِ جمهوري ملڪن ۾ ”سياسي‬
‫مينڊيٽ“ کان وڏي ٻي ڪابه ”پ) ڀرائي“ يا طاقت‬
‫ڪانه هوندي آهي پر هتي سياسي مينڊيٽ کان الئي‬
‫ڇو ڪوبه ڪم ڪونه ٿو پڄي‪ .‬اخباري اطلعن مطابق‬
‫لهور ۾ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي موقعي تي سنڌ‬
‫اعلي کان سندس صوبي ۾‬
‫جي گورنر پنجاب جي وزير‬
‫ٰ‬
‫تعليمي سڌارڻ لءِ ورتل اپائن بابت خيالن جي ڏي وٺي‬
‫ڪئي‪ .‬پنجاب جي وڏي وزير پنجاب ۾ ”ٻوٽي مافيا“ ۽‬
‫ڪاغذي اسڪولن کي ختم ڪرڻ لءِ عسڪري مدد‬
‫حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر ملزمن کي‬
‫کنيو ويو آهي‪ .‬شايد ڪنهن نتيجي تي پهچي سنڌ جي‬
‫گورنر تازو ئي سڀ کان پهرين گهڻي تعداد ۾ اهڙن‬
‫ماسترن کي برطرف ڪيو آهي‪ .‬جن کي مبينه طور غير‬
‫قانوني نموني ڀرتي ڪيو ويو هو يا جيڪي گهر ويٺي‬
‫پگهارون کڻن پيا‪ .‬هتي تعليمي نظام جي نقصن ۽‬
‫ڪمزورين کي سمجهڻ جي ضرورت آهي‪ .‬تباهه ٿيل‬
‫معاشي نظام ۾ مصروف ڪمزور ملزم ئي ڀوڳڻ لءِ‬
‫ڇو اڪيلو رهجي ويو آهي؟ ادارن اندر وڏن منصبي‬

‫‪270‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫فرضن جي ادائگي ڪندڙ خواتين ۽ حضرات احتساب ۽‬
‫اعلي ۽‬
‫سزا جي عمل کان ڇو ٿا پري رکيا وڃن؟ جن‬
‫ٰ‬
‫سياسي حيثيت رکندڙ شخصيتن جڏهن اهڙا غلط فيلص‬
‫ڪيا ٿي ته ڇا انهن کي روڪڻ وارو ڪوبه انتظامي يا‬
‫سياسي هٿ ڪونه هو؟ جمهوري دؤر ۾ جيڪڏهن اهڙا‬
‫فيصل ۽ غير قانوني ڀرتيون نه ڪرڻ ڏنيون وڃن ها ته‬
‫اڄ ماڻهن کي ايڏي وڏي پيماني تي بيروزگاري نه ڀوڳڻي‬
‫پوي ها‪ .‬صرف فائيلن ۾ قائم تعليمي ادارا يا استادن‬
‫جون ڀرتيون ۽ انهن جي پگهارن ۽ فنڊن جا حصا پتيون‬
‫ڪندڙ منظور نظر ماڻهو سياسي ڪوٽا ۽ ڪرپشن جي‬
‫وسيلي اهو سڀ ڪجهه ممڪن ڪري سگهيا آهن‪ ،‬پر‬
‫نشانو اڄ رڳو ڪمزور ئي بنجن ٿا‪ .‬هتي سوال ٿو پيدا‬
‫ٿئي ته اها تعليم جي ڪمزورين کي صرف چند ماڻهن‬
‫جي ڪڍڻ ۽ تبديل ڪرڻ سان بهتر ڪري سگهجي ٿو؟‬
‫اهڙن اپائن سان سياسي حڪومت ۽ گورنر راڄ وچ ۾‬
‫مئنيجمينٽ جو فرق ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ افسوسناڪ‬
‫ئي سهي پر اها ڳالهه پري ٿئي ٿي ته سياسي حڪومتن‬
‫جا ڪرتا ڌرتا اڃا تائين ڪنهن به شعبي جا سٺا مئنيجر‬
‫ثابت ناهن ٿي سگهيا‪ .‬ڇو ته هو سياسي اثر رسوخ جي‬
‫مزاحمت نٿا ڪري سگهن ۽ هنن سڀني ادارن کي‬
‫سياست زده ڪري ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫موجوده سيٽ اپ ۾ اهو قدم کڻي سگهجي ٿو ته‬
‫غلط ڀرتين کي رد ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي نظام جي‬
‫نئين سر اڏاوت ڪئي وڃي‪ .‬مثال طور جيڪڏهن‬
‫حڪومت سرڪاري تعليمي ادارن کي فعال بنائڻ چاهي‬
‫ٿي ته اهو به ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن قانون سازي‬
‫وسيلي سڀني سرڪاري ملزمن کي پابند ڪيو وڃي ته‬
‫اُهي پنهنجي اولد کي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾‬
‫داخل ڏيارين‪ .‬اهو ان ڪري ضروري آهي ته خانگي‬
‫ادارا مالياتي اسٽيٽس جي علمت بنجي ويا آهن‪.‬‬
‫غريباڻي تعليم تباهه آهي ۽ اميراڻي تعليم مهانگي آهي‪.‬‬
‫مهانگي ۽ حقيقي تعليم صرف اهي ئي طبقا حاصل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪271‬‬

‫ڪري سگهن ٿا جن وٽ سرمايو آهي‪ .‬هتي اڪثريتي‬
‫آبادي سٺي تعليم ۽ سٺن ادارن کان محروم رهي ٿي‪.‬‬
‫جڏهن کان نالي جي تبديليءَ سان ملڪ مان ٿرڊ‬
‫ڪلس نالي ۾ ختم ٿيو آهي‪ ،‬تڏهن کان طبقاتي فرق نه‬
‫رڳو وڌيو آهي پر وڌيڪ چٽو به ٿيو آهي‪ .‬تعليمي‬
‫فلسفي جي باني جان ڊيوي جي هدايتن جي ابتڙ هتي‬
‫تعليم به طبقاتي خانن ۾ ورهائجي وئي آهي‪ .‬سنه‬
‫‪2010‬ع تائين ”تعليم سڀني لءِ“ وارو کوکلو نعرو ۽‬
‫اعلن واپس وٺي ڇڏڻ کپي‪ .‬جيڪڏهن حڪومت تعليمي‬
‫شعبو نٿي سنڀالي سگهي ته پوءِ ٻيو حال اهو آهي ته‬
‫ٻين شعبن وانگر تعليم مان به حڪومت کي هٿ ڪڍڻ‬
‫کپن‪ .‬تعليم کي سستو ڪرڻ ۽ معياري تعليم عوام تائين‬
‫پهچائڻ لءِ اُها پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪئي وڃي‪.‬‬
‫جيسين ائين ٿئي تيسين تعليمي بجيٽ کي في مٿو‬
‫قومي آمدنيءَ جي ڇهه سيڪڙو تائين آڻڻ کپي‪ .‬تعليم‬
‫جي نالي تي وصول ٿيندڙ اقرا سرچارج کي تعليم تي‬
‫خرچ ڪرڻ جو اعلن ۽ عمل ٿيڻ کپي‪ .‬بجاءِ ان جي ته‬
‫تعليمي ادارن اندر فيون وڌائي بي پهچ عوام تي بار‬
‫وڌو وڃي‪ .‬ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو تعليم طرف‬
‫منتقل ڪيو وڃي‪ .‬سرڪاري ادارن سان منسلڪ استاد‬
‫لءِ سزا ۽ جزا جو نئون ڪلچر متعارف ڪرايو وڃي‪.‬‬
‫انتظاميه کي ”تعليمي شعور“ ڏيڻ لءِ موجوده قاعدن‬
‫قانونن ۾ تبديليون ڪرڻ کپن‪ ،‬جن ادارن اندر استادن‬
‫جي کوٽ آهي‪ ،‬فوري طور تي انهن ادارن کي استاد‬
‫مهيا ڪري ڏنا وڃن‪ ،‬ملزمن لءِ شهري ۽ ڳوٺاڻن‬
‫الئونسز ۾ يڪسانيت پيدا ڪئي وڃي‪ .‬پبلڪ سروس‬
‫ڪميشن ڪليئر ڪندڙ استادن کي هر صورت ۾ روزگار‬
‫سان لڳايو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ بي روزگار هائوس‬
‫جاب ڊاڪٽرس کي به مستقل ڪيو وڃي‪.‬‬
‫انگريزيءَ جو هڪ قول آهي ”عمل جو هڪ آئونس‬
‫تول جي هڪ ٽن کان وڌيڪ ڳرو هوندو آهي“‪ .‬سمورا‬
‫فيصل ڪرڻ وقت اهو ياد رکڻ کپي ته اڄ جي فيصلن‬

‫‪272‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي اثرن‪ ،‬نتيجن ۽ انهن ۾ موجود دانائي‪ ،‬جي پرک ۽‬
‫ڪٿ ايندڙ دؤر ۾ ڪئي ويندي آهي ته اهي فيصل‬
‫ڪيتري قدر درست ۽ ديرپا ثابت ٿيا‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪273‬‬

‫ڇا ٿو ڪري سگهجي‬
‫ليلي داستانن جهڙو‬
‫دي نيشن ۽ نواءِ وقت ۾ الف‬
‫ٰ‬
‫هڪ داستان ڪجهه ڏينهن پهريون شايع ٿيو آهي‪.‬‬
‫تجسس‪ ،‬پراسراريت ۽ انتهائي دلچسپيءَ سان ڀرپور‬
‫هئي‪ .‬شاهڪار سياست جي ”علي بابن“ جي ڪرتبن‬
‫کي به شرمائي ڇڏي ٿو‪ .‬راوي بيان ڪري ٿو ته يورو‬
‫مني )‪ (Euro money‬نالي هڪ ميگزين لنڊن مان‬
‫ِ‬
‫شايع ٿيندو آهي‪ .‬رسالي جي انتظاميه جي مطابق‬
‫تڏهن مئگزين جون صرف ٽيهه هزار ڪاپيون ڇاپيون‬
‫وينديون آهن‪ ،‬جڏهن ته هفتيوار ”اڪنامسٽ“ جي‬
‫سرڪيوليشن ساڍا ڇهه لک آهي‪ ،‬يورومني يعني غير‬
‫معروف ڪاروباري ميگزين پاڪستان جي ڪنهن به بڪ‬
‫اسٽال تي دستياب نه آهي‪ .‬هن ميگزين سيپٽمبر‬
‫‪2001‬ع ۾ پاڪستان جي هر دل عزيز وزير خانه جناب‬
‫شوڪت عزيز کي سال جو بهترين وزير خزانه جو‬
‫خطاب ڏنو ۽ سندس خوبصورت تصويرن سميت هڪ‬
‫شمارو به شايع ڪيو‪ .‬اهل پاڪستان کي به خبر ڏني‬
‫وئي ته شوڪت عزيز دنيا جو بهترين وزير خزانه قرار‬
‫ڏنو ويو آهي‪ .‬اخبارن ۽ عوام خوشيءَ جو اظهار ڪيو‪،‬‬
‫واپاري برداري استقباليه ڏيڻ شروع ڪيا‪ .‬چيمبرز وارن‬
‫جشن ملهايا‪ .‬شوڪت عزيز صاحب جن تمام‬
‫تعالي‬
‫انڪساريءَ سان فرمايو ته هيءُ سڀ ڪجهه الله‬
‫ٰ‬
‫جي طرف کان آهي‪ .‬هي اعزاز کيس نه پر سڄي ملڪ‬
‫کي مليو آهي‪ .‬هاڻي اچي خبر پئي آهي ته جناب‬
‫شوڪت عزيز کي ان اعزاز لءِ نه صرف کيس‪ ،‬پر‬
‫اوهان کي ۽ اسان جهڙن غريب شهرين کي تقريبا ا هڪ‬
‫ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻو پيا آهن‪ .‬پاڪستان جي وقار وڌائڻ‬
‫۽ اولهه ۾ پنهنجو بهتر تاثر ڇڏڻ لءِ اسان جي وزارت‬
‫خزانه ”يورومني“ جهڙي نامي گرامي ميگزين جو‬
‫انتخاب ڪيو‪ ،‬جنهن مهيني شوڪت عزيز صاحب کي‬

‫‪274‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اهو اعزاز مليو‪ ،‬ان ئي مهيني پاڪستان جي وزارت‬
‫جي خزاني مان رسالي کي ويهن صفحن تي مشتمل‬
‫اشتهاري سپليمينٽ عطا ڪيو‪ .‬ان کان سواءِ پرائيويٽ‬
‫سيڪٽر جي ڪيترن ئي ڪمپنين وسيلي به قيمتي‬
‫اشتهارن جو نذرانو ڏنو ويو ۽ جنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي‬
‫هڪ تقريب ۾ هيءُ اعزاز وزير خزانه جي خدمت ۾‬
‫پيش ڪيو ويو‪ ،‬ان ئي ڏينهن تي مقامي اخبارن کي به‬
‫انتهائي فراخدلي ۽ وسيع قلبيءَ سان مبارڪباد جا‬
‫اشتهار جاري ڪيا ويا‪ .‬تحقيقات ڪرڻ سان معلوم ٿيو‬
‫آهي ته بورڊ آف انويسٽمينٽ جي طرف کان جاري‬
‫ٿيندڙ اشتهارن جي ماليت ‪ 15‬لک رپيا هئي‪ .‬ايڪسپورٽ‬
‫پروموشن بيورو‪ ،‬اسٽيٽ آئل ۽ حبيب بئنڪ به تقريبا ا‬
‫انهن ئي قيمتن تي اشتهار ڏنا‪ .‬مسلم ڪمرشل بينڪ‪،‬‬
‫آءِ‪.‬سي‪.‬آءِ پاڪستان لميٽيڊ ۽ پرل ڪانٽينيٽل هوٽلن به‬
‫پنهنجا پنهنجا اشتهار ڏنا‪ .‬انهن سڀني مجموعي اشتهارن‬
‫جي ماليت جو اندازو ڏيڍ لک آمريڪي ڊالر يعني تقريبا ا‬
‫هڪ ڪروڙ رپيا لڳائي وئي آهي‪ .‬رپورٽ مطابق‬
‫”يورومني“ ميگزين جيڪي اشتهاري قيمتون وصول‬
‫ڪيون‪ ،‬اهي ساڍا ڇهه لک هفتيوار اشاعت رکڻ واري‬
‫”اڪنامسٽ“ ۽ ويهه لک روزانه جي اشاعت رکڻ واري‬
‫اخبار ”والد اسٽريٽ جنرل“ جي مقابلي کان تمام‬
‫گهڻي هئي‪ .‬ڪارڪردگيءَ جو اهو حشر آهي جو‬
‫يورومني ميگزين جي ويب سائيٽ جي مطابق سڄو‬
‫ڪشمير ڀارت جو حصو آهي‪ .‬ان کي چئبو آهي ”اميج‬
‫بلڊنگ“ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ”اميج بلڊنگ“‬
‫لءِ اهڙي طرح جي اشتهاري مهمون هلئڻ جو نادر‬
‫تصور هڪ مشير جي ذهن جو اختراع هيو‪ ،‬جيڪو‬
‫بينظير صاحبه ۽ نواز شريف جي به ويجهو رهيو‪ .‬ان‬
‫دؤر ۾ به اها مشق ٿيندي رهي‪ ،‬پر ٻنهي مان ڪوبه‬
‫بهترين وزير اعظم جو اعزاز حاصل نه ڪري سگهيا ۽‬
‫نه ئي سندن ڪابينا جو ڪو به وزير پنهنجي وزارت جي‬
‫حوالي سان ڪنهن سند جو سودو ڪري سگهيو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪275‬‬

‫سياستدانن جي عهد جون اهڙيون ئي بي اعتداليون‬
‫گناهه ڪبيره بڻجي وينديون آهن‪ .‬اهڙيون ئي لغزشون‬
‫پيشانيءَ تي ڪرپشن جي ڪارن داغن جيان چيڪ‬
‫ڪيون وڃن ٿيون‪ .‬اڄ احتساب بيورو جي فائيلن ۾‬
‫جيڪي ڪهاڻيون شامل حال آهن ۽ جن جي ڪري‬
‫ڪيترا سياستدان زندانن ۽ نااهلين جي گرداب ۾ آهن‪.‬‬
‫اهي ڪي نيون ته نه آهن؟ پر اهڙي هر حڪايت لذيذ تر‬
‫ثابت ٿي وڃي ٿي‪ ،‬جنهن جو پلٽ ڪنهن جمهوري‬
‫حڪومت جي اردگرد اڻيو وڃي ٿو‪ .‬جنهن جو وِلن ڪو‬
‫منتخب وزير اعظم هجي ۽ جنهن جو ڪردار عوام جي‬
‫ووٽن تي ڪُڏندڙ سياستدان هجي‪ .‬انهن نامطلوب‬
‫ماڻهن جي اعمالنامي جي تکائي ۽ تيزگي جڏهن ڪنهن‬
‫حسن“ قرار ڏني‬
‫ٻئي جي زلف تائين ڪري ٿي ته اها ” ُ‬
‫وي ٿي‪.‬‬
‫جناب شوڪت عزيز جي عظيم ڪارڪردگي‪،‬‬
‫جڏهن اسلم آباد جي ايئر ڪنڊيشن ايوان ۾ پنهنجا رنگ‬
‫وکيري ٿي ته تمام وڏا وڏا نال ۽ ماڻهو سحر زده ٿي‬
‫وڃن ٿا‪ .‬ٻئي طرف مهانگائي‪ ،‬غربت‪ ،‬بيروزگاري ۽‬
‫ت خشڪ ڪندا رهن‬
‫ويچارگيءَ جا احساس عوام جو َر ُ‬
‫ٿا‪ .‬ان جي باوجود هر سال ڪنهن نه ڪنهن ”يورومني“‬
‫کي ان کان به وڌيڪ قيمت ادا ڪري بهترين وزير‬
‫خزانه جو اعزاز خريد ڪري سگهجي ٿو‪.‬‬

‫‪276‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ريفرنڊم ۽ پاڪستان ۾ سياسي‬
‫استحڪام وارو خواب‬
‫دنيا ۾ انسان ذات جا اهنج ايذاءَ گهڻي ڀاڱي ساڳيا‬
‫آهن پر وقت ماحول آڏو انهن ۾ تبديليون اينديون رهن‬
‫ٿيون‪ .‬مغرب جي مفڪر ۽ دانشور ”نٽشي“ جا لفظ‬
‫آهن ته تهذيب ۽ تمدن تي سائنسي عملن جو غلبو‬
‫ضرور ٿيو آهي‪ ،‬ليڪن ان جي باوجود بي رحم ۽ وحشي‬
‫قوتن جي جوش ۽ خروش آڏو معقولين جا لفظ بي‬
‫معني ٿيو وڃن ٿا‪ .‬اوهان محسوس ڪيو هوندو ته‬
‫ٰ‬
‫ريفرنڊم جي شور ۽ گوڙ ۾ ڪيترا مسئل ٻڌڻ ۾ ئي نٿا‬
‫اچن‪ ،‬اهو به ريفرنڊم جو ئي حوال ۽ برڪت آهي ته بين‬
‫القوامي طور تي تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن پر‬
‫اسان وٽ خاموشي آهي‪ .‬واپڊا ۽ نيپرا بجليءَ جا اگهه‬
‫وڌائڻ جي چڪر ۾ آهي‪ ،‬پر ريفرنڊم انهن کي روڪي‬
‫رکيو آهي‪ .‬ريفرنڊم جو عمل جمهوري عمل جي‬
‫طاقتور ترين هٿيار مان هڪ آهي‪ .‬جنهن جي سياسي‪،‬‬
‫آئيني ۽ قانوني جواز پاڪستاني عوام کي پريشان ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪ .‬عظيم ليکڪ سعادت حسن منٽو جا لفظ‬
‫آهن ته ”مان پنهنجي سماج کي ڪيئن ٿو وائکو ڪري‬
‫سگهان‪ ،‬جيڪو پنهنجو پاڻ سڄو اگهاڙو آهي‪.‬و هتي مان‬
‫اهو اضافو ڪرڻ چاهينديس ته اسان جو وطن هڪ‬
‫ڊگهي سياسي ۽ قانوني جنگ جي ويڙهه جي نتيجي ۾‬
‫دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو‪ .‬جمهوري ڪلچر ۾ اسان‬
‫جو ساهه ۽ يقين ڪامل آهي‪ .‬ان ڪري اهڙي اهم منزل‬
‫تي غير جانبداري به قومي ڏوهه ۽ غداري ئي ليکي‬
‫وڃي ٿي ۽ جڏهن سياسي فضا ۾ استحڪام نه هوندو‬
‫ته عوام يقينن ملڪ جي مستقبل جي باري ۾ وسوسن‬
‫۽ وهمن ۾ مبتل ٿي ويندو‪ .‬بقول شاعر جي تها‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪277‬‬

‫نه مين سمجها نه تم آئي ڪهين‬
‫سي‪،‬‬
‫پسينه پونچهيئي اپني جبين سي‪.‬‬
‫اصل ۾ ابتدا کان ئي آزادي اسان کي راس نه‬
‫آهي‪ .‬انتشار جي بي ضابطگين ڪري جمهوريت جو‬
‫مقصد ئي فوت ٿي ويو‪ .‬سياسي جماعتون هڪ ٻئي‬
‫جي وجود جون دشمن بڻيون رهيون‪ .‬ها ۾ ها نه ملئڻ‬
‫وارو فرد تاريخ جي هر دؤر ۾ وڏو ڏوهي قرار ڏنو ويو‪.‬‬
‫ائين ڇو ثابت ٿيو آهي ته صرف عوام جون منتخب‬
‫حڪومتون ئي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ سزا وار قرار‬
‫ڏنيون ويون آهن‪ .‬ٻئي طرف نگران حڪومتون پنهنجي‬
‫پنهنجي حوالن سان هن ملڪ جي عوام سان ڪي‬
‫گهٽ ويساهه گهاتيون ڪيون آهن؟ ان تفصيل ۾ وڃڻ‬
‫سان مضمون جو اصل مقصد فوت ٿي ويندو‪ .‬ان ڪري‬
‫ريفرنڊم جي حوالي سان اچون ٿا اصل مقصد طرف‬
‫ڪابه حڪومت يا حڪمران عوام جي تعاون بغير اقتدار‬
‫کي طوالت نٿو ڏئي سگهي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو صدر‬
‫مشرف عوام وٽ وڃڻ پسند ڪيو‪ .‬ملڪ جي مختلف‬
‫حصن ۾ جلسا ڪرڻ شروع ڪيا‪ .‬ڇاڪاڻ ته جمهوريت‬
‫۽ انتخابي ڪلچر ۾ ۽ ان ڏک ۾ قداور سياسي ليڊرن‬
‫جي هميشه ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي‪ ،‬۽ ڏٺو‬
‫اهو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۽ انتخابي يا ريفرنڊم‬
‫جي گهماگهميءَ ۾ مايوس ۽ نااميد ماڻهن جا چهرا‬
‫ٻهڪي ويا آهن‪ .‬ننڍا ننڍا گروپ وڌيڪ فعال ٿي ويا آهن‪.‬‬
‫اهڙيون جماعتون وڌيڪ فعال ۽ صدر صاحب سان‬
‫ويجهڙائي پيدا ڪري رهيون آهن‪ .‬جن جي اميدوارن جو‬
‫‪ 95‬سيڪڙو ضمانتون ضبط ٿيل آهن‪ .‬حالنڪه انهن‬
‫سياسي شوقينن کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته‬
‫صدر پرويز مشرف انهن کان بدظن آهي‪ .‬پر نظريه‬
‫ضرورت تحت برداشت ڪري رهيو ۽ ٻي ڳالهه ته‬
‫عوامي تائيد بغير وقتي ڪاميابي ڪا حيثيت نٿي رکي؟‬

‫‪278‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫”قانوني پائمالي“ نظام جي تبديليءَ طرف بلڪل‬
‫معاون نٿي ٿي سگهي؟ ماڻهن جي شعوري تربيت‬
‫سول سوسائٽيءَ جو اهم فرض رهيو آهي‪ ،‬اها ڳالهه‬
‫وسارڻ جهڙي ته نه آهي پر اهي ننڍا ننڍا گروهه معتبر‬
‫ٿيڻ جو موقعو ڪيئن ضايع ڪندا؟ اهو سوال اهم آهي‪،‬‬
‫بقول شاعر جي ته‬
‫تم فرشتون ڪي بات ڪرتي‬
‫هو‪،‬‬
‫هم ترستي هين آدمي کي‬
‫لئي‪.‬‬
‫ريفرنڊم جي حوالي سان هڪ پيش منظر حقيقت‬
‫جيڪا مون کي بيان ڪرڻي آهي‪ ،‬اها به پنهنجي حيثيت‬
‫۾ سياسي اهميت رکي ٿي‪ ،‬ضلعن جا ناظم پنهنجي‬
‫منصب جي بقا لءِ ريفرنڊم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ وڌيڪ‬
‫معاون ثابت ٿيا آهن‪ .‬اوهان ڏٺو هوندو ته صدر صاحب‬
‫جي جلسن ۾ مٿي ذڪر ڪيل سياسي گروپ اسٽيج تي‬
‫به نظر نه ايندا ۽ نه ڪنهن تقرير جو حصو بڻيا آهن‪.‬‬
‫ليڪن چونڊيل ناظم بهرحال سياست جو حصو آهن ۽‬
‫اهي پنهنجي غير جانبداريءَ کي برقرار رکي نه سگهيا‬
‫آهن‪ .‬سوال صرف اهو آهي ته هڪ طرف حڪومت‬
‫جي وزير قانون ريفرنڊم جي حوالي سان ناظمن جي‬
‫سياسي ڪردار تي ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ ٻئي طرف‬
‫ناظمن کي پنهنجي پنهنجي سياسي جماعتن کان‬
‫شوڪاز ملڻ شروع ٿيا آهن‪ .‬چونڊيل ناظم جيڪي‬
‫جنرل نقوي صاحب جي آئيڊيا پٽاندر ضلعي حڪومتن‬
‫جا سربراهه بڻيا آهن ۽ تمام وڏي محنتن سان ان نئين‬
‫نظام طرف پاڙون پختيون ٿي رهيون آهن‪ .‬اگر اهڙن‬
‫ناظمن خلف ڪنهن به قسم جو حڪومت يا پارٽي‬
‫ليول تي قدم کنيو وڃي ٿو يا ڪو آرڊيننس حرڪت ۾‬
‫اچي ٿو ته ڇا ريفرنڊم کان پوءِ صوبائي يا مرڪزي‬
‫حڪومتن لءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي يا اليڪشني‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪279‬‬

‫بحران پيدا ته نه ٿيندو؟ جنهن تسلسل جي لءِ ريفرنڊم‬
‫ٿي رهيو اهي‪ .‬ان ۾ ڪا ڪمزوري پيدا نه ٿئي ته اهو‬
‫وڌيڪ بهتر ٿيندو‪.‬‬
‫ريفرنڊم جي حوالي سان نه صرف اسان جي‬
‫ناظمن ۽ سياسي جماعتن بلڪه تاريخ جي انهن غير‬
‫محسوس قوتن جي بصيرت جو امتحان آهي‪ .‬جيڪي‬
‫اُن عمل ۾ مڪمل طرح سان سرگرم عمل آهن‪.‬‬
‫اهوئي سبب آهي جو ملڪ جا قانوني ماهر ۽ وڪيل ان‬
‫سلسلي ۾ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽‬
‫ريفرنڊم جي جاءِ تي هو آڪٽوبر جي اليڪشن تي وڌيڪ‬
‫زور ڏئي رهيا آه‪Ô‬ن‪ .‬۽يقين ڏيکاري رهيا آهن ته چونڊيل‬
‫پارليامينٽ صدر پرويز مشرف جي حق ۾ ئي ووٽ‬
‫ڪري کيس ڪامياب ڪندي‪ .‬ڇو ته هن وقت ملڪ جي‬
‫سياست ۾ صدر صاحب جو ڪو متبادل موجود نه آهي؟‬
‫بنيادي طور تي جمهوريت ڏانهن واپسيءَ ۾ نيو ”ورلڊ‬
‫آرڊر“ جو وڏو اهم ڪردار آهي‪ .‬ته جيئن قوم کي هڪ‬
‫مضبوط بااختيار قيادت ميسر هجي‪ ،‬جيڪا اقتصادي‬
‫ترقيءَ تي مڪمل توجهه ڏئي سگهي‪ .‬سڄي دنيا هڪ‬
‫پکيءَ وانگر آمريڪا جي پڃري ۽ چنگل ۾ ڦاٿل آهي‪.‬‬
‫آزاد ۽ نيم آزاد ملڪن جي صورتحال ڪا هڪ ٻئي کان‬
‫گهڻي مختلف نه آهي‪ ،‬جارحيت‪ ،‬توسيع پسندي ۽ تسلط‬
‫جا مثال روزمره جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويل آهن‪.‬‬
‫‪11‬هين سيپٽمبر جي واقعي کان پوءِ امڪان اهو ٿو‬
‫نظر اچي ته سياسي عمل شخصي نظام وسيلي پختو‬
‫ڪري اقتصادي اعتبار سان پاڪستان کي تائيوان ۽‬
‫سينگاپور جي سطح تائين نه پهچايو وڃي؟ ڏٺو وڃي ته‬
‫عالمي سطح تي به جمهوريت دٻاءَ ۽ تضاد جو شڪار‬
‫آهي‪ ،‬روس ۾ جمهوريت جا خواب ڏيکاريا ويا‪ .‬ليڪن‬
‫استحڪام نصيب نه ٿيو‪ .‬ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي‪.‬‬
‫روس کان پوءِ افغانستان جو وارو آيو ۽ ان وقت‬
‫آمريڪا جي نزديڪ افغانستان بهترين ملڪ هو‪.‬‬
‫پاڪستان جي مدد سان سالن جا سال آمريڪا انهن‬

‫‪280‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي مدد ڪئي‪ .‬ليڪن افغانستان جا جنگجو ايترا‬
‫خطرناڪ بڻجي ويندا؟ آمريڪا کي هرگز اندازو نه هو‪.‬‬
‫ان ڪري ‪ 800‬انساني جانين ۽ ٻن بلڊنگن جي تباهي‬
‫ڪري هڪ وڏو ڊرامو رچايو ويو‪ .‬اسان جي رهنمائيءَ‬
‫لءِ آمريڪا جا سربراهه‪ ،‬آزموده جنرل ۽ دانشور هتي‬
‫ايندا رهن ٿا‪ .‬آمريڪا کي پاڪستان جي معاشي‬
‫استحڪام جو وڏو ارمان آهي‪ .‬ان ڪري جو سندس‬
‫مفاد هن خطي ۾ محفوظ رهي سگهن ۽ اها ڪاميابي‬
‫آمريڪا کي هن خطي ۾ جمهوري ۽ شخصي نظام ۾‬
‫نظر اچي رهي آهي‪ .‬اسان کي سوچڻو آهي ته ڇا‬
‫اسان ماضيءَ وانگر هڪ دفعو ٻيهر دشمنن تي ته‬
‫ڀروسو نه ڪري رهيا آه‪Ô‬يون‪ .‬۽پنهنجن کان منهن ڦيري‬
‫رهيا آهيون؟ اسان جو الميو اهو رهيو آهي ته پاڪستان‬
‫هميشه بيورني دٻاءَ جو شڪار رهيو آهي‪ .‬پاڪستان‬
‫دهشتگردي خلف عالمي اتحاد جو ساٿ ڏئي وقتي‬
‫طور تي پنهنجي جان بچائي آهي‪ ،‬ليڪن اڄ به سرحدن‬
‫تي ڀارت جي فوج موجود آهي‪ .‬تقريبا ا چئن مهينن کان‬
‫هن خطي جي صورتحال خطرناڪ ۽ ڪشيده آهي‪.‬‬
‫ليڪن آمريڪا ان موقعي تي هر هفتي اهو بيان جاري‬
‫ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ باهمي ڳالهين سان مسئل حل‬
‫ڪري سگهن ٿا‪ .‬آمريڪي صدر جارج بش تازو هڪ بيان‬
‫۾ چيو آهي ته وسيع پئماني تي تباهي ڪندڙ هٿيار تيار‬
‫ڪرڻ وارن ملڪن کي تمام جلد آمريڪا جي غضب کي‬
‫منهن ڏيڻو پوندو‪ .‬اسرائيل ۽ ڀارت هڪ عرصي کان‬
‫وسيع پئماني تي تباهي ڦهلئيندڙ هٿيار تيار ڪري رهيا‬
‫آهن‪ .‬ڀل ائٽم بم کان وڌيڪ ڪو تباهي ڦهلئيندڙ ملڪ‬
‫هٿيار ٿي سگهي ٿو؟ هن تفصيل مان اهو ثابت ڪرڻو‬
‫آهي ته آمريڪا جي ٻٽي پاليسيءَ جا شڪار هميشه‬
‫اسان جهڙا ڪمزور ملڪ ٿيند رهيا آهن‪ .‬ان ڪري اسان‬
‫کي پنهنجي سياسي محاذ کي مضبوط کان مضبوط تر‬
‫ڪرڻو پوندو ۽ منهنجي ذاتي خواهش آهي ته ملڪ جو‬
‫اعلي عهدي ۽ ان جي ساک کي هر طرح جي‬
‫هڪ‬
‫ٰ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪281‬‬

‫سياسي گدلڻءَ کان پاڪ ۽ صاف رهڻ کپي‪ .‬ان‬
‫سلسلي ۾ بقول انگريزي شاعر شيڪسپيئر جيا‬
‫”نيڪي ۽ بديءَ کي ڪابه مطلق هستي نه آهي‪،‬‬
‫فقط خيال ئي انهن کي مطلق هستي بخشين ٿا“‪.‬‬
‫ريفرنڊم جي مسئلي تي ڊان اخبار ۾ ڇپيل هڪ‬
‫تحرير ۽ ان جو احمد يار جو ترجمو پڙهندڙن جي ڄاڻ‬
‫لءِ عرض آهيا‬
‫”جنرل پرويز مشرف کي وڌيڪ پنجن سالن لءِ‬
‫برسر اقتدار رهڻ يا نه رهڻ جي غرض سان ريفرنڊم‬
‫ڪرايو پيو وڃي‪ .‬سنه ‪ 632‬۾حضور ﷺ جن جي برقعي‬
‫مٽائڻ کان پوءِ سياسي جواز جي مسئلي سڄي دنيا‬
‫جي مسلمانن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي‪ .‬قرآن پاڪ‬
‫۾ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه چيو ويو آهي ته مسلمان‬
‫کي پنهنجا مسئل باهمي مشاورت سان طئي ڪرڻ‬
‫کپن‪ .‬حضور ﷺ جن پنهنجو جانشين مقرر ڪرڻ ۽‬
‫سياسي جانشينيءَ لءِ قاعدن جي ٺاهڻ کان روڪيو‬
‫هو‪ .‬عملي طور تي جانشينيءَ جي مسئلي جو فيصلو‬
‫ان فرد جي تلوار جي ڊيگهه ۽ ان جي ڌر جي سختي‬
‫ڪندي هئي ۽ ان کان پوءِ بغداد جو خليفو حڪومت کي‬
‫تسليم ڪندو هو‪ .‬پاڪستان ۾ هاڻي اهو ڪردار سپريم‬
‫ڪورٽ ادا ڪري ٿي‪ .‬ريفرنڊم ڇا آهي؟ جمهوريت ۾‬
‫شهرين جو هيءُ اهو حق آهي ته قانون ساز اسيمبليءَ‬
‫جي طرف کان پاس ٿيندڙ قانون سازيءَ متعلق عوام‬
‫کي ‪ Binding vote‬تي زور ڏنو وڃي‪ ،‬جيفرسن جيڪو‬
‫جمهوريت جي پيغمبر جي حيثيت رکي ٿو‪ .‬ان چيو هو‬
‫ته نئين قوم جي آغاز تي سماج جي قطعي طاقت جو‬
‫ڪو به محفوظ رستو ڪو نه ٿو ملي سگهي‪ ،‬سواءِ خود‬
‫اُن قوم جي ماڻهن جي جيڪي خود ئي ان جا سڀ کان‬
‫وڌيڪ محافظ ٿين ٿا‪ .‬جيفرسن ريفرنڊم جي عمل جو‬
‫وڏو حامي هو‪ .‬جڏهن ته انگلينڊ جا بادشاهه‪ ،‬بادشاهن‬
‫جي خدائي حقن جي ڳالهه تي زور ڏيندا هئا ۽ چوندا‬
‫هئا ته بادشاهه کي حڪومت ڪرڻ جي طاقت خدا جي‬

‫‪282‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫طرف کان مليل آهي‪ .‬ڪيتري عرصي تائين آمريڪا‬
‫پنهنجي سياسي شعبن ۾ ريفرنڊم جي عمل کي‬
‫پنهنجي حڪومت جي ترجيحات ۽ اختيارات جي حوالي‬
‫سان تبديليءَ لءِ استعمال ڪندا رهيا آهن‪ .‬ميڊيسن ۽‬
‫جيفرسن ان ڳالهه کان بخوبي واقف هئا ته جن ماڻهن‬
‫کي منتخب ڪيو ويندو‪ ،‬اهي مختلف موقعن تي‬
‫اختيارات کي استعمال ڪري اهڙا قدم کڻندا جيڪي‬
‫آئين مطابق نه هوندا ۽ سندن ذاتي دلچسپين جي‬
‫نمائندگي ڪندا‪ .‬ان مقصد لءِ آئين ۾ ”چيڪ اينڊ‬
‫بيلنس“ جو سسٽم رکيو ويو ته جيئن غلطين جي تلفي‬
‫ڪري سگهجي‪ .‬آمريڪا ۽ سوئٽرلينڊ ۾ شهرين کي‬
‫قانونسازيءَ ذريعي ٺاهڻ‪ ،‬ان ۾ ترميم ڪرڻ جو حق‬
‫حاصل آهي‪ .‬انهن کي اهو به حق حاصل آهي ته قانون‬
‫ساز ادارن طرفان تجويز ٿيندڙ ترميمن يا قانونن کي‬
‫ريفرنڊم وسيلي رد ڪري سگهن ٿا‪.‬‬
‫جمهوري نظام مان قانون سازي ۽ ريفرنڊم کي‬
‫جدا نٿو ڪري سگهجي‪ .‬جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت نه‬
‫هجي‪ ،‬آئين معطل هجي‪ ،‬پارليامينٽ تحليل ٿيل هجي ته‬
‫معني ٿي وڃي‬
‫پوءِ مٿي ذڪر ڪيل سمورو عمل بي‬
‫ٰ‬
‫ٿو‪ .‬مستحڪم سياسي نظام جي خواهش اڳي وانگر‬
‫هاڻي به خواهش ئي آهي‪ .‬ڪنهن به عمل کي بار بار ان‬
‫توقع تي دهرائڻ ته هن دفعي شايد نتيجو مختلف‬
‫نڪرندو‪ ،‬اهڙي صورتحال مان اسان پهرين به گذري‬
‫چڪا آهيون‪ .‬هڪ دفعو ٻيهر اهڙي صورتحال کي منهن‬
‫ڏيڻو پوندو؟ اهڙيءَ طرح جو ريفرنڊم ڪيئن مستحڪم‪،‬‬
‫حقيقي ۽ جمهوري نظام طرف رهنمائي ڪري سگهي‬
‫ٿو؟ هتي ريفرنڊم ” سياسي پنڊوليم“ جي هڪ انتها‬
‫کان ٻئي انتها تائين حرڪت ڪرڻ کان ڪيئن روڪي‬
‫سگهي ٿو‪ .‬جڏهن ته اسان جي سڄي تاريخ ۾ اهوئي‬
‫ڪجهه ٿيندو رهيو آهي‪.‬‬
‫جنرل پرويز مشرف جو پهريون خطاب خوش‬
‫آئنده رليف هو‪ .‬سندس خاموش عظمت ۽ نمائش جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪283‬‬

‫فقدان ماڻهن کي هڪ مستحڪم قوت ڏيکاري‪ ،‬جنهن‬
‫جا هو متلشي هئا‪ .‬عوام سمجهيو ته پرويز مشرف‬
‫صاحب هن قوم کي ان جي پنهنجي فطرت جي بنياد‬
‫تي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو‪ ،‬هڪڙا اُهي جيڪي‬
‫ماڻهن کان خوفزده ٿين ٿا‪ ،‬انهن تي اعتبار نٿا ڪن‪،‬‬
‫انهن کان سڀ اختيار کسي پنهنجي ذات ۾ مرتڪز يا‬
‫سهيڙي ڇڏين ٿا‪ ،‬ٻيا اهي جيڪي پنهنجي شناخت عوام‬
‫سان وابسته ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهن تي اعتماد ڪن ٿا‪.‬‬

‫‪284‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪالباغ ڊيم ۽ تاريخي ورجا ;ء‬

‫مايوس‪ ،‬ويڳاڻو‪ ،‬وائڙو ٿي ويل سنڌ جو عوام اڄ‬
‫ڪلهه ڪاري باغ ڊيم ٺهڻ کان اڳ ئي پاڻيءَ جهڙي‬
‫نعمت کان محروم آهي‪ .‬پارليماني ادارن اندر ويٺل‬
‫چونڊيل عيوضين جي پسپائيءَ عوام جي تڪليفن ۾‬
‫اضافوئي ڪيو آهي‪ .‬اسان جي ملڪ جي عوامي‬
‫نمائندن جو جهڪاءُ هميشه حڪمراني ڪندڙ طبقي‬
‫ڏانهن رهيو آهي‪ .‬جڏهن به ڪا نئين حڪومت چونڊجي‬
‫ايندي آهي ته عوام پر اميديءَ وارين نظرن سان انهن‬
‫مان توقعات وابسته ڪندو آهي‪ .‬موجوده حڪومتي‬
‫سيٽ اپ ۾ عوام کي اها پڪ هئي ته شايد ورهايل‬
‫مينڊيٽ مان کين ڪو فائدو پهچندو‪ ،‬پر افسوس جو‬
‫ائين نه ٿي سگهيو ته وزيراعظم لهور ۽ وزيراعظم‬
‫لڙڪاڻي ۾ مختلف نظرياتي سوچ ڪم ڪري رهي‬
‫آهي‪ .‬عوام سچي محب وطن جي حيثيت ۾ سوچين ٿا‬
‫ته لهور يا لڙڪاڻي جو سوال هرگز نه آهي ته سنڌ‬
‫جي عوام جي چوگرد ايترو گهيرو ڇو تنگ ڪيو ويو‬
‫آهي؟ مون کي پير پاڳاري جا اهي جمل ياد اچن ٿا ته‬
‫نئين حڪومت جي )‪1997‬ع سال( اچڻ سان ئي سنڌ‬
‫مان اٽو گم ٿيو ۽ اٽي ڳوهڻ لءِ پاڻي پهريون ئي اڻ لڀ‬
‫آهي‪ .‬ياد رهي ته سال ‪1997‬ع ۾ عوام کي اٽو چوڏنهن‬
‫رپيا ڪلو جي حساب سان ملندو رهيو‪ .‬سنڌ ۾ ڪڻڪ‬
‫جي موٽ هئي‪ ،‬جنهن جا پيرا ايران ۽ افغانستان تائين‬
‫کنيا ويا‪ .‬ان صورتحال ۾ صوبه پنجاب جو خوراڪ جو‬
‫وزير اقبال خاڪواني ميرپور خاص ۽ سانگهڙ مان ڪڻڪ‬
‫پنهنجي صوبي ڏانهن کڻي ويو هو ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته‬
‫اها ڪڻڪ اُڌاري طور وري سنڌ کي ڏني وئي هئي‪.‬‬
‫موجوده عوامي حڪومت جي دور ۾ بک‪ ،‬بيروزگاري‪،‬‬
‫حڪومت سنڌ ”اورڊرافٽنگ“ جي ڪلچر جو هڪ اهم‬
‫حصو بڻجي فقيرن جيان وفاق آڏو بار بار ٻاڏائي رهي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪285‬‬

‫آهي‪ .‬اڃا ته تازو هينئر رينجرز کي جيڪي مڪمل‬
‫اختيارات ڏيڻ جو اعلن ڪيو ويو آهي‪ ،‬سنڌ ۽ وفاق‬
‫حڪومت ۾ اڳتي هلي وڌيڪ مالياتي بحران جي شڪل‬
‫وٺندو‪ .‬ڪراچيءَ ۾ امن امان واري مسئلي تي ڪروڙها‬
‫رپيا خرچ ٿيا آهن‪ ،‬يقينن اهو سڄو بار سنڌ سرڪار جي‬
‫ماليات تي پوندو ۽ ترقياتي اهم منصوبا ختم ڪيا ويندا‪.‬‬
‫ٿيندڙ خرچ تي صرف قول‪ ،‬اقرار‪ ،‬وعدن ۽ خط وڪتابت‬
‫هلندي‪ .‬هتي ته مون هڪ اضافي ڳالهه ڪئي آهي‪ .‬هن‬
‫مضمون جو اصل موضوع آهي ڪال باغ ڊيم ۽ پاڻي جي‬
‫ورڇ‪ .‬برصغير جي ورهاست کان پوءِ پاڻي جي ڇڪتاڻ‬
‫هندستان ۽ پاڪستان درميان شروع ٿي ان کان اڳ‬
‫متحده هندستان ۾ برٽش گورنمينٽ جي دؤر ۾ به‬
‫سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي مسلسل ڇڪتاڻ هلندي رهي‬
‫آهي‪ .‬جڏهن ايوب خان جي حڪومت ۾ هڪ ٺاهه‬
‫وسيلي ڪجهه درياءَ هندستان کان وڪرو ڪيا ويا ته‬
‫پاڻيءَ جو مسئلو صوبا پنجاب جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ اڄ‬
‫ڪلهه سنڌو درياءَ جون موجون انساني حقن جي لتاڙ‬
‫جي ور چڙهيل آهن‪ .‬اصل حقيقت هيءَ آهي ته چوڌري‬
‫نثار سميت اهو تسليم ٿيل آهي ته اعلنيه ڪاروباغ ڊيم‬
‫ملڪ جي وفاقي سلمتيءَ لءِ خطرناڪ آهي پر ان ڊيم‬
‫تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو ويو آهي‪ ،‬ڪجهه عرصي لءِ‬
‫مالياتي کوٽ ڪري ڪم بند ٿيل هو‪1997 .‬ع کان ان‬
‫ڊيم تي تيزيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو ويو‪ .‬سنڌ ۽‬
‫سرحد جي عوام کي قائل ڪرڻ لءِ ڪالباغ ڊيم ٺاهيو‪.‬‬
‫تحريڪ جي نالي سان ‪97‬ع ۾ صوبا پنجاب اندر هڪ‬
‫تنظيم به قائم ڪئي وئي‪ ،‬واپڊا پاران ‪ 12‬صفحن تي‬
‫هڪ بروشر تيار ڪيو ويو‪ ،‬پهريون ته صرف اهو اعلن‬
‫موجود هو ته اهو ڊيم بجلي تيار ڪندو‪ ،‬پر هائيڊل‬
‫پراجيڪٽ ۽ ٿرمل بجلي گهرن لءِ ڪيل معاهدا ۽ ان‬
‫کانپوءِ صورتحال واضح ٿي وئي ته ڊيم جو پاڻي‬
‫آبپاشيءَ لءِ وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو‪ .‬ان سلسلي ۾‬
‫اسلم آباد جي صحافين تي ڪم رکيو ويو ته اهو اٿاريل‬

‫‪286‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اعتراضن جا جواب ڏيندا ۽ حڪومت جا سهڪاري‬
‫رهندا‪ .‬اسان جي سنڌي پريس جا به ڪجهه صحافي‬
‫سال ‪1997‬ع ۾ ڊيم واري علئقي ۾ وڃي اتان جا‬
‫باتصويري حال احوال ڏنا آهن‪ .‬اها حقيقت آهي ته ان‬
‫ڊيم جي ٺاهڻ جي تمنا هر حڪومت کي رهي آهي پر‬
‫عوامي مزاحمت ڪري اهو منصوبو مڪمل نه ٿي‬
‫سگهيو آهي‪ ،‬وطن عزيز جي ٽن اسيمبلين جي چونڊيل‬
‫نمائندن جي استحقاق کي مجروح ڪندي‪ ،‬فاروق‬
‫لغاري‪ ،‬کر ۽ محترمه سميت ڊيم ٺاهڻ جا اعلن موجود‬
‫آهن‪ .‬اهو درياءُ جنهن جي وسعت نيل درياءَ کان به وڏي‬
‫آهي‪ .‬جنهن درياءَ دنيا جي ڪيترن ئي تهذيبن کان پناهه‬
‫۽ جنم ڏنو آهي‪ ،‬ڪيترن علئقن کي پنهنجي خوبصورت‬
‫موجن سان زرخيز بڻايو آهي‪ ،‬جيڪو اباسين آهي‪،‬‬
‫)درياهن جو پيءُ( اڄ ان درياءَ جي پيٽ جي واري پئي‬
‫اڏامي‪ .‬هي قوتون جيڪي جياپي جي ذريعن ۽ پيداواري‬
‫عمل تي قابض رهڻ جي جنون ۾ مبتل آهن‪ .‬انهن نئين‬
‫عالمي ايجنڊا جي اهم اسمن تي غور ڪندي طئي‬
‫ڪري ڇڏيو آهي ته‪ ،‬موجوده دؤر جا يزيد بڻجي سنڌ‬
‫جي عوام جي پاڻيءَ جون ڪنجيون ”ريگيوليٽرس“ جي‬
‫صورت ۾ پاڻ وٽ رکي کين آرام سان گولو ۽ غلم‬
‫بڻائي وٺجي‪ ،‬روم جي ڊڪٽيٽر شهنشاهه جو ليس جا‬
‫هي لفظ ته ‪ I come. Saw and conquered‬مان‬
‫آيس‪ ،‬مون ڏٺو ۽ فتح ڪيم“‪.‬‬
‫رجعت پرستيءَ واري اها سوچ جديد سنڌ سان‬
‫ٺهڪندي نظر پئي اچي‪ .‬ان ڪري سڄي سنڌ رد ٿيل‬
‫ڊيم جي اعلن تي سراپا احتجاج آهي‪ .‬پاڻيءَ متعلق‬
‫تاريخي روين جي ڇنڊڇاڻ مان خبر پوي ٿي ته آزادي‬
‫ماڻڻ کان پوءِ سڀ کان پهريون هڪ آمريڪي ماهر‬
‫مسٽر جي‪.‬ايل سيويج جون خدمتون حاصل ڪيون‬
‫ويون‪ ،‬هڪ ٻئي آمريڪي ڪمپني ‪1956‬ع ۾ ميسرز‬
‫ٽپئن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ قابل عمل هئڻ جي‬
‫نشاندهي ڪئي ‪1971‬ع کان ‪1975‬ع تائين واپڊا جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪287‬‬

‫تحقيقاتي منصوبه بنديءَ جي شعبي کان پاڪستان‬
‫مشاورتي ڪمپني ميسرز ايسوسيئيٽيڊ ڪنسلٽنگ‬
‫انجنيئرز تائين سڀ ڊيم جي قابل عمل هئڻ جا اشارا‬
‫ڏيندا رهيا‪ .‬واپڊا طرفان اعلن ڪيو ويو ته ‪1985‬ع ۾‬
‫باقاعده ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ۽ اٺن سالن‬
‫جي اندر ٽيهه ارب جي خطير رقم سان اهو تڪراري‬
‫منصوبو تڪميل کي پهچندو‪ .‬رد ٿيل ڊيم متعلق عوام‬
‫جو احتجاج ‪1985‬ع کان هلندو پيو اچي‪ .‬ڇو ته آزاديءَ‬
‫کان ست ڪمپنين ۽ ماهرن کي رٿيل منصوبي جي‬
‫پلننگ ۾ شامل ڪيو ويو‪ .‬ان کان اڳ پرڏيهي حاڪمن‬
‫جو سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ متعلق جيڪو پروفائيل‬
‫رهندو‪ ،‬اهو ڪجهه هن طرح آهي ته انڊا حڪومت کي‬
‫سنڌ جي آبپاشي جي غير منظم نظام کي درست‬
‫ڪرڻ جو اونو ضرور رهيو‪ ،‬چارلس نيپئر ‪1953‬ع ۾‬
‫سنڌ ۾ آبپاشي جو محڪمو ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي‬
‫نگرانيءَ ۾ قائم ڪيو‪1855 .‬ع ۾ جنرل فائيف سنڌ ۾‬
‫درياءَ جي پاڻيءَ جي نظام جي بهتري لءِ تجويزون‬
‫ڏنيون‪ ،‬جن تي عمل نه ٿي سگهيو‪1871 .‬ع ۾ ئي‬
‫پنجاب حڪومت ان ڪوشش ۾ سرگردان رهي ته‬
‫سنڌو تي ڪاري باغ واري جاءِ تان پاڻي حاصل ڪري‬
‫”ٿل پراجيڪٽ“ منظور ڪرايو وڃي‪ ،‬ليڪن وقت جي‬
‫وائسراءِ کين ان جي اجازت نه ڏني‪ .‬حالنڪ پنجاب‬
‫پنهنجن پنجن ئي دريائن مان آسانيءَ سان پاڻي‬
‫استعمال ڪندو رهيو آهي‪ .‬انڊيا ايريگيشن ڪميشن‪،‬‬
‫جيڪا ٽن سالن لءِ ‪1901‬ع کان ‪1903‬ع تائين قائم‬
‫ڪئي وئي‪ ،‬ان ‪1919‬ع ۾ جڏهن پنهنجي رپورٽ پيش‬
‫ڪئي‪ ،‬جنهن ۾ واضح لفظن ۾ لکيو ويو ته پنجاب کي‬
‫ان وقت تائين هڪ ڦڙو به پاڻي جو نه ڏنو وڃي‬
‫جيستائين سکر بيراج مڪمل نه ٿئي‪ .‬وري پاڻيءَ جي‬
‫مسئلي تي ‪1919‬ع آگسٽ ۾ بمبئي حڪومت انڊيا‬
‫گورنمينٽ کي پنهنجن انديشن کان آگاهه ڪيو ته سنڌو‬
‫درياءَ جي پاڻيءَ متعلق پنجاب حڪومت جا ارادا ٺيڪ نه‬

‫‪288‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آهن‪) .‬ان وقت سنڌ بمبئي ۾ شامل هئي( لرڊ‬
‫چيمسفورڊ ‪1871‬ع جي پنجاب گورنمينٽ جي هڪ ٻي‬
‫ڪوشش کان پوءِ جيڪا ‪1919‬ع ۾ سکر بيراج جي‬
‫مقابلي ۾ ”ٿل پراجيڪٽ“ جي منظوريءَ لءِ ڪئي‬
‫وئي‪ ،‬ان کي غير قانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو‪.‬‬
‫‪1923‬ع ۾ جڏهن سکر بيراج منظور ڪئي وئي ته‬
‫پنجاب حڪومت اعتراض ڪيو ردِعمل ۾ بمبئي‬
‫حڪومت سخت احتجاج ڪيو‪ ،‬نتيجي ۾ انڊيا گورنمينٽ‬
‫سياسي طور تي اعلن ڪيو ته آئينده ٻيو ڪوبه‬
‫پروجيڪٽ منظور نه ڪيو ويندو‪ .‬ٿوري عرصي کان پوءِ‬
‫حڪومت پنجاب طرفان انڊيا حڪومت کي هڪ دفعو‬
‫ٻيهر ”ٿل ڪئنال“ لءِ آزمائشي طور ‪ 750‬ڪيوسڪ‬
‫پاڻي ڏيڻ جي درخواست ڪئي‪ ،‬اڃا اها درخواست‬
‫حڪومت انڊيا بمبئي حڪومت کي پهچائي ته ‪1925‬ع‬
‫۾ هڪ دفعو ٻيهر نئين درخواست پنجاب ۽ ٿل ڪئنال لءِ‬
‫حڪومت انڊيا کي پهچائي ان وقت جي وائسراءِ لرڊ‬
‫ريڊنگ تمام اهم دليلن سان اها درخواست حڪومت‬
‫پنجاب جي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ائين ڪرڻ سان‬
‫سنڌ کي نقصان ٿيندو ۽ سنگين ناانصافي ٿيندي‪ .‬سکر‬
‫بيراج جي مڪمل ٿيڻ تائين ٿل ڪئنال لءِ پاڻي پنجاب‬
‫کي مهيا ڪرڻو هو‪ .‬پر ”اينڊريسن ڪميٽيءَ“ جي‬
‫سفارشن ۾ ‪1939‬ع کان اڳ ئي ٿل ڪئنال لءِ ماهوار‬
‫پاڻيءَ جي ڪوٽا پنجاب طرفان مقرر ڪرائي وئي‪،‬‬
‫حالنڪ اهو مسئلو ”اينڊرسن ڪميٽيءَ“ جي ايجنڊا تي‬
‫ئي ڪونه هو‪ .‬پنجاب طرفان سنڌو جي پاڻيءَ جون‬
‫حاصلت تيز ٿيڻ لڳيون ته سنڌ جيڪا ‪1936‬ع ۾ بمبئي‬
‫کان آزادي ماڻي چڪي هئي ‪ 7‬جون ‪1941‬ع جو پنجاب‬
‫جي ان رويي خلف پنهنجا اعتراضات گورنر جنرل آڏو‬
‫پيش ڪيا‪1914 ،‬ع سيپٽمبر مهيني ۾ گورنر جنرل‬
‫ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج جي نالي پويان ”راءِ‬
‫ڪميشن“ ويهاري جنهن پنهنجي اها راءِ ڏني ته اگر‬
‫سنڌ جي پاڻيءَ تي پنجاب حڪومت جي مطالبن تي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪289‬‬

‫غور ڪيو ويو ته سنڌ جي آبپاشي نظام تي ان جو‬
‫خراب اثر پوندو‪ .‬سنڌ ۽ پنجاب جي درميان پاڻيءَ جي‬
‫مسئلي جي حل لءِ اپريل ‪1943‬ع ۾ ٻنهي صوبن جا‬
‫چيف انجنيئرز ويٺا ۽ ‪ 18‬مهينن جي تفصيلي ڳالهين کان‬
‫پوءِ ‪1945‬ع ۾ سنڌ پنجاب معاهدو ٿيو‪ ،‬حڪومت پنجاب‬
‫جي ٽيڪنيڪل ماڻهن ان جي تعريف ڪئي ۽ تسليم‬
‫ڪيائون پر چار ڪروڙ رپيا رقم جي ادائگي جو مسئلو‬
‫حل نه ٿي سگهيو‪1947 .‬ع کان پوءِ ريڊ ڪلف پاڻيءَ‬
‫جي مسئلي تي هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن کي ”بي‬
‫ڪميٽي“ نالو ڏنو ويو‪ .‬هن ڪميٽيءَ ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن‬
‫کي نظرانداز ڪيو ويو‪ .‬آزاديءَ کان پوءِ ‪1948‬ع ۾ ”بي‬
‫ڪميٽيءَ“ جي عرصي پوري ٿيڻ کان پوءِ هندستان‬
‫ندين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو‪ .‬جواهر لعل نهروءَ سان‬
‫جڏهن پاڪستاني نمائندن ان مسئلي تي شمل ۾‬
‫ملقات ڪئي‪ ،‬شمل معاهدي تي صحيحون ٿيون ته خبر‬
‫پئي ته قيمت جي ادائگيءَ تي سنڌو جي پاڻيءَ جو‬
‫سودو ڪيو ويو آهي‪ ،‬ان لءِ صوبن جي مرضي به نه‬
‫ورتي ويئي‪ ،‬نواب مظفر قزلباش ۽ مغربي پنجاب جي‬
‫ٻين رهنمائن پنهنجو پاڻي آسانيءَ سان وڪرو ڪيو‪ .‬ان‬
‫وقت هڪ آمريڪي رسالي لکيو ته اگر پاڪستاني‬
‫پاڻيءَ جو معاملو عالمي ڪورٽ ۾ کڻي وڃن ها ته يقينا ا‬
‫پاڪستان کي فتح ۽ ڪاميابي ملي ها‪ .‬جسنڌ پنجاب‬
‫معاهدي“ مطابق پنجاب پنهنجي حدن اندر به سنڌ جي‬
‫مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه ڪم نٿي ڪري سگهيو‪ ،‬ليڪن‬
‫پنهنجو پاڻي وڃائڻ کان پوءِ سنڌ جي سياسي يتيميءَ‬
‫مان فائدو وٺندي سنڌ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لءِ بي‪-‬آر‪-‬‬
‫بي )بمبا راوي بيريا لنڪ( ٺاهڻ جو آغاز ڪيو جنهن لءِ‬
‫هنن اسان جي يعني سنڌ جي اجازت وٺڻ جي ڪابه‬
‫ضرورت محسوس نه ڪئي‪ .‬اهوئي موقعو هو جڏهن‬
‫آئيني اسيمبليءَ جي سنڌ مان هڪ ميمبر هاشم گزدر‬
‫‪1945‬ع جي معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ تي ڌيان ڇڪايو ۽‬
‫مرڪزي حڪومت سنڌ حڪومت جي چيف‬

‫‪290‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سيڪريٽريءَ کي هڪ ڊي او ليٽر لکي ‪1953‬ع ۾ يقين‬
‫ڏياريو ته ان معاهدي جي خلف ورزي نه ڪئي ويندي‪.‬‬
‫ليڪن بي‪ .‬آر بي لنڪ وسيلي سنڌ جي اجازت کان‬
‫سواءِ ان وقت ڏيڍ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي حاصل ڪيو‬
‫ويو‪ .‬جلد ئي ملڪ تي ‪1955‬ع ۾ ”ون يونٽ“ مڙهيو‬
‫ويو ۽ مارچ ‪1953‬ع ۾ پاڻيءَ جي مسئلي تي ورلڊ بينڪ‬
‫کي پاڻيءَ جي مسئلي ۾ ملوث ڪيو ويو ۽ عالمي بينڪ‬
‫جي وفد ۾ ننڍن صوبن جا جيڪي نمائندا واشنگٽن ۾‬
‫هئا‪ ،‬انهن کي واپس گهرايو ويو‪ .‬سنڌ جو نمائندو ڊاڪٽر‬
‫محمد صالح قريشي وطن واپس ورايو ويو‪ ،‬جڏهن ته‬
‫باقي پاڪستان جي نمائندگيءَ لءِ پنجاب صوبي جا‬
‫بيورو ڪريٽ رهجي ويا‪ .‬عالمي بينڪ جي وفد ۾ پنجاب‬
‫جا نمائندا ان ئي ڪوشش ۽ فڪر ۾ رهيا ته ڪهڙيءَ‬
‫طرح به سنڌ جو پاڻي حاصل ڪيو وڃي‪ .‬سنڌ جي‬
‫شڪايتن کي صرف محسوس ڪرائڻ ۽ ڏيکاءَ خاطر‬
‫هڪ ڪميٽي پاڻيءَ جي ورهاست متعلق ٺاهي وئي ۽‬
‫سنڌ جي طرف کان شير محمد بلوچ )ايريگيشن‬
‫سيڪريٽري( جنهن ريٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ ڪتاب‬
‫”پاڻيءَ منجهه پساهه“ لکيو‪ .‬شيخ عبدالباقي ۽ شيخ‬
‫عبدالغفور کي به رکيو ويو‪ .‬ان وقت پنجاب جا يارنهن‬
‫ميمبر ڪميٽيءَ تي کنيا ويا‪ .‬سرحد مان هڪ ميمبر‬
‫سرور جان کي کنيو ويو‪.‬‬
‫”ون يونٽ“ جي خاتمي کانپوءِ مٿئين ڪميٽي ختم‬
‫ڪري پاڪستان جي صدر هڪ ڪميشن مقرر ڪئي‪،‬‬
‫جيڪا پاڻيءَ جي مسئلي‪ ،‬ورهاست ۽ پراڻن ٿيل معاهدن‬
‫جي نگراني به ان ڪميشن مقرر ڪئي جيڪا پاڻي جي‬
‫مسئلي ورهاست ۽ پراڻن ٿيل معاهدن جي نگراني به‬
‫ان ڪميشن کي ڏني وئي‪ .‬سنڌ جو موقف هو ته ان‬
‫ڪميٽيءَ تي بنگالي رهنما کي چيئرمين هئڻ کپي‪ ،‬وقت‬
‫يحي ان تي راضي ٿيو‪ .‬ان وقت هڪ سنڌي‬
‫جي صدر‬
‫ٰ‬
‫ڳالهائيندڙ قاضي اي‪.‬جي‪.‬اين سيڪريٽري هو‪ ،‬هڪدم ان‬
‫کي ٽرانسفر ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي قمر السلم‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪291‬‬

‫کي رکيو ويو‪ .‬ون يونٽ واري دؤر ۾ دريائن جي پاڻيءَ‬
‫جي ورهاست ‪1945‬ع جي معاهدي تحت عمل ۾ آندي‬
‫وئي ۽ ‪1940‬ع تائين ان معاهدي تي عمل در آمد ٿيندو‬
‫رهيو‪ .‬صرف مالي لحاظ کان چار ڪرور رپيا سنڌ کي‬
‫ملي نه سگهيا‪ ،‬سنڌ جو عوام محب وطن پاڪستان جو‬
‫خالق جمهوريت جو حامي ان لءِ ڪيترن ئي پيارن‬
‫جون قربانيون ڏئي چڪو آهي‪ .‬هو سمجهي ٿو ته‬
‫سندس بقا پاڪستان جي بقا سان مشروط آهي‪.‬‬
‫ڪاري باغ ڊيم جي اوچتي اعلن تي سنڌ جو منظر نامو‬
‫تبديل ٿي ويو آهي‪ .‬عوام پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي‬
‫ان رد ڪيل ڊيم خلف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي‪ .‬هن وقت‬
‫جڏهن مرڪزي حڪومت ۾ سنڌ جي نمائندگي لوڻ‬
‫چکڻ جيتري به نه آهي‪ ،‬اسيمبليون ٺهراءَ ۾ رٿيل ڊيم‬
‫جي خلف آهن‪ ،‬ته پوءِ ڊيم تي ضد ڇو؟ سنڌ جيڪا‬
‫هينئر ئي بيابانيءَ جا ڏيک ڏئي رهي آهي‪ ،‬کيس حصي‬
‫جو به پاڻي نٿو ملي‪ ،‬پنجاب جي تاريخي ۽ ماضيءَ جي‬
‫ذڪر ڪيل روين مان صاف ظاهر آهي ته هيڊر ورڪس‬
‫وسيلي سنڌ جو پاڻي گهٽايو ويندو‪ .‬پنجاب صوبو پنهنجي‬
‫زرعي فائدي کان پوءِ جيڪا رٿيل ڊيم مان بجلي ٺهندي‪،‬‬
‫ان ‪ 3600‬ميگا واٽ بجليءَ جي رائلٽي به پنجاب کي‬
‫حاصل ٿيندي ۽ اهي سڀ فائدا ڀاشا ڊيم مان کين‬
‫حاصل ٿي نٿا سگهن‪ ،‬ان ڪري ڀاشا ڊيم تي متفق نه‬
‫ٿي رهيا آهن‪ .‬ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ هڪ دليل اهو ڏنو‬
‫وڃي ٿو ته سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو حصو ضايع ٿي وڃي ٿو‬
‫اها هڪ آفاقي حقيقت آهي ته موسمن ۽ ماحولياتي‬
‫تبديلين ڪري پاڻيءَ جا وهڪرا هر سال ساڳيا نٿا رهن‬
‫۽ پاڻيءَ جو استعمال جيڪو آزاديءَ وقت اٽڪل ‪61‬‬
‫ايم‪.‬اي‪.‬ايف واهن ۾ ساليانو استعمال ٿيندو هو‪ ،‬لنڪ‬
‫ڪئنالن ۽ ڊيم تعمير ڪرڻ سان پاڻيءَ جو استعمال‬
‫‪ 106‬ايم‪.‬اي‪.‬ايف جي حد تائين وڌي ويو‪ .‬اهو ضروري‬
‫هو ته ‪1960‬ع واري سنڌ طاس معاهدي ۽ مختلف‬
‫بيراجن ۽ لنڪ ڪئنالن جي تعمير کان پوءِ صافي پاڻي‬

‫‪292‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جي موجودگيءَ جو رڪارڊ رکيو وڃي ها‪ .‬ڇو ته‬
‫جيستائين سراسري طرح هڪ کان وڌيڪ پاڻي ذخيرو‬
‫ڪرڻ جي ڪافي گنجائش نه هوندي تيستائين ترقياتي‬
‫رٿابنديءَ کي وهڪرن جي اهڙيءَ سطح تي بيهارڻو‬
‫پوندو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ ‪ 5‬سالن جي پاڻيءَ جي‬
‫سطح اعتبار جوڳي رهي‪.‬‬
‫سال ‪1991‬ع ۾ پاڻيءَ جي معاهدي کان پوءِ واپڊا‬
‫جي اهلڪارن اها ڳالهه ۽ پاڻيءَ جي ورهاست واري‬
‫پوزيشن تسليم ڪئي ته اڀرندي پاسي واريون نديون‬
‫ڀارت لءِ مخصوص آهن تنهنڪري انهن مان پاڻي حاصل‬
‫ٿي نٿو سگهي‪ .‬ان سان گڏوگڏ اهو غلط مفروضو ڪيو‬
‫ويو ته ڪجهه وهڪرو پاڪستان جي علئقي ۾ رم‬
‫اسٽيشن کان ڪيچ مينٽ مان ”اوڀر جي ندين“ مان پيدا‬
‫ڪري سگهجي ٿو‪ .‬اها بلڪل اسٽوري آهي ‪1960‬ع‬
‫واري جو سڄو پاڻي غير شرڪت جي بنياد تي هندستان‬
‫جي حوالي ڪيو ويو ۽ هندسستان انهن تي ڪيترائي بند‬
‫ٺاهي چڪو آهي ۽ اهي انهن کان سواءِ ڪيترن ئي فني‬
‫۽ بين القوامي حقيقتن سچاين جي پيش نظر نچوڙ اهو‬
‫ٿو نڪري ته سنڌو نديءَ تي ڪاري باغ جهڙي ڪنهن به‬
‫بند ٺاهڻ لءِ نديءَ ۾ ايترو ته پاڻي ضرور هئڻ کپي‪ ،‬جو‬
‫هي دريائن يا ندين کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏي‪.‬‬
‫سامونڊي کاراڻ کي اندر گهڙي اچڻ کان روڪي‬
‫سگهجي‪ ،‬عالمي معيار جي انگن اکرن مطابق ‪1100‬‬
‫ايم‪.‬اي‪.‬ايف پاڻيءَ جو مقدار ته ضروري وڃڻ کپي‪،‬‬
‫موجوده حالتن ۾ دريائن ۾ موجوده پاڻيءَ جي سطح‬
‫کي ڏسي هر ماڻهو حيران ۽ پريشان ٿي پنهنجو پاڻ کان‬
‫سوال ڪري ٿو ته جڏهن پاڻي آهي ئي ڪونه‪ ،‬ته پوءِ ڇا‬
‫جو ذخيره آب؟ رهيو بجليءَ جو سوال ته ان لءِ جڏهن‬
‫پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي ته پوءِ ان جو‬
‫لڀ عوام کي ملڻ کپي‪ .‬سولر سسٽم‪ ،‬ڪوئلي مان‬
‫بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي‪ .‬ڀاشا ڊيم ٺاهي بجليءَ‬
‫جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي‪ .‬خود واپڊا وارن جو‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪293‬‬

‫اهو چوڻ آهي ته بجليءَ جي اُپت ۽ کپت ۾ ايترو فرق‬
‫آهي جو ان لءِ جوهري ۽ سچ جي توانائيءَ طرف وڌڻو‬
‫پوندو‪1988 .‬ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم مرحوم‬
‫محمد خان جوڻيجي چيو هو ته سال ‪2000‬ع تائين‬
‫پاڪتان کي ايم‪ .‬ڊبليو بجليءَ جي ضرورت پوندي‪ ،‬ان‬
‫لءِ پاڪستان کي جوهري توانائيءَ ڏانهن رجوع ڪرڻو‬
‫پوندو‪ .‬هڪ آخري ڳالهه ته هن رٿيل ۽ رد ڪيل ڊيم تي‬
‫هاڻي مڪمل طرح فاتحه پڙهي وڃي‪ ،‬ڇو ته قومي‬
‫يڪجهتي‪ ،‬صوبي جو اتفاق‪ ،‬اتحاد کان وڌيڪ ڪاري باغ‬
‫ڊيم جي وقعت نه هئڻ کپي‪.‬‬

‫‪294‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جا دل ۾ هئي‪ ،‬سا آئي زبان تي‬
‫اڄ جي هن ادبي تقريب جا معزز مهمانو! مان هن‬
‫تقريب جي حوالي سان اڄ جون هي چنڊ ساعتون انهن‬
‫اٻوجهه ماروئڙن‪ ،‬اگهاڙن پيٽ بکين‪ ،‬جهانگيئڙن ۽‬
‫سانگيئڙن جي نالي ارپيان ٿي‪ ،‬جن بيگناهه ۽ مظلومن‬
‫کي سازشي ٽولي پنهنجي وحشتن ۽ جديد هٿيارن سان‬
‫ڪٺو ۽ ناحق خون ڪيو‪ .‬پرديپ ڪالڻيءَ جو آزاد نظم‬
‫آهي تها‬
‫اکيون اندر‪ ،‬پيٽ پٺيءَ سان لڳل‪ ،‬جسم سڄو ٿڪل‬
‫حسرت ڀريون نگاهون شاگردن ۾ کتل‪،‬‬
‫شاگردن جا پير ڍڪيل‪ ،‬جوراب ڦاٽل‪،‬‬
‫اکيون ٻاهر‪ ،‬پيٽ نڪتل‪ ،‬استاد پڙهائڻ ۾ مشغول‪،‬‬
‫معصوم چهرو سوچي ٿو‪،‬‬
‫شڪل ساڳي‪ ،‬قد ساڳيو‪ ،‬عمر ساڳي‪،‬‬
‫هي ڪلس ۾ اندر‪ ،‬آءي دروازي تي بيٺل‪ ،‬هي فرق‬
‫ڇا جو؟‬
‫اها ساڳي قلبي واردات‪ ،‬ڊاڪٽر ذوالفقار پنهنجي‬
‫ڪتاب ۾ پيش ڪئي آهي‪ ،‬لفظن جي رانديڪن سان‬
‫راند رهي رهي ٻارن کي وندرائيندي موسم جو حال‬
‫احوال ٻڌائيندي‪ ،‬هوائي جهاز‪ ،‬ريلوي اسٽيشن‪ ،‬راڻي باغ‬
‫جو سير ڪرائيندي‪ ،‬جڏهن ٻارن کي ڪمپيوٽر جون‬
‫خوبيون ٿو ٻڌائي‪ ،‬تڏهن سندس ذهن انهيءَ فرق کي‬
‫محسوس ڪري وٺي ٿو‪ ،‬جيڪو پرديب ڪالڻيءَ آزاد‬
‫نظم ۾ پيش ڪيو آهي‪.‬‬
‫ذوالفقار سيال لفظن رانديڪن لکي ٿو‬
‫ممڪن‪......‬‬
‫صبح سوير منهنجا ننڍا گنجي گوڏ ۾ هوندا آهن‪.‬‬
‫لسي وَٽِي سان ماني کائي اسڪولن ڏي ويندا‬
‫آهن‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪295‬‬

‫آهن‪.‬‬

‫اڪثر پيٽ لنگهڻ تي ٻچڙا ڪڏهن ته روئي پوندا‬

‫مون مقالي جي شروعات ۾ ٻن شاعرن جي‬
‫شاعريءَ جا حوال انڪري ڏيڻ ضروري سمجهيان آهن‪،‬‬
‫۽ وري هڪ محقق درمحمد پٺاڻ جو مقالو سمجهاڻيءَ‬
‫لءِ ڪافي آهي‪ ،‬درمحمد صاحب لکي ٿوا هڪ هنڌ ته‬
‫اڄوڪو انسان قلم ڌڻي‪ ،‬ذات ڌڻيءَ جي ڪردار کي‬
‫جاچي ٿو‪ ،‬هو ڦُٽ پٽي کي قلم ڏئي ۽ پنهنجي وچ واري‬
‫مفاصلي کي ماپي ٿو‪.‬‬
‫اگر ان چوڻيءَ جي روشنيءَ ۾ اسان اڄ جي‬
‫سنڌي اديب ۽ عوام درميان مفاصلي کي ماپينداسون‬
‫ته اها حقيقت مڃڻي پوندي‪ ،‬ته سنڌ متعلق لکڻ ۾‪،‬‬
‫خدمت ڪرڻ ۾‪ ،‬اسان جي اديب کي ڪا للچ نه آهي‪.‬‬
‫سنڌي اديب وقت جي ڪارين ڪاپي ٿيڻ کان هميشه‬
‫انڪاري رهيو آهي‪ ،‬نه هنن سرڪاري سرپرستيون‬
‫قبوليون‪ ،‬نه فوجي جرنلن جي ڪتابن جا ديباچه لکيا ۽‬
‫نه سنڌ حاڪمن جي هٿن پيرن چمڻ ۽ خصوع ۾ غلطان‬
‫رهيا آهن‪ .‬اها به حقيقت آهي ته اها شاعري يا اها ڏات‬
‫جنهن ۾ ڏاڍ ۽ جبر خلف حق سچ جي ڳالهه ڪيل‬
‫هجي‪ ،‬بمن‪ ،‬بارودن ۽ گولين جي ٺڪائن جو ذڪر هجي‬
‫جنگ ۽ نفرت جي ڳالهه هجي‪ ،‬اهي اکر جيڪي اگهاڙي‬
‫انگ کي ڍڪڻ جي آٿت‪ ،‬جيڪي اکر غدار ۽ ويري کي‬
‫ڇرڪائي نه سگهن‪ ،‬جيڪي اکر پرچائي نه سگهن‪ ،‬اهي‬
‫اکر ئي آهن پر ڪنهن تخليق ڪار جا نه آهن‪ ،‬مان‬
‫سمجهان ٿي ته قومي شاعري کي ئي فطري شاعري‬
‫ڪوٺي سگهجي ٿو‪ ،‬جيستائين ذوالفقار سيال جي‬
‫شاعريءَ جو تعلق آهي ته ذوالفقار ڊاڪٽر به آهي‪،‬‬
‫انساني جسم جي حفاظت تي مامور ڊاڪٽر ۽ شاعر نه‬
‫آهي‪ ،‬ان سلسلي ۾ اگر سانئڻ! وزير اعظم بينظير‬
‫صاحبه جو تازو ڪراچيءَ ۾ ڪاليج آف فزيشنز ۽‬
‫سرجنز آف پاڪستان جي خصوصي ڪنوينشن ۾‬
‫جيڪو ڊاڪٽرن لءِ پيغام ڇڏيو آهي‪ ،‬ان جو ذڪر ڪجي‬

‫‪296‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ته موقع مهل ٿيندو‪ ،‬سانئڻ فرمايو ته ”ڊاڪٽر صاحبان‬
‫جسماني زخمن جو ته علج ڪن ٿا‪ ،‬اسان جي قوم تي‬
‫جيڪي مايوسيون ۽ محروميون طاري ڪيل آهن ۽ زخم‬
‫لڳايا آهن‪ ،‬اسان کي انهن جو به علج ڪرڻو آهي“‪ ،‬مان‬
‫سمجهان ٿي ته جيڪڏهن ذوالفقار کي ان سوال جو‬
‫جواب بڻائي پيش ڪجي ته اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته‬
‫ذوالفقار ان جو بهترين جواب آهي‪ .‬ڇو ته جيڪي ماڻهو‬
‫پنهنجي جذبي ۽ قوت کي ادب جي نالي ۾ ظاهر ڪندا‬
‫آهن‪ ،‬ان جي پنهنجو مان هوندو آهي ۽ اسان جو ادب‬
‫اسان جو شعر يا افسانو سڀ واقعاتي زندگيءَ جي‬
‫روزاني روئداد سان وابسته آهن‪ .‬سنڌي شاعري يا‬
‫ادب ۾ ڪڏهن به اخلق کان عاري خيال يا تصور اسان‬
‫کي نه ملندو‪ ،‬مجاز کان شاعري شروع ٿيندي‪ ،‬پر انت‬
‫وڃي حقيقي عشق سان ٿيندو‪ .‬ذوالفقار سيال ‪1981‬ع‬
‫۾ هڪ شاعريءَ جو مجموعو اسان کي ڏنو‪ ،‬جنهن لءِ‬
‫پاڻ لکي ٿو ته مون پنهنجي جذبن کي شاعريءَ جي‬
‫ٿانءَ ۾ اوتيو آهي‪ .‬مان سمجهان ٿي ته سندس ان‬
‫وقت ۽ هينئر جا جذبا عوام جا جذبا آهن‪.‬‬
‫”……پيل چهرا“ جا چند شعر پيش خدمت آهنا‬
‫ڦاهي گهاٽ جي ڇپر هيٺان‪ ،‬ريٽا ڦول ڪي اسريا‬
‫آهن؟‬
‫جوواڻن تي اجڙيا آهن‪ ،‬منهنجا سپنا وکريا آهن‪،‬‬
‫روڳا سپنا اسريا آهن‪،‬‬
‫وري چئي ٿو‬
‫اونداهيءَ ۾ ڏيئو ٻاري تيل جي بدران رت‬
‫ڏينداسون‬
‫جيستائين پنهنجو انت نه ٿي ڪو‪.‬‬
‫مان سمجهان ٿي ته اسان جي اديبن جو مقصد‬
‫صرف ادبي يا شاعريءَ جا مجموعا بازار تائين آڻڻ نه‬
‫آهي‪ ،‬بلڪه اهڙي رويي جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ‬
‫به آهي‪ ،‬جنهن مان هر تخليق کي زندگي آموز ۽ زندگي‬
‫بنائڻو به آهي‪ ،‬۽ اها وقتي هنگامي ضرورت نه رهي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪297‬‬

‫آهي‪ .‬بلڪ اهو سڀ ڪجهه ڌرتي ۽ عوام سان وابستگي‬
‫جو نتيجو آهي‪ ،‬زندگيءَ جي ناڪامين ۽ غمن جي‬
‫دردناڪ عوامي ڪسڪ ۽ محروميءَ جو نتيجو آهي‪.‬‬
‫ان تمهيدي انتساب يا پيش لفظ کانپوءِ هن ڪتاب‬
‫”لفظن جا رانديڪا“ متعلق چند پنهنجا تاثرات پيش‬
‫ڪندس‪ ،‬هيءُ مجموعو موضوعاتي آهي‪ ،‬جنهن ۾ ليکڪ‬
‫سٺا موضوع منتخب ڪيا آهن‪ .‬ٻولي تمام سولي‬
‫استعمال ڪئي اٿس‪ ،‬ڪٿي ڪٿي ڪتابت جي غلطيءَ‬
‫ڪري موضوع تشنه محسوس ٿئي ٿو‪ .‬ڇو ته سنڌي‬
‫ادب ۾ ٻارن جو ادب نه هئڻ برابر آهي‪ ،‬ان ڪري هن‬
‫ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي ٻارن‪ ،‬فنڪارن ۽‬
‫استادن کي هڪ اهڙو ڪتاب ميسر ٿيو آهي‪ ،‬جيڪو‬
‫ڳائي سگهجي ٿو‪ ،‬جهونگاري سگهجي ٿو ۽ استاد‬
‫وسيلي ڳوٺ ڳوٺ‪ ،‬وستي وستي ان ڪتاب کي ٻارڙن‬
‫تائين پهچائڻ اسان سڀني جي اجتماعي ضرورت آهي‪.‬‬
‫ان سلسلي ۾ ڪتاب ۾ پيش لفظ جي صورت ۾ جيجي‬
‫زرينه بلوچ ۽ نورالهديٰ شاهه جي وضاحت مان صاف‬
‫ظاهر آهي ته‪ ،‬سنڌي لکڻ ۽ سنڌي پڙهڻ يا ان جي‬
‫حفاظت اسان سڀني جو قومي فرض آهي‪ .‬جيجي‬
‫زرينه بلوچ لکي ٿي ته ”پڙهڻ ۽ پروڙڻ لءِ بنيادي شرط‬
‫سنڌي ٻولي آهي‪ ،‬مادري ٻولي آهي‪.‬و‬
‫نوالهديٰ شاهه لکي ٿي تها‬
‫اسان جي اندر جو ٻار وڃائجي ويو آهي‪ ،‬هڪڙو‬
‫دٻيل خوف‪ ،‬ته گهر جي چارديواريءَ کان ٻاهر کيس‬
‫پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ گهرجي يا نه؟ ۽ هڪ استاد ۽‬
‫سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ آءي ان جي تائيد ڪنديس‬
‫ته ٻولي ادب جي جان آهي‪ ،‬اسان جي سنڌي ٻولي ڪا‬
‫اوقاف جي ملڪيت نه آهي جو ندويءَ جهڙا مل ۽ سليم‬
‫حيدر جهڙا ڇاڙتا مزارن جي پيتين جي عوامي نذرانن‬
‫وانگر ان کي ڳڙڪائي وڃن‪ ،‬هي اهو دؤر نه آهي جڏهن‬
‫ممتاز ڀٽي جي دؤر ۾ ‪ 55‬ميمبرن جي حمايت سان‬
‫ٻوليءَ جو بل پيش ڪيو ويو ته ٻيا اردودان ته ٺهيو‬

‫‪298‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫پرپيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي منتخب ٿيل ميمبر‬
‫جهڙوڪا سيد سعيد حسين ۽ عبدالوحيد قريشي پڻ‬
‫بائڪاٽ ڪيو‪ .‬سڄي اردو لبي سنڌي زبان خلف محاذ‬
‫کڙو ڪيو‪ .‬وزير محنت عبدالله بلوچ جي بنگلي کي باهه‬
‫ڏني ويئي ۽ اهڙي طرح هل هنگامي ۽ لساني ڇيڙ ڇاڙ‬
‫جي ترتيب ڏني ويئي‪ ،‬هي حقيقتون آهن‪ ،‬انهن حقيقتن‬
‫کي آڏو رکي اسان کي سنڌي زبان جي حفاظت ڪرڻي‬
‫آهي‪ ،‬کسيل اعزاز واپس وٺڻو آهي‪ .‬اسان ڪنهن به‬
‫زبان جي خلف نه آهيون‪ .‬پر زبانن کي استحصال جو‬
‫ذريعو به نٿا سمجهون‪.‬‬
‫جهڙي طرح منظم سازشن تحت‪ ،‬سنڌيءَ جي‬
‫حيثيت ۽ دائري کي محدود ڪيو آهي‪ ،‬ڪراچيءَ جي ‪4‬‬
‫لک سنڌي آباديءَ لءِ صرف ٻه سنڌي ميڊيم اسڪول‬
‫اين‪.‬جي‪.‬وي ۽ سنڌ مدرسه السلم‪.‬‬
‫ڪراچي يونيورسٽي جو سنڌي زبان خلف فيصلو‪،‬‬
‫حيدرآباد ۾ اهم اسڪولن مان سنڌي زبان جو خاتمو‪،‬‬
‫يعني اسان جو ٻار پرائمري درجي تائين ته پنهنجي‬
‫مادري زبان ۾ پڙهي سگهي ٿو‪ ،‬پر اڳتي هلي اسان جي‬
‫ٻار لءِ راهون بند آهن‪ .‬مجبورا ا اسان والدين ٻارن کي‬
‫اردو سيڪشن ۾ داخلئون وٺي ڏياري مطمئن ٿيون ٿا‪،‬‬
‫پر اسان جهڙي سوچ ۽ لوچ جي پيڙائن کان ڪو پڇي‬
‫ڏسي ته دل جي ڪيفيت ڇا آهي؟ سوال اهو آهي ته‬
‫اگر ثقافتي ۽ تعليمي ڪيفيت اها رهي ته پوءِ سنڌي‬
‫ڪتاب‪ ،‬سنڌي ثقافتي ادارا ڪير هلئيندو؟ ڪڏهن اسان‬
‫سنجيدگيءَ سان ويهي ان جو تجزيو ڪيو آهي؟ هي‬
‫حقيقون رانديڪن جا لفظ نه آهن‪ ،‬بلڪ اسان جي‬
‫قومي تشخص ۽ نسلي حفاظت جا بندوبست ڪرڻا‬
‫آهن‪ .‬اهي اقدامات ڪرڻا آهن ته جيئن اسين مستقبل‬
‫۾ ”سنڌي ادب“ جا رکوال پيدا ڪري سگهون‪ .‬مان هن‬
‫ثقافتي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي هڪ هڪ اديب‪ ،‬استاد‪،‬‬
‫دانشور ۽ نوجوان نسل کي خدا جي نالي ۾ اپيل ٿي‬
‫ڪريان‪ ،‬عوامي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪندڙن کي اپيل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪299‬‬

‫ٿي ڪريان ته خدارا سجاڳ ٿيو‪ ،‬متحد ٿيو ۽ عملي ڪم‬
‫ڪريو‪ ،‬ان سلسلي ۾ اسان اديب لکندڙ گهڻو ڪجهه‬
‫ڪري سگهون ٿا‪ .‬جيئن ڪامل راڄپر صاحب هينئر‬
‫اعلن ڪيو ته هن ذوالفقار سيال جي ڪتاب لفظن جا‬
‫رانديڪا جون )‪ (200‬ڪاپيون خريد ڪيون آهن‪ ،‬۽ هينئر‬
‫اهي ڪاپيون هو پنهنجي علئقي جي اسڪولن‪ ،‬هيڊ‬
‫ماسترن تائين پهچائيندو‪ ،‬ته جيئن نصاب جي ڪتابن‬
‫سان گڏ اهڙي قسم جا ڪتاب به ٻار پڙهن ۽ پنهنجي‬
‫زبان ۾ جهونگارڻ سکن‪ ،‬صوفي غلم مصطفي تبسم‬
‫کي مان به اها اپيل ڪريان ٿي ته منهنجي ڏنل ائڊريس‬
‫تي سنڌ واسي سنڌي زبان جا ڪوڏيا مون سان خط‬
‫وڪتابت ڪن ۽ آءي انشاالله اها ادبي ڪوشش ڪنديس‬
‫ته جيئن اسان جي ٻچن کي اها شڪايت نه رهي ته‬
‫انهن تائين ڪتاب نٿا پهچايا وڃن ۽ صرف زباني ڪم‬
‫ڪيو وڃي ٿو‪ .‬اهڙي طرح ڀيڻ مهتاب راشديءَ به اعلن‬
‫ڪيو آهي ته سندس کاتو ٻارن لءِ تقريبا ا ‪ 40‬ڪتاب‬
‫ڇپرائي رهيو آهي‪.‬‬
‫ان کانسواءِ ڪتابي دنيا جي جي ساڃاهه ۽ سڃاڻ‬
‫کانپوءِ هڪ آخري گذارش ڪنديس ”سنڌي ناري ادبي‬
‫سنگت“ متعلق ڇو ته اهو منهنجو مذهبي فرض به‬
‫آهي‪ ،‬ته اوهان جي تعاون حاصل ڪجي‪ ،‬اهو ان لءِ جو‬
‫مان ايمانداريءَ سان سمجهان ٿي‪ .‬سنڌي عورت‬
‫سنڌي مرد جي معاشرتي ڏاڍاين رسمن ۽ رواجن وٽ‬
‫اغوا ٿيل آهي‪ .‬اسان جون عورتون هڪ طرف واهيات‬
‫اقتصادي نظام‪ ،‬۽ ٻئي طرف رسمن رواجن جي‬
‫سازشن ۾ طوطا مينا وانگر قيد آهن‪ ،‬يقين رکون ته‬
‫اسان جي سماجي پسماندگيءَ جو به سبب اهوئي‬
‫آهي‪ .‬مون کي حيرت آهي ته هتي سڀني ايندڙن تمام‬
‫سهڻا سهڻا نڪتا ۽ خيالت پيش ڪيا‪ .‬ٻار جي مضبوطي‪،‬‬
‫ٻار جي نفسيات‪ ،‬صحت ۽ ادبي اوسر جو ذڪر ڪيو پر‬
‫افسوس آهي‪ ،‬ته ٻار پيدا ڪندڙ جو جيڪو حقيقي‬
‫”يونٽ“ آهي يعني عورت‪ ،‬يعني ماءُ يعني ان جي ذهني‬

‫‪300‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تعليمي ۽ اقتصادي بهتري متعلق ڪنهن هڪ فرد نه‬
‫ڳالهيو آهي ۽ نه راءِ ڏني آهي‪.‬‬
‫حالنڪ آءي هيئن چونديس ته ‪:‬‬
‫گيت اسان جا ناهن‬
‫اڌارا‪،‬‬
‫جن ۾ ديس جا درد‬
‫سمورا‪،‬‬
‫پل پل ٿيندا پنهنجا‬
‫نيارا‪،‬‬
‫امڙ ماءُ لولي ڏيئي‪،‬‬
‫بندوق وجهي گولي‪،‬‬
‫رهزنن تي هلئيندي‪،‬‬
‫ٻالڪ نه ريجهائيندي‪،‬‬
‫هيءُ ڊيم به ڊاهيندي‪،‬‬
‫مهراڻ به بچائيندي‪،‬‬
‫قسم آسنڌ جو‪،‬‬
‫جيجل مٺيءَ جند جو‪،‬‬
‫لک ڪين هٽائيندي‪،‬‬
‫دڳ ڪين مٽائيندي‪.‬‬
‫قلم جي هي ڪڙاڻ يقينا ا ڪن کي وڻندي؟ اسان‬
‫عورت کي ايترو ته مظلوم بڻايو ويو آهي‪ .‬جو اڄ به اها‬
‫ملڪيت آهي‪ ،‬وڪڻڻ لءِ ۽ حيرت جي ڳالهه هيءُ آهي‬
‫ته‪ ،‬سڀ اديب ۽ دانشور ان تعميري نڪتي تي ڳالهائين‬
‫به ڪو نه ٿا‪ .‬احتجاج ته پري رهيو‪ ،‬ڳوٺاڻي عورت ‪14‬‬
‫کان ‪ 18‬ڪلڪ ڪم ڪري ٿي‪ .‬سارين جي وهراج کان‬
‫ڦٽين جي چونڊ‪ ،‬ڪڻڪ جي لڻڻ‪ ،‬ڪمند جي ڪٽائيءَ کان‬
‫کير ڏهڻ سان گڏوگڏ‪ ،‬اها ئي عورت هارياڻي ٿي مرد‬
‫سان گڏوگڏ ڪم ڪري ٿي‪ .‬پر کيس معاوضو ڇا ملي‬
‫ٿو؟ صرف هڪ لفظ تون ايثار جي ديوي‪ .‬تنهنجي پيرن‬
‫هيٺان جنت‪ ،‬مقدس مان جهڙن لفظن سان ان کي‬
‫ريجهايو وڃي ٿو‪ .‬هاڻي اوهان ئي فيصلو ڪريو ته اها‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪301‬‬

‫عورت ڪهڙا سورهيه پيدا ڪندي‪ .‬مان هتي ويٺل‬
‫نوجوانن کي چونديس ته بابا اوهان کي سنڌي ڇوڪري‬
‫ڇو نٿي ڀانءِ پوي‪ ،‬ان لءِ اوهين ٻين قومن جا در ڇو‬
‫ويٺا واجهايو‪ .‬انهن پويان دولت ڇوٿا لٽايو‪ ،‬بقول امر‬
‫جليل جي ته سنڌي مرد رات جو پنجاب جي سونهن‬
‫سان چمڪي ٿو ۽ ڏينهن جو اسيمبلي هالن ۾ ننڊون‬
‫ڪري ٿو!‬
‫ڀائرو! سڄڻو! سنڌي ناريءَ جي سوچن تان پهرا‬
‫ختم ڪريو ته هوءَ قدرتي حسن جو حسين شاهڪار ٿي‬
‫اوهان جي آڏو ايندي‪ ،‬پوءِ اوهان انهن تعليم يافته نارين‬
‫سان شاديون رچائي هڪ صحتمند ۽ پختو نسل پيدا‬
‫ڪري سگهندا‪ ،‬جيڪو انقلبي ۽ بغاوتي به هوندو‪ .‬شعر‬
‫آهي تها‬
‫ڀل ڪو حسد ڪري منهنجي بيان‬
‫تي‪،‬‬
‫جا دل ۾ هڻي سا آئي قلم جي زبان‬
‫تي‪.‬‬

‫‪302‬‬

‫جن جي‬
‫تتت‬
‫زهر‬
‫تت‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫زندگي‬

‫سڀ کان پهريون منهنجو منصبي فرض آهي ته‬
‫مان ٿورا مڃان انهيءَ مارئيءَ جي ماروئڙن جا‪ ،‬جن‬
‫مون کي هن رهاڻ ۾ خيالت پيش ڪرڻ جو موقعو‬
‫فراهم ڪيو آهي‪ .‬مان هڪ معلم آهيان‪ ،‬پر وعظ‬
‫ڪرڻ ئي منهنجو منصب نه هئڻ کپي‪ .‬اهو صحيح آهي‬
‫ڳڀي ٽڪر لءِ پنهنجو ذهن وڪڻون ٿا‪ ،‬پر اسين‬
‫جيڪڏهن وعظ جي شوق کي محدود رکون ته اها‬
‫قومي تقاضائن سان بي ادبي ليکبي‪ ،‬اسين ته تخليل‬
‫پسند آهيون‪ ،‬جمالياتي ۽ فطري حسن رکندڙ آهيون‪،‬‬
‫جو فلسفي سڏائي سگهون‪ .‬دوستو! اهڙي غدد ۽‬
‫ثمود واري ماحول سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي‪،‬‬
‫هتي اچڻ منهنجو ڪو به تعلق نه آهي‪ .‬هتي اچڻ‬
‫منهنجو قومي فرض آهي ۽ ان قومي ڪاڄ ۾ شامل‬
‫ٿيڻ کان ڪوبه سرڪاري ضابطو نه ٿو روڪي سگهي‪،‬‬
‫اسان جون پاڙون عوام ۽ ڌرتي ۾ کتل آهن‪ ،‬اسين ان‬
‫سماج جي پيداوار آهيون‪ ،‬جتي جمال ابڙي جي‬
‫ڪردار ۾ هڪ ٻار جي رانديڪي تي پير اچڻ ڪري ان‬
‫ڪردار ملمت ڪندي پنهنجو پاڻ کي پاڻيءَ جي ٻ ُڪ ۾‬
‫ٻڏي مرڻ جي خواهش ڏيکاري هئي‪ .‬ان روحاني‬
‫قدرن جي وهندڙ درياءَ جا اسين ۽ اسان جي قوم‬
‫وارث آهي‪.‬‬
‫مان کڻي ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته اها‬
‫انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته شيخ صاحب جي‬
‫مان ۾ سندس اعزازي رهاڻ ”پنجن خاصيتن واري “‬
‫ماحول جي بجاءِ هتي ٿي رهي آهي‪ .‬اسان جي سوچ‬
‫جا ته هوٽلن ۾ قدم جلدي کڄي هلندا‪ ،‬سهڪندا هلي‬
‫سهڪاري ٿينداسون‪ ،‬پر هنن جڳهن تي اچڻ ۾ شايد‬
‫اسان کي ڪا ذهني تڪليف ٿيندي آهي ڇا؟ حالنڪه‬
‫خبر اٿئون ته قومون خواهشن سان نه پر مناسب‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪303‬‬

‫عمل سان زندهه رهن ٿيون‪ .‬سماج ۽ روايتن جي‬
‫تبديلي ڪا ٻاراڻي راند ته نه آهي‪ ،‬ا ُڏوهي ۽ ڪلر کاڌل‬
‫هن معاشري ۾ اسان آڏو ڪيترا زندهه لش ۽ ڪيترا‬
‫مرده لش ماتمي جلوسن ۾ اسان دفن ڪري چڪا‬
‫آه‪Ô‬يون‪ .‬۽پوءِ هڪ اديب ڪيئن ذهني آسودگيءَ واري‬
‫ماحول ۾ پنهنجي اضطرابي ڪيفيت‪ ،‬جذباتي حالتن‬
‫کي انساني ضميرن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾‬
‫ڪامياب ٿيندو‪.‬‬
‫دوستو! وڌيڪ آسودگي‪ ،‬تزآئين‪ ،‬آرائش ۽‬
‫برخاست جي صورت ۾ هنن رهاڻين جي ساخت تي‬
‫اثر انداز ٿي سگهن ٿيون‪ .‬۽ شيخ صاحب جهڙا ليکڪ‬
‫عموما ا ظاهري ساخت کان وڌيڪ روحاني طور تي‬
‫ضمير ۽ ضمير جي آخري حصي تائين پهچي سگهڻ‬
‫جي همت ۽ ڏاهپ رکن ٿا‪ .‬ڇو ته هو سمنڊ جي سطح‬
‫تان نه پر پاتال مان به ”موتي “ ڪڍڻ جي استطاعت‬
‫رکن ٿا‪ .‬دوستو! اسين ڇا ڪريون! والٽيئر جو قول‬
‫آهي ته پڪو ۽ پختو اصول رکڻ بي وقوفي آهي‪ ،‬پر‬
‫مان چوان ٿي ته قوم لءِ ڪوبه عقيدو نه رکڻ غير‬
‫جانبدار رهڻ صرف هلو هلو‪ ،‬هاءِ هاءِ‪ ،‬ٽاءِ ٽاءِ ڪرڻ‬
‫جرم آهي‪ .‬اهو عمل غلمانه ذهنيت جو ثبوت آهي ۽‬
‫غلمانه ٿيڻ جهڙو سولو ڪم ته ٻيو ڪو آهي ئي‬
‫ڪونه‪ .‬منهنجي ڳالهين ۾ جيڪڏهن ڪا تلخي آهي ته‬
‫معذرت خواهه آهيان‪ ،‬پر اچو ته دوستو! سچ جون‬
‫صراحيون سرڪيون پنهنجي دؤر جي ترجماني ڪندي‬
‫تمهيدي طور هڪ آخري ڳالهه ڪنديس ته اها هيءَ ته‬
‫انياءَ ۽ نياءَ جي وڇوٽي واري ماحول ۾ هيءُ اندر جو‬
‫زهر اسان کي ”سنڌي سماج “ طرفان ورثي ۾ مليو‬
‫آهي‪ .‬نراس اديب ڪنهن به پابنديءَ کي قبول ڪرڻ‬
‫کان انڪاري آهي‪ .‬فرنر ڪافڪا جي ڪردار کي‬
‫جڏهن دنيا سان مقابل ٿيڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي‪،‬‬
‫تڏهن کيس پنهنجو هيڏو سارو وجود اسان مان‬
‫”ڪاڪروچ “ ٿيڻ محسوس ٿيو‪ .‬البرٽ ڪاميو دنيا کي‬

‫‪304‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آقا سڏيندي بغاوت ڪئي‪ ،‬پر آپگهات ڪيائين پر ڪنهن‬
‫به پابندي کي نه قبوليائين‪ .‬اهڙي طرح اسان جا اديب‬
‫۽ عوام به ڪنهن به دؤر ۾ ڪابه پابندي قبولڻ جي‬
‫عالمي معيار تي تعداد ۽ خاصيت جي لحاظ کان‬
‫مٿانهان نظر ايندا‪ .‬اڄ اسان جي عوام کي ايترو‬
‫سوڙهو ڪيو ويو آهي‪ .‬جو بعيت ڪرائڻ وارو‬
‫”يزيداني فلسفو “ به مات کائي ويو آهي‪ .‬دنيا ڳنڍجي‬
‫رهي آهي‪ .‬اسان ٽٽي رهيا آهيون‪ .‬جي گوليءَ جو‬
‫جواب گوليءَ سان نه ٿا ڏيون ۽ خاموش رهون ته‬
‫دشمن ايستائين ظلم ڪندو ۽ گوليون وسائيندو‪،‬‬
‫جيستائين اسين ”ظالم“ نه بڻجي وڃون‪.‬‬
‫ڪالهه جنهن ديوار کي ٽوڙڻ تي گوليون هلنديون‬
‫هيون‪ ،‬اڄ عوام جي مڇريل پر متحده عوام هٿ ۾‬
‫هٿوڙيون ۽ تيشيون کڻي ”ديوار برلن “ کي ڊاهڻ لءِ‬
‫ميدان ۾ نڪري آيا آهن‪ ،‬ياد رهي ته اها ديوار ۽ ان جو‬
‫واپار ”اتفاق فائونڊري “ جي شريف ڀائرن جو مال نه‬
‫آهي ته ڪو قرضن جي زور تي وڪرو ٿي سگهي‪ .‬هن‬
‫ديوار جا ٽڪرا ٽڪرا ماڻهو محفوظ ڪري ڇڏيا آهن‪،‬‬
‫ته جيئن کين ”نفرت “ همت‪ ،‬دشمن قوتن کان ٿي‬
‫سگهي‪ ،‬۽ ان نفرت جي بنياد تي هو پنهنجي دشمن‬
‫قوتن کي ياد رکي سگهن‪ ،‬مون به اها ڳالهه ٿي ڪرڻ‬
‫چاهي ته ”اڄ جڏهن شيخ صاحب جي نالي جي پهرين‬
‫لفظ تي مون غور ڪيو ۽ لکڻ چاهيم ته قلم جواب‬
‫ڏنو‪ .‬ان ڪري مون سڄي مقالي ۾ ”شيخ“ لفظ ئي‬
‫استعمال ڪيو آهي “‪ .‬نال ته ڪيترن جا ئي رکيل‬
‫هوندا ۽ سڀ نال پنهنجي ”حصار“ ۽ ان حصار مان‬
‫نڪرڻ ۽ اچڻ کي هڪ سائنسي حقيقت آهي‪.‬‬
‫خيرالنساءِ جعفري جيڪا سنڌي ادب جي هڪ منفرد‬
‫ليکڪا آهن‪ ،‬اها پنهنجي هڪ تحرير ۾ لکي ٿي ته‬
‫”اسان دلين وارا حصا ‪ 90‬سالن جي ليز تي وقف‬
‫رکندا آهيون‪ .‬پر خدا ڪري اهي نال زير جي اثر هي)‬
‫رهن‪ ،‬جي زبر جي ور چڙهندا ته پوءِ حشر تائين زير‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪305‬‬

‫وزير هوندا‪ .‬اسين ڪيڏا به چڱا قومن جي لفظن ۾‬
‫”پاڪي “ آهيون‪ ،‬لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ٻڌو آهي‪ ،‬ته‬
‫پاڪستانين کي ”پاڪي “ سڏيندا آهن‪ ،‬الئي‬
‫پاڪستاني ايڏو پاڪ ٿا لڳن يا وري پاڪيءَ مان سندن‬
‫مراد مٿي ڪوڙڻ واري پاڪي آهي‪.‬و‬
‫دوستو! انقلب يا تبديلي علم ۽ ادب فڪر ۽‬
‫فلسفي جي طاقت تي ايندي رهي آهي‪ ،‬لفظن جي‬
‫اها ڪاريگري اسان مان هينئر توقع رکي سگهي ٿي‬
‫ته اسان محبتن جي حد اورانگي ويٺاسون‪ ،‬پر هنن‬
‫نفرتن جون پڄاڻيون ڪيون‪ ،‬مسيح کي ته آسمان‬
‫ڏانهن نيو ويو پر اسلم جا هتي ”تارا مسيح “ اسان‬
‫جي ڌرتي ۽ اسان لءِ ”صفائي جي هفتن“ جي بهاني‬
‫سان گهرن جي پاڪنگ ڪري‪ ،‬هانءُ ڪٽڻ وارا نعرا‬
‫هڻي‪ ،‬ڳڻي ڳڻي چونڊ ڪري ‪ 6‬کان ‪ 16‬سالن جي‬
‫نياڻين جا قاتل ۽ جسم ٺپيندڙ آهن‪ ،‬اچو ته اخلق جي‬
‫انهن حدن اورانگهيندڙن کان سماجي طرح نفرت‬
‫ڪري سياسي پختگيءَ جو ثبوت پيش ڪريون‪ .‬بقول‬
‫خيروءَ جي ته اچو نئين سر هٿن ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌي‬
‫ڇٺيون ڪري نوان نال رکون‪ ،‬جيڪي اسان کي‬
‫شهيدن ۽ غازين جي قطارن ۾ آڻي بيهارين‪ .‬شاهه‬
‫لطيف جي چواڻيءَ ته‬
‫”واڪا ڪرڻ مون وس‪ ،‬ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو “‬
‫ادب دوست ساٿيو! مون کي ان ڊگهي تمهيد جي‬
‫لءِ معاف به ڪندا هلجو‪ ،‬شايد اوهان يقين ڪري به‬
‫وٺو ته مون هنن چند ڏينهن اندر شيخ صاحب جي‬
‫تقريبا ا ‪ 15‬ڪتابن جو نيوفيلڊس جي فيروز ميمڻ‬
‫صاحب جي تعاون سان مطالعو ڪيو آهي‪ .‬هن ادبي‬
‫ڀاءُ جو نالو ٻڌوسين سندس نياڻي مون وٽ امتحان‬
‫ڏيڻ به آئي‪ .‬اگر خبر هجي ها ته ادا‪ ،‬سان شام‬
‫ملهائي ويندي ته مان سندس ئي نياڻيءَ کان خيرات‬
‫واري حصي ۾ چند سندس تصنيفون ضرور هٿ ڪيا‬
‫ها‪ .‬مون سندس ڪتاب ۽ موضوع پڙهي محسوس‬

‫‪306‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪيو ته هڪ ته سفر نامن جي اصلي وصف مشاهدو‬
‫۽ ٻيو اها علمت جيڪا پنهنجي ديس واسين سان هڪ‬
‫اديب حساس دل ماڻهو کي ٿي سگهي ٿي‪ .‬اها شيخ‬
‫صاحب جي ڪتابن ۾ ڀرپور انداز ۾ ملندي‪” ،‬سفر‬
‫نامن“ جي کوٽ جيڪا سنڌي ادب ۾ محسوس ڪئي‬
‫وئي‪ ،‬ان جي کوٽائي پوري ڪئي اٿس‪ ،‬۽ ٻي ڳالهه‬
‫جيڪا مون مشاهداتي طريقي سان نظر ۾ رکي آهي‪،‬‬
‫اها هيءَ هئي ته اسان جي معاشري ۾ جيترو به‬
‫پڙهيلن جو تعداد آهي‪ .‬ان جي اوهان کي ڄاڻ آهي‪.‬‬
‫پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ”سفر نامن“ جا ڪتاب به‬
‫ايتري ئي تعداد ۾ اسان جا نوجوان خريد ڪري پڙهن‬
‫ٿا‪ ،‬جيترا ڪنهن ”قومي حصي تي “ اها سندس‬
‫ڪاميابي ۽ قلمي پورهئي جي ڪاميابي ۽ اوج جو دؤر‬
‫چئي سگهجي ٿو‪ .‬اها موٽ آهي عوام طرفان‪ .‬ڇو ته‬
‫اسان جو ڏاهو اديب جو مسئلو پرمٽ ڪو پلٽ يا ڪا‬
‫هوائي جهاز جي ٽڪيٽ يا ڪا سرڪاري سرپرستي‬
‫ڪڏهن مسئلو نه رهيو آهي‪ .‬سنڌي اديبن سونهن ۽‬
‫سچائيءَ سان ۽ احتجاج سان هميشه انسان ذات ۽‬
‫پيڙهجندڙ ماڻهن لءِ جياپي جي ضمانت گهري آهي‪.‬‬
‫جغلم بنائڻ ۽ بنجڻ کان هميشه انڪاري رهيو آهي “‪.‬‬
‫سنڌ جيڪا جمهوري اڳواڻيءَ جي سرواڻ آهي‪ .‬جتي‬
‫ٽڪراءُ‪ ،‬مار ڌاڙ‪ ،‬وفادارين خريد ڪرڻ وڪڻڻ وارن‬
‫جي اڄ جو اديب پوءِ اهو پنهنجو هجي يا پرائو‪ ،‬مذمت‬
‫ڪري ٿو‪ .‬انهن جي شناخت ڪري ٿو‪ .‬اهوئي اسان جو‬
‫ادبي ورثو آهي‪.‬‬
‫دوستو! اچو ته ان گڏيل قومي ادبي ورثي کي‬
‫اڳتي وڌايون‪ ،‬محبتون ڪريون جيڪي جسم منجهان‬
‫روح جي ڄار ۾ روحن جي رنگن ۾ ٻڏل هج‪ ،‬اُهي‬
‫محبتون جن سان سنڌ سماج‪ ،‬سماج جي اڏوهي‬
‫کاڌل ديوار کي ڊاهي نيون تعميرون ڪري سگهون‪.‬‬
‫مان هن ادبي ايوان جي پليٽ فارم تان مطالبو‬
‫ڪنديس ته ملڪ ۾ نيشنل بڪ ٽرسٽ‪ ،‬ادبي ٽرسٽ يا‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪307‬‬

‫ڪي اهڙيون اڪيڊميون قائم ڪجن ته جيئن اهڙن‬
‫ڪتابن کي علقائي زبانن ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرائي‬
‫عوام آڏو آڻين‪.‬‬

‫‪308‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ڪتاب ڪهاڻي ۽ ڪمرشلئيزيشن‬
‫سنڌ ۾ اسان جي نصيب ۾ آيل هڪ واحد دريا َء‬
‫مهراڻ اڄڪلهه موت جهڙي ماٺار ۾ آهي‪ .‬تازو پنهنجي‬
‫منصبي فرضن جي پورائي لءِ ميرپورخاص ڊويزن‬
‫عمرڪوٽ‪ ،‬مٺي تائين ۽ حيدرآباد ڊيوزن جا تقريبا ا سڀ‬
‫علئقا ڏٺا ۽ اتي وڃڻ ٿيو‪ ،‬هر انسان اندر جذبن جو به‬
‫هڪ درياءُ هوندو آهي‪ .‬انهي ئي جذبن جي پلين تي‬
‫انسان پنهنجي علم ۽ تجربن جا وهڪرا ۽ موڙ مقرر‬
‫ڪري ٿو‪ .‬سانوڻيءَ جي هن موسم ۾ مون کي اهو‬
‫جملو ڏاڍو وڻيو ته ڪال باغ ڊيم نه ٺهڻ جي سزا سنڌ‬
‫کي ڏني وئي آهي‪ .‬پاڻي جا ماهر ڇا به چون پر اها‬
‫حقيقت آهي ته اسان اگر ”پنج آب“ جا مالڪ هجون ها‬
‫تڏهن به اها سفاڪي ۽ چير ڦاڙ وڍڪٽ پاڻ کان نه‬
‫پڄي سگهي‪.‬‬
‫دوستو! اچو ته سارنگ ڳائي مينهن وسايو ۽‬
‫پنهنجي لڙڪن سان سنڌوءَ کي سيراب ڪيون‪ .‬بين‬
‫القوامي جينيئس اديب زان پال سار تر ادب جو نوبل‬
‫پرائز جنهن جي قيمت ڏهه لک پائونڊ هئي‪ ،‬اهو چئي‬
‫وٺڻ کان انڪار ڪيائين ته ”مون ننڍن معصوم ٻارن کي‬
‫بک وگهي مرندي ڏٺو آهي‪ .‬ڪوبه ناول ڪنهن مرندڙ ٻار‬
‫سان توري نٿو سگهجي‪.‬و ان ٿڙپ مان سنڌ جو اهو‬
‫اديب گذرندو جيڪو ميلن ڪنڍير‪ ،‬دوستو وسڪي ۽‬
‫چارلس ڊڪنز جي روايتن جو راهي هوندو‪ .‬ماڻهو‬
‫مارجي ويندا آهن‪ ،‬ليڪن روايتون ۽ بهادري ڪڏهن به‬
‫مارجي ۽ ختم نه ٿي سگهنديون آهن‪ .‬سياست کان‬
‫توبهه تائب ٿيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي‪ .‬اهڙي طرح‬
‫ادب ۾ ”ڪمرشلئيزيشن“ جي به ڪا ضرورت نه آهي‪.‬‬
‫اديب اهو سچو آهي‪ ،‬جيڪو کين حالتن ۾ وقت سان‬
‫ڪڏهن به سمجهوتو ناهي ڪندو‪ .‬ڪتاب ڪهاڻيءَ جي‬
‫مهورتي تقريب ۾ اسان جي ڏاهن تمام سهڻيون ۽‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪309‬‬

‫وقتائتيون ڳالهيون ڪيون‪ .‬سڀ کان وڌيڪ ”رائلٽي“‬
‫ادب جي ڪمرشلئيزيشن ”ون يونٽ“ جو ادب ۽ ان جا‬
‫اثرات سڀ کان اتي جيڪا اهم ڳالهه محترمه رشيده‬
‫راڄپر ڪئي‪ ،‬ان تي ڪنهن به بحث نه ڪيو‪ .‬انقلب ۽‬
‫تبديليءَ سان اسان جي وابستگي پراڻي آهي‪ .‬امن ۽‬
‫انقلب جو پيغام مرد ۽ عورت جي مڌر ميلپ سان ئي‬
‫ممڪن آهي‪ .‬رشيده حجاب جيڪو نڪتو کنيو‪ ،‬اُهو هيءُ‬
‫هو ته اڄ ڪهاڻي ۽ ناول کان وڌيڪ ”مضمون“ پڙهيا ٿا‬
‫وڃن‪ ،‬اها بلڪل حقيقت آهي‪ .‬ان نڪتي کي وڌيڪ‬
‫خيالت سان سنوارڻ جي ضرورت هئي ته آخر ڇو ائين‬
‫آهي؟ اسان جو الميو اهو آهي ته جڏهن انسان ٿڪجي‬
‫پئي ٿو ته اهو اعتراف ڪرڻ بجاءِ نظرياتي سبب‬
‫ڳولهي ماضيءَ کي ڊس اون ڪرڻ ۾ دير نه ٿو لڳائي‪،‬‬
‫تهذيب هر طرف جنم وٺي سگهي ها‪ .‬اگر هر فرد‬
‫پنهنجي ئي ذاتي خواهشن ۽ ڪوششن سان مسئلن جا‬
‫حل تلش ڪري سگهي ها‪ .‬ائين ئي اسان جي هيءَ‬
‫پڙهيل لکيل ۽ پي‪.‬اي‪..‬ڊي خاتون پنهنجي سگهاري ۽‬
‫وقتائتي سوال جو جواب حاصل ڪري نه سگهي‪ .‬نامور‬
‫شاعر ملٽن اکين کان انڌو هو‪ .‬هن انگريز شاعر‬
‫مصيبتن ۽ آفتن کي ڪاميابين لءِ لزمي قرار ڏنو هو‪.‬‬
‫هو لکي ٿوا‬
‫‪Constant success shows us, But one‬‬
‫‪side of the world‬‬
‫سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڏات ڌڻي صدين کان ڇانيل‬
‫آهن‪ .‬بلڪ ائين جيئن سانوڻي جي موسم ۾ هڪڙا‬
‫ڪڪر وسي خالي ٿيندا آهن ته ٻيا اڳ ئي وسڻ لءِ تيار‬
‫هوندا آهن‪ .‬جڏهن عبدلقادر جوڻيجو ۽ قمر شهباز‬
‫)شمشير الحيدري قمر شهباز ئي کي ڪٿي ڪمرشل‬
‫شهباز لکيو هو( ادب ۾ ڪمرشلزم جي ڳالهه ڪن ٿا ته‬
‫مون کي بلڪل سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهو ڪيئن‬
‫ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ اسان جي وڏن عهدن تي پهتل‬
‫انهن سينيئر اديبن ۽ ڊفينس جي پوش علئقن ۾ رهندڙ‬

‫‪310‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ساٿين جون ادب جي حوالن سان تمام گهڻيون‬
‫ڪاميابيون ۽ خدمتون آهن‪ .‬لطيف کانپوءِ جيڪي به‬
‫سگهارا ۽ ادب جي دنيا تي ڇانيل رهيا‪ ،‬اهي شيخ اياز‪،‬‬
‫تنوير عباسي‪ ،‬سائين جي‪.‬ايم‪.‬سيد‪ ،‬ابراهيم جويو‪،‬‬
‫طارق اشرف‪ ،‬قمر شهباز ۽ ٻيا ڪيترائي نال جيڪي‬
‫جيلن تائين به پهتا‪ ،‬شيخ اياز ماڊرن انٽرس ۽ ترقي‬
‫پسند اديبن سان مادر علمي کي ڀري ڇڏيو‪ ،‬ويهين‬
‫صديءَ جا اسڪالر مرزا قليچ بيگ‪ ،‬ڊاڪٽر دائود پوٽو‬
‫اهي سڀ ڪريئيٽو ۽ هيومنسٽ اديب هئا‪.‬‬
‫تاج وقلم و درهم کي قيدي‪،‬‬
‫انسان ڪي روداد فلق ڊهونڊ رها‬
‫هون‪،‬‬
‫ادب سان دوستي عوام جي محبت کي‬
‫ڪمرشلزم جي دوڪانداري ۾ قطعي به قيد نه ٿو‬
‫ڪري سگهجي‪ ،‬پنهنجي پڙهندڙ ٻڌندڙن تي وهمن‬
‫وسوسن‪ ،‬عقيدن ۽ قصيدجو ٻوجهه وجهڻ چاهيندا ته‬
‫پوءِ سلمتي ۽ نجات واري واهه ڏاڍي مشڪل بڻجي‬
‫ويندي آهي‪ ،‬اديب ۽ عوام جن ”ون يونٽ“ ۽ ايم‪.‬آر‪.‬ڊي‬
‫جي تحريڪ ۾ پنهنجا سنڌ ساڻا ڪيا‪ ،‬ڦٽڪا کاڌا‪ ،‬جيلن ۾‬
‫ويا‪ ،‬انهن کي عوام اڄ به عزت ۽ احترام سان ياد ڪري‬
‫ٿو‪ .‬منهنجي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه منفرد ڳالهه ڪئي ته‬
‫اديب اهو آهي‪ ،‬جيڪو ڌرتي سان ڪميٽيڊ هجي ڇو ته‬
‫اهي جيڪي ”اختيارات“ ۽ دولت سان ويجهڙائي ۾ هئا‪،‬‬
‫تن کي به هن ديس ۾ انصاف ڪٿان ملي سگهيو؟‬
‫اختيار ۽ دولت وارن کي به ته ڪمرشلئيزڊ فردن ۽‬
‫شوقينن پنهنجي ويساهه گهاتين سان اذيتون ڏنيون ۽‬
‫شاهراهن تي قتل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جون‬
‫ٽي ڏاهيون عورتون ”بيواهه“ بڻجي ويون‪ .‬بينظير ڀٽو‬
‫اسپتال ۾ رکيل پنهنجي جوانڙي ڀاءُ جي ڪفن ۾ ڍڪيل‬
‫ميت کي ڏسي چيو هو )‪ (?Where is he‬هن جي‬
‫اوڇنگارن جا آواز سڄي ماحول جي سيني کي چيري‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪311‬‬

‫رهيا هئا‪ .‬ايران سان تعلق رکندڙ نصرت ڀٽو بيواهه‪،‬‬
‫افغان ڄائي بيواهه شاهنواز‪ ،‬خليل جبران جي ديس‬
‫جي غنويٰ ڀٽو ڇا دولت‪ ،‬اختيار ۽ ڪمرشلئيزڊ ماحول‬
‫جون پيداوار نه آهن؟ ان ڪري اچو ته سادگيءَ سان‬
‫پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪندي اهڙيون ڪهاڻيون‪،‬‬
‫لکڻيون ۽ تحريرون عوام جي آٿت ۽ رهبريءَ لءِ آڻيون‪،‬‬
‫اسان سڀ ٿڪاوٽ‪ ،‬بلڊ پريشر‪ ،‬شگر جا مريض آهيون‪.‬‬
‫پيڙائن جي ڀوڳنا ۾ اسان کي پنهنجي جذبات ۽ سوچن‬
‫کي قلمبند ڪرڻ لءِ ڪنهن نه ڪنهن ڊاڪٽر کان ته‬
‫اجازت وٺڻي ئي پوي ٿي!‬

‫‪312‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫زندگي پيار جوبيانو‬
‫دوستو! حياتي ۽ زندگيءَ جي هن هيرو اسڪوپ ۾‬
‫جڏهن ڪو نفس زگ زيگ رستن ۽ تخليق واري مرحلي‬
‫مان گذري )پنهنجي مرضي سان نه( دنيا ۾ پهريون قدم‬
‫رکي ٿو ته اهو پاڻ سان گڏ پنهنجا ”ڊيٿ وارنٽ“ به‬
‫ساڻ کڻي اچي ٿو‪ .‬اهو اسان جو ايمان آهي‪ .‬دنيا جي‬
‫هر مذهب ۾ ”موت“ جو تصور هڪجهڙو آهي‪ .‬دنيا جي‬
‫سڀني ٻولين ۾ پنهنجن پيارن جي وڇوڙن تي مختلف‬
‫انداز ۾ نثر توڙي نظم ۾ خراج تحسين شاعري‪ ،‬مرثيا‬
‫نگاري يا مضمونن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي‪ .‬اسان وٽ‬
‫روزانو ڪيترائي انسان ڄمن پيا ۽ موت جو ذائقو چکين‬
‫پيا‪ ،‬ڪجهه ماڻهن جو موت ۽ وڇوڙا قومي سانحات ۾‬
‫شامل ٿي وڃن ٿا‪ .‬جنهن لءِ جيترو ماتم ڪجي گهٽ‬
‫آهي‪ .‬ڇو ته عبدالله مگسي جهڙا سنجيده بردبار‪ ،‬قلمي‬
‫پرست اسان ۾ وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن‪.‬‬
‫ڪائنات جي فاني سفر کان انڪار نه آهي‪ .‬ليڪن اسان‬
‫جيستائين پنهنجي اندروني تضادات‪ ،‬مونجهارن وارن‬
‫منزلن کان نه نڪرنداسون بک‪ ،‬بيروزگاري‪ ،‬قبيلئي‬
‫موت مار جهيڙا سنڌ ۽ سنڌين سان پير ڪندڙ ئي اهي‬
‫ڀرپور اعتصابي حمل جاري رهندا‪ ،‬ڪيترائي انسان ائين‬
‫”ادبي يتيمي“‪” ،‬بيگانگي“ لتعلقي‪ ،‬جي ور چڙهندا‬
‫ويندا‪ .‬اسين صرف مضمون نگاري ۽ مرثيه نگاري کي‬
‫ئي پنهنجو مقصد منزل سمجهي فرض نڀائي‬
‫هلنداسون‪ .‬جانور جيڪي بي زبان جانور آهن‪ ،‬انهن جي‬
‫به اگر جاگرفيائي حدن ۾ ڌاريو ڪو داخل ٿئي ٿو ته اهو‬
‫ان جو مقابلو ڪن ٿا‪ .‬جانور ۽ انسان لءِ پنهنجي حدن‬
‫جي حفاظت لزم ڪئي وئي آهي‪ .‬ته جيئن ”بقا“ ۽‬
‫جياپي جا امڪان رهجي اچن‪ ،‬غلمي ۽ احساس‬
‫محرومي‪ ،‬ظلم‪ ،‬بربريت‪ ،‬ادارن جي لپرواهي‪ ،‬سياسي‬
‫علم ۽ ثقافت جهڙن ميدانن جي بدنظمي واري اصول‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪313‬‬

‫کي جمود ۽ سڪوت کي ريزه ريزه ڪري سگهجي ٿو‪.‬‬
‫شرط اهو وڃي بچيو آهي ته نظرن آڏو جيڪي ٿي پيو‪،‬‬
‫جيڪو وهي واپري پيو‪ ،‬ان کي ڪيئن وسارجي؟ اهي‬
‫”ذاتي تجربا“‪” ،‬اهي پيڙائون“ انسان جي پنهنجي پر‬
‫تائين نه به پهچن‪ ،‬انهن مان اسين نه به گذريا هجون‪،‬‬
‫پر اهو يقين ڪرڻ کپي ته جتي دونهون هوندو اتي‬
‫”باهه“ ضرور هوندي‪ ،‬ڇو ته دونهو ۽ باهه لزم ۽ ملزوم‬
‫آهن‪” ،‬باهه“ کي اسان نه به ڏٺو هجي‪ ،‬صرف دونهون‬
‫ڏٺوسين‪ ،‬ليڪن اسان جو قومي فرض اسان‬
‫جواستدلل ۽ احتياط اهو هئڻ کپي ته باهه ٻرڻ کان‬
‫پهريون ان دونهين کي ڪيئن وسائجي؟ اديب‪ ،‬شاعر‬
‫قومن جا سرواڻ هوندا آهن‪ .‬انهن جي بقا ۽ جياپو‪ ،‬انهن‬
‫سان گڏوگڏ علمي جدوجهد‪ ،‬مقبرن‪ ،‬اڏائڻ انهن تي‬
‫گلب جا گل چاڙهڻ کان وڌيڪ فطري عمل آهي‪ .‬چي‬
‫گويرا جو قول آهي ته‬
‫”موت جيئن مليو‪ ،‬اسان سندس آڌر ڀاءُ‬
‫ڪنداسون‪ ،‬شرط اهو آهي ته اسان جو نعرو ڪنهن دل‬
‫۾ کپي چڪو هجي‪ ،‬ٻيا هٿ‪ ،‬اسان جي هٿيارن کڻڻ لءِ‬
‫تيار هجن‪ .‬اسان جا جنازا ماتمي ترانن بدران توبن جي‬
‫گجگوڙ ۾ کڄڻ گهرجن‪ ،‬جنگ کٽڻ جي نون گيتن سان‬
‫فضا جا هٿيار ڪٽجي وڃن‪.‬و‬
‫دوستو! وقت اچي ويو آهي ته اسان صرف گيتن‬
‫جي گجگوڙ کي ئي ڪافي سمجهون‪ .‬نعرن جي‬
‫ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ کي مقصد بڻايو‪ .‬يا وري شيڪسپيئر جي‬
‫ان يهودي ڪردار شائلڪ جيان جنهن کي انسان‬
‫گوشت جو پائونڊ ٿي کپيو‪ ،‬ان وانگر وڌيڪ انتظار ڪريو‬
‫فيصلو اوهان تي آهي‪.‬‬
‫منهنجو ڀاءُ‪ ،‬منهنجو پروفيسر عبدالله مگسي هڪ‬
‫استاد هو‪ .‬مون وانگر سياست پڙهائيندو هو‪ .‬منهنجي‬
‫عمر کان صرف ‪ 2‬مهينا وڏو هو‪ .‬مگسي مرحوم سان‬
‫منهنجي ملقات حيدرآباد جي سچل ڪاليج ۾ ان تنظيم‬
‫علمي تنظيم جي پليٽ فارم تي ٿي‪ ،‬جنهن عملي‬

‫‪314‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جدوجهد جي حوالي سان وڏا بت پاش پاش ڪيا آهن‪.‬‬
‫جنهن استاد کي عزت نفس ۽ شعور سان مال مال‬
‫ڪيو آهي‪ .‬ان کانپوءِ مان جڏهن به نوابشاهه ۽ دادو‬
‫تنظيمي حوالي سان يا امتحان جي حوالي سان‬
‫پهتيس‪ ،‬عبدالله مگسي مون سان فون تي ضرور‬
‫ڳالهائيندو هو‪ .‬تنظيمي حوالي سان ٻنهي گڏجي سخت‬
‫مخالفت جي باوجود نوابشاهه جي گرلز ۽ بوائز‬
‫ڪاليجن ۾ احتجاج جي حوالي سان ڪارا جهنڊا به‬
‫لهراياسون‪ .‬ان وقت عبدالله مگسي بلڪل هشاش‬
‫بشاش هو‪ .‬هڪ ڳالهه جو مون کي اڃا تائين ارمان‬
‫رهجي ويو ته دادوءَ ۾ مون کي پنهنجي گهر هلڻ ۽‬
‫ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين‪ .‬پر مان کيس مثبت موٽ‬
‫نه ڏني‪ .‬ان ڪري جو امتحان واري ماحول ۾ ماني کائڻ‬
‫مون کي مناسب نه لڳو‪ ،‬ان کانپوءِ عبدالله رابطو رکڻ‬
‫شايد ضروري نه سمجهو‪ ،‬شايد کيس ”ڏک“ پهتو هو‪ .‬يا‬
‫هو منهنجي ”ڳالهه“ کي نه سمجهيو هجي‪ ،‬پر پروفيسر‬
‫عبدالله مگسيءَ شايد پنهنجي بيماري ڪري ائين‬
‫”خاموشي“ اختيار ڪئي هجي‪ ،‬ڇو ته اسان کي‬
‫سندس بيماري ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبربلڪل‬
‫اوچتو اخباري حوالن سان خاص طور ”عوامي آواز“‬
‫ذريعي عاجز جمالي‪ ،‬عزيز ڪنگراڻي جي لکڻين ذريعي‬
‫پئجي سگهي‪ .‬سندس مزاج پرسيءَ لءِ مان جڏهن‬
‫ڪراچيءَ جي سول اسپتال جي يونٽ نمبر پنجين ۾‬
‫پهتم ته اهو ڏينهن عيد جو هو‪ .‬ماڻهو مست ۽ گم هئا‪،‬‬
‫پنهنجي خوشين ۾‪ ،‬مون عيد جو ڏينهن خاص طور‬
‫منتخب ڪيو ته عبدالله مگسيءَ سان عيد جي موقعي‬
‫تي ئي ملڻ بهتر ٿيندو‪ .‬بدقسمتيءَ سان سول اسپتال‬
‫جا ‪ 5‬ئي وارڊ به ڳولهيا‪ ،‬ڊاڪٽر ڪيلش سان ملقات‬
‫ٿي‪ ،‬هو مون کي ملقات لءِ هڪ ٻئي پروفيسر وٽ‬
‫وٺي هليو‪ .‬پروفيسر تاج محمد سومرو شڪارپور جو‬
‫اکين جو مشهور ڊاڪٽر منهنجو پاڙيسري‪ ،‬اهو پروفيسر‬
‫به انتهائي بيماريءَ واري حالت ۾ هو‪ .‬کيس آڪسيجن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪315‬‬

‫جا ماسڪ لڳل ڏٺم‪ ،‬پر عبدالله مون کي نه ملي‬
‫سگهيو‪ ،‬مايوسيءَ ۾ ڊاڪٽر ڪيلش جا ٿورا مڃيندي‬
‫گهر آيم ۽ اچي پروفيسر عبدالله کي خط لکيم )اهو‬
‫خط هينئر خاڪي جويو( جي حوالي ڪيو اٿم‪ ،‬ڇو ته‬
‫اهو خط به پوسٽ ذريعي موڪلي نه سگهيم‪ .‬ته هڪ‬
‫ڏينهن پروفيسر لياقت عزيز وٽ ويٺا هئاسين ته خبر‬
‫پئي ته موت جا وارنٽ مگسي کي گهلي ويا‪ .‬اِنالله و اِنا‬
‫عليہ راجعون‪.‬‬
‫پروفيسر عبدالله تمام جلد هليو ويو‪ .‬شايد سندس‬
‫مزاج ۽ سادگي سٻاجهڙائپ کيس اجازت نه ڏني هجي‬
‫ته هو پنهنجي بيماريءَ کي ظاهر ڪري سگهي‪ ،‬يا وري‬
‫سندس معالج کيس صحيح نموني رهنمائي نه ڪري‬
‫سگهيا‪ .‬پروفيسر عبدالله مگسي تاريخ جو قلمي‬
‫پورهيت آهي‪ .‬محقق پوءِ آهي‪ .‬تحقيق واري موضوع لءِ‬
‫يقينا ا کيس محنت ڪرڻي پئي هوندي‪ ،‬سياسيات‬
‫پڙهائيندو هو‪ .‬پر قلم کي تاريخ جي حوالي ڪيائين‪ .‬اهو‬
‫به سندس طبيعت جي عين مطابق ضرورت هئي ته هو‬
‫اختلف کان پاسو ڪندو هو ۽ ”سياست“ لفظ جي‬
‫جيڪا بي حرمتي ”معاشرن“ ۾ ٿي رهي آهي‪ ،‬اها به‬
‫ڪنهن کان ڳجهي نه آهي‪ .‬سياست کي جهڙي نموني‬
‫سان خانداني‪ ،‬قبائلي‪ ،‬گروهي ۽ ذاتي فائدن لءِ‬
‫استعمال ڪيو ويو آهي‪ .‬جنهن غلط راهه تي لڳايو ويو‬
‫آهي‪ .‬مذهبن کي حڪمرانن سلطنت ۽ سياسي مقصدن‬
‫لءِ استعمال ڪيو ويو آهي‪ .‬ان لءِ تاريخ عباسي کي‬
‫پڙهڻ ۽ سمجهڻ واري فڪر ۽ فهم تي پروفيسر عبدالله‬
‫قلم کڻڻ مناسب سمجهيو آهي‪ .‬اهو به ”تاريخي‬
‫محرڪات“ سببن تي قلم کنيو‪ .‬تاريخ‪ ،‬انسان جي‬
‫مطالعي جو نالو آهي‪ .‬قومن جي عروج زوال جو مدار‬
‫مواد مهيا ڪري ٿي‪ ،‬عمل‪ ،‬رد عمل‪ ،‬حڪمرانن‪ ،‬مذهبي‬
‫پيشوائن‪ ،‬جنرلن‪ ،‬هارين‪ ،‬جاگيرداراڻي نظام‪ ،‬ڏاڍ ۽ جبر‬
‫جي ماريل عورتن جو نالو ”تاريخ“ آهي‪ .‬سياست لءِ‬
‫اهو چوڻ غلط ٿيندو ته اها صرف ۽ صرف حڪومت ۽‬

‫‪316‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ملڪ جي انتظاميه جو نالو آهي‪ .‬حقيقت ۾ سياست‪،‬‬
‫احساس‪ ،‬ذميداري‪ ،‬فرض شناسي ۽ عوامي شعور جو‬
‫نالو آهي‪ .‬جهڙي نموني سياست کي ڏاڍ جو شڪار‬
‫بڻايو ويو آهي‪ .‬طاقت جو ويس ڍڪايو ويو آهي‪ .‬ان لءِ‬
‫هڪ اديب لءِ تمام ضروري آهي ته هو پنهنجي ادبي‬
‫نظريات کي تاريخي تحقيق ۽ حوالن سان صحيح ثابت‬
‫ڪرڻ بجاءِ ان جي ادبي ۽ تاريخي نظريات کي ٻوساٽيل‬
‫سياسي حوالي پويان لڳائجي‪ .‬ترقي پسند عبدالله‬
‫مگسي به سياست جو ڪولڊ اسٽوريج اديب نه هو‪ .‬هن‬
‫تاريخ محرڪات واري رڪارڊ کي درست رکڻ لءِ‬
‫تحقيق ڪئي‪ .‬جيڪو مواد ڇڏيو آهي‪ ،‬يادگار ڪميٽي‬
‫يقينا ا ان کي ڇپائي پڌرو ڪندي‪ .‬اسان کي گهرجي ته‬
‫اسين هن پورهيت جي قلمي سلسلي کي ڪامياب‬
‫ڪرڻ لءِ سهڪار ڪريون‪ .‬اهو سهڪار اخلقي ۽ مالي‬
‫به ٿي سگهي ٿو‪ .‬ڪهڙو ٿو فرق پوي عبدالله مگسي‬
‫جهڙا قلمي پورهيت عوامي ڌر آهن‪ ،‬جاهه پرست‪،‬‬
‫طبقا ۽ عوامي طبقا هر دؤر ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن‪.‬‬
‫اسان وٽ گهڻي تعداد ۾ شاعر ۽ اديب ”عوامي انداز“ ۽‬
‫سوچ سان سلهاڙيل آهن‪ .‬هي صدين جا سلسل آهن‪.‬‬
‫ڪنهن جو به قلمي پورهيو ضايع ناهي ٿيڻو‪ .‬رهيو سوال‬
‫ثقافتي ادارن ۽ حڪومت جو آءي استاد بخاريءَ جي‬
‫موت کانپوءِ ان ڳالهه لءِ پنهنجي عملي طور اڳتي‬
‫نڪرڻ واري اصول کي مدنظر رکندي جاکوڙي رهي‬
‫آهيان ته خدارا! جهڙي نموني حڪمرانن ۽ انهن ذيلي‬
‫ادارن جو مجموعي طور سنڌ ۽ خاص طور سنڌين‬
‫ڏانهن رويو آهي جيڪا باهه هتي ٻاري وئي آهي ان ۾‬
‫اسان سڀ سڙي رهيا آهيون‪ .‬ادارن تان اعتماد کڄي‬
‫چڪو آهي‪ .‬پنهنجي مدد پاڻ وارو ڪلچر آڏو اچي رهيو‬
‫آهي‪ .‬نوان تجربا ۽ مثال آڏو آهن‪ .‬انهن کي مثالي بڻائي‬
‫اڳتي اچو وک وڌايو‪ .‬لفظ آرٽ ۽ ڪلچر واري حوالي‬
‫سان فضيلت‪ ،‬فهم اديب ۽ انهن جو علج جن جو مقصد‬
‫۽ منشور هئڻ کپي‪ ،‬اهي صرف نچائڻ ۽ نچڻ ۾ پورا‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪317‬‬

‫آهن‪ .‬ڪٿي آهي اوهان جي نمائندگي‪ ،‬اتي انهن سڀني‬
‫سچاين جي باوجود ڇو ٿا انهن کي للڪاريو ۽ آواز ڏيو‪.‬‬
‫گهٽ پڙهيل ۽ ڪم عقل اسان جا ئي چونڊيل نمائندا‬
‫آهن‪ .‬ڇا اُهي ويڪائو هارس ٽريڊنگ جي شڪار جا‬
‫ستايل ۽ ماريل ڪا رٿابندي ڪندا‪ .‬هرگز نه مون کي‬
‫في الحال ڪا به موٽ نه ملي سگهي ها‪ .‬پر انفرادي‬
‫ڪوششون اجتماعي شڪل تڏهن وٺنديون‪ ،‬جڏهن آواز‬
‫۾ آواز ملئبو‪ .‬اسان وٽ ثقافتي ادارا بچايو ڪميٽي‪،‬‬
‫سنڌي ادبي سنگت سنڌ‪ ،‬ڊيموڪريٽ گروپ‪ ،‬سنڌ‬
‫گريجوئيٽ ايسوسيئيشن‪ ،‬سنڌ پروفيسرس ورلڊ‬
‫ليڪچرس ايسوسيئيشن جهڙا مڃيل ۽ علمي جدوجهد ۽‬
‫تعاون طرف متعين ڪندڙ ادارا موجود آهن‪ .‬ڇڏيو‬
‫فلسفيانا ۽ دانشورانا بحث مباحثي کي‪ ،‬اگر استادن ۽‬
‫استاد لڏي ۾ شامل اديب ۽ محققن جي جان عزيز آهي‬
‫ته پوءِ مان آواز ڏينديس پنهنجي تنظيم سپل کي ته هو‬
‫اڳتي اچن ۽ ٽيچرز فائونڊيشن جيڪا سندن جدوجهد‬
‫جي حوالي سان قائم ٿي چڪي آهي‪ .‬ان ۾ صحيح‬
‫نمائندگيءَ لءِ جاکوڙين‪ ،‬استاد کي پنهنجي نوڪريءَ‬
‫واري آرڊر ۾ ڪا به ميڊيڪل جي علج معالجي جي‬
‫سهولت مليل نه آهي‪ .‬خطرناڪ بيماري جي صورت ۾‬
‫اديبن ۽ استادن کي حڪومت طرفان فوري ۽ جلدي‬
‫طبي امداد پهچائڻ جو حڪومت جي خزاني ۾ جمع‬
‫ٿيندڙ بينولينٽ فنڊ‪ ،‬گروپ انشورنس وغيره جي رقم‬
‫اسان تي ئي خرچ ٿيڻ کپي‪ .‬اسان هن ملڪ جا باوقار‬
‫شهري آهيون‪ .‬انڪم ٽيڪس‪ ،‬باقاعده ادا ڪندڙ فرد‬
‫آهيون‪ ،‬ٽيڪس ادا ڪندڙ کي خاص طور حڪومتن‬
‫طرفان سهوليتون مليل هونديون آهن‪ .‬ميڊيڪل‬
‫سهولتون به انهن جو حصو هئڻ کپن‪ .‬اگر مگسيءَ کي‬
‫سندس زندگيءَ ۾ ئي سندس جوئي پيسو ملي وڃي ها‬
‫ته شايد هو اڃا ايترو جلد اسان کان وڇڙي نه وڃي ها‪.‬‬
‫وفاقي حڪومتون‪ ،‬ڳائڻي اخلق احمد جي مالي‬
‫طور سهائتا ڪئي آهي ته هو باقاعده ان پوزيشن ۾‬

‫‪318‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫آهي ته ٻاهر وڃي پنهنجي مرض جو علج ڪرائي‬
‫سگهي ٿو‪ .‬عبدالسلم ٽي‪ .‬وي تي خبرون پڙهندڙ وفات‬
‫ڪري ويو‪ ،‬ڪشمير جي حڪومت هن جي پونيرن کي‬
‫وڏين رقمن جا چيڪ پهچايا‪ ،‬اهو سوال ته پنهنجي جاءِ‬
‫تي خود انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي‪ ،‬ته هڪ ملڪ‬
‫جا رهواسي انهن سان اهو ٻٽو سلوڪ ڇو‪ .‬پر مجموعي‬
‫طرح سان سنڌ ۽ سنڌين جو هرادارو ان بحران جو‬
‫شڪار بڻايو ويو آهي‪ ،‬ته پوءِ ڇا اسان به انهن وانگر‬
‫خاموش تماشائي بڻجي تاريخ جا ڏوهاري بڻجون‪ ،‬يا‬
‫وري پنهنجي معاشري جي تڪڙي تبديليءَ لءِ گڏيل‬
‫سهڪار ۽ جدوجهد ڪريون‪ .‬مون کي اميد آهي ته‬
‫پنڊالن ۽ آڊيٽوريمس ۾ ويٺلن جي خاموشي ضرور ڦاٽ‬
‫کائيندي‪ .‬ڇو ته پروفيسر عبدالله مگسي‪ ،‬استاد بخاري‬
‫پنهنجي نيڻن ۾ قومي آجپي جون اڻپوريون سوچون‬
‫اسان وٽ ڇڏي ويا آهن‪.‬‬
‫استاد بخاري چئي ٿو‬
‫جلد ڪر تڪڙ بخاري ڊوڙ ڊوڙ‪،‬‬
‫زندگي آ بي وفا ۽ مختصر‪،‬‬
‫سنڌ وارن کي وڃي پيغام ڏي‪،‬‬
‫اهو پيغام صبح شام ڏي‪،‬‬
‫سنڌ کي ٺاهي وٺو ٺاهي وٺو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪319‬‬

‫اڪيلئي جي شڪست تهذيب جي فتح‬
‫آهي‬
‫شيخ اياز جون سٽون آهن ته توکي اڪيلئيءَ جو‬
‫سفر هيڪلو طئي ڪرڻو آهي‪ ،‬زندگيءَ جي خاموش‬
‫گذرگاهن ۾ هڪ اجنبي ۽ مسافر بڻجي‪ ،‬امر جليل جي‬
‫سرد لش جيان پمز اسپتال جي ڪنهن ڪنڊ ۾ غريب‬
‫الوطن ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان سڀني کان موڪلئي‬
‫راهه ربانيءَ ڏانهن هليو ويو‪ .‬فنا جي منزل جو تعين‬
‫اسان جي هٿ وس نه آهي‪ .‬ليڪن ڪاتب تقدير سان‬
‫شڪايت ضرور ڪئي هوندائين‪ ،‬ته ماڻهپي جي سڀني‬
‫اعلي قدرن جي پاسداريءَ سڄي‬
‫ڪسوٽين ۾ ڪامياب‪،‬‬
‫ٰ‬
‫زندگي گهاريندڙ تنوير کي اڄ ڇو سندس چاهيندڙن‬
‫ٽياس تي ٽنگي متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي؟ اها حقيقت‬
‫ارمان جهڙي آهي ته تنوير عباسيءَ جي سرد لش کي‬
‫معني بڻايو ويو‪ .‬ان لءِ وڌيڪ سندس‬
‫بي وقت ۽ بي‬
‫ٰ‬
‫وارث ئي ذميوار قرار ڏئي سگهجن ٿا‪ .‬اسين سڀ هن‬
‫صديءَ جي انهن وارداتن جا گواهه آهيون‪ ،‬ته شيخ اياز‬
‫جي لڏاڻي ۽ تدفين کانپوءِ هتي مرحومين جي وارثن ۽‬
‫اديبن جي وچ ۾ هڪ دفعو وري بحث هليا آهن‪ .‬اياز ڇو‬
‫ڪراچيءَ ۾ رحلت ڪئي‪ .‬ان ڪري سندس فڪري‬
‫وارثن ان مسئلي کي بروقت سلجهائي ورتو‪ ،‬اسان کي‬
‫ڪو حق نٿو پهچي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي وارثن‬
‫جي ڪنهن فيصلي تي ڪا راءِ ڏيون‪ .‬ليڪن جنهن‬
‫نموني سرمد جي بدلجندڙ مؤقف ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ‬
‫جي جسماني توهين ڪئي‪ .‬بي وقعت بڻايو‪ ،‬سندس‬
‫وصيت تي عمل نه ٿي سگهيو‪ .‬ان جو ڏک اسان سڀني‬
‫سان گڏو گڏ کين به ٿيو هوندو‪ .‬اهوئي سبب آهي جو‬
‫هينئر مضمونن وسيلي بدحواسيءَ وارو ماحول پيدا‬
‫ڪيو پيو وڃي‪ .‬جيڪڏهن جيئري اسان پنهنجون محبتون‬

‫‪320‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ورهائي نه سگهياسون‪ ،‬موت کانپوءِ مونجهاري واري‬
‫ماحول پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو‪.‬‬
‫خاڪي جسمن سان ايترو گستاخانه رويو؟ تمنائن جي‬
‫اعلي آدرشن جو تحفظ ڪندي‪،‬‬
‫تاج محل جوڙيندي‪،‬‬
‫ٰ‬
‫پنهنجو جسم ڊاڪٽر تنوير جڏهن جديد طب جي حوالي‬
‫ڪيو هوندو ته ان کان وڌيڪ سندس ذات جي وڏائيءَ‬
‫جي ٻي ڪهڙي خوبي بيان ڪري سگهجي ٿي‪ .‬قبرستان‬
‫جي مٽيءَ به تنوير مرحوم کي حيرت وچان نهاريو‬
‫هوندو؟ اهو لقاءُ ته آسمان به پنهنجي نراڙ تي گهنج‬
‫وجهي ڏٺو هوندو؟ اسلم آباد جي هوائن به اتان جي‬
‫مارگل جي پهاڙن کي جاڳايو هوندو؟ قبرن جي پٿرن به‬
‫سڏڪا ڀريا هوندا ۽ گلن به ماتم ڪيو هوندو؟ ڊاڪٽر‬
‫تنوير عباسيءَ جو روح موهن جي دڙي جي مٽيءَ لءِ‬
‫ضرور ڳول ۾ ٿيڙ کائيندو هوندو‪ .‬لحاصل محبت جي‬
‫جستجو به ڏکن جو سبب بڻجي پوندي آهي‪ .‬محسوس‬
‫ٿي ڪريان ڊاڪٽر تنوير جي سرد لش کي ٽيڪسيل ۾‬
‫ٻڌمت جي ويران کنڊرن ۽ عبادت گاهن ۾ وڌيڪ‬
‫سڪون سان ابدي ننڊ ملي وڃي ها؟ مان گذارش‬
‫ڪريان ٿي ۽ اميد رکان ٿي پنهنجي ڏاهن لکندڙن کان‬
‫اعلي انساني قدرن ۽ ارادن جي لءِ محبت جي واڌ ۽‬
‫ته‬
‫ٰ‬
‫ويجھ لءِ نفرتن کي ختم ڪرڻ لءِ ماحول کي وڌيڪ‬
‫ڏکارو ڪرڻ کان پاسو ڪندي ان واردات کي وڌيڪ‬
‫دهرايو نه وڃي ته بهتر ٿيندو‪ .‬اهو اسان کي ياد رکڻ‬
‫کپي ته سچا انسان ۽ اديب عوام کان پري نٿا ٿي‬
‫سگهن‪ .‬هڪ تجويز اوهان آڏو رکان ٿي ته اسان جو‬
‫ايمان آهي ته موت برحق آهي‪ ،‬ڪنهن وقت به اچي‬
‫سگهي ٿو‪ .‬اسان جا ڏاها اديب اگر هو ڪا وصيت ڪرڻ‬
‫مناسب سمجهن ٿا ته اهي وصيتون پنهنجي خانداني‬
‫وارثن کان سواءِ تحريري صورت ۾ ادبي ادارن جي‬
‫حوالي ڪري ڇڏين ته جيئن ڪنهن به قومي نقصان‬
‫وقت اهڙي قسم جي غير سنجيده صورتحال پيدا ٿي نه‬
‫سگهي‪ .‬ڊاڪٽر تنوير عباسي پيڙائن سان پرچار ڪندڙن‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪321‬‬

‫قوم جو هڪ اڏول ۽ارڏو انسان هو‪ .‬هن پنهنجي جان‬
‫ميڊيڪل جي ان شعبي جي حوالي ڪئي‪ .‬جنهن شعبي‬
‫جو ٻيو نالو همدردي آهي‪ ،‬ڊاڪٽر تنوير کي خبر هئي ته‬
‫ميڊيڪل جي تعليم کي ماڻهن جي ضرورت ۽ خواهش‬
‫مطابق بڻائڻو آهي‪ ،‬ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾‬
‫اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي عوام کي صحت‬
‫جي ضرورتن کي سمجهڻ جو چيلينج درپيش آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري اعلي انساني آدرشن جو مان مٿانهون ڪندي هن‬
‫پنهنجي وصيت ۾ پنهنجو پاڻ کي نوجوان نسل جي‬
‫حوالي ڪيو‪ .‬سائنسي شعور جو اهو سوجهرو هر‬
‫ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي‪ .‬ائين ڪرڻ سان‬
‫تاريخ جون محرڪ قوتون ۽ تاريخي عمل اڳتي وڌندو‪.‬‬
‫انساني برادري سکيا ڏينهن ڏسندي‪ ،‬هڪ ٻئي جي‬
‫ويجهو اچڻ وارو جديد نظريو ڪامياب رهندو‪ .‬نظرين‬
‫کي جيستائين جمالياتي سونهن نٿي مهيا ٿئي ۽ اديبن‬
‫کي عالمي قدرن سان نٿو ڀيٽيو وڃي‪ ،‬تيستائين قومون‬
‫سکيا ۽ سوڀارا ڏينهن نٿيون ماڻي سگهن ۽ ڪا به ادبي‬
‫اعلي آدرش ۽ انسانيت‬
‫تخليق مڪمل نٿي ٿي سگهي‪.‬‬
‫ٰ‬
‫هڪ فطري ڌار آهي‪ .‬اسان جون عورتون ته پنهنجي‬
‫ٻچن کي پنهنجي جهولين ۾ سبق آموز ڪهاڻيون ٻڌائڻ‬
‫مهل ننڍي هوندي کان ئي انساني آدرشن لءِ قربان‬
‫ٿيڻ جا سبق ڏينديون آيون آهن‪ .‬قدم قدم تي سندن‬
‫رهبري ڪن ٿيون‪ .‬جيئن لطيف سائين چيو آهي تها‬
‫نهائين کان نينهن‪ ،‬سک منهنجا سپرين‬
‫ائين نه آهي ته هر عوام دوست جمهوريت پسند‬
‫انسانن جي حصي ۾ يا مقدر ۾ اها شناخت آئي هجي‪،‬‬
‫جن به پنهنجي شناخت جو سودو ڪيو آهي‪ ،‬ادبي‬
‫حياتيون وڃائي ويٺا‪ ،‬هر فرد جو ڪردار هڪ فيصلي‬
‫ڪن رويي جو حامل آهي‪ ،‬۽ اهوئي ڪردار تهذيبي‬
‫ثقافت کي وڌائڻ لءِ ممڪن وسيلن ۾ رهندي ڏکن‬
‫ڏولون جي تتل واريءَ تي زندگيءَ جو سفر ڪاٽي‬
‫جڏهن نئين صديءَ ۾ داخل ٿي رهيا آهن‪ ،‬ته ويهين‬

‫‪322‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫صديءَ جا املهه ماڻڪ موتين جهڙا عملي ۽ علمي‬
‫انسان هڪ ٻئي پٺيان وڇوڙا ڏيندا پيا وڃن‪ ،‬انهن مان‬
‫هڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ‬
‫هو‪ ،‬ڪلچرڊ گهريلو ماحول ۾ اک کوليائين‪ .‬ڏاڍو نماڻو ۽‬
‫سٻاجهڙو هو‪ ،‬ڪوڙ تعصب کان انڪاري پنهنجي قوم‬
‫جي نوجوانن لءِ آٿت هو‪ .‬امن سک ۽ شانتيءَ جو‬
‫پيروڪار پنهنجي سچل سرمست تي تحقيقي ڪم‬
‫ڪيائين‪ ،‬تمام گهڻا ڪتاب مرتب ڪيائين‪ .‬سال ‪1989‬ع‬
‫۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ان وقت جي شاهه عبداللطيف‬
‫يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر آر‪.‬اي شاهه‬
‫جي توجهه سان سچل چيئر قائم ڪئي‪ ،‬ان جو‬
‫ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو‪ .‬ڊاڪٽر تنوير عباسي سچ ٿا‬
‫چون مرد ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته‬
‫سچل چيئر جڳ مشهور ادارو ثابت ٿيندو‪ .‬اسان سنڌ‬
‫سرڪار کي ادب سان عرض ٿا ڪريون ته ادبي ثقافتي‬
‫ادارن ۾ جايون ڀرڻ وقت سياست کي نظرانداز ڪري‬
‫ڇڏجي‪ ،‬گريڊ وٺڻ وارن بدران اهڙن ڪارڪنن کي‬
‫رکجي‪ ،‬جيڪي اهليت سان گڏوگڏ ‪ Missionary‬جذبو‬
‫به رکندا هجن‪.‬‬
‫‪1984‬ع ۾ سرمست نالي ڪتاب مرتب ڪيائين‪.‬‬
‫ان ۾ ڊاڪٽر تنوير پنهنجي طرفان تاثرات ڏيندي لکي ٿو‬
‫ته سچل سرمست جي ببليوگرافي سنڌ جي ادبي‬
‫حلقن کان داد حاصل ڪري چڪي آهي‪ .‬اسان جي اها‬
‫تنما آهي ۽ پرزور مطالبو ته شاهه لطيف ۽ ٻين اهم‬
‫سنڌي شاعرن جون ان قسم جون ببليوگرافيون ترتيب‬
‫ڏنيون وڃن‪ ،‬ان ڏس ۾ اسان کي اشاعتي ادارن‪،‬‬
‫اخبارن‪ ،‬ايڊيٽرن ۽ ليکڪن جي سهڪار جي ضرورت‬
‫آهي‪.‬‬
‫سچل سرمست جي ببليوگرافيءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير‬
‫عباسي مرحوم هيئن اسان سان مخاطب آهي‪ ،‬سچل‬
‫جي ببليوگرافي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل‬
‫آهي‪ ،‬جديد تحقيق لءِ ضروري آهي ته هر اهم ادبي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪323‬‬

‫شخصيت جي حوالن جو هڪ وچور موجود هجي‪ ،‬ان‬
‫کانسواءِ تحقيق جو تنوير عباسيءَ کان سچل چيئر جا‬
‫انتظامي اختيار واپس ورتا ته مرحوم عباسي انتهائي‬
‫مايوس رهيو ۽ چپ اختيار ڪئي‪ ،‬تنقيد کان محترم‬
‫عبدالحميد سنڌي به نه بچي سگهيو‪ ،‬ڇو ته هو ان وقت‬
‫خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو ۽ گورنر‬
‫محمود اي هارون چانسيلر هو‪ .‬يونيورسٽين ۾ اهو‬
‫مسئلو ڪافي اينگهجي ويو هو‪ ،‬ليڪن ڊاڪٽر تنوير‬
‫عباسي ڪابه وضاحت ڪرڻ ضروري نه سمجهيو‪،‬‬
‫سندس ان عمل سان گهٽ ۾ گهٽ مون کي تنوير‬
‫عباسيءَ جي سنجيدگي ۽ بردباريءَ جو ثبوت ملي ٿو‪،‬‬
‫تنوير جي شخصيت ۾ فڪري اتساهه ۽ ڄاڻ تمام گهڻي‬
‫ملندي‪.‬‬
‫آخر مان ائين ٿي چوڻ مناسب سمجهان ته اهڙين‬
‫سنجيده شخصيتن جي پيغام ۾ ادبي کيتر جي تسلسل‬
‫۽ جدوجهد کي برقرار رکڻ ۽ نوجوان نسل طرف‬
‫منتقل ڪرڻ جا تعليمي ادارن‪ ،‬يونيورسٽين ۾ تحقيق‬
‫جوڳا بندوبست ڪيا وڃن‪ ،‬ڇو ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ‬
‫حالتن ۽ اٿل پٿل کي ڏسي طئي ڪرڻو پوندو ته اسين‬
‫ڇا ٿا چاهيون؟ سياسي ڪلچر جو الميو اسان جي آڏو‬
‫آهي‪ ،‬سياسي ڪارڪنن کي اونهي اڀياس ۽ مطالعي‬
‫جي عادت شروع کان ئي نه رهي آهي‪ ،‬اسان جو سڄو‬
‫پارلياماني ڪلچر جاگيردار تي ئي مشتمل آهي‪ ،‬اهڙي‬
‫ماحول ۾ سياسي ڪاميابين جا امڪان گهٽ آهن‪،‬‬
‫نيلسن منڊيل گوري اقليت خلف هٿياربند جدوجهد ختم‬
‫ڪري ڇڏي‪ .‬هن صديءَ ۾ فلسطيني هٿيارن جي راند‬
‫ختم ڪري قانون جو حصو بڻجي رهيا آهن‪ .‬ايران‬
‫سلمان رشديءَ جي قتل ڪرڻ وارو ارادو ترڪ ڪري‬
‫ڇڏيو‪ .‬موسمي تبديلين ۾ اچانڪ تغير ۽ تبديليءَ سان‬
‫گڏوگڏ مزاجن ۾ به تبديلي محسوس ته ڇا ڏسي‬
‫سگهجي ٿي‪ ،‬سنڌ جو وڏو قوم پرست محترم‬
‫عبدالواحد آريسر ملڪ ۾ پارلياماني سياست جي حق‬

‫‪324‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫۾ دليل ڏيندي پاڻ کي ان لءِ تيار ڪري ورتو آهي‪،‬‬
‫اوهان ڏٺو ته اليڪٽرانڪ جديد ميڊيا وسيلي تخت کي‬
‫تختي ٿيڻ ۾ ڪيتري دير لڳي؟ اهڙيءَ طرح انسان جو‬
‫اهم سفر پنهنجي تڪميل ڏانهن وڌي رهيو آهي‪ ،‬انساني‬
‫زندگيءَ ۾ هيءُ وقفو اسان جهڙين قومن لءِ اتساهيندڙ‬
‫آهي‪ ،‬ڌرتيءَ جون خوشيون خواهشون‪ ،‬ان جي حسن‬
‫تابندگي صدين کان ٿڪاوٽ کان چور چور آهي‪ ،‬هن‬
‫صديءَ ۾ فن ۽ فن جي بلندين تي اهو ئي پهچي سگهي‬
‫اعلي‬
‫ٿو‪ ،‬جيڪو پنهنجي تخليقي صلحيتين وسيلي‬
‫ٰ‬
‫انساني آدرشن جو پرچار ڪندو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪325‬‬

‫چنڊ آهي استاد جو چهرو‬
‫دلن جي هيءَ بازار لڳي آ‪ ،‬۽ ڪنڊا خريدار بڻجي‬
‫آيا آهن‪.‬‬
‫ماڪ روئي ٿي پئي ته سڀاڻي گلن کان ڪيئن‬
‫جپيون وٺندي‪.‬‬
‫دوستو! استاد بخاري جهان ڇڏي ويو‪ .‬سڄي سنڌ‬
‫کي سوڳوار ڪري ويو‪ ،‬استاد سڄي زندگي ناڪارين‪،‬‬
‫نفرت ۽ عقل دشمن ٽولن مٿان ذهني روحاني عذابن‬
‫کي منهن ڏنو ۽ آخر ثقافتي ادارن ۽ سرڪار جي‬
‫ناانصافي واري رويي اسان کان هڪ املهه‪ ،‬عوامي‬
‫امنگن جو ترجمان شاعر‪ ،‬جذبن کي جولن ڏيندڙ رهبر‬
‫احساس جو اوتيندڙ پيارو ماڻهو کسي ورتو! ثقافتي‬
‫لڏي ۽ ڪرسين تي ويٺل عوام دشمن طاقتن اسان کان‬
‫ڪيترا سورما وقت کان اڳ کسي ورتا آهن‪ .‬اخلق‬
‫احمد )فنڪار( عبدالسلم نيوز ڪاسٽر کي ڏيڻ لءِ‬
‫سرڪار وٽ لکن جا فنڊ مهيا آهن‪ ،‬سينيٽرن‪ ،‬پارليامينٽ‬
‫جي ميمبرن ۽ انهن جي زالن ۽ ٻارن لءِ ملڪي خزاني‬
‫جا دروازا کليل رکيا وڃن ٿا‪ .‬تازو قومي اسيمبلي ۾‬
‫جيڪو پرڏيهي علج تي خرچ ڏيکاريو ويو آهي‪ ،‬صرف‬
‫اهو عوام جي پگهر ۽ پورهئي مان حاصل ڪيل لڀ‬
‫آهي‪ ،‬پر افسوس سنڌ جي ثقافتي کاتي يا سنڌي ادبي‬
‫بورڊ‪ ،‬سنڌالجي‪ ،‬سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جن جي‬
‫نالي سان لفظ ڪلچر ان جي حفاظت‪ ،‬فضليت تربيت‬
‫لڳو آهي‪ ،‬انهن جي بيحسي ۽ عوام کي بيوقوف اٺ‬
‫سمجهڻ وارو تصور فنڪارن کي صرف ناچ ٽپا ڏيارڻ‬
‫واري سوچ جو ڪوانت به آهي يا نه؟‬
‫اهو سوال آهي اڄ اسان سڀني آڏو سنڌ‬
‫ڊيموڪريٽس گروپ‪ ،‬سنڌ ايجوڪيشن اڪيڊمي ۽‬

‫‪326‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سنڌي ادبي سنگت ته اها ادبي يتيمي ختم ڪريو ٻولي‬
‫نه بچي‪ ،‬تعليم نه بچي‪ ،‬سنڌ نه بچي‪ ،‬سياستدان نه‬
‫بچيا‪ ،‬ادبي ۽ دانشور ته بچايو‪ ،‬شاگرد سياست جهڙي‬
‫ڏکي سکي تي جرڳو‪ ،‬قائم ضرور ڪريو‪ .‬ڏاهن کي‬
‫بچائڻ اوهان جو انساني قومي فرض آهي‪ .‬اگر ڪلچر‬
‫کاتو اسان جي ثقافتي سرماين کي زندگي جي پيڙائن‬
‫کان ڇڏائي نٿو سگهي ته پوءِ پنهنجي سر پاڻ ڪري‬
‫اسين منزلون ماڻي سگهون ٿا‪ .‬اهو اسان جو قومي‬
‫فرض آهي ورنه منهنجي توبهه‪ ،‬وقت ۽ تاريخ جي‬
‫ڪٽهڙي ۾ ڏوهارين کان بچو‪ ،‬ڇو ته وقت جي ڏنل‬
‫فيصلن جي ڪا به اپيل نه ٿي ڪري سگهجي‪ ،‬اوهين‬
‫سنڌ جي پروفيشنل عالمن ۽ سنڌ دوست تنظيمي‬
‫فردن کي گڏ ڪري‪ ،‬اها ادبي گڏجاڻي ڪري سگهون ٿا‪.‬‬
‫پيڙائن جي پنڌ ۾ چندن جي صورت اها به وقتي طور‬
‫اها استاد هرگز نه قبولي‪ ،‬ذات ۽ ڏات سهيڙي‪ ،‬هزارا‬
‫محروميون کڻي لوارث ٿي لڇندو هلي ويو‪ .‬ڪنهن‬
‫ڏاهي وارو قول نڀائي جيئڻ لءِ جس ڪيائين پر ڪڏهن‬
‫به سندس نالي تي چندا گڏ ڪرڻ کان انڪاري رهيو‪.‬‬
‫دوستو! سنڌي قوم لءِ سنڌين جو لمارا ڏيندڙ‬
‫پوپٽ ثابت ٿيو آهي‪ ،‬جنهن ڪومل گلڙن جيان اسان‬
‫جي حفاظت جو وچن پورو ڪيو۽ سنڌين جي جدوجهد‬
‫کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو اٿس‪ ،‬اسان وٽ قلمي‬
‫پورهيو ڇڏيو اٿس‪ ،‬منهنجي استدعا آهي ته بخاري چيئر‬
‫قائم ڪئي وڃي‪ ،‬جتي سندس رهيل اڻ ڇپيل قلمي‬
‫پورهئي کي مڪمل ڪرائي عوام آڏو آندو وڃي‪ .‬ڇو ته‬
‫پنهنجي پيارن کي ياد ڪرڻ جو اهو ئي واحد ۽ مڃيل‬
‫طريقو آهي‪.‬‬
‫اهوئي نينهن جو ازلي ناتو آهي نينهن سار جو‬
‫نشانو بڻيل آهي‪ ،‬جيڪو اکين‪ ،‬دل۽ پوءِ دماغ تي ڇانئجي‬
‫ويندو آهي‪ .‬منهنجي خيال ۾ استاد بخاري هر ڏک‪ ،‬سور‬
‫ظلم کي ذاتي سطح بدران روح تي محسوس ڪيو‪.‬‬
‫سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو سان ٿيندڙ ناانصافي کي پنهنجي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪327‬‬

‫روح تي وارد ڪيو ۽ شاعري ذريعي اهو دور ونڊيو‬
‫اٿس‪ .‬سچي اديب جي بنيادي سڃاڻپ اها آهي ته‬
‫پنهنجي حوالي بدران اسان جي سطح تي وارد ڪندو‬
‫آهي‪ .‬استاد بخاري ظلم کي ناانصافي کي دليرانه‬
‫جرئت سان ڪميونيڪيشن جا ڪيترائي ۽ سڄاڻ‬
‫تشخص وارا سڀ رويا سندس تحرير ۽ شعرن ۾ ملن ٿا‬
‫۽ انهن جذبن تي کيس تاريخ ۾ عوامي شاعر جو لقب‬
‫بخشيو آهي‪ ،‬هو وڏو انقلبي شاعر ۽ نقاد هو‪ ،‬کيس‬
‫تاريخي ڄاڻ ئي حاصل آهي‪.‬‬
‫ڪاري ڪڪر هي) شعري مجموعي مان استاد‬
‫جي هڪ تحرير اسان جي اڄ جي معروضي حالتن جي‬
‫سبب حاضر آهي‪.‬‬
‫”ڪاري ڪڪر هي) صدين کان سنڌي قوم مادر‬
‫وطن ۽ قومي وجود لءِ جهيڙندي ڏٺو اٿم‪ ،‬هيءُ ڪتاب‬
‫سنڌي قوم جي آزادي واري اڏول جذبن تي لکيو اٿم‪،‬‬
‫هيءَ شاعري رنگين محفلن جو جنسار نه سهي‪،‬‬
‫مجازي حسن ۽ عشق جي امنگن جو اظهار نه سهي‪،‬‬
‫پر سنڌي سپوتن ۽ قومي ڪونڌرن جي ڪارنامن جو‬
‫تاريخي دستاويز ضروري آهي‪ .‬هيءُ ڪتاب سر ڪيڏارو‬
‫ته آهي ئي پران سان گڏ سنڌي سوڍن ڳاڙهن گهوٽن‬
‫جي لشن تي مرثين جو مجموعو سمجهڻ گهرجي‪.‬‬
‫اهڙا جهونجهار موضوع رڳو هن ڪتاب تي ختم نٿا ٿين‪.‬‬

‫‪328‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خيرالنسا )ء جي قبر جو ڪتبو‬

‫نه موت بذات خود ڌڪار لئق آهي ۽ زندگي عظيم‬
‫معني مقصد رکي‬
‫پيار جي لئق پر اهو موت جيڪو ڪا‬
‫ٰ‬
‫سو ڪين جهڙي جيون کان گهڻو مٿانهون آهي‪ .‬منصور‬
‫شبليءَجي چواڻيءَ ته”جي منهنجي هر زخم کي‬
‫مرڪندو ڏسين ته منهنجو موت سجايو سمجهجانءِ‪.‬و‬
‫مرڻ مهڻو نه آهي‪ ،‬خيرالنساءِ جعفري مرحوم‬
‫”منهنجو تخليقي سفر“ لکي ٿي ته آءي بنا مرضيءَ ‪17‬‬
‫آگسٽ ‪1947‬ع تي خميس جي ڏينهن ڄائي هيس‪ ،‬آءي‬
‫انهن ماڻهن مان آهيان جن کي وقت پنهنجي مرضيءَ‬
‫سان هلئيندو آيو آهي‪ .‬ڪو وقت ايندو جڏهن خيرالنساءِ‬
‫جعفري هن دنيا ۾ نه هوندي‪ ،‬پر ان وقت جي مون وٽ‬
‫تاريخ نه هوندي‪ ،‬موت جي ڊيٿ وارنٽن کان ڪو به نٿو‬
‫بچي سگهي! هن دانشور ۽ منفرد ڪهاڻيڪارا جي موت‬
‫کان اڳ اسان کان ڪيترا نه عالمي سطح جا آدرشي‬
‫انسان وڇڙجي ويا آهن ۽ ادبي دنيا کي يتيم ڪري ويا‬
‫آهن‪ .‬مختيار مسعود هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”وڏا ماڻهو‬
‫ڪنهن به قوم کي انعام طور ملندا آهن ۽ کانئس سزا‬
‫طور کسيا ويندا آهن‪.‬و حساب ڪريو ته گهاٽي وڻ‬
‫جيان ڇانوَ ميسر ڪرڻ واريون شخصيتون استاد‬
‫بخاري‪ ،‬اياز قادري‪. ،‬درشهوار سيد‪ ،‬ارشاد ساگر‪ ،‬شيخ‬
‫اعلي آدرشي انسانن‬
‫اياز ۽ خيرالنساءِ جعفري جهڙن‬
‫ٰ‬
‫جا جلدي جلدي هڪ ٻئي پويان تڪڙا تڪڙا وڇوڙا ۽ ٿيل‬
‫نقصان ڪيئن ۽ ڪير ڀريندو؟ هن ماحول ۾ اهو سوال‬
‫اسان جي فطري ۽ سياسي پوئلڳن لءِ تمام گهڻو‬
‫اهميت وارو آهي‪ .‬ان لءِ ضروري آهي ته پنهنجي صفن‬
‫کي درست ڪري ڪردار سازيءَ وارين شخصيتن کي‬
‫احترام‪ ،‬عزت ۽ اعتماد ڏئي اڳتي آڻيو‪ ،‬منهنجي مرحوم‬
‫ڀيڻ منهنجي فطري ساٿياڻي خيرو هڪ هنڌ پنهنجي‬
‫تخليق ۾ لکي ٿي ته ”ڪنهن تاريخ دان چيو ته هيءَ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪329‬‬

‫ڪائنات هڪ وسيع دستر خوان آهي جنهن تي هر قوم‬
‫پنهنجو پنهنجو حصو کائي رهي آهي‪.‬ج جيڪڏهن واقع‬
‫اهو سچ آهي ته پوءِ اسان جي قوم ڪٿي آهي؟ ان کي‬
‫پنهنجو حصو ڇو نه کائي رهي آهي؟ اهو هڪ سوال‬
‫آهي جنهن جي جواب جي تلش آهي‪ .‬خيرالنساءِ اڳتي‬
‫لکي ٿي ته جي ٿي سگهيو ته ان تي ‪ Thesis‬وڏي ٿي‬
‫منهنجي ڌي صائمه لکندي‪ ،‬عملي دنيا جي جديد‬
‫ضرورتن کي سمجهندي خيروءَ کي پڪ هئي ته هوءَ‬
‫پنهنجي تجويزن ذريعي ڪو انقلب نٿي آڻي سگهي‪،‬‬
‫ڪي تقديرون نٿي تبديل ڪري سگهي‪ ،‬پر هن پنهنجي‬
‫پيغام کي ذهانت ۽ سنڌ جي جرئت سان پڙهندڙن ۽‬
‫چاهيندڙن تائين فني عظمن جي خوبي سان پهچايو‪.‬‬
‫سياست جي هن سائنسي دور ۾ خيروءَ جون تحريرون‬
‫۽ تخليقات جو مضبوط پهلو سندس آس پاس جا ئي‬
‫ڪردار هئا‪ .‬هن ڪڏهن به انڪار نه ڪيو ۽ نه ماحول‬
‫کان منهن موڙي سگهي‪ .‬سندس تحريرن ۾ خيال جي‬
‫لطافت رنگينيءَ سان ڀرپور مواد ملي ٿو جنهن کان هر‬
‫پڙهندڙ متاثر ٿيڻ بغير رهي ئي نٿو سگهي‪ .‬پاڻ ”منهنجو‬
‫تخليقي سفر“ ۾ لکي ٿي ته ”مون ڪابه ڪهاڻي ادب ۾‬
‫انقلب آڻڻ لءِ ناهي لکي‪ ،‬زندگيءَ جي زگ زيگ ۾ دل‬
‫سيني بدران پيرن ۾ ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي ته‬
‫ڪو لفظ ڪا ڪهاڻي سرجي پوندي آهي‪ .‬اڳتي لکي ٿي‬
‫ته منهنجون اڪثر ڪهاڻيون ڊگهي رات جي پيڙائن ۾‬
‫سرجنديون آهن‪ .‬عصر جي ان ويل انجام تي پهچنديون‬
‫آهن‪ ،‬جنهن وقت حالتن سان غداري ڪيل قيدي ڦاهيءَ‬
‫چڙهندا آهن‪ ،‬عصر جو آذان جي آواز تي ڪنهن نه‬
‫ڪنهن قيديءَ سان گڏ منهنجي ڪهاڻي به قلم جي‬
‫صليب تان لهندي آهي‪ .‬جهوءَ چوي ٿي ته“ ماڻهو‬
‫ا‬
‫منهنجي دلچسپيءَ جو هميشه محور رهيو‪ .‬خصوصا اهو‬
‫ماڻهو جيڪو هميشه ضدي ٿي رهيو ۽ ضديءَ کان اڳيان‬
‫پنهنجي پير ڊگها ڪري نه سگهيو‪ .‬اها سندس قلندرانه‬
‫مزاج جي خاصيت هئي ته خيرالنساءِ پنهنجو قلم ۽‬

‫‪330‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫عقلي استدلل غريب‪ ،‬مفلس ۽ پورهيت عوام کي ارپي‬
‫ڇڏيو‪ .‬سندس ايمان هو ته ادب صرف لٽريچر جو نالو‬
‫نه آهي‪ ،‬بلڪه عزت ۽ احترام ادب جو ٻيو نالو آهي‪،‬‬
‫خيرالنساءِ ڪافي عرصي کان پنهنجو پاڻ کي محدود‬
‫ڪري ڇڏيو ۽ اڪيلئيءَ هن کي ڏنگي ڇڏيو‪ ،‬پڙهڻ ۽‬
‫لکڻ پنهنجي جاءِ تي پر خيروءَ اخبار پڙهڻ به ڇڏي ڏني‪.‬‬
‫چوندي هئي ته بهتر آهي ته آءي اخبار بجاءِ تسبيح پڙهان‬
‫۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رام رام ڪريان‪ ،‬خيرالنساء‬
‫پنهنجي ابدي آرامي ٿيڻ کان اڳ عمري جي سعادت به‬
‫حاصل ڪئي‪.‬‬
‫اڄ مون سندس ڪيل ڳالهين جو مفهوم مڪمل‬
‫طرح سمجهه ۾ اچي ويو آهي ۽ سندس لفظ انقلبي‬
‫شاعر مايا ڪو وسڪي ‪ Maya Ko Vski‬جي انهن‬
‫نغمن برابر سمجهه ۾ آيا آهن‪ ،‬جنهن لءِ انقلبي شاعر‬
‫دعا گهري هئي ته سندس نغما ۽ لفظ گوليءَ مثل‬
‫هجن‪ ،‬بقول سندس تها‬
‫‪I want the pen, to equal the gun, to he‬‬
‫‪.listed with iron‬‬
‫منهنجي خيال ۾ اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته پيار‬
‫جي هن پيامبر ڪردار لءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي‬
‫انسان يا ڪردار جيڪي دوستن سان ‪ Share‬نٿا ڪن‪،‬‬
‫اڪيلو ڪري ٿا ڇڏين‪ .‬پنهنجي خامين کي ‪ Justify‬نٿا‬
‫ڪن بقول گڏيءَ جي ته اهڙا ماڻهو يا ته وهمن ۾ وڃي‬
‫پناهه وٺندا آهن يا وري زندگيءَ جا غلط پاسا وٺندا‬
‫آهن‪ 18 .‬ڊسمبر ‪1997‬ع جي ڪاوش ۾ هڪ سروي‬
‫شايع ٿيو‪ ،‬جيڪو طاهره بلوچ جي ڪوششن جو نتيجو‬
‫هو ۽ جنهن جو عنوان هو ”ماڻهو ڇڙها ڇو ٿا رهن“‪.‬‬
‫سال ‪1992‬ع جي عرصي کان پوءِ خيرالنساءِ جو جواب‬
‫پڙهيم‪ ،‬منهنجي معلومات ۽ اندازي مطابق خيروءَ جو‬
‫شايد اهو آخري پيغام ثابت ٿيو آهي‪ .‬يا جيڪڏهن ٻي ڪا‬
‫تحرير ڪنهن وٽ محفوظ رکيل آهي ته اها سامهون‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪331‬‬

‫اچڻ کپي ته جيئن گڏي جي موت کان پوءِ هڪ دفعو‬
‫ٻيهر کيس پڙهي سمجهي سگهجي‪.‬‬
‫جيڪڏهن خيرالنساءِ جعفريءَ جو ملڪ اجازت ڏئي‬
‫ته ڪنهن به ادبي اداري جي طرف کان سندس آخري‬
‫آرامگاهه تي ڪو وڏي سائيز جو ڪتبو هڻائي ڇڏجي‪.‬‬
‫جنهن ۾ سندس متعلق ڪي نقطا تحرير ٿيل هجن‪،‬‬
‫خيرالنساءِ جعفريءَ پاڻ هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته‬
‫”مون به ادب کي عبادت تائين پوڄيو آهي‪ ،‬جيڪي‬
‫ڪهاڻيون لکيم سي ڪوڙيون ته نه هيون‪ .‬لفظ لفظ‬
‫سٽ سٽ تي زهر پيتم‪ ،‬سقراط سچ جي سزا تي وهه‬
‫پيتو ۽ تاريخ ۾ جاءِ والري ويو پر آءي جيئن ته بنهه عام‬
‫رواجي عورت آهيان‪ ،‬ان ڪري پڪ اٿم ته منهنجي قبر‬
‫تي ڪو ڪتبو نه هوندو‪.‬و‬

‫‪332‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫”حوا جو لڪل چهرو“ ڊاڪٽر‬
‫درشهوار سيد‬
‫)‬

‫”حوا جو لڪل چهرو“ هڪ ڪتاب جو عنوان آهي‪.‬‬
‫جيڪو مصر جي هڪ اديبا نوال السعديءَ جو لکيل‬
‫آهي‪ .‬اهو عنوان منهنجي ذهن تي ان وقت تري آيو‬
‫جڏهن مون در شهوار سيد جي اوچتي موت جي خبر‬
‫پڙهي‪ .‬ان کان اڳ مون سميت شايد سندس ڪنهن به‬
‫دوست کي اها ڄاڻ ڪونه ملي سگهي ته ڪا اسان‬
‫جي ڀيڻ شديد بيمار آهي يا ڪنهن اسپتال ۾ داخل آهي‪،‬‬
‫ان ڪري سندس چهرو اسان لءِ لڪل ئي رهجي ويو‪.‬‬
‫هن ئي شهر جي هڪ گرلز ڪاليج ۾ ڊيوٽيءَ تي هيم ته‬
‫اسٽاف ڪامن روم ۾ آپا قمر شاهه‪ ،‬قمر خان‪ ،‬رشيده‬
‫بلوچ ۽ مهر زيديءَ آڏو اخبار پڙهندي مون کان رڙ‬
‫نڪري وئي ته ”اڙي ڀيڻ! تون به هلي وئينءَ“ انسان‬
‫پنهنجي ذات جي بقا جي جبلت‪ ،‬قومي احساسن ۽‬
‫سماجي بي انصافين سميت آخر ڪک پن ٿيڻو آهي‪ ،‬ان‬
‫کي اتي لڏڻو آهي‪ ،‬جتي ڪي مشڪلتون رڪاوٽون نه‬
‫آهن‪ ،‬جتي ”تون ڇا؟ مان ڇا؟ ”ڪرڻ جي ڪابه‬
‫ضرورت نه آهي‪ ،‬پاڻ سان ديني ۽ ايماني وضاحتون‬
‫ڪندي سوچيم ته سيد در شهوار جو اسان تي )خواتين‬
‫تي خاص طور( حق آهي ته اسان کيس پنهنجي پنهنجي‬
‫انداز ۽ ڄاڻ سان خراج تحسين پيش ڪريون‪ .‬اڃا ان‬
‫لڏاڻ تي وري‬
‫ڏک ۾ هئاسين ته اوچتو شيخ اياز جي‬
‫ِ‬
‫سوڳوار بڻجي وياسون‪ .‬اهو اسان سڀني جو گڏيل‬
‫فرض بڻجي ٿو ته آدرِشي خاندان جي هن جاکوڙي‪،‬‬
‫خاموش ۽ ماٺيڻي طبيعت واري ڪردار کي مڃتا ڏيون‪.‬‬
‫ڇو ته ڊاڪٽر درِشهوار سيد ان ماحول ۾ جاکوڙيو ۽‬
‫علم حاصل ڪيو‪ ،‬جتي عورت کي ٻئي درجي جو انسان‬
‫سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬اسان جي هڪ ڏاهي اديبا چيو هو تها‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪333‬‬

‫جننڍي هوندي هڪ جيڏين سان گڏجي واريءَ جا گهرڙا‬
‫ٺاهيندي‪ ،‬ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر درِشهوار سيد جي‬
‫معصوم من ۾ پنهنجي هڪ ننڍڙي پرسڪون گهر جو‬
‫ڌنڌلو تصور اڀري آيو هجي يا گڏين جا وهانوَ رچائيندي‬
‫”ڪنوار“ ٿيڻ جي ڪلپنا سندس من ۾ به ڪر موڙي‬
‫جاڳي هجي‪ ،‬پر صوفين جي فلسافيڪل پيغام جي‬
‫موضوع تي پي‪.‬اي‪..‬ڊي ڪندڙ سنڌ جي هن جاکوڙي‬
‫عورت جي علم پرائڻ کان ”ڪنوار ٿيڻ يا نه ٿيڻ“ واري‬
‫چاهنا جي محبت واي پکيڙ ۽ ڊيگهه کان اهو پهلو وڌيڪ‬
‫اهم آهي ته هوءَ اڏوهي کاڌل هن معاشري ۾ سماجي‬
‫ورڪر هئڻ سان گڏوگڏ لطيف جي ٻوليءَ جي عيوضي‬
‫هئي‪ .‬اها ٻولي جيڪا جمهوريت‪ ،‬وطن پرستي‪ ،‬عوام‬
‫دوستي ۽ غريب عوام‪ ،‬پورهيت عوام جي مفادن جي‬
‫نمائنده دفاع ڪندڙ ٻولي آهي‪ .‬ان ٻوليءَ جا خلقڻهار ۽‬
‫دفاع ڪندڙ‪ ،‬انقلبي فڪر ۽ فهم رکندڙ اسان جا اديب‬
‫شاعر ۽ استاد ئي آهن ۽ ڊاڪٽر مرحومه جو تعلق به ان‬
‫ئي لڏي سان هو‪.‬و‬
‫ڊاڪٽر در شهوار سيد ”جنسي امتياز“ واري‬
‫ماحول ۽ معاشري مان مٿي اڀري جتي اڄ به عورت‬
‫جي اڪثريت هڪ ويلي جي مانيءَ لءِ مرد جي محتاج‬
‫آهي‪ .‬جتي عورت مرد جي بچيل سچيل اوبر کائي ٿي‪،‬‬
‫جتي اڄ به عورت کي گاڏين تي اجرڪ ويڙهي‪،‬‬
‫”سمگل ٿيندڙ سامان“ وانگر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ‬
‫منتقل ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس سوچ‪ ،‬فڪر ۽ فهم تي‬
‫پهرا ويٺل آهن‪ .‬اهڙي جاگيردارانه نظام ۽ رجعت‬
‫پسندانه سوچ واري ماحول ۾ جيڪڏهن ڪابه عورت‬
‫پنهنجي صلحيتن آڌار ڪوبه چڱو ڪم ڪري ٿي ۽‬
‫سندس ڪي به خدمتون ورثي طور اسان وٽ محفوظ‬
‫آهن ته سماج جي باشعور ماڻهن کي ان جي مڃتا ڏيڻ‬
‫کپي‪.‬‬
‫ڊاڪٽر درشهوار سيد سان منهنجي ملقات تڏهن‬
‫ٿي جڏهن هن ”سوال“ آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن‬

‫‪334‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جو بنياد وڌو‪ .‬منهنجي لکيل هڪ خط وسيلي اسان هڪ‬
‫ٻئي کان واقف ٿياسون‪ .‬نواب شاهه شهر ۾ ڊاڪٽر‬
‫درشهوار جي ٻين خانداني عورتن سان به منهنجي‬
‫ملقات ٿي‪ .‬هيءُ اهو وقت هو جڏهن سنڌي عورتن ۾‬
‫سماجي ڪمن ڪارين جو ڪلچر اڀرڻ شروع ٿيو هو ۽‬
‫اين‪.‬جي‪.‬اوز ۾ عورتن جو هڪ سٺو محاذ جڙي رهيو‬
‫هو‪ .‬ان دوران مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر درشهوار‬
‫سيد ”سياسي سرت“ واري خانداني اثر کان سماجي ۽‬
‫علمي ڪمن ڪارين کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهي آهي‪.‬‬
‫تخريب جي شڪار ٿيل هن معاشري ۾ سياسي ذڪر ۽‬
‫سياسي تاريخ ڊاڪٽر درشهوار سيد جا عنوان نه هئا‪،‬‬
‫هوءَ چوندي هئي ته ”اسان سنڌي ٻوليءَ جا استاد ۽‬
‫امين آهيون‪ .‬اسان تاريخ دان به نه آهيون‪ .‬جو‬
‫صورتحال تي اظهار خيال ڪري سگهون“ ڊاڪٽر‬
‫صاحبه جي والد صاحب جو چوڻ هو ته ”انٽيليڪٽ‬
‫)ڏاهپ( کان سواءِ سياست ڪرڻ ايئن آهي جيئن انڌي‬
‫گهوڙي ڪل ۾ هجي‪.‬و منهنجي راءِ ۾ انٽيليڪٽ ۽‬
‫سياست ٻئي هن دور جون اڻ ٽر ۽ شديد ضرورتون‬
‫آهن‪ .‬ان ضرورت واري پيماني تي جيڪڏهن اسان‬
‫پنهنجي عورت جي پرک ڪيون ته پوءِ مون کي مظهر‬
‫لغاريءَ جي تازي لکيل هڪ مضمون جو سهارو وٺڻو‬
‫پوندو‪ .‬شيخ اياز جي مرتئي تي مظهر فلسفر اسپنوزا‬
‫جي ‪ Free will‬جو حوالو ڏئي لکي ٿو ته ‪ Free will‬جو‬
‫ڪوبه وجود ڪونهي ۽ ذهن ڪنهن ڪارڻ آڌار عمل‬
‫ڪندو رهي ٿو‪ .‬ان ڪارڻ جو تعين وري ڪي ٻيا ڪارڻ‬
‫ڪن ٿا‪ .‬آزاد يا آزادگيءَ جو دنيا ۾ ڪوبه وجود نظر‬
‫ڪونه ٿو اچي‪ .‬فرد کي پنهنجي ئي عملن تي اختيار‬
‫حاصل نه هجي ته آزادي ڪهڙو جانور رهجي وڃي ٿي؟‬
‫ڊاڪٽر درشهوار سيد جي مرتئي تي ‪Free will‬‬
‫جي ڳالهه ڪڍڻ تاريخ جو تسلسل ۽ تاريخي ضرورت‬
‫آهي‪ .‬گهڻو اڳ هڪ ماهوار مخزن کي ڏنل انٽرويو ۾‬
‫ڊاڪٽر داشهوار سيد چيو هو ته‪....‬بس‪ ،‬بابا جي مرضي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪335‬‬

‫هئي‪ ،‬انهن مون کي پڙهايو‪ ،‬علم جو چاهه ڏياريو‪.‬‬
‫سڄي آڪهه جي مخالفت وٺي بابا اهو قدم کنيو هو‪.‬‬
‫ايتري جو امان به پڇاڙيءَ تائين مخالفت ڪئي‪ .‬چڱي‬
‫طرح ياد اٿم‪ ،‬اهو صبح جڏهن داخل لءِ ڄام شوري وئي‬
‫هيس‪ ،‬اڪيلي‪ ،‬اجنبي‪ ،‬وائڙي‪ ،‬سوچيم پئي ته ڪو ڄاڻو‬
‫سڃاڻو ملي وڃي‪ .‬آءي پنهنجي خاندان جي پهرين‬
‫ڇوڪري هيس جا ڳوٺ ڇڏي شهر پڙهڻ لءِ ويس ۽‬
‫اهو به ڪانوينٽ ‪ .‬پر۾بابا جي ساٿ سان هر منزل‬
‫مان پار پيس‪.‬‬
‫ان انٽرويوءَ ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد چيو ته‬
‫”جيستائين اسان جي ماءُ تعليم يافته نه آهي‪ .‬اسين‬
‫ٻين قومن سان چٽا ڀيٽيءَ ۾ نٿا پهچي سگهون ۽ تعليم‬
‫صرف نوڪرين لءِ نه هئڻ کپي‪ ،‬علم جو اگهه نوڪري‬
‫هرگز نه هئڻ کپي‪ ،‬علم ته اهو پارس آهي جيڪو لوهه‬
‫کي ڇهي ته سون ڪري ڇڏي‪.‬‬
‫شاديءَ متعلق هن جو خيال هو ته ”اسان جي‬
‫سماج ۾ حد بنديون ايتريون ته سخت آهن جو خود‬
‫ڇوڪرو ايتري سگهه نٿو ساري سگهي جو مائٽن آڏو‬
‫سنئون سڌو پنهنجي پسند جو اظهار ڪري سگهي‪.‬‬
‫اسان وٽ شاديون ”نڪ“ جو مسئلو آهي‪ .‬ان ڪري ئي‬
‫مرد توڙي عورت آزادگيءَ سان زندگي متعلق ڪوبه‬
‫فيصلو نٿا ڪري سگهن‪ ،‬اسان جا وڏا صدين کان پراڻين‬
‫ريتن ۽ رسمن جا ”پاسبان“ بڻيا ويٺا آهن‪ .‬نوجوانن کي‬
‫گهرجي ته انهن جڙتن ديوارن کي ڊاهي ڇڏين‪.‬و‬
‫ان سوال جي جواب ۾ ته ڇونه اسان پنهنجون‬
‫ڇوڪريون ڌارين ۾ ڏيون؟ درِشهوار سيد چيو ”هو ته“‬
‫ان ۾ ڪابه خرابي نه آهي ڌاريون قومون پنهنجين‬
‫عورتن جي عزت سنڌين کان وڌيڪ ڪن ٿيون‪ .‬اسان‬
‫پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيون صحيح تربيت ڏيون‪،‬‬
‫خانداني ٻنڌڻن کي نرم ڪريون‪ .‬هڪڙي ذات پاڻ کي‬
‫ٻي ذات کان اوچو ۽ اتم سمجهندي آهي! ان فرق کي‬
‫مٽايون‪ .‬ان کان سواءِ ننڍپڻ جي شاديءَ وارو رواج به‬

‫‪336‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ذهني پريشانين کي جنم ڏئي ٿو‪ .‬اسان جي نياڻي‬
‫جڏهن ننڍي عمر ۾ ساهرن ۾ وڃي ٿي ته هوءَ مڪمل‬
‫ننهن آهي‪ ،‬جنهن کي پنهنجن حقن کان وڌيڪ فرض‬
‫جي آگاهي هئڻ لزمي آهي‪ ،‬پوءِ ننڍي عمر جي ذهني‬
‫ناپختگي پريشانين کي جنم ڏئي ٿي‪ .‬انهن پريشانين‬
‫مان مرد فرار چاهيندو آهي‪ .‬اهڙي طرح ٺهيل ٺڪيل‬
‫گهر ڦٽي وڃن ٿا‪.‬‬
‫ڊاڪٽر درشهوار سيد جاگيرداري نظام تي‬
‫ڳالهائيندي چيو ته ”اسان جيتوڻيڪ وقت سان گڏ اڳتي‬
‫وڌيا آهيون‪ ،‬پر جاگيردارانه نظام اڃان تائين مضبوط‬
‫پاڙون وٺي بيٺو آهي‪ .‬امير ۽ جاگيردار طبقي کي‬
‫پنهنجي تفريح جو هر سامان ”ٻاهر“ ٿو ملي‪ .‬هو نٿو‬
‫چاهي ته سندس گهر کان ٻاهر زندگي جي خبر عورتن‬
‫کي پئي ۽ ٻيو ته هو ڄاڻي ٿو ته اهي ساڳيون خواهشون‬
‫عورت ۾ به ٿي سگهن ٿيون‪ .‬زندگي جون اهي لذتون‬
‫ته پري جي ڳالهه‪ ،‬هو ته اهو به نٿو چاهي ته ڪا عورت‬
‫اها سوچي به‪ .‬ان ڪري ئي هو کيس سختيءَ سان‬
‫دٻائي رکي ٿو‪.‬‬
‫سلم آهي درشهوار کي جنهن سنڌ جي فڪر تاريخ‬
‫۽ سنڌ جي پيڙهيل عورت جي حالتن تي سچائيءَ وارو‬
‫موقف رکي پنهنجو حق ادا ڪيو‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪337‬‬

‫طارق اشرف ۽ اسان جو فرض‬
‫هڪ انقلبي ادبي دنيا جو اڳواڻ طارق اشرف‬
‫لڏاڻو ڪري ويو‪ .‬موت جو اهو رقص جاري رهندو آيو‬
‫آهي‪ .‬هيءُ هڪ نظام آهي‪ .‬پنهنجي پنهنجي هڪ‬
‫جاميٽري آهي‪ ،‬مالڪ جيئن خلقيو آهي‪ .‬تنهن ۾ هڪ‬
‫ترتيب آهي ۽ اها ترتيب خبر نه آهي ته اسان کان اڃان‬
‫ڪيترا محبوب کسي وٺي‪ .‬ان ڪري ضروري آهي ته‬
‫اسين سندن تاريخي پورهين کي قلم ذريعي محفوظ‬
‫ڪري وٺون‪ .‬سندن زندگيءَ ۾ کين موٽ ڏيون‪ .‬انهن‬
‫جي ڳالهين کي نوٽ ڪندا هلون‪ .‬انهن تي عمل جي‬
‫ڪوشش ڪريون‪ .‬منهنجي خوش قسمتي اها آهي جو‬
‫سنڌ جي هن جاکوڙي ۽ غير معمولي محنتي انسان‬
‫سان آخري ملقات فيبروري ‪1992‬ع جي هڪ شام جو‬
‫هڪ صحافتي ۽ ادبي ميڙ ۾ ٿي‪ .‬منهنجي ڄاڻ مطابق‬
‫طارق اشرف جو شايد اهو آخري پروگرام ثابت ٿيو‪.‬‬
‫جيڪو اسان جي ”سنڌي عورت تنظيم“ ۽ سنڌ ريسرچ‬
‫ڪائونسل جي سهڪار سان پاڪستان نيشنل سينٽر‬
‫حيدرآباد ۾ رٿيو ويو‪ .‬ان سيمينار جو عنوان هو ”سنڌي‬
‫صحافت ۽ انهن جون ذميواريون“ طارق اشرف جي‬
‫صدارت ۾ مان مهمان خصوصي ڄام ساقي ۽ اياز‬
‫لطيف پليجو پنهنجو بهترين لکيل مقالو پيش ڪيو‪،‬‬
‫جنهن ۾ هن ”ون يونٽ“ جي زماني کان سڄي سنڌي‬
‫سماجي‪ ،‬سياسي ۽ صحافتي تاريخ جو ذڪر ڪيو‪،‬‬
‫منهنجي خوشيءَ ۾ اضافو ان وقت ٿيو‪ ،‬جڏهن ڪجهه‬
‫ڏينهن کان پوءِ طارق اشرف مون کي خاص طور فون‬
‫ڪري چيو ته اگر اوهان مناسب سمجهيو ته اوهان‬
‫پنهنجو مضمون صحافت واري موضوع جو اسان کي‬
‫ڏيو ته سهڻيءَ ۾ ڇپيون‪ .‬ڇو ته ان ۾ تمام سهڻيون ۽‬
‫سچيون حقيقتون بيان ٿيل آهن‪ .‬منهنجي بدقسمتي اها‬
‫هئي جو اهو مضمون مون پهريون ئي حيدرآباد جي‬

‫‪338‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫هڪ مقامي اخبار ۾ ڇپجڻ لءِ ڏنو هو‪ ،‬پر بدقسمتيءَ‬
‫سان ڪجهه سچائين جي ڪري مون کي‪ ،‬اخبار جي‬
‫هلئيندڙن چيو ته اوهان ان ۾ ترميم ڪيو‪ .‬نتيجو اهو‬
‫نڪتو جو نه ”سهڻي“ ۾‪ ،‬نه اخبار ۾‪ ،‬اهو مضمون اچي‬
‫سگهيو‪ ،‬ڳالهه طارق اشرف ”سچ“ واري لڙي جي‬
‫آهي ته جتي به محسوس ڪيائين ته سنڌ جي ماحول ۽‬
‫مسئلن ۾ سچائي بيان ٿي رهي آهي‪ .‬بغير ڪنهن‬
‫”مالي منافعت“ جي ان کي سهڻي رسالي ۾ ڇپيائين‪،‬‬
‫طارق اشرف جيڪو به ڪمايو سو رسالي جي سنڌي‬
‫ادب جي بهتريءَ ۽ نزاڪت لءِ لٽائي ڇڏيائين‪ .‬طارق‬
‫اشرف جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جي ڀلئي‪ ،‬بهتري سمايل‬
‫هئي‪1963 .‬ع کان پنهنجي لکڻين جو آغاز ڪيائين ۽ آخر‬
‫۾ سهڻيءَ ذريعي سنڌ جي حقن لءِ ايڊيٽوريل لکي‬
‫ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ جو پيغام ڏنائين ۽ سندس‬
‫سيڪيولر سوچ ڪري ئي سهڻي رسالو ادبي هئڻ سان‬
‫گڏ سياسي سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي‪ ،‬ڇو ته‬
‫اسان جا اهي مسئل جيڪي خالصتن سماجي ۽‬
‫اقتصادي طريقن ۽ پاليسين سان حل ٿيڻ کپن‪ ،‬انهن‬
‫کي به سياسي مصلحتن ۾ منجهايو ويو آهي‪ .‬ان جو‬
‫احساس طارق اشرف پهريون ئي متعين ڪري چڪو‬
‫هو‪ .‬اهو ئي سبب هو‪ ،‬جو هن بلند سيرت انسان کي‬
‫قانون نافذ ۽ قانون فائز ڪندڙن غلم نبي مغل سان گڏ‬
‫سڀ کان پهريون نشانو بنائيندا رهيا‪ .‬جنهن ڳالهه تي‬
‫سنڌ جي اديبن ۾ تاءُ آيو ۽ اهي بيورو ڪريسي خلف‬
‫متحد ٿي پنهنجي ٻڌي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيائون‪.‬‬
‫طارق اشرف پنهنجي حياتي جي سڄي سگهه سچائيءَ‬
‫۽ اصول پسنديءَ لءِ وقف ڪئي‪ .‬هو لڳاتار لکندو رهيو‪.‬‬
‫سچائي سان ڇپيندو رهيو‪ .‬ايتري قدر جو ”صحافتي‬
‫پابندين“ ۽ مختلف قانونن خلف جاکوڙ ڪئي‪ ،‬جيل جا‬
‫عذاب ڏٺا‪ .‬ته هن نفيس انسان مهان انسان وانگر جيل‬
‫جي اندر به اسان تائين پنهنجيون ادبي تخليقات‬
‫پهچايائون‪ ،‬ان ڪري هينئر اسان جو فرض آهي ته‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪339‬‬

‫اسين طارق اشرف جي ڇڏيل ورثي کي پنهنجي‬
‫حفاظت ۾ وٺون‪ ،‬سنڌ جي گهڻگهرن ۽ ادبي تنظيمن جو‬
‫اهو فرض آهي ته ”سهڻي رسالي“ کي جاري رکڻ لءِ‬
‫پنهنجون ڪوششون ۽ پنهنجون خدمتون ”دانيال“ آڏو‬
‫رکن‪ .‬طارق اشرف جي پونئرن جيڪا نئين روايت قائم‬
‫ڪئي آهي ته سندس ٽيجهي واري ڏينهن دانيال کي‬
‫طارق اشرف جي ”پڳ“ ٻڌرائي آهي‪ .‬اها گهڻو ڪري‬
‫چاليهي تي رسم ادا ڪئي ويندي آهي‪ ،‬پر ادبي لحاظ‬
‫کان به طارق اشرف جا وارث شايد اهو محسوس ڪن‬
‫ٿا ته جيڪو بار ”دانيال“ جي ڪلهي تي رکيو ويو آهي‪،‬‬
‫ان ۾ هڪ منٽ جي يا ٽيجهي کان چاليهي تائين وارو‬
‫فاصلو به حائل نه ٿئي‪ .‬ان ڪري جو ”سهڻي رسالو“‬
‫طارق اشرف جي ڪل موڙي آهي‪ ،‬ميراث آهي‪ .‬قلمي‬
‫پورهيو آهي‪ .‬سندس اها ڪاوش رسالي جي ترتيب‪،‬‬
‫اعلي نموني ۾ ئي قائم‬
‫تدوين‪ ،‬نزاڪت‪ ،‬ڪتابت‪ ،‬اهڙي‬
‫ٰ‬
‫رهي‪ .‬جيئن تعليم کاتي ۽ سنڌي زبان جي اٿارٽي کي‬
‫هڪ اپيل آهي ته هو ان سلسلي ۾ سهڻي رسالي جي‬
‫مالي سهڪار لءِ جلد اعلن ڪن‪ .‬باقي انتظامي طرح‬
‫سان پاليسي جي لحاظ کان هتي ميراث طارق اشرف‬
‫جي وارثن جي هٿ ۾ رهي‪ .‬اسان جي ۽ طارق اشرف‬
‫جي ”روحاني‪ ،‬ڳانڊاپي لءِ ضروري آهي ته سهڻي‬
‫رسالو پنهنجو تاريخي سفر جاري رکي ۽ هر سال‬
‫طارق اشرف جي ياد ۾ ڪو سيمينار ڪا يادگار قائم‬
‫ڪرڻ کپي‪.‬‬
‫”دل اندر درياهه“ ڪنڌيءَ لڳا ڪوهه‬
‫پرين‬
‫ٽپي مار منجهان منجهائين ماڻڪ‬
‫لهين‪.‬و‬

‫‪340‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سيد پناهه علي شاهه مرحوم ”علم جي‬
‫پناهه“‬

‫سڄي دنيا جي ادبي ٻولين ۾ پنهنجن پيارن جي‬
‫وڇوڙن تي سندس سيرت‪ ،‬بهادري‪ ،‬نيڪي ۽ ٻين وصفن‬
‫تي کين خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي‪ .‬اها پيار‬
‫جي پٽشال آهي‪ .‬ذميداريءَ جي احساس جي اها ئي‬
‫نفسيات آهي‪ ،‬جنهن جي ڪري ئي انسان ۽ معاشرتي‬
‫زندگيون ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿيون‪ .‬پريس ڪلب‬
‫حيدرآباد جي هال ۾ سائين پناهه علي شاهه مرحوم‬
‫کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي‪.‬‬
‫ليڪن پوءِ خبر پئي ته ادبي خيرات جي حصي ۾‬
‫منهنجون پيش ڪيل حقيقتون ڪاغذ ۽ اخباري دنيا جي‬
‫هاضمي جو شڪار ٿي ويون‪ ،‬پوءِ مون سوچيو ته‬
‫سائين پناهه علي شاهه مرحوم متعلق مضمون وسيلي‬
‫ڪجهه تفصيلت ڇپائي سگهان ته جيئن سندن زندگي‬
‫جو پروفائيل مڪمل ٿي سگهي‪ .‬سنڌ جي علمي‬
‫گلدستي مان آهستي آهستي علم دوست شخصيتون‬
‫مصطفي شاهه‪،‬‬
‫موڪلئي رهيون آهن‪ ،‬سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫پروفيسر حسن ڀٽو‪ ،‬استاد بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي قلم ۽‬
‫ڪتاب جا پورهيت ئي اهي شخصيتون آهن‪ ،‬جيڪي بنا‬
‫ڪنهن وڌاءَ جي ۽ جن لءِ چيو وڃي ٿو ته فنا في العلم‬
‫هئا‪ .‬سائين پناهه علي شاهه به اهڙن انسان دوست ۽‬
‫هڪ بهادر انسان مان هو‪ .‬سندس انا پرست ڪرنگهو‬
‫ڪڏهن به ڪنهن وقت جي چيمپين آڏو نه جهڪيو‪ .‬پاڻ‬
‫‪1913‬ع ۾ چوٿين جنوري جو لڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا‪.‬‬
‫پرائمري تعليم کانپوءِ انٽرميڊئٽ جي تعليم سنڌ‬
‫مدرسي مان حاصل ڪ‪Ô‬يائون‪ .‬۽سائين ابراهيم جويو‬
‫صاحب جن ٻڌائين ٿا ته ان دور ۾ بي‪.‬ٽي جي ٽريننگ‬
‫ڏاڍي ڏکي هوندي هئي‪ .‬سائين پناهه علي شاهه بي‪.‬ٽي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪341‬‬

‫جي ڊگري جهونا ڳڙهه مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي‬
‫عملي زندگيءَ جي شروعات ۽ ڪيريئر جي ابتدا هڪ‬
‫”استاد“ جي حيثيت سان شروع ڪيائون‪ .‬ٽريننگ ڪاليج‬
‫فارمين خيرپور ۾ به پناهه علي شاهه صاحب پنهنجون‬
‫خدمتون سرانجام ڏنيون‪ .‬اها خيرپور ميرس جنهن مان‬
‫اڄ پير ۽ مير هٿ ڪڍي ويا‪ ،‬اُن خيرپور رياست جو بحال‬
‫ٿيڻ ممڪن ته نه آهي‪ .‬ليڪن مون ڪٿي پڙهيو آهي ته‬
‫جڏهن خيرپور رياست هئي‪ ،‬ان وقت اتي صنعتن جو‬
‫ڄار وڇايل هو ۽ ‪ 36‬ڪارخانا هوندا هئا‪ .‬لکن جي تعداد‬
‫۾ ماڻهو مزدوريون ڪندا هئا ۽ ماڻهو خوشحال هوندا‬
‫هئا‪ .‬سائين پناهه علي شاهه ان شهر جي هزهائينس‬
‫مير مراد علي خان ٽالپر جا اتاليق به مقرر ٿيا ۽ ان‬
‫اعلي تعليم لءِ روانا‬
‫کانپوءِ ‪1952‬ع ۾ آسٽريليا ڏانهن‬
‫ٰ‬
‫ٿيا‪ .‬اتان واپسيءَ کانپوءِ ‪1954‬ع ۾ واپس ناز هاءِ‬
‫اسڪول جا پرنسيپال مقرر ٿيا‪ .‬پناهه علي شاهه‬
‫مرحوم ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تعليم دان جي‬
‫حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو‪ .‬ڇو‬
‫ته مرحوم پناهه علي شاهه ڪم سان ۽ مقصدن سان‬
‫سچو رهيو ۽ بقول ابرهيم جويو صاحب جي ته سيد‬
‫پناهه علي شاهه جهڙا انسان پنهنجي ڳالهين ۽ عمل‬
‫سان هميشه زنده رهندا آهن ۽ پنهنجي پويان نيڪ نامي‬
‫ڇڏي ويندا آهن‪ .‬سائين پناهه علي شاهه انسپيڪٽر آف‬
‫اسڪولس جي حيثيت ۾ پشاور‪ ،‬لهور‪ ،‬راولپنڊي ۽‬
‫حيدرآباد ۾ خدمتون انجام ڏنيون‪ .‬ڊائريڪٽر ڪيريڪيولم‬
‫ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد‪ ،‬رجسٽرار‬
‫سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جي عهدن تي رهڻ کانپوءِ‬
‫سنڌ جي تعليم کاتي جا سيڪريٽري مقرر ٿيا ۽ اتان ئي‬
‫رٽائرڊ ڪيائون‪ .‬سائين پناهه علي شاهه ‪ 16‬سال سنڌ‬
‫يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جا ميمبر رهيا‪ .‬ان کانسواءِ‬
‫سائين کي ڪيترا ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل مليل آهن‪ .‬پناهه‬
‫علي شاهه صاحب جن پنهنجي اندر اجري من سان‬
‫سوشل ورڪر به ثابت ٿيا‪ .‬پاڻ ڪنهن اين‪.‬جي‪.‬اوز سان‬

‫‪342‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫وابسته نه به رهيا ليڪن ذاتي طور تي مسجدن‪ ،‬امام‬
‫بارگاهن‪ ،‬مختلف تعليمي ادارن جي مالي سهائتا‬
‫ڪيائون‪ .‬سنڌالجي کي سائين پناهه علي شاهه‬
‫ڪيتريون ئي شيون عنايت ڪيون‪ .‬پنهنجي زندگيءَ جي‬
‫آخري ڏاڪي تي ”گل سينٽر“ حيدرآباد جي وچ شهر ۾‬
‫”امسا“ ‪ Institute of Modern Science‬نالي سان‬
‫تعليم جو هڪ ادارو کولڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪيائون‪ .‬ياد‬
‫رهي ته هيءُ ادارو استادن جي تربيت ۽ تعليم لءِ قائم‬
‫ٿيل آهي‪ .‬هن اداري مان ڪيترائي ماڻهو تربيت وٺي‬
‫نڪتا آهن‪ .‬سائين پناهه علي شاهه استادن جي تربيت‬
‫جو زبردست حامي هو‪ .‬جامسا“ ادارو سائين پناهه علي‬
‫شاهه جي رهنمائيءَ ۾ سيد عبدالله شاهه‪ ،‬سيد مظفر‬
‫شاهه ۽ ڊاڪٽر ايس‪.‬ايم‪.‬قريشيءَ جي ڪوششن جو‬
‫نتيجو آهي‪ .‬ان کانسواءِ ذاتي زندگيءَ ۾ پناهه علي‬
‫شاهه مرحوم هڪ لبرل قسم جو انسان ثابت ٿيو‪ .‬کين‬
‫پٽ جو اولد ڪونه هو‪ ،‬پر پنهنجي ڇهن ئي نياڻين کي‬
‫تعليم يافتا بڻايو ۽ پاڻ جڏهن شادي ڪيائون ته اها به‬
‫اعلي تعليم يافته عورت آپا رضيا شاهه سان‪،‬‬
‫هڪ‬
‫ٰ‬
‫جيڪا سندس آخري وقت تائين ساٿ نڀائيندي رهي‬
‫آهي‪ .‬پناهه علي شاهه مرحوم پنهنجي ذاتي حوالي‬
‫سان طبيعت انتهائي سخت ۽ اصول پرست انسان‬
‫هوندا هئا ۽ مان آفرين ڏيان ٿي اهڙين ڪامياب عورتن‬
‫کي جيڪي پنهنجي اعتدال پسند روين سان ڪامياب‬
‫زندگيون گذارين ٿيون‪ .‬هڪ آخري ڳالهه هيءَ ته سنڌ‬
‫جي خمير مان پيدا ٿيل اسان جي ڏاهن پنهنجي‬
‫اوجاڳيل اکين سان قوم جي بهتريءَ جا ۽ آجپي جا‬
‫خواب ڏٺا‪ .‬چڱاين جي تلش لءِ پاڻ ان ڪري پتوڙيائون‬
‫ته مستقبل ۾ دنيا جو هيءَ خطو ۽ سنڌ واسي عالمي‬
‫برادري جا ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن‪ .‬سائين پناهه علي‬
‫شاهه سميت سڀ نيڪ روح پنهنجي دؤر جا متحرڪ‬
‫انسان ثابت ٿيا‪ .‬پر ڇا اسان جو اڄ جو ”تعليمي‬
‫منظرنامو“ ۽ پيدا ٿيل صورتحال اسان پڙهيل ڳڙهيل‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪343‬‬

‫انسانن ۽ استادن کان تعليم ۽ علم جي حوالي سان‬
‫”ذميداري جي تقاضا نه ڪري رهي آهي؟ ”عالمي‬
‫ليکڪ ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ ”ڪازان زاڪس“ جو‬
‫چوڻ آهي ته استاد هڪ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن‬
‫پلين تان هو پنهنجي شاگردن کي لنگهڻ ڏين ٿا ۽ پاڻ‬
‫ڊهي ٿا پون ته جيئن سندن شاگرد پاڻ نيون پلون ٻڌن‬
‫۽ جڏهن اهڙا شاگرد پيدا ٿين ٿا ته ”استاد“ پنهنجو پاڻ‬
‫ئي ظاهر ٿي پون ٿا‪ .‬ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته‬
‫پنهنجي رهنمائن تعليم جي شعبي سان وابسته عظيم‬
‫شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻو آهي ته کين ياد‬
‫رکڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان ذميداريءَ‬
‫جي نفسيات جو ڪلچر تعلمي ادارن اندر موٽائي ڏيون‪.‬‬
‫اها ئي اسان جي هڪ خطي جي ضرورت آهي ۽ ڊجيٽل‬
‫جمهوريت جي ڪاميابي‪ .‬اهوبه ياد رکڻ جي ضرورت‬
‫آهي‪ .‬پهرين ڊجيٽل ڊيموڪريسي کان وڌيڪ آهي ته‬
‫قومون ۽ معاشرا ڪڏهن به ناڪام نٿا ٿي سگهن‪ .‬اگر‬
‫هو پنهنجين غلطين ۽ ناڪامين مان سبق حاصل ڪري‬
‫سگهن‪.‬‬

‫‪344‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫اچو ته پنهنجي زخمن جي عزت‬
‫ڪريون‬
‫دنيا جي سڀني ٻولين ۾ پنهنجن پيارن جي موت تي‬
‫خراج عقيدت پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪئي ويندي‬
‫آهي‪ .‬اڄ مان هٿي سنڌ جي ٻن عظيم شخصيتن ۽ ”قلم‬
‫جي پورهيتن جي روح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لءِ‬
‫چند سٽون لکندس مون کي ياد آهي ته ممتاز آڊيٽوريم‬
‫۾ جڏهن شيخ اياز جي لڏاڻي تي جمع ٿيل سنڌ جي‬
‫ڏاهن انسانن کي جيئن ئي خبر پئي ته اهو پروگرام‬
‫جيڪو سنڌي ابي سنگت جو گولڊن جوبلي پروگرام‬
‫هو‪ .‬اهو اجتماع هڪ تعزيتي ميڙ ۾ تبديل ٿي ويو هو‪ .‬ان‬
‫اجتماع ۾ سنڌ جا ڏاها شيخ اياز بابت پنهنجي پنهنجي‬
‫خيالن جو اظها رڪري رهيا هئا‪ .‬ڪي کيس پنهنجو‬
‫ڪري رهيا هئا ته ڪي شيخ اياز کي ”ڊسڪور‬
‫‪Discover‬و ڪري رهيا هئا‪ .‬مون کي هڪ ڳالهه جيڪا‬
‫برابر مطمئن ڪري رهي هئي‪ ،‬اها هئي ته شيخ اياز‬
‫جيڪو منهنجي اباڻي شهر شڪارپور جي مٽيءَ سان ۽‬
‫ڌرتيءَ سان تعلق رکي ٿو‪ .‬ڪيڏو نه خوش نصيب آهي‬
‫جو اڃان سندس مڙهه مٽيءَ حوالي نه ٿيو آهي‪ .‬پر‬
‫سندس حوالي سان کيس ڪيترو نه مان ۽ خراج پيش‬
‫ڪيو پيو وڃي‪ .‬اها حقيقت آهي ته اسان جي سماج ۾‬
‫قوم جي سچن ۽ بهادر انسانن کي سندس زندگيءَ ۾‬
‫احترام عقيدتون ۽ محبتون موٽايون ٿيون وڃن‪ .‬مرڻ‬
‫کانپوءِ ”تعزيتي ميڙ“ سڏائي يا قبر جا ڪتبا لڳائي‬
‫پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهڻ جي عادت ۾ ئي ”نجات“‬
‫سمجهي وڃي ٿي‪.‬‬
‫هر قومي حادثي ۾ هر انساني جيوت ۽ مخلوق سان‬
‫چند يادون وابسته هونديون آهن‪ .‬ڪي احساسات‪ ،‬ڪي‬
‫تاثرات‪ ،‬ڪي جذبات انهن ئي شين سان شخصيتون زنده‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪345‬‬

‫مصطفي شاهه ۽‬
‫جاويد بڻجي وينديون آهن‪ .‬سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫سائين اي‪..‬ايم‪.‬خواجا تاريخ ساز شخصيتون آهن‪ .‬جن جو‬
‫ڪل ورثو ۽ ميراث تعليم ۽ قوم جي تربيت ۽ باخبر ڪرڻ‬
‫هو‪ .‬هنن شخصيتن پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ڪيترن ئي‬
‫ڪاوشن ۽ محنتن سان ماڻهن کي اهم تبديلين لءِ آماده‬
‫ڪيو ۽ خوشيءَ سان ڌرتي ۽ عوام جي خدمت ڪئي‪.‬‬
‫اي‪..‬ايم‪.‬خواجا منهنجو استاد رهيو آهي‪ .‬اهو پنهنجي‬
‫شخصت ۾ هڪ ادارو هو‪ ،‬جنهن پنهنجي سڄي حياتي‬
‫تعليم لءِ وقف ڪري ڇڏي‪ .‬خواجا صاحب جڏهن نوابشاهه‬
‫ڊي‪.‬سي هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو ته منهنجو والد‬
‫صاحب نوابشاهه ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر‬
‫هو‪ .‬ان حوالي سان بابا سائين ۽ سائين خواجا صاحب جي‬
‫اچ وڃ شروع ٿي‪ .‬انتهائي بنياد پرست ۽ مذهبي ماحول‬
‫جي باوجود منهنجي والد صاحب ۽ سائين خواجا صاحب‬
‫جي همت افزائي ڪري اڄ اسان ان قابل ٿي سگهيا‬
‫آهيون جو کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ لءِ اچي گڏ ٿيا‬
‫آهيون‪ .‬خواجا صاحب هڪ بهترين ائڊمنسٽريٽر هو ۽ بي‬
‫انتها اصول پسند ڪميٽيڊ انسان هو‪ .‬عمر عزيز جي ‪92‬ع‬
‫سالن تائين ڪنوارو رهيو ۽ آخر ۾ وڃي قبر سان لنئون‬
‫لڌائين‪ ،‬حسن اتفاق آهي ته اڄ مان خواجا صاحب جي ئي‬
‫ضلع بدين جي هڪ شهر ماتليءَ ۾ هڪ اداري جي‬
‫پرنسپال جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي‬
‫رهي آهيان‪ .‬دوستو! هيءَ پيار جي پٽشل آهي‪ .‬هيءُ نيتن‬
‫جو حساب ڪتاب آهي‪ .‬ڏيئي سان ڏيئو ۽ لٽ سان لٽ‬
‫مثل ڏکين حالتن ۾ سنڌ جيڪو نسل تعليمي طور اڳتي‬
‫وڌيو آهي‪ .‬جيڪي تعليمي ادارا آباد آهن‪ .‬سڀ انهن ئي‬
‫مانجهي مڙسن جي محنت سان آباد ٿيل آهن‪ .‬ان ڪري‬
‫چئي سگهجي ٿو ته انسان ذات ۽ انسانيت تهذيب کان‬
‫بالتر آهي‪ .‬سڀ تهذيبون ملي ڪري به انسانيت کي جنم‬
‫نٿيون ڏئي سگهن ها‪ .‬جآدميت“ ۽ ” انسانيت“ تهذيب کي‬
‫جنم ڏيندي رهي ۽ انسانيت جو بهترين لباس جنهن کي‬
‫زيب تن ڪري سڄي دنيا ۾ منهن ڏيندي اڳتي هلي‬

‫‪346‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سگهجي ٿو‪ .‬اها آهي تعليم ۽ علم سنڌي جي سرزمين‬
‫عظيم خدمتگارن جي زمين آهي‪ .‬سائين اي‪ ..‬ايم‪.‬خواجا‬
‫مصطفي جي‬
‫کان پوءِ اسان جو ٻيو نقصان سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫لڏاڻي جي ڪري پهتو آهي‪ .‬تمام گهڻ رخي شخصيت‬
‫هئي‪ ،‬باڪمال شخصيت هو‪ .‬تعليمي ۽ سياسي تحريڪن ۽‬
‫تجربن جو کيس گهرو ادراڪ ۽ اڀياس هو‪ .‬دنيا جي مختلف‬
‫ملڪن جي سياسي ۽ سماجي تبديلين جو کيس اڳواٽ ئي‬
‫ادراڪ ۽ اڀياس هو‪ .‬خودپسنديءَ خود غرضيءَ جي جبلتن‬
‫کان بلڪل آزاد فرد جي حيثيت ۾ هڪ ادارو هو‪ .‬سندس‬
‫هڪ ئي مقصد هو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڪا رهبري‬
‫ڪري سگهجي‪ ،‬ذاتي حيثيت ۾ سندس ذات سان ڪيئي‬
‫اختلف ٿي سگهن ٿا‪ .‬مثال طور هڪ ذاتي ڳالهه آهي ته‬
‫منهنجو والد صاحب ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو ۽‬
‫مصطفي شاهه ڊائريڪٽر آف اسڪولس‪ .‬ٻئي‬
‫سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫مسلم عليڳڙهه يونيورسٽي ۾ پڙهيل ۽ ڏاها نوجوان‬
‫انتظامي طور تي انتهائي سخت‪ ،‬ڪنهن مسئلي تي‬
‫اختلف ٿيو‪ .‬هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون ڪافي عرصي کان‬
‫پوءِ منهنجو والد صاحب حيدرآباد ٽرانسفر ڪيو ويو‪ .‬پر‬
‫اصولن تي اختلف برقرار رهيو‪ .‬ذاتي حيثيت ۾ سائين‬
‫انتهائي سخت مزاج هوندا هئا پر سندس قوم علم سان‬
‫عشق علم ۽ ادب لءِ جاکوڙ ڪڏهن به نٿي وساري‬
‫مصطفي شاهه ڊائريڪٽر آف‬
‫سگهي‪ .‬سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫اسڪولس ٻئي مسلم عليڳڙهه يونيورسٽي ۾ پڙهيل ۽ ڏاها‬
‫نوجوان انتظامي طور تي انتهائي سخت‪ ،‬ڪنهن مسئلي‬
‫تي اختلف ٿيو‪ .‬هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون ڪافي عرصي‬
‫کان پوءِ منهنجو والد صاحب حيدرآباد ٽرانسفر ڪيو ويو‪ .‬پر‬
‫اصولن تي اختلف برقرار رهيو‪ .‬ذاتي حيثيت ۾ سائين‬
‫انتهائي سخت مزاج هوند اهئا پر سندس قوم علم سان‬
‫عشق علم ۽ ادب لءِ جاکوڙ ڪڏهن به نٿي وساري‬
‫مصطفي شاهه هن ڌرتي جي بي‬
‫سگهجي‪ .‬سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫پهچ ۽ انساني حقن کان محروم قوم جا رهنما هئا‪ .‬چاهي‬
‫ان کي شخصيت پرستي ۾ شمار خيالت سمجهيو وڃي‪،‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪347‬‬

‫ليڪن اها حقيقت آهي ۽ وسارڻ به نه کپي ته اسان جي‬
‫معاشرن ۾ هر دور جي ذهين ۽ غير معمولي انسانن ئي‬
‫قوم جي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي آهي‪ .‬ڀلي جسماني‬
‫رشتو ٽٽي به وڃي پر اهڙن لزوال ۽ علمي انسانن جو‬
‫فڪر ۽ فهم صدين تائين عوام جي رهنمائي ڪندو رهندو‪.‬‬
‫شاهه صاحب جي وفات تي تعزيت ڪندي ٻين کان علوه‬
‫اسان جي سانئڻ محترمه بينظير ڀٽو جن لفظن ۾ کيس‬
‫خراج عقيدت پيش ڪيو آهي‪ ،‬اهي انتهائي وزنائتا آهن ۽‬
‫شاهه صاحب مرحوم جي شخصيت جي مڪمل عڪاسي‬
‫ڪن ٿا‪ ،‬بينظير ڀٽو صاحب چيو ته مان پنهنجي ٻي پيءُ‬
‫کان محروم ٿي وئي آهيان‪ .‬منهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو‬
‫شهيد مون کي چند ماڻهن جا نال ٻڌايا هئا ۽ چيو هو ته‬
‫اهي ماڻهو توکي ڪڏهن به غلط صلح ۽ مشورو نه ڏيندا‪،‬‬
‫شاهه صاحب جو نالو انهن مان هڪ هو‪.‬‬
‫مصطفي شاهه مرحوم رٽائرڊ ٿيڻ‬
‫سائين غلم‬
‫ٰ‬
‫کانپوءِ سماجي‪ ،‬سياسي ۽ ادبي‪ ،‬علمي ڪمن ڪارين ۾‬
‫پنهنجو وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو‪ .‬شاهه عبداللطيف ڪلچرل‬
‫سوسائٽيءَ طرفان ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ڪرايا‬
‫ويا‪ .‬سنڌ ساهت ڪانفرنس ۽ سنڌي عورت تحريڪ قائم‬
‫ڪرڻ ۾ شاهه صاحب پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو‪.‬‬
‫ڪيترائي اهم ڪتاب جن ۾ سنڌ ڪي ڌرتي‪ ،‬جيئي لطيف‬
‫۽ تنوير عباسي‪ ،‬سنڌي معاشرو ۽ ان جو مستقبل ۽‬
‫سنڌي ڪامورن ۽ سنڌي معاشرو جهڙا انمول ڪتاب‬
‫ڇپرايا‪” ،‬شاهه ۽ نوجوان“ جهڙي اهم موضوع تي آرٽس‬
‫ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرايائون‪.‬‬
‫ان کانسواءِ سنڌ سرونٽ سوسائٽي قائم ڪري ان جي‬
‫پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لءِ معاشري ۾‬
‫ٿيندڙ هر نا انصافي خلف آواز اٿاريندا رهيا‪.‬‬
‫سوال هيءُ آهي ته ڇا صرف اهوئي چوڻ ڪافي‬
‫ٿيندو ۽ فرض جي ادائگي جو حق ادا ٿي ويندو‪ .‬ائين‬
‫هرگز نه آهي‪ .‬سوال اهو آهي ته اسان پنهنجي عظمتن‬

‫‪348‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫کي قائم ۽ دائم رکڻ جو تاريخ ۾ هڪ ئي گس ٻڌايو ويو‬
‫آهي تها‬
‫”مان جو پنهنجي دؤر جو آئينو آهيان‬
‫ڪيڏو ٿو چاهيان مون ۾ تون ڏسين پاڻ‬
‫کي“‬
‫دوستو! اگر قومي رهنمائن کي ” آئينو“ بنائڻ جو عزم‬
‫ڪيو اٿوَ ته پوءِ سڀ ايجنڊائون پوئتي ڪري علم ۽ تعليم‬
‫اعلي آدرشن لءِ‬
‫جي هٿيار کي هٿيڪو ڪرڻو پوندو‪ .‬جن‬
‫ٰ‬
‫سمنڊ جي وارث قومن جي رهنمائن محنتون ڪيون آهن‪.‬‬
‫ان ميراث ۽ وڃايل ورثي کي ڳولهي ڳولهي هٿ ڪري‬
‫سنڀالڻو پوندو‪ .‬سوال اسان جي آڏو اهو به آهي ته ڇو‬
‫مواصلتي سيلب سان نوجوان کان قلم ۽ ڪتاب کسي‬
‫ورتو آهي؟ ڇا ان ۾ صرف اسان جا نوجوان ذميوار آهن ۽‬
‫ڪو استاد ڪو ڪامورو‪ ،‬ڪو اديب ان حقيقت جو اعتراف‬
‫ڪندو ته هن حمام ۾ اسان سڀ ننگا آهيون‪ .‬اسان سڀ‬
‫ان ڳالهه جا اکين ڏٺا شاهد آهيون ته نوجوانيءَ ۾ پڙهڻ ۽‬
‫لکڻ وارين ڳالهين کي ادبي لفظن ۾ ديوانگي ۽ چريائپ‬
‫سمجهيو ويندو هو‪ .‬افسوس جو مقام اهو آهي ته جڏهن‬
‫مصطفي شاهه ۽ اي‪..‬ايم‪.‬خواجا جهڙن ڪردارن جن‬
‫غلم‬
‫ٰ‬
‫سڄي ڄمار ڪتابن ۽ آدرشن کي بخش ڪري ڇڏي‪،‬‬
‫سندس ئي زندگي ۾ سندن ئي جيون ۾ سانجهي جو‬
‫وقت آيو ته سندس ئي دؤر جي نسل ۾ خوابن ۽ آدرشن‬
‫۾ ڪتابن سان ڪوبه چاهه نه رهيو‪ .‬سچ پڇو ته ڪڏهن‬
‫ڪڏهن ڪجهه ساعتن لءِ اهي سڀ آدرشي ڳالهيون‬
‫اجايون لڳنديون آهن‪ .‬پر ڪير ٿو ڄاڻي ته تاريخ ۾ آئينده‬
‫جو نسل پنهنجي آجپي لءِ ڪهڙين ڳالهين کي اجايو‬
‫سمجهي ۽ ڪهڙين هدايتن کي پنهنجي ساهه ۾ سانڊيندو‪.‬‬
‫اهائي آس ۽ اميد اسان اميد پرستن لءِ جياپو آهي‪ ،‬قوم‬
‫جو عشق اسان سڀني جو مشترڪه ورثو آهي‪ .‬ڪنهن‬
‫چواڻي ته عشق يونان کان وٺي فرات تائين ٽيمز جي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪349‬‬

‫ڪناري کان سنڌوءَ تائين اسان سڀني جو وڻندڙ موضوع‬
‫رهيو آهي‪.‬‬
‫جرڪي جرڪي جيئندا‬
‫آهيون‪،‬‬
‫مرڪي مرڪي مرندا‬
‫آهيون‪،‬‬
‫مرندي مرندي بچندا آهيون‪،‬‬
‫ها جيئرا آهيون‪ ،‬ها جيئرا‬
‫آهيون‪.‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪350‬‬

‫اڃايل ا;ڃ‬
‫ناڪامين ج‪Ô‬ي م‪Ô‬احول ۾ رهن‪Ô‬دي ڪامي‪Ô‬ابين ج‪Ô‬ا ٻ‪Ô‬ج‬
‫ڇٽڻ فڪرمند ۽ دردمند دل سان سوچڻ ئ‪ÔÔ‬ي ڪامي‪ÔÔ‬ابي َء‬
‫طرف پهريون قدم هوندو آهي‪ .‬روي‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬و اه‪ÔÔ‬و سڳنڌ ۽‬
‫ڏاهپ جو اه‪ÔÔ‬و ڏس‪ ،‬جنه‪ÔÔ‬ن ۾ جي‪ÔÔ‬اپي ج‪ÔÔ‬و گ‪ÔÔ‬س ۽ قل‪ÔÔ‬بي‬
‫واردات ڇانيل رهي ٿي‪ ،‬اهڙي عمل سان عوام دوس‪ÔÔ‬ت‬
‫رويا ۽ اخلقي جذبن ۾ ش‪ÔÔ‬دت پي‪ÔÔ‬دا ٿئ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬ي‪ .‬م‪ÔÔ‬اڻهن ۾‬
‫اتحاد ۽ ايڪو پيدا ٿئي ٿو‪ ،‬ڌڙابنديون ختم ٿڻ ۾ مدد ملي‬
‫ٿي‪ ،‬اهائي انساني عظمت ۽ علم ج‪ÔÔ‬ي برت‪ÔÔ‬ري آه‪ÔÔ‬ي‪ ،‬ان‬
‫ئي انس‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ي عظم‪Ô‬ت ۽ مق‪Ô‬ام ک‪Ô‬ي فرش‪Ô‬تن ک‪Ô‬ان ب‪Ô‬ه‬
‫مٿانهون چيو ويو آهي‪.‬‬

‫ح )کمت فقد‪ X‬ا )و )تي خير ‪Z‬ا ک‪V‬ثيرا‪U‬‬
‫وم ‪X‬ن يؤ )تي ‪X‬ال )‬

‫”جنهن کي حڪمت عطا ڪئي وئي گويا انه‪ÔÔ‬ن ک‪ÔÔ‬ي‬
‫ڪثرت سان خير مليو‪“.‬‬
‫خير جي ڪ‪ÔÔ‬ثرت واري پاس‪ÔÔ‬ي ط‪ÔÔ‬رف ج‪ÔÔ‬ڏهن م‪ÔÔ‬ون‬
‫غور ڪيو‪ ،‬مون کي سنڌ جو ڏاهو جنهن لءِ ڪنهن لکي‪ÔÔ‬و‬
‫ته جعلي قاضيءَ وٽ نه سياسي جماعت آه‪ÔÔ‬ي ن‪ÔÔ‬ه ڪ‪ÔÔ‬و‬
‫جهنڊو م‪ÔÔ‬ون ک‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬ندس جني‪ )ÔÔ‬ڇ‪ÔÔ‬ا ڪج‪ÔÔ‬يو وارو غي‪ÔÔ‬ر‬
‫مشروط قومي ش‪ÔÔ‬دت ۽ آج‪ÔÔ‬پي وارو ڏن‪ÔÔ‬ل ق‪ÔÔ‬ومي س‪ÔÔ‬ڏ ۽‬
‫آواز ياد آيو جنهن کي اُن وقت سنجيدگيءَ سان ن‪ÔÔ‬ه ڏٺ‪ÔÔ‬و‬
‫ويو‪ .‬پر هينئر هن نوج‪ÔÔ‬وان پنهنج‪ÔÔ‬ي ئ‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬وال ج‪ÔÔ‬و پ‪ÔÔ‬اڻ‬
‫جواب ڳولهي ورتو آهي‪ .‬علي قاضيءَ اسان ک‪ÔÔ‬ي واٽ ۽‬
‫رستو ڏيکاريو آهي‪ ،‬اهو رستو مڪمل مستقل مزاجي ۽‬
‫حڪمت عمليءَ جو طلبگار بڻج‪ÔÔ‬ي اس‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ي آڏو ه‪ÔÔ‬ڪ‬
‫چئلينج جي صورت ۾ سامهون آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬گلوب‪ÔÔ‬ل ولي‪ÔÔ‬ج ج‪ÔÔ‬ي‬
‫ه ِ‪ÔÔ‬ن دؤر ۾ مف‪ÔÔ‬ادن ج‪ÔÔ‬ي حاص‪ÔÔ‬لت ۽ پنهنج‪ÔÔ‬ي گرف‪ÔÔ‬ت‬
‫مضبوط ڪرڻ واري ه‪ÔÔ‬ن م‪ÔÔ‬احول ۾ چئن‪ÔÔ‬ي طرف‪ÔÔ‬ن ک‪ÔÔ‬ان‬
‫وٺ پڪڙ واري م‪ÔÔ‬احول ۾ اس‪ÔÔ‬ان منف‪ÔÔ‬ي ۽ مثب‪ÔÔ‬ت اث‪ÔÔ‬رات‬
‫کان ڪيئن پاڻ کي محفوظ ڪري سگهون ٿا؟‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪351‬‬

‫اهو سڄو سلسلو ني) ڇا ڪجي؟ واري سوال اندر‬
‫سمايل آهي‪ .‬هڪ دانشور ڪهڙي نه دانشورانه راءِ ڏني‬
‫آهي تها‬
‫”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي قتل ڪ‪ÔÔ‬ري‬
‫ٿو ته هو قاتل سڏجي ٿو‪ ،‬پر هزاره‪ÔÔ‬ا م‪ÔÔ‬اڻهن ک‪ÔÔ‬ي‬
‫مارڻ واري کي فاتح سڏيو وڃي ٿو‪“.‬‬
‫هن ملڪ ۾ ت‪Ô‬ه ق‪ÔÔ‬ومي تڪجه‪ÔÔ‬تي‪ ،‬ق‪ÔÔ‬ومي س‪ÔÔ‬لمتي‪،‬‬
‫ملڪ‪ÔÔ‬ي اس‪ÔÔ‬تحڪام ج‪ÔÔ‬ي ن‪ÔÔ‬الي ۾ ڪروڙه‪ÔÔ‬ا ع‪ÔÔ‬وام ج‪ÔÔ‬ون‬
‫زندگيون عذاب بڻايون ويون آهن‪ ،‬جخودمختيارو رياستن‬
‫کي ٽائيپ ج‪ÔÔ‬ي غلط‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬ڏيندڙ حڪمران‪ÔÔ‬ن اس‪ÔÔ‬ان ک‪ÔÔ‬ان‬
‫اسان جا وسيل‪ ،‬اسان جو تاريخي سنڌو درياءُ نه صرف‬
‫کس‪ÔÔ‬يو پ‪ÔÔ‬ر س‪ÔÔ‬ڪائي ڇ‪ÔÔ‬ڏيو آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬جمه‪ÔÔ‬وري ادارن ک‪ÔÔ‬ي‬
‫مض‪ÔÔ‬بوط ۽ محف‪ÔÔ‬وظ ن‪ÔÔ‬ه ڪ‪ÔÔ‬رڻ واري ص‪ÔÔ‬ورتحال اڄ ب‪ÔÔ‬ه‬
‫جاري آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬بارب‪ÔÔ‬ار ف‪ÔÔ‬وجي م‪ÔÔ‬داخلتن ڪ‪ÔÔ‬ري اڄ مل‪ÔÔ‬ڪ ۾‬
‫صرف هڪ ادارو فوج جو آهي جنهن جي دعويٰ آهي ته‬
‫هوئي هن ملڪ جي ه‪ÔÔ‬ر ش‪ÔÔ‬يءِ ک‪ÔÔ‬ي هلئ‪ÔÔ‬ڻ ج‪ÔÔ‬ي اهلي‪ÔÔ‬ت‬
‫رکن ٿا؟ مهم جوئن ۽ ڪنهن جي به پرواه‪Ô‬ه ن‪Ô‬ه ڪن‪ÔÔ‬دڙن‬
‫ت‪ÔÔ‬ه ڪعب‪ÔÔ‬ة الل‪ÔÔ‬ه ت‪ÔÔ‬ي ب‪ÔÔ‬ه بن‪ÔÔ‬دوقون هلي‪ÔÔ‬ون ۽ ٻئ‪ÔÔ‬ي ط‪ÔÔ‬رف‬
‫سڪيولر به پاڻ کي چوارائيندا رهي‪ÔÔ‬ا آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬ان م‪ÔÔ‬احول ۽‬
‫‪Ô‬ٽ ۾ س‪ÔÔ‬نڌي‬
‫ٽ ۽ س‪َ Ô‬‬
‫تاري‪ÔÔ‬خ ج‪ÔÔ‬ي ورق گردانيءَ ج‪ÔÔ‬ي ڪ َ ‪َ Ô‬‬
‫م‪ÔÔ‬اڻهوءَ ج‪ÔÔ‬ي زن‪ÔÔ‬دگيءَ ج‪ÔÔ‬و نص‪ÔÔ‬اب‪ ،‬اعتب‪ÔÔ‬ار‪ ،‬فڪ‪ÔÔ‬ر‪ ،‬فه‪ÔÔ‬م‬
‫قربانين سان مالمال ڏسڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬و‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌي‬
‫عوام جي بنياد ۾ جمهوريت ۽ ناانص‪ÔÔ‬افين خلف ت‪ÔÔ‬اريخي‬
‫جدوجهد وارو ڪردار ڪنهن کان به لڪ‪ÔÔ‬ل ن‪ÔÔ‬ه آه‪ÔÔ‬ي‪ ،‬پ‪ÔÔ‬ر‬
‫سن جي عاشقن معشوقن ۽ چاهيندڙن کي س‪ÔÔ‬منڊ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫تپسين جهڙن آدرشي انسانن کي انتهائي بيدرديءَ سان‬
‫ماريو ويو آهي‪ ،‬پر سنڌ سان چاهه رکن‪ÔÔ‬دڙن ڪ‪ÔÔ‬ڏهن ب‪ÔÔ‬ه‬
‫فراريت جي راهه اختيار نه ڪئي آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬پ‪ÔÔ‬اڻ ارپ‪ÔÔ‬ڻ وارو‬
‫احساس ۽ منزل اڄ به اسان لءِ اُتم ۽ ايم‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬و درج‪ÔÔ‬و‬
‫رکي ٿي‪.‬‬
‫بقول ڪرشن راهي جي تها‬

‫‪352‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫ه ِ ‪Ô‬ن س‪ÔÔ‬رحد ک‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬ون ۽ م‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ت م‪ÔÔ‬ڙي س‪ÔÔ‬گهي‬
‫موڙينداس‪ÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔ‬ون‪،‬‬
‫ماڻهوءَ ج‪ÔÔ‬و م‪ÔÔ‬اڻهوءَ س‪ÔÔ‬ان ن‪ÔÔ‬اتو ج‪ÔÔ‬ت ج‪ÔÔ‬ڙي س‪ÔÔ‬گهي‬
‫جوڙينداس‪ÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔ‬ون‪.‬‬
‫* * * * * *‬
‫”سنڌ سڪائڻو‪ ،‬جسنڌو درياء جي دهشت کي ختم‬
‫ڪرڻو سنڌ جو تاريخي حصو چورائڻ ڇ‪ÔÔ‬ا رياس‪ÔÔ‬ت ج‪ÔÔ‬ي‬
‫فڪري بنياد جو ڪو ڳجهو ٺاهه هو سنڌ جي پاڻيءَ واري‬
‫حق سان غاصبانه هٿ چراند ڪئي وئ‪ÔÔ‬ي آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬ان ج‪ÔÔ‬ي‬
‫شروعات ان تاريخي درياء تي پهريون بيراجون‪ ،‬ڪين‪ÔÔ‬ال‬
‫۽ پوءِ ڊيم ٻڌڻ جي ابتدا سان ٿي‪ .‬بين القوامي قانون ۽‬
‫تاريخي لحاظ کان ‪1945‬ع واري س‪ÔÔ‬نڌ ط‪ÔÔ‬اس معاه‪ÔÔ‬دي‬
‫تحت سنڌونديءَ جو ‪ 75‬س‪ÔÔ‬يڪڙو پ‪ÔÔ‬اڻي س‪ÔÔ‬نڌ ک‪ÔÔ‬ي مل‪ÔÔ‬ڻ‬
‫گهربو هو‪ .‬ڇو ته سنڌو درياء جو پاڻي سنڌ جو اهو ح‪ÔÔ‬ق‬
‫آهي جنهن کي هزاري‪ÔÔ‬ن س‪ÔÔ‬الن ج‪ÔÔ‬ي پ‪ )ÔÔ‬ڀرائ‪ÔÔ‬ي حاص‪ÔÔ‬ل‬
‫آهي‪ 3 .‬دري‪Ô‬اء وڪڻ‪ÔÔ‬ي هندس‪ÔÔ‬تان س‪ÔÔ‬ان ه‪Ô‬ڪ ٺ‪Ô‬اهه هي‪)Ô‬‬
‫ت‪ÔÔÔ‬ربيل ۽ منگلڊي‪ÔÔÔ‬م اڏي جڪ‪ÔÔÔ‬اري نان‪ÔÔÔ‬گو واري ڊي‪ÔÔÔ‬م‬
‫)ڪالباغ( جا اعلن ڪري‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌ ج‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬اريخي ۽ ثق‪ÔÔ‬افتي‬
‫حيثيت کي ختم ڪ‪ÔÔ‬رڻ ج‪ÔÔ‬ون ڪوشش‪ÔÔ‬ون ڪي‪ÔÔ‬ون وي‪ÔÔ‬ون‬
‫آهن‪ .‬تربيل ڊيم اڏڻ سان سنڌ جي تقريبا ا ‪ 26‬لک ايڪ‪ÔÔ‬ڙ‬
‫زمين غيرآباد ٿي وئي‪ ،‬ڪالباغ ڊيم جنهن ک‪ÔÔ‬ي مل‪Ô‬ڪ ج‪Ô‬ا‬
‫‪ 3‬ننڍا صوبا هڪ صوبي جو پروجيڪٽ ق‪Ô‬رار ڏئ‪ÔÔ‬ي چڪ‪ÔÔ‬ا‬
‫آهن‪ .‬پر اڄ به رسمي اعلنن سان جڪ‪ÔÔ‬ارو نان‪ÔÔ‬گو واري‬
‫رٿ‪ÔÔ‬ا س‪ÔÔ‬رڪاري ف‪ÔÔ‬ائيلن ۾ موج‪ÔÔ‬ود آه‪ÔÔ‬ي ۽ مل‪ÔÔ‬ڪ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫وزيراعظم تائين جاتفاق راءِو حاصل ڪرڻ واري ماحول‬
‫جي انتظار ۾ سرگردان آهن‪ .‬ه‪ÔÔ‬ي اه‪ÔÔ‬ي حقيقت‪ÔÔ‬ون آه‪ÔÔ‬ن‬
‫جن کان اسان جو عوام بخ‪ÔÔ‬وبي آگ‪Ô‬اهه آه‪Ô‬ي‪ .‬اه‪Ô‬و س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫جي ع‪ÔÔ‬وام‪ ،‬سياس‪ÔÔ‬ي حلق‪Ô‬ن ج‪ÔÔ‬و س‪ÔÔ‬خت تري‪Ô‬ن مؤق‪Ô‬ف ۽‬
‫احتجاج رهيو آهي جنهنڪ‪ÔÔ‬ري ف‪ÔÔ‬ي ال‪ÔÔ‬وقت ڪالب‪ÔÔ‬اغ ڊي‪ÔÔ‬م‬
‫ج‪ÔÔ‬ي رٿ‪ÔÔ‬ا رڪي‪ÔÔ‬ل آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌ ج‪ÔÔ‬ي ويران‪ÔÔ‬ي‪ ،‬تب‪ÔÔ‬اهي‪ ،‬ب‪ÔÔ‬ي‬
‫روزگاري‪ ،‬ايڪ‪ÔÔ‬و سس‪ÔÔ‬ٽم ج‪ÔÔ‬ي تب‪ÔÔ‬اهي‪ ،‬زهريل‪ÔÔ‬ي گيس‪ÔÔ‬ن‪،‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪353‬‬

‫پنجاب کان ايندڙ زهريلو پاڻي‪ ،‬ماهي گيرن‪ ،‬مه‪ÔÔ‬اڻن ج‪ÔÔ‬ي‬
‫بدترين حالت‪ ،‬سمنڊ جو اڳتي اچڻ‪ ،‬ڪوٽڙيءَ کان هي‪)ÔÔ‬‬
‫پ‪ÔÔ‬اڻي ن‪ÔÔ‬ه ڇ‪ÔÔ‬ڏڻ‪ ،‬آب‪ÔÔ‬ي جي‪ÔÔ‬وت‪ ،‬ٻيل‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬ي جي‪ÔÔ‬وت وغي‪ÔÔ‬ره‬
‫مطلب ته قديم ته‪ÔÔ‬ذيب ج‪ÔÔ‬ي وارث س‪ÔÔ‬نڌ جنه‪ÔÔ‬ن تب‪ÔÔ‬اهي‪،‬‬
‫بربادي ۽ ويرانيءَ کي منهن ڏئي رهي آه‪ÔÔ‬ي ات‪ÔÔ‬ي روي‪ÔÔ‬ن‪،‬‬
‫سڃاڻپ‪ ،‬پنهنجائپ به ختم ٿيندڙ نظ‪Ô‬ر اچ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬ي‪ .‬پ‪ÔÔ‬اڻي ۽‬
‫پي‪ÔÔ‬ار ج‪ÔÔ‬ي احساس‪ÔÔ‬ن ک‪ÔÔ‬ان مح‪ÔÔ‬روم س‪ÔÔ‬نڌ تعلي‪ÔÔ‬م‪ ،‬ترق‪ÔÔ‬ي‬
‫ص‪ÔÔ‬حت‪ ،‬روزگ‪ÔÔ‬ار ک‪ÔÔ‬ان مح‪ÔÔ‬روم لک‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬ي تع‪ÔÔ‬داد ۾ ملح‬
‫عورتون ۽ مرد بدحاليءَ جو شڪار روزانو عورتن ج‪ÔÔ‬ون‬
‫سسيون غيرت جي ور چاڙهيون پيون وڃن‪ .‬ٻيو ته ٺهي‪ÔÔ‬و‬
‫پر اسان ج‪ÔÔ‬ي غري‪ÔÔ‬ب ع‪ÔÔ‬وام ک‪ÔÔ‬ي ص‪ÔÔ‬اف ۽ مٺ‪ÔÔ‬و پ‪ÔÔ‬اڻي ب‪ÔÔ‬ه‬
‫ميسر نه آهي‪ .‬جيتن ۽ جراثيمن واري پ‪ÔÔ‬اڻي پيئ‪ÔÔ‬ڻ ڪ‪ÔÔ‬ري‬
‫ڪاري سائي‪ ،‬رت جي گهٽتائيءَ جهڙا موذي مرض وڌي‬
‫رهيا آهن‪ ،‬صحت جون سهوليتون ميسر نه آهن‪ .‬غري‪ÔÔ‬ب‬
‫مهاڻن جا روزگار جا وسيل درياء ۾ پاڻي نه هئ‪ÔÔ‬ڻ ڪ‪ÔÔ‬ري‪،‬‬
‫ختم ٿي وي‪Ô‬ا آه‪Ô‬ن‪ .‬ن‪ÔÔ‬تيجي ۾ غرب‪Ô‬ت ڪ‪Ô‬ري ه‪Ô‬و علج نٿ‪Ô‬ا‬
‫ڪرائي سگهن ۽ جر کارو ٿيل آهي‪ ،‬لڏپلڻ ڪري سنڌي‬
‫عوام جي آدم شماري گهٽ ٿي‪ÔÔ‬ڻ ۽ ڏيک‪ÔÔ‬ارڻ ج‪ÔÔ‬ا امڪ‪ÔÔ‬ان‬
‫وڌي ويا آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬س‪ÔÔ‬امونڊي جي‪ÔÔ‬وت‪ ،‬آب‪ÔÔ‬ي جي‪ÔÔ‬وت‪ ،‬ڍن‪ÔÔ‬ڍون‪،‬‬
‫ڍورا‪ ،‬پلو مڇ‪ÔÔ‬ي‪ ،‬جهينگ‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬ي پي‪ÔÔ‬دائش ج‪ÔÔ‬و نس‪ÔÔ‬ل خت‪ÔÔ‬م‬
‫آهي‪ .‬ان‪ÔÔ‬ڊس ڊيلٽ‪ÔÔ‬ا واري علئق‪ÔÔ‬ي ج‪ÔÔ‬ون زرخي‪ÔÔ‬ز زمين‪ÔÔ‬ون‬
‫سمنڊ حوالي ٿينديون پيون وڃن‪ .‬سنڌ جي جاڇ‪ÔÔ‬ڙي ٿ‪ÔÔ‬رو‬
‫ٿرپارڪر تي اين‪ÔÔ‬دڙ پک‪ÔÔ‬ي پک‪ÔÔ‬ڻ ب‪ÔÔ‬ه ن‪ÔÔ‬راس ٿ‪ÔÔ‬ي پنهنجي‪ÔÔ‬ون‬
‫سرحدون مٽائي ڇڏيون آه‪ÔÔ‬ن؟ ڊائ‪ÔÔ‬ون اس‪ÔÔ‬ٽريم ۾ پ‪ÔÔ‬اڻيءَ‬
‫جي ڇوڙ کي پاڻي ضايع ۽ زيان ٿيڻ ج‪ÔÔ‬و ج‪ÔÔ‬واز ڏين‪ÔÔ‬دڙ اڄ‬
‫ب‪ÔÔ‬ه ‪1991‬ع واري ٺ‪ÔÔ‬اهه ج‪ÔÔ‬ي نف‪ÔÔ‬ي ۾ مص‪ÔÔ‬روف آه‪ÔÔ‬ن‪.‬‬
‫عباسي صاحب ج‪ÔÔ‬ي فن‪ÔÔ‬ي ڪمي‪ÔÔ‬ٽيءَ آڏو غل‪ÔÔ‬ط ان‪ÔÔ‬گ اک‪Ô‬ر‬
‫پيش ڪرڻ ۽ ڪالباغ ڊيم اڏڻ لءِ هو جواز پنهنج‪ÔÔ‬ا پي‪ÔÔ‬ش‬
‫ڪري ڪري ٿڪجي پيا‪ .‬پر عباسي صاحب اهي جواز رد‬
‫ڪري چڪو آهي‪ .‬جڏهن فني طور گنجائش ئي نه آه‪ÔÔ‬ي‬
‫ت‪ÔÔ‬ه ان ج‪ÔÔ‬و مطل‪ÔÔ‬ب آه‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬ه اتف‪ÔÔ‬اق راءِ ط‪ÔÔ‬رف ڌي‪ÔÔ‬ان‬
‫ڇڪائيندي هلن ڇ‪ÔÔ‬و ت‪ÔÔ‬ه مع‪ÔÔ‬املو ۽ مس‪ÔÔ‬ئلو ه‪Ô‬ڪ جڏينه‪ÔÔ‬ن‬

‫‪354‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫سنڌوءَ جوو ڏينهن ملهائڻ کان اڳتي جو به آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬اس‪ÔÔ‬ان‬
‫جي ع‪ÔÔ‬وام ک‪ÔÔ‬ي مٺ‪Ô‬و پ‪Ô‬اڻي پيئ‪Ô‬ڻ ج‪Ô‬ي س‪Ô‬هوليت ک‪Ô‬ان ب‪Ô‬ه‬
‫محروم ڪيو وي‪ÔÔ‬و آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬ه‪ÔÔ‬ڪ خ‪ÔÔ‬بر جيڪ‪ÔÔ‬ا اخب‪ÔÔ‬ارن ۾ ب‪ÔÔ‬ه‬
‫رپورٽ ٿي اها هيءَ ته آگسٽ ‪2009‬ع ۾ مملڪتي وزير‬
‫ڪينٽ ڊويزن مهرين ان‪ÔÔ‬ور راج‪ÔÔ‬ا ق‪ÔÔ‬ومي اس‪ÔÔ‬يمبليءَ ک‪ÔÔ‬ي‬
‫ٻڌايو ته سال ‪2015‬ع ۾ اسلم آباد جي نلڪ‪ÔÔ‬ن ۾ س‪ÔÔ‬نڌو‬
‫درياء جو پاڻي وهندو ۽ اهڙي نموني ڪامورن جي ش‪ÔÔ‬هر‬
‫اسلم آباد جي وڌن‪ÔÔ‬دڙ ض‪ÔÔ‬رورت ک‪ÔÔ‬ي پ‪ÔÔ‬ورو ڪي‪ÔÔ‬و وين‪ÔÔ‬دو‪.‬‬
‫سوچڻ ج‪ÔÔ‬ي ڳ‪ÔÔ‬الهه آه‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬ه مل‪ÔÔ‬ڪ ۾ س‪ÔÔ‬ڀ ک‪ÔÔ‬ان وڌي‪ÔÔ‬ڪ‬
‫برس‪ÔÔ‬ات اس‪ÔÔ‬لم آب‪ÔÔ‬اد ۾ پ‪Ô‬وي ٿ‪Ô‬ي‪ .‬برس‪ÔÔ‬ات ج‪ÔÔ‬و پ‪ÔÔ‬اڻي ان‬
‫علئق‪ÔÔ‬ي ج‪ÔÔ‬ي ض‪ÔÔ‬رورت لءِ ڪت‪ÔÔ‬ب آن‪ÔÔ‬دو وڃ‪ÔÔ‬ي پرس‪ÔÔ‬نڌوءَ‬
‫تائين رسائي هنن لءِ وڌيڪ آسان آهي‪ .‬هر ص‪ÔÔ‬وبي ج‪ÔÔ‬ي‬
‫لءِ پاڻيءَ ج‪ÔÔ‬ي ورڇ ج‪ÔÔ‬و ه‪ÔÔ‬ڪ ف‪ÔÔ‬ارمولو معاه‪ÔÔ‬دو موج‪ÔÔ‬ود‬
‫آهي‪ .‬ان حساب سان صرف چار صوبا ڀاڱي ڀائيوار ٿ‪ÔÔ‬ي‬
‫سگهن ٿا‪ .‬اس‪ÔÔ‬لم آب‪ÔÔ‬اد ج‪ÔÔ‬و ڪ‪ÔÔ‬وبه حص‪ÔÔ‬و ان معاه‪ÔÔ‬دي ۾‬
‫رکيل نه آهي‪ .‬پلننگ ڪميش‪ÔÔ‬ن ۽ ارس‪ÔÔ‬ا ک‪ÔÔ‬ي ج‪ÔÔ‬ڏهن اه‪ÔÔ‬ا‬
‫اسڪيم پهتي ته انهن جواب ڏنو ۽ ٻيو ته وفاق لءِ پ‪ÔÔ‬اڻي‬
‫نٿو ڏئي س‪ÔÔ‬گهجي‪ .‬مڃ‪ÔÔ‬ون ٿ‪Ô‬ا ت‪Ô‬ه پ‪ÔÔ‬اڻي انس‪ÔÔ‬اني گه‪Ô‬رج ۽‬
‫ضرورت آهي‪ .‬پر اس‪ÔÔ‬لم آب‪ÔÔ‬اد ت‪ÔÔ‬ه پنج‪ÔÔ‬اب ج‪ÔÔ‬ي لڳ‪ÔÔ‬و ل‪ÔÔ‬ڳ‬
‫آهي‪ .‬راولپنڊي ته پنجاب صوبي ۾ ش‪ÔÔ‬امل آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬اس‪ÔÔ‬لم‬
‫آباد ۽ پنڊي ته ٻه جاڙا شهر آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬اس‪ÔÔ‬لم آب‪ÔÔ‬اد ج‪ÔÔ‬ا نلڪ‪ÔÔ‬ا‬
‫سنڌوءَ جي پاڻي ڇو وهائين؟ ڇا پنج‪ÔÔ‬اب پنهنج‪ÔÔ‬ي حص‪ÔÔ‬ي‬
‫مان اسلم آباد جي ضرورت نٿو پ‪ÔÔ‬وري ڪ‪ÔÔ‬ري س‪ÔÔ‬گهي؟‬
‫طوالت کان بچڻ لءِ مان اڳتي وڌڻ کي بهتر س‪ÔÔ‬مجهان‬
‫ٿي‪ -24 .‬جنوريءَ جي تاريخي ڏهاڙي تي اسان کي هڪ‬
‫ٻي اهم ڳالهه کي به ذهن ۾ رکي اڳتي پهچائڻ کپي‪ ،‬اها‬
‫هيءَ آهي ته ڪالباغ ڊيم جو ذڪ‪ÔÔ‬ر ب‪ÔÔ‬ار ب‪ÔÔ‬ار اس‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ي‬
‫سماعتن ت‪ÔÔ‬ائين ٺڪرائج‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬و‪ .‬ه‪ÔÔ‬تي اه‪ÔÔ‬ا زهريل‪ÔÔ‬ي نان‪ÔÔ‬گ‬
‫جهڙي رٿا آه‪ÔÔ‬ي‪ ،‬جنه‪ÔÔ‬ن لءِ ش‪ÔÔ‬هيد راڻيءَ پنج‪ÔÔ‬اب ۽ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫جي سرحدن تي ڌرڻ‪ÔÔ‬و هني‪ÔÔ‬و جيڪ‪ÔÔ‬و اس‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ي دلي‪ÔÔ‬ن ۽‬
‫ذهنن تي نقش جيان چٽيل آهي‪ .‬ان رٿا جي خاتمي جو‬
‫اعلن راجا پرويز اشرف لهور واپڊا هائوس ۾ ڪيو‪ .‬پ‪ÔÔ‬ر‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪355‬‬

‫ڇا قومي اقتصادي ڪائونسل جي رٿ‪ÔÔ‬ائن واري ريڪ‪ÔÔ‬ارڊ‬
‫۾ ان ڊيم کي مستقبل جي رٿائن ۾ ته ش‪ÔÔ‬امل ن‪ÔÔ‬ه ڪي‪ÔÔ‬و‬
‫ويو آهي؟ اسان کي خدشو آهي ت‪ÔÔ‬ه اه‪ÔÔ‬و نان‪ÔÔ‬گ ٻ ِ ‪َ Ô‬ر م‪ÔÔ‬ان‬
‫نڪري ڪيڏي مهل به ڪر کڻي سگهي ٿو‪.‬‬
‫جيستائين ان جي مڙهه کي دفن‪ÔÔ‬ايو نٿ‪ÔÔ‬و وڃ‪ÔÔ‬ي اگ‪ÔÔ‬ر‬
‫ڪا رٿا يا ڪو پروجيڪٽ ختم ٿيندو آهي ته مج‪ÔÔ‬از ادارن‬
‫وٽ اها لکت ۾ شيءِ موجود هوندي آهي ته پوءِ ڇو ب‪ÔÔ‬ار‬
‫بار قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان ڪاريهر نانگ جه‪ÔÔ‬ڙي‬
‫رٿا متعلق پ‪ÔÔ‬وائنٽ آف آرڊر کڻ‪ÔÔ‬ي بح‪ÔÔ‬ث ڪي‪ÔÔ‬و وڃ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬و‪.‬‬
‫اوه‪ÔÔ‬ان ڏٺ‪ÔÔ‬و ت‪ÔÔ‬ه جن‪ÔÔ‬وري ‪2010‬ع واري مهين‪ÔÔ‬ي ۾ ئ‪ÔÔ‬ي‬
‫ڪالب‪ÔÔ‬اغ ڊي‪ÔÔ‬م ج‪ÔÔ‬ي ذڪ‪ÔÔ‬ر ت‪ÔÔ‬ي پاڪس‪ÔÔ‬تان پيپل‪ÔÔ‬ز پ‪ÔÔ‬ارٽي‪،‬‬
‫جي‪.‬ي‪ÔÔ‬و‪.‬آءِ‪ ،‬اي‪ÔÔ‬م‪.‬ڪي‪ÔÔ‬و‪.‬اي‪ÔÔ‬م ۽ اي‪ÔÔ‬ن‪.‬اي‪ÔÔ‬ن‪.‬پ‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬ينيٽ م‪ÔÔ‬ان‬
‫بائيڪاٽ ڪيو‪ .‬محترم آصف زرداري صدر مملڪت کان‬
‫پنجاب ج‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬رزمين ت‪ÔÔ‬ي مي‪ÔÔ‬ڊيائي اداڪ‪ÔÔ‬ارن ڪم‪ÔÔ‬دارن‬
‫پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ۽ ووٽ بين‪ÔÔ‬ڪ وڌڻ ج‪ÔÔ‬ي لل‪Ô‬چ ۾‬
‫ڪالب‪ÔÔ‬اغ ڊي‪ÔÔ‬م متعل‪ÔÔ‬ق س‪ÔÔ‬وال ڪي‪ÔÔ‬و ت‪ÔÔ‬ه زرداري ص‪ÔÔ‬احب‬
‫انتهائي باوقار ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو ته جپيپل‪ÔÔ‬ز پ‪ÔÔ‬ارٽي‬
‫ڪوبه اهڙو فيصلو نه ڪندي جنهن سان وف‪ÔÔ‬اق ڪم‪ÔÔ‬زور‬
‫ٿئيو‪ ،‬پر ٻئي طرف ڏٺ‪ÔÔ‬و وڃ‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬ه مل‪Ô‬ڪ ج‪ÔÔ‬و س‪Ô‬ربراهه‬
‫ملڪ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف عمل آه‪ÔÔ‬ي‪.‬‬
‫پر سندس ئي پارٽيءَ جا س‪ÔÔ‬ربراهه وزيراعظ‪ÔÔ‬م س‪ÔÔ‬ميت‬
‫جن جو تعلق به ملڪ جي وڏي صوبي سان آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬اه‪ÔÔ‬ي‬
‫جاتفاق راءِو واري گرفت مان نڪ‪ÔÔ‬رڻ لءِ تي‪ÔÔ‬ار ن‪ÔÔ‬ه آه‪ÔÔ‬ن‪.‬‬
‫اهو کين نظرئي ڪونه ٿو اچي ته خوشحال سنڌ ۽ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫جا ماڻهو بدحال صرف ۽ صرف درياءَ جي سڪڻ ڪ‪ÔÔ‬ري‬
‫ٿيا آهن‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنج‪ÔÔ‬ي ض‪ÔÔ‬مير ج‪ÔÔ‬ي‬
‫ضمانت کي به استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آه‪ÔÔ‬ي‪.‬‬
‫خاص ڪري جڏهن س‪ÔÔ‬وال ڪنه‪ÔÔ‬ن مل‪ÔÔ‬ڪ ج‪ÔÔ‬ي نظري‪ÔÔ‬اتي‬
‫تحف‪ÔÔ‬ظ ۽ بچ‪ÔÔ‬اءَ ج‪ÔÔ‬و هج‪ÔÔ‬ي ي‪ÔÔ‬ا جاگرافي‪ÔÔ‬ائي س‪ÔÔ‬رحدن ج‪ÔÔ‬و‬
‫مسئلو درپيش هجي‪ .‬وزيراعظم کي سنڌ جي عوام کي‬
‫خاطري ڪرائڻي پوندي ۽ اتفاق راءِ حاص‪ÔÔ‬ل ڪ‪ÔÔ‬رڻ وارن‬
‫لفظن ۽ جملن کان کيس پاڻ کي آجو ڪرڻو پوندو‪-19 .‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫‪356‬‬

‫اپري‪ÔÔ‬ل ‪2009‬ع ت‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬نڌ ڪابين‪ÔÔ‬ا س‪ÔÔ‬ان گ‪ÔÔ‬ڏجاڻيءَ واري‬
‫ماحول ۾ وزيراعظم کان س‪ÔÔ‬نڌ اس‪ÔÔ‬يمبليءَ ج‪ÔÔ‬ي ڪجه‪ÔÔ‬ه‬
‫جرئت مند وزي‪ÔÔ‬رن ڪالب‪ÔÔ‬اغ ڊي‪ÔÔ‬م ۽ ارس‪ÔÔ‬ا ج‪ÔÔ‬ي تڪ‪ÔÔ‬راري‬
‫ڪ‪ÔÔ‬ردار ت‪ÔÔ‬ي پنهنج‪ÔÔ‬و مؤق‪ÔÔ‬ف آڏو رکي‪ÔÔ‬و۔ ان وق‪ÔÔ‬ت ب‪ÔÔ‬ه‬
‫وزيراعظم خاموش رهيو‪ .‬ها البته ارسا جي معاملي تي‬
‫غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي‪ .‬ان ئي ڏينهن جهمپير ۾‬
‫هڪ پاور پلنٽ ج‪ÔÔ‬ي افتت‪ÔÔ‬اح دوران ہ ن واض‪ÔÔ‬ح لفظ‪ÔÔ‬ن ۾‬
‫چيو ته چئني صوبن جي جاتفاق راءِو تائين ڪالباغ ڊي‪ÔÔ‬م‬
‫نه ٺهندو‪ .‬پاڻيءَ جو وفاقي وزير راجا پروي‪ÔÔ‬ز اش‪ÔÔ‬رف ب‪ÔÔ‬ه‬
‫وقت به وقت چوندو رهي‪ÔÔ‬و آه‪ÔÔ‬ي ت‪ÔÔ‬ه جاتف‪ÔÔ‬اق راءِو ت‪ÔÔ‬ائين‬
‫ڪالباغ ڊيم نه ٺه‪Ô‬ندو‪ .‬۽في الوقت ان جي تعمير روڪي‬
‫وئي آهي‪ .‬ه‪Ô‬اڻي س‪ÔÔ‬نڌ ج‪ÔÔ‬ي ع‪ÔÔ‬وام ک‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬وچڻو پون‪ÔÔ‬دو ۽‬
‫مزاحمت ڪرڻي آه‪ÔÔ‬ي۔ دري‪ÔÔ‬اء ک‪ÔÔ‬ي وڌي‪ÔÔ‬ڪ پنج‪ÔÔ‬وڙن ک‪ÔÔ‬ان‬
‫پناهه ۾ رکڻو آهي‪ 24 .‬تاريخ تي اسان پيپلز پارٽيءَ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫اعلي قيادت کي هٿ ٻڌي ع‪Ô‬رض ٿ‪Ô‬ا ڪري‪ÔÔ‬ون ت‪Ô‬ه خ‪ÔÔ‬دارا‬
‫ٰ‬
‫وقت جي واڳ ۽ مه‪ÔÔ‬ارن ک‪ÔÔ‬ي مض‪ÔÔ‬بوطيءَ س‪ÔÔ‬ان پڪ‪ÔÔ‬ڙي‬
‫پارلياماني ايوانن اندر اڪثريتي راءِ سان ق‪ÔÔ‬انون س‪ÔÔ‬ازي‬
‫ڪري پنهنجي جسياسي ساکو جو ثب‪ÔÔ‬وت ڏي‪ÔÔ‬ڻ ۾ مت‪ÔÔ‬ان‬
‫دير ڪئي اٿ‪ÔÔ‬وَ؟ اچ‪ÔÔ‬و ت‪ÔÔ‬ه ‪2003‬ع واري عباس‪ÔÔ‬ي ص‪ÔÔ‬احب‬
‫جي ڪميٽيءَ جي سفارشن تي عمل ڪرائيندي س‪ÔÔ‬ڪل‬
‫درياء کي ساهه سرير موٽائي ڏيون‪.‬‬

‫چکائے جائیں گے سارے حساب‬
‫کے‪،‬‬
‫موسم‬
‫ابهی تو جهیل رہے ہیں عذاب‬
‫کے‪،‬‬
‫موسم‬
‫اڑاؤ خاک نشینوں پر خاک جتنی‬
‫گے‪،‬‬
‫پربرسیں‬
‫ہمیں‬
‫ہے‪،‬‬
‫ایک دن گلب موسم کے۔‬

‫ا‪Z‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪357‬‬

‫‪358‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫مان واري مظهرالحق صديقيءَ جي‬
‫اعزاز ۾‬
‫ستم ظریف ہیں دنیا کے چاہنے والے‪،‬‬
‫ہے زندگی کی طلب پر عیاں نہیں کرتے۔‬
‫مان پنهنجي هن تحري‪ÔÔ‬ر ک‪ÔÔ‬ي پنهنج‪ÔÔ‬ي م‪ÔÔ‬ادر علمي َء‬
‫ج‪ÔÔ‬ي موج‪ÔÔ‬وده ص‪ÔÔ‬ورتحال ک‪ÔÔ‬ي ڏس‪ÔÔ‬ندي قاب‪ÔÔ‬ل اح‪ÔÔ‬ترام‬
‫مظهرالحق صديقيءَ جي ن‪ÔÔ‬انءِ ڪ‪ÔÔ‬ري ره‪ÔÔ‬ي آهي‪ÔÔ‬ان‪ ،‬ان‬
‫لءِ وري علي قاضيءَ جي هڪ تحرير ج‪ÔÔ‬و س‪ÔÔ‬هارو وٺ‪ÔÔ‬ي‬
‫اوه‪ÔÔ‬ان ج‪ÔÔ‬ي آڏو ب‪ÔÔ‬اادب ٿ‪ÔÔ‬ي حاض‪ÔÔ‬ر آهي‪ÔÔ‬ان‪ .‬س‪ÔÔ‬ڀ ک‪ÔÔ‬ان‬
‫پهري‪ÔÔ‬ون ه‪ÔÔ‬ڪ گ‪ÔÔ‬ذارش ۽ وض‪ÔÔ‬احت ت‪ÔÔ‬ه م‪ÔÔ‬ون ک‪ÔÔ‬ي ڪ‪ÔÔ‬وبه‬
‫پنهنجي مادر علمي س‪ÔÔ‬ان مف‪ÔÔ‬اداتي سلس‪ÔÔ‬لو ڪ‪ÔÔ‬ڏهن ب‪ÔÔ‬ه‬
‫وابسته ناهي رهيو‪.‬‬
‫منهنج‪ÔÔ‬و ڪ‪ÔÔ‬وبه اولد س‪ÔÔ‬نڌ يونيورس‪ÔÔ‬ٽيءَ ۾ ڪ‪ÔÔ‬ابه‬
‫نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامي‪ÔÔ‬اب ن‪ÔÔ‬اهي ٿي‪ÔÔ‬و‪ .‬خ‪ÔÔ‬ود م‪ÔÔ‬ان‬
‫‪ 35‬سال تعليم ج‪ÔÔ‬ي مي‪ÔÔ‬دان ۾ خ‪ÔÔ‬دمتون ڪ‪ÔÔ‬رڻ ۽ رٽ‪ÔÔ‬ائرڊ‬
‫ٿيڻ کان پوءِ گهر ۾ ويهي عام عورت جيان پنهنجو وقت‬
‫گذارڻ ۾ ڪامياب آهي‪ÔÔ‬ان‪ ،‬انڪ‪ÔÔ‬ري منهنج‪ÔÔ‬ي تحري‪ÔÔ‬ر ک‪ÔÔ‬ي‬
‫ڪنهن خاص دائري ۾ مح‪ÔÔ‬دود ٿ‪ÔÔ‬ي ن‪ÔÔ‬ه پڙه‪ÔÔ‬ڻ ک‪ÔÔ‬پي‪ .‬اه‪ÔÔ‬و‬
‫جذبو اڄ اسان جي زميني حقيقتن ج‪ÔÔ‬و ادراڪ آه‪ÔÔ‬ي ڇ‪ÔÔ‬و‬
‫ته سياست ۽ گورننس جي بي رحمين اسان کان محبت‬
‫۽ عزت جو ڪلسيڪل انداز به کسي ورتو آهي‪ .‬انڪري‬
‫س‪ Ô‬ر اه‪ÔÔ‬م مس‪ÔÔ‬ئلن ط‪ÔÔ‬رف ڌي‪ÔÔ‬ان‬
‫ضروري آهي ت‪ÔÔ‬ه وق‪ÔÔ‬ت ِ‬
‫ڇڪايو وڃي‪.‬‬
‫محترم علي قاضي پنهنجي تحرير ۾ هڪ هنڌ لکي‪ÔÔ‬و‬
‫ته تاريخ ۾ سقراط کان وٺي هزاري‪ÔÔ‬ن اه‪ÔÔ‬ڙن م‪ÔÔ‬اڻهن ج‪ÔÔ‬و‬
‫ذڪر ملي ٿو جن کي اص‪ÔÔ‬ل مڃت‪ÔÔ‬ا س‪ÔÔ‬ندن گ‪ÔÔ‬ذاري وڃ‪ÔÔ‬ڻ‬
‫کان پوءِ ملي‪ .‬هنن کي اڄ دانش‪ÔÔ‬ور ۽ فلس‪ÔÔ‬في ط‪ÔÔ‬ور ي‪ÔÔ‬اد‬
‫ڪيو وڃي ٿو‪ .‬علي اڳتي لکي ٿو ته اگر س‪ÔÔ‬چ پ‪ÔÔ‬چ اه‪ÔÔ‬ڙن‬
‫ماڻهن کي اُن انسان سان محبت هجي ٿي ڇ‪ÔÔ‬ا زن‪ÔÔ‬دگيءَ‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪359‬‬

‫۾ اُن شخص کي ايتري محبت ڏئي سگهيا جنهن جو ه‪ÔÔ‬و‬
‫حقدار هو؟ لڳي ائين رهيو آهي ته هن اسان جي سماج‬
‫۾ ڪوبه سچو ۽ محبت ڪندڙ انسان تعريف ج‪ÔÔ‬و حق‪ÔÔ‬دار‬
‫صرف پنهنجي وڃڻ کان پوءِ ئ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬گهي ٿ‪ÔÔ‬و‪ ،‬۽ اه‪ÔÔ‬ا‬
‫روش اسان وٽ وڌن‪ÔÔ‬دي ۽ پ‪ÔÔ‬روان چڙهن‪ÔÔ‬دي ڏس‪ÔÔ‬ي رهي‪ÔÔ‬ا‬
‫آهيون پر ڇا ائين ڪرڻ سان اسان جو آئيندو اسان جي‬
‫اڄ کان بهتر هوندو؟‬
‫ُ‬
‫علي قاضيءَ جو اهو سوال مان ان پنهنجي تحري‪ÔÔ‬ر‬
‫۾ ب‪ÔÔ‬ه کني‪ÔÔ‬و ه‪ÔÔ‬و‪ ،‬ج‪ÔÔ‬ڏهن م‪ÔÔ‬ون س‪ÔÔ‬نڌي ادب‪ÔÔ‬ي ب‪ÔÔ‬ورڊ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫صورتحال تي پنهنجي ڳڻتيءَ ک‪ÔÔ‬ان پڙهن‪ÔÔ‬دڙن ک‪ÔÔ‬ي آگ‪ÔÔ‬اهه‬
‫ڪيو هو‪ .‬اهو ئي سوال مون ت‪ÔÔ‬ازو عاب‪ÔÔ‬د منٽ‪ÔÔ‬وءَ ک‪ÔÔ‬ان ب‪ÔÔ‬ه‬
‫ڪ‪ÔÔ‬ستان۾کپيوجي تسلس‪ÔÔ‬ل ۾ ڪي‪ÔÔ‬و ه‪Ô‬و‪،‬‬
‫جپا‬
‫هڪ ويهڪ‬
‫ستي امڙ جيجل ج‪ÔÔ‬ي جھ‪ÔÔ‬وليءَ ک‪ÔÔ‬ان پلئ‪ÔÔ‬ه‬
‫ته دوستو!اها ُ‬
‫پيل آهي‪ .ÔÔ‬۽منهنجو ايمان آهي ته جذبات جي شدت مان‬
‫جيڪي به لکج‪ÔÔ‬ي رهي‪ÔÔ‬و آه‪ÔÔ‬ي اه‪ÔÔ‬وئي س‪ÔÔ‬چ آه‪ÔÔ‬ي‪ ،‬اه‪ÔÔ‬ائي‬
‫آگهي ۽ ادراڪ آهي‪.‬‬
‫اسان جو اتهاس تڪليف‪ÔÔ‬ن‪،‬ڏکن اهنج‪Ô‬ن وارو ض‪Ô‬رور‬
‫آهي‪ .‬پر ان اتهاس جون اس‪ÔÔ‬ان ت‪ÔÔ‬ي ڪ‪ÔÔ‬ي مهرب‪ÔÔ‬انيون ب‪ÔÔ‬ه‬
‫آهن ڇوته انس‪Ô‬اني اوس‪Ô‬ر ۾ انس‪Ô‬اني عظمت‪Ô‬ن ج‪Ô‬ا نش‪Ô‬ان‬
‫مهان هستين جي صورت ۾ جيڪي سچ جا ساکي باوف‪ÔÔ‬ا‪،‬‬
‫اعلي ق‪ÔÔ‬درن ج‪ÔÔ‬ا اهڃ‪ÔÔ‬اڻ هون‪ÔÔ‬دا آه‪ÔÔ‬ن اه‪ÔÔ‬ي ئ‪ÔÔ‬ي‬
‫جاکوڙي۽‬
‫ٰ‬
‫پنهنج‪ÔÔ‬ي معاش‪ÔÔ‬ري ج‪ÔÔ‬ا س‪ÔÔ‬فير ب‪ÔÔ‬ه هون‪ÔÔ‬دا آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورس‪ÔÔ‬ٽيءَ ج‪ÔÔ‬و رهن‪ÔÔ‬دڙ وائي‪ÔÔ‬س چانس‪ÔÔ‬يلر مظهرالح‪ÔÔ‬ق‬
‫صديقيءَ ۾ اهي سڀ خاص‪ÔÔ‬يتون ۽ چڱ‪ÔÔ‬ايون موج‪ÔÔ‬ود آه‪ÔÔ‬ن‬
‫جيڪ‪Ô‬ي ڪنه‪Ô‬ن ب‪Ô‬ه اداري ک‪Ô‬ي م‪Ô‬اڻهپي ج‪Ô‬ي من‪Ô‬زل ت‪Ô‬ائين‬
‫پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون‪ .‬شديد افس‪ÔÔ‬وس ٿئ‪ÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔ‬و‬
‫ج‪ÔÔ‬ڏهن ان‪ÔÔ‬در ڀ‪ÔÔ‬ڃ ڊاه‪ÔÔ‬ه ک‪ÔÔ‬ان ڪي‪ÔÔ‬ن ٿ‪ÔÔ‬ا ڪيٻ‪ÔÔ‬ائين‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورسٽيءَ جو م‪ÔÔ‬ان وارو وائ‪ÔÔ‬س چانس‪ÔÔ‬يلر مظهرالح‪ÔÔ‬ق‬
‫صديقي ته سياسي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سگهي ٿ‪Ô‬و پ‪Ô‬ر‬
‫ڪيتري نه بدقسمتي آهي جو جيڪ‪ÔÔ‬ي ٻي‪ÔÔ‬ا تعليم‪ÔÔ‬ي ادارا ۽‬
‫يونيورسٽيون آئيني ڀڃڪڙي ڪندي مفاهمتي ماحول ک‪ÔÔ‬ي‬
‫تباهه ڪرڻ پوي‪ÔÔ‬ان لڳ‪ÔÔ‬ل آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬ٻي‪ÔÔ‬ا اه‪ÔÔ‬ي وائ‪ÔÔ‬س چانس‪ÔÔ‬يلر‬

‫‪360‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫جيڪي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ ويٺا آه‪Ô‬ن پ‪Ô‬ر ص‪Ô‬وبي ج‪Ô‬ي‬
‫اعلي انتظامي سربراهه جي حڪمن کي به ليک‪ÔÔ‬ي ۾ نٿ‪ÔÔ‬ا‬
‫ٰ‬
‫آڻين‪ .‬تعصب‪ ،‬نسلي ۽ لساني تفرقن ۽ انتها پسنديءَ جي‬
‫واٽ ڪراچي يونيورسٽيءَ اهڙي نموني ورتي آهي‪.‬‬
‫جنهن سان سنڌ جا اصلي وارث تعليم کان محروم‬
‫۽ غريبن جو اولد تي ته نوڪرين جا دروازا ب‪ÔÔ‬ه بن‪ÔÔ‬د ڪي‪ÔÔ‬ا‬
‫وي‪ÔÔ‬ا آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬ڪراچ‪ÔÔ‬ي يونيورس‪ÔÔ‬ٽي س‪ÔÔ‬نڌي ش‪ÔÔ‬اگردن لءِ‬
‫ڪيٽگري نظام لڳو ڪيو آهي‪ S.K.P.‬تحت کليل تعص‪ÔÔ‬ب‬
‫يونيورس‪ÔÔ‬ٽيءَ ج‪ÔÔ‬ي اش‪ÔÔ‬تهارن ۾ ص‪ÔÔ‬اف نظ‪ÔÔ‬ر اين‪ÔÔ‬دو‪.‬اه‪ÔÔ‬ي‬
‫فيصل ملڪ جي آئين جي خلف ورزي ۽ نظري‪ÔÔ‬اتي ط‪ÔÔ‬ور‬
‫تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ج‪ÔÔ‬ي ان ڪوش‪Ô‬ش ک‪ÔÔ‬ي‬
‫ڪنه‪ÔÔ‬ن سياس‪ÔÔ‬ي گروه‪ÔÔ‬ه ي‪ÔÔ‬ا ڪه‪Ô‬ڙي گ‪ÔÔ‬ورننس ج‪ÔÔ‬ي آرڊر‬
‫تحت چيلنج ڪيو ويو آهي؟‬
‫ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٽ‪ÔÔ‬ن س‪ÔÔ‬الن ک‪ÔÔ‬ان اڪي‪ÔÔ‬ڊمڪ‬
‫اجلس نه ٿي سگهيو ۽ جڏهن ٿيو ته جمهوري انداز ک‪ÔÔ‬ي‬
‫لتاڙيندي ڪاليج ڪيڊر جي استادن کي نمائن‪ÔÔ‬دگيءَ ک‪ÔÔ‬ان‬
‫محروم ڪيو وي‪ÔÔ‬و‪ .‬اه‪ÔÔ‬ي تعليم‪ÔÔ‬ي خلف ورزي‪ÔÔ‬ون ۽ ادارن‬
‫جي اٿارٽيءَ جو وار ونگ‪ÔÔ‬و ن‪ÔÔ‬ه ڪ‪ÔÔ‬رڻ واري‪ÔÔ‬ون پاليس‪ÔÔ‬يون‬
‫هڪ طرف ڇو آهن؟ ۽ اسين سڀ ماٺ جو ش‪ÔÔ‬ڪار ڇ‪ÔÔ‬و‬
‫آهيون؟ ۽ ڇو اسان صرف پنهنجين شخص‪ÔÔ‬يتن ک‪ÔÔ‬ي ائي‪ÔÔ‬ن‬
‫سياسي ۽ انتظامي انتظام جو نشانو بڻايون ٿا؟‬
‫شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي حيثيت کي به‬
‫هڪ پمفليٽ وسيلي چيلنج ڪيو ويو هو‪ .‬اهي ب‪ÔÔ‬ه پنهنج‪ÔÔ‬ا‬
‫ئ‪ÔÔ‬ي هئ‪ÔÔ‬ا ۽ اڄ ب‪ÔÔ‬ه مظهرالح‪ÔÔ‬ق ص‪ÔÔ‬ديقيءَ پوي‪ÔÔ‬ان جيڪ‪ÔÔ‬و‬
‫اندروني ماحول جوڙيل هو‪ ،‬اهي به پنهنج‪ÔÔ‬ا ئ‪ÔÔ‬ي آه‪ÔÔ‬ن؟ ۽‬
‫ٻاهرين هٿن کي اندريان هٿ وڌيڪ مضبوط ڪن‪ÔÔ‬دا رهي‪ÔÔ‬ا‬
‫آهن‪.‬‬
‫ملڪ نديم جي بقول تها‬
‫”پيار ۽ اح‪ÔÔ‬ترام ک‪ÔÔ‬ي دل ج‪ÔÔ‬ي ش‪ÔÔ‬فاف جس‪ÔÔ‬وئمنگ‬
‫پولو مان ڪڍي گندين نالين ۾ اڇليو ويو آهي‪“.‬‬
‫وقت اچي ويو آهي ته هن گورننگ واري م‪ÔÔ‬احول ۾‬
‫تعليم ۽ تعليمي ادارن کي سياس‪ÔÔ‬ي خواهش‪ÔÔ‬ن ک‪ÔÔ‬ان آزاد‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪361‬‬

‫ڪي‪ÔÔ‬و وڃ‪ÔÔ‬ي‪ .‬مظهرالح‪ÔÔ‬ق ص‪ÔÔ‬ديقيءَ ج‪ÔÔ‬ي دور ۾ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورس‪ÔÔÔ‬ٽيءَ ۾ علم‪ÔÔ‬ي ۽ انتظ‪ÔÔ‬امي م‪ÔÔ‬احول ۾ واض‪ÔÔ‬ح‬
‫تبديليون نظر اچن ٿيون‪ .‬سندس طرفان ڪرايل ڪ َ‪ÔÔ‬م ۽‬
‫ترقي جي لءِ جاکوڙ جي هڪ ڊگهي فهرست جنهن کي‬
‫‪ acknowledge‬نه ڪرڻ ه‪ÔÔ‬ن عظي‪ÔÔ‬م شخص‪ÔÔ‬يتن س‪ÔÔ‬ان‬
‫ناانصافي ٿيندي‪.‬‬
‫‪2009‬ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ‪ 29‬ج‪Ô‬ي اس‪Ô‬ڪور ت‪Ô‬ائين‬
‫په‪ÔÔ‬تي ۽ ن‪ÔÔ‬ائون نم‪ÔÔ‬بر حاص‪ÔÔ‬ل ڪي‪ÔÔ‬و‪ .‬رينڪن‪ÔÔ‬گ ج‪ÔÔ‬ون اه‪ÔÔ‬ي‬
‫پوائنٽس هن يونيورسٽيءَ کي ڪنهن خي‪ÔÔ‬رات ي‪ÔÔ‬ا سياس‪Ô‬ي‬
‫رش‪ÔÔ‬وت ط‪ÔÔ‬ور ن‪ÔÔ‬ه بلڪ‪ÔÔ‬ه مظهرالح‪ÔÔ‬ق ص‪ÔÔ‬ديقيءَ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫ڪوششن‪ ،‬حڪمت عملين جو ئي نتيجو آهن‪ ،‬ورنه ڪجھ‬
‫عرصي ت‪Ô‬ائين ت‪Ô‬ه ه‪Ô‬تي اس‪Ô‬ان ج‪Ô‬ي م‪Ô‬ادر علم‪Ô‬ي ۽ان ج‪Ô‬ا‬
‫ڊپارٽمينٽس ڪُڪُڙين جي پناه گاهه جو ڏي‪ÔÔ‬ک ڏين‪ÔÔ‬دا رهي‪ÔÔ‬ا‪.‬‬
‫فه‪ÔÔÔ‬م‪،‬تدبر‪ ،‬حڪم‪ÔÔ‬ت‪ ،‬ايڪت‪ÔÔ‬ا‪ ،‬هوش‪ÔÔ‬مندي‪ ،‬امي‪ÔÔ‬د‪ ،‬ط‪ÔÔ‬اقت‬
‫سهارو اهي سڀ اهي لفظ آهن جن جي آگهيءَ جا سڀ‬
‫دروازا انسان جي اندر مان نڪرن ٿا ۽ ڦٽن ٿا‪.‬‬
‫سال ‪2002‬ع کان سال ‪2009‬ع تائين مظهرالح‪ÔÔ‬ق‬
‫صديقي ج‪ÔÔ‬ي دور ۾ ش‪ÔÔ‬اگردن ج‪ÔÔ‬و تع‪ÔÔ‬داد ‪ 20000‬ويه‪ÔÔ‬ه‬
‫ه‪ÔÔ‬زارن ت‪ÔÔ‬ائين پهت‪ÔÔ‬و‪ .‬فيڪل‪ÔÔ‬ٽيز ج‪ÔÔ‬و تع‪ÔÔ‬داد جيڪ‪ÔÔ‬و س‪ÔÔ‬ال‬
‫‪2002‬ع ۾ ‪ 309‬ه‪ÔÔÔÔÔÔ‬و س‪ÔÔÔÔÔÔ‬و ‪ 645‬ت‪ÔÔÔÔÔÔ‬ي پهت‪ÔÔÔÔÔÔ‬و‪.‬‬
‫پي‪.‬اي‪..‬ڊي فيڪليٽز ‪ 92‬مان ‪ 138‬۽ پي‪.‬اي‪..‬ڊي ڊگريون‬
‫‪ 15‬م‪ÔÔÔ‬ان ‪ 2009‬ت‪ÔÔÔ‬ائين ‪ 138‬ک‪ÔÔÔ‬ي ‪ Awarded‬ٿي‪ÔÔÔ‬ون‪.‬‬
‫اي‪ÔÔ‬م‪.‬ف‪ÔÔ‬ل ڊگري‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬و تع‪ÔÔ‬داد ‪ 10‬م‪ÔÔ‬ان ‪ 80‬ت‪ÔÔ‬ائين پهت‪ÔÔ‬و‪،‬‬
‫يونيورس‪ÔÔÔ‬ٽي ان‪ÔÔÔ‬در ن‪ÔÔÔ‬ون انس‪ÔÔÔ‬ٽيٽيوٽس‪ ،‬ڊپ‪ÔÔÔ‬ارٽمينٽس‪،‬‬
‫سينٽرس ۽ فيڪلٽيز جو تعداد ‪2002‬ع ۾ ن‪ÔÔ‬ه هئ‪ÔÔ‬ڻ براب‪ÔÔ‬ر‬
‫ه‪ÔÔ‬و پ‪ÔÔ‬ر س‪ÔÔ‬ال ‪2009‬ع ۾ انه‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬و تع‪ÔÔ‬داد ‪ 8‬ت‪ÔÔ‬ي پهت‪ÔÔ‬و‪.‬‬
‫‪2009‬ع ت‪ÔÔÔ‬ائين ‪)11‬ي‪ÔÔÔ‬ارنهن( ج‪ÔÔÔ‬ي ان‪ÔÔÔ‬گ س‪ÔÔÔ‬ان ن‪ÔÔÔ‬وان‬
‫پروجيڪٽ مڪمل ڪيا ويا‪” 5 .‬ريسرچ چيئ‪ÔÔ‬رسو ق‪ÔÔ‬ائم‬
‫ٿيون جن ۾ شهيد بي نظير ڀٽو چيئ‪ÔÔ‬ر ۽ ش‪ÔÔ‬هيد ب‪ÔÔ‬ي نظي‪ÔÔ‬ر‬
‫ڀٽو ڪنوينشن سينٽر سنڌ حڪومت ج‪ÔÔ‬ي مع‪ÔÔ‬اونت س‪ÔÔ‬ان‬
‫‪Ô‬طفي‬
‫قائم ڪرڻ جو وچن ڪيو وي‪ÔÔ‬و‪ .‬علم‪ÔÔ‬ه غلم‪ÔÔ‬ه مص‪Ô‬‬
‫ٰ‬
‫قاسمي چيئ‪Ô‬ر ص‪ÔÔ‬ديقي فائونڊيش‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬ي م‪Ô‬الي س‪Ô‬هڪار‬

‫‪362‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫س‪ÔÔ‬ان‪ ،‬ش‪ÔÔ‬مس العلم‪ÔÔ‬اء م‪ÔÔ‬رزا قلي‪ÔÔ‬چ بي‪ÔÔ‬گ چيئ‪ÔÔ‬ر س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫گورنمنٽ جي مالي معاونت سان ۽ ايم‪.‬اي‪ .‬پنه‪ÔÔ‬ور چيئ‪ÔÔ‬ر‬
‫سندس فيملي يا خاندان جي م‪ÔÔ‬الي مع‪ÔÔ‬اونت ج‪ÔÔ‬ي م‪ÔÔ‬دد‬
‫سان قائم ڪرڻ جا ص‪ÔÔ‬حت من‪ÔÔ‬دانه ۽ ريس‪ÔÔ‬رچ ورڪ ت‪ÔÔ‬ي‬
‫مشتمل همت ڀريا قدم کنيا وي‪ÔÔ‬ا‪ .‬مظهرالح‪ÔÔ‬ق ص‪ÔÔ‬ديقيءَ‬
‫ج‪ÔÔ‬ي ق‪ÔÔ‬ومي ج‪ÔÔ‬ذبي س‪ÔÔ‬ان ڀرپ‪ÔÔ‬ور ۽ درمن‪ÔÔ‬د دل ۾ غري‪ÔÔ‬ب‬
‫شاگردن لءِ تم‪ÔÔ‬ام گهڻ‪ÔÔ‬ي گنج‪ÔÔ‬ائش هئ‪ÔÔ‬ي‪ .‬اه‪ÔÔ‬وئي س‪ÔÔ‬بب‬
‫آه‪ÔÔ‬ي ج‪ÔÔ‬و لڙ ج‪ÔÔ‬ي غري‪ÔÔ‬ب ش‪ÔÔ‬اگردن لءِ ب‪ÔÔ‬دين ۾ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس ۽ ميرپورخاص ۾ به ڪيمپ‪ÔÔ‬س‬
‫سندس ئي ڪوششن جو نتيجو آهي‪ .‬شاگردن لءِ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورسٽيءَ اندر جيڪي سهوليتون ميسر ڪيون وي‪ÔÔ‬ون‬
‫انهن جو ڊگهو تفصيل ۽ فهرس‪ÔÔ‬ت آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬م‪ÔÔ‬ان پڙهن‪ÔÔ‬دڙن‬
‫ک‪ÔÔ‬ي ڪج‪ÔÔ‬ھ آگ‪ÔÔ‬اهي ض‪ÔÔ‬رور ڏي‪ÔÔ‬ڻ چاهين‪ÔÔ‬ديس‪ ،‬نوج‪ÔÔ‬وان‬
‫شاگردن جي علمي ڄاڻ وڌائڻ لءِ نوان ڊگري پروگرام‬
‫ش‪ÔÔ‬روع ڪي‪ÔÔ‬ا وي‪ÔÔ‬ا‪ .‬اه‪ÔÔ‬ي ه‪ÔÔ‬ن ري‪ÔÔ‬ت آه‪ÔÔ‬نا )ايجوڪيش‪ÔÔ‬ن(‬
‫بي‪.‬ايس )رورل ڊولپمين‪ÔÔ‬ٽ( ب‪ÔÔ‬ي‪.‬اي‪ÔÔ‬س )بايوڪيمس‪ÔÔ‬ٽري(‬
‫بي‪.‬ايس )جينيٽنگ انجينئرنگ( ايل‪.‬ايل‪.‬ايم )فيڪل‪ÔÔ‬ٽي آف‬
‫ل( )‪ (Faculty of law‬ايل‪.‬ايل‪.‬بي )‪ 5‬سال ڪورس(‪،‬‬
‫ايم‪.‬سي‪.‬اي‪ÔÔ‬س انه‪ÔÔ‬ن ش‪ÔÔ‬اگردن لءِ جيڪ‪ÔÔ‬ي ٽ‪ÔÔ‬ن س‪ÔÔ‬الن ۾‬
‫بي‪.‬سي‪.‬ايس ۾ ڪامياب ٿيندا‪.‬‬
‫ايم‪.‬ايس سي )انوايرمينٽل سائنس( ش‪ÔÔ‬اگردن ج‪ÔÔ‬ي‬
‫لءِ جيڪ‪ÔÔ‬ي ش‪ÔÔ‬ام ج‪ÔÔ‬ا پروگرام‪ÔÔ‬س ش‪ÔÔ‬روع ٿي‪ÔÔ‬ا‪ .‬انه‪ÔÔ‬ن ۾‬
‫ب‪ÔÔ‬ي‪.‬اي‪ÔÔ‬س )پبل‪ÔÔ‬ڪ ائڊمنسٽريش‪ÔÔ‬ن( ب‪ÔÔ‬ي‪.‬ڪ‪ÔÔ‬ام )آرٽ‪ÔÔ‬س(‬
‫بي‪.‬ايس ڪيمسٽري بي‪.‬ايف‪.‬اي )آنرس( آرٽ ۽ ڊيزائين‬
‫ايم‪.‬اي لينگويجز سميت ٻي‪Ô‬ن ڪي‪Ô‬ترن ئ‪Ô‬ي ن‪ÔÔ‬ون ڊگ‪Ô‬ري ۽‬
‫ڊپلوما پروگرامس جي ابتدا ڪئي وئي‪.‬‬
‫‪2003‬ع ک‪ÔÔ‬ان ‪2009‬ع ت‪ÔÔ‬ائين ‪Creation Of New‬‬
‫‪ Teaching Institutes‬جو تعداد ‪ 9‬جي قريب آهي‪ .‬جن‬
‫۾ ٻن نون ڪيمپسز جو مان ذڪر پهري‪ÔÔ‬ن ب‪ÔÔ‬ه ڪي‪ÔÔ‬و آه‪ÔÔ‬ي‪.‬‬
‫شاگردن لءِ ڊجيٽ‪ÔÔ‬ل لئ‪ÔÔ‬برري‪ ،‬ان‪Ô‬ٽرنيٽ ج‪ÔÔ‬ي س‪Ô‬هوليت ن‪ÔÔ‬ه‬
‫صرف سينٽرل لئبرريءَ ۾ پر ٽيچنگ ڊپارٽمينٽس ۾ به اها‬
‫س‪ÔÔ‬هوليت مهي‪ÔÔ‬ا ڪئ‪ÔÔ‬ي وئ‪ÔÔ‬ي آه‪ÔÔ‬ي‪ .‬ڪم‪ÔÔ‬پيوٽرس ج‪ÔÔ‬ون‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪363‬‬

‫سهوليتون به شاگردن لءِ مهيا ڪي‪ÔÔ‬ون وي‪ÔÔ‬ون آه‪ÔÔ‬ن‪ .‬س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ پهري‪ÔÔ‬ون دفع‪ÔÔ‬و ‪2006‬ع ۾ س‪ÔÔ‬نڌ‬
‫جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي ش‪ÔÔ‬اگردن ج‪ÔÔ‬و‬
‫ه‪Ô‬ڪ ڪنوينش‪Ô‬ن منعق‪Ô‬د ڪي‪Ô‬و وي‪Ô‬و‪ .‬ه‪Ô‬ن ڪنوينش‪Ô‬ن ۾ ‪18‬‬
‫يونيورس‪ÔÔ‬ٽين ج‪ÔÔ‬ي ش‪ÔÔ‬اگردن ۽ ش‪ÔÔ‬اگردياڻين حص‪ÔÔ‬و ورت‪ÔÔ‬و‪.‬‬
‫علمه آءِ‪.‬آءِ‪.‬قاضي انڊومينٽ فنڊ‪ ،‬فيڪلٽيز جي واڌ ويج‪ÔÔ‬ھ‬
‫۽ شاگردن لءِ انڊومينٽ فنڊ‪ ،‬ملزمن لءِ پرسنل ڪمپوٽر‬
‫لون مظهرالحق صديقيءَ جي باوقار شخصيت جو ن‪ÔÔ‬تيجو‬
‫آهي‪ .‬اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ع‪Ô‬وام کي‪Ô‬ن ع‪Ô‬زت ۽‬
‫احترام جي ڀرپور م‪Ô‬وٽ ڏن‪Ô‬ي آه‪Ô‬ي‪.‬مظه‪Ô‬ر ص‪Ô‬احب س‪Ô‬نڌ‬
‫يونيورس‪Ô‬ٽيءَ س‪Ô‬ان لڳاپي‪Ô‬ل ڪ‪Ô‬اليجز لءِ تم‪Ô‬ام گهڻ‪Ô‬و پ‪Ô‬اڻ‬
‫پتوڙيو‪ ،‬سينٽ ۽ اڪيڊمڪ ۾ استادن جي ڀرپور جمه‪ÔÔ‬وري‬
‫نمائندگيءَ کي يقيني بڻايو‪ .‬بلڪه ه‪Ô‬ڪ ڪمي‪Ô‬ٽي ب‪Ô‬ه آئين‪Ô‬ي‬
‫طور تي قائم ڪيائون جنهن ۾ باقاعده صلح ۽ مص‪ÔÔ‬لحت‬
‫سان مسئل زير بحث ايندا هئا هن ڪميٽيءَ ۾ ن‪ÔÔ‬ه ص‪ÔÔ‬رف‬
‫ڪ‪ÔÔ‬اليجن ج‪ÔÔ‬ا نمائن‪ÔÔ‬ده بلڪ‪ÔÔ‬ه ب‪ÔÔ‬ورڊ آف انٽرمي‪ÔÔ‬ڊئيٽ ج‪ÔÔ‬ي‬
‫نمائندگي‪،‬مختلف ريجنز جي ڊائريڪٽرس ج‪ÔÔ‬ي نمائن‪ÔÔ‬دگي‬
‫به يقيني بڻائي وئي‪ .‬مظهرالح‪ÔÔ‬ق ص‪ÔÔ‬ديقي ڪالي‪ÔÔ‬ج س‪ÔÔ‬ائيڊ‬
‫ج‪ÔÔ‬ي گه‪ÔÔ‬ر ت‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬نڌ يونيورس‪ÔÔ‬ٽيءَ طرف‪ÔÔ‬ان ڪالي‪ÔÔ‬ج ج‪ÔÔ‬ي‬
‫استادن لءِ ‪ Ph.D 12‬اسڪالرش‪ÔÔ‬پ ب‪ÔÔ‬ه ڏني‪ÔÔ‬ون وين‪ÔÔ‬ديون‬
‫رهيون‪ .‬ڪاليجن ۾ اس‪Ô‬تادن ج‪Ô‬ي ک‪Ô‬وٽ ک‪Ô‬ي پ‪Ô‬ورو ڪ‪Ô‬رڻ‬
‫سنڌ حڪومت جي تعلي‪Ô‬م ک‪Ô‬اتي ج‪Ô‬ي ذمي‪Ô‬داري آه‪Ô‬ي‪ .‬پ‪Ô‬ر‬
‫س‪ÔÔ‬نڌ يونيورس‪ÔÔ‬ٽيءَ ج‪ÔÔ‬ي ‪ Quality of education‬ک‪ÔÔ‬ي‬
‫منظم ۽ مضبوط ڪ‪ÔÔ‬رڻ لءِ ان‪ÔÔ‬درون س‪ÔÔ‬نڌ ج‪ÔÔ‬ي ش‪ÔÔ‬اگردن‬
‫ج‪ÔÔÔ‬ي ان ض‪ÔÔÔ‬رورت ک‪ÔÔÔ‬ي پ‪ÔÔÔ‬وري ڪ‪ÔÔÔ‬رڻ لءِ وس آه‪ÔÔÔ‬ر‬
‫ڪوششون وٺڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا‪ .‬س‪ÔÔ‬ندس دور‬
‫۾ يونيورسٽي اندر تعليمي ۽ تعمير ج‪ÔÔ‬و ڪ‪ÔÔ‬م تم‪ÔÔ‬ام تيزيءَ‬
‫سان مڪمل ٿيندو رهيو‪ .‬س‪Ô‬ينٽر آف فزيڪ‪Ô‬ل هيل‪Ô‬ٿ ج‪Ô‬ي‬
‫بلڊنگ‪ ،‬انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف آرٽ ۽ ڊزائ‪ÔÔ‬ن بل‪ÔÔ‬ڊنگ‪ ،‬انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ‬
‫آف ب‪ÔÔ‬ايو ٽيڪن‪ÔÔ‬الجي‪ ،‬انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف ب‪ÔÔ‬ايو ڪيمس‪ÔÔ‬ٽري‪،‬‬
‫انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلجي‪ ،‬انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف انگل‪ÔÔ‬ش‬
‫لٽريچر ۽ لينگئيج‪ ،‬ڊاڪٽر ش‪ÔÔ‬مس عباس‪ÔÔ‬ي گرل‪ÔÔ‬ز هاس‪ÔÔ‬ٽل‪،‬‬

‫‪364‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫خانبهادر سيد الله ڏنو شاهه ب‪Ô‬وائز هاس‪Ô‬ٽل ٻ‪Ô‬اهران اين‪Ô‬دڙ‬
‫ش‪Ô‬اگردن لءِ فيڪل‪Ô‬ٽي هاس‪Ô‬ٽل‪ ،‬فيڪل‪Ô‬ٽي آف فارميس‪ÔÔ‬ي‪،‬‬
‫نئون ايڊمنسٽريش‪ÔÔ‬ن بلڪ بل‪ÔÔ‬ڊنگ‪ ،‬جمناس‪ÔÔ‬ٽڪ اڪي‪ÔÔ‬ڊمي‪،‬‬
‫س‪ÔÔ‬نڌ يونيورس‪ÔÔ‬ٽي پي‪ÔÔ‬ٽروليم س‪ÔÔ‬روس ‪،‬س‪ÔÔ‬نڌ يونيورس‪ÔÔ‬ٽي‬
‫‪ CNG‬اسٽيش‪ÔÔ‬ن کانس‪ÔÔ‬واءِ فيڪل‪ÔÔ‬ٽي آف آرٽ‪ÔÔ‬س بل‪ÔÔ‬ڊنگ‪،‬‬
‫انس‪ÔÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪ‪ÔÔÔ‬س ۽ ڪم‪ÔÔÔ‬پيوٽر انفارميش‪ÔÔÔ‬ن‬
‫ڪميونيڪيش‪ÔÔ‬ن ٽيڪن‪ÔÔ‬الجي س‪ÔÔ‬ميت ‪) 11‬ي‪ÔÔ‬ارنهن( ک‪ÔÔ‬ان‬
‫وڌيڪ بل‪Ô‬ڊنگس ک‪Ô‬ي وس‪Ô‬عت ڏن‪Ô‬ي ‪ Extension‬ج‪Ô‬ا ڪ‪Ô‬م‬
‫ڪرايا ويا‪.‬‬
‫سنڌ يونيورسٽيءَ اندر ‪) 7‬س‪ÔÔ‬تن( ج‪ÔÔ‬ي قري‪ÔÔ‬ب اه‪ÔÔ‬ڙا‬
‫ڊپارٽمينٽس آهن جن جي ‪Upgradation of status‬‬
‫‪pf the depart, ments to instituties/center’s‬‬
‫‪ and faculties‬انهن ۾ باٽني ڊپارٽمينٽ کي انسٽيٽيوٽ‬
‫آف پلنٽ سائنسز )‪ (Plant Sciences‬ڊپ‪ÔÔ‬ارٽمينٽ آف‬
‫ڪ‪Ô‬امرس ک‪ÔÔ‬ي انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف ڪ‪Ô‬امرس‪ ،‬ف‪ÔÔ‬ائين آرٽ‪ÔÔ‬س‬
‫ڊپ‪ÔÔ‬ارٽمينٽ ک‪ÔÔ‬ي انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف آرٽ ڊزائ‪ÔÔ‬ن ج‪ÔÔ‬و درج‪ÔÔ‬و‬
‫ڊپ‪ÔÔ‬ارٽمينٽ آف انگل‪ÔÔ‬ش ک‪ÔÔ‬ي انس‪ÔÔ‬ٽيٽيوٽ آف انگل‪ÔÔ‬ش‬
‫لينگئيج ۽ لٽريچر‪ ،‬انسٽيٽيوٽ آف فارميسي کي فيڪلٽي‬
‫آف فارميسي‪ ،‬هاءِ ٽيڪ س‪ÔÔ‬ينٽرل ريس‪ÔÔ‬ورس ليب‪ÔÔ‬ارٽريءَ‬
‫کي انسٽيٽيوٽ آف ائڊوانس ريسرچ اسٽڊيز ۽ ڪيميڪل‬
‫س‪ÔÔ‬ائنس ج‪ÔÔ‬و ‪ Status‬ڏن‪ÔÔ‬و وي‪ÔÔ‬و‪ .‬انه‪ÔÔ‬ن عمل‪ÔÔ‬ي ۽ تعليم‪ÔÔ‬ي‬
‫فيصلن سان گڏوگڏ يونيورسٽيءَ اندر اگ‪ÔÔ‬ر ق‪ÔÔ‬ومي‪ ،‬بي‪ÔÔ‬ن‬
‫القوامي ڪانفرنسن سيمينار‪ ،‬ورڪشاپ منعقد ڪرائڻ‬
‫جو جائزو ورتو وڃي ته اها هڪ ڊگهي ڪاوش ۽ ص‪ÔÔ‬حت‬
‫مندانه ڪوشش نظر ايندي‪ .‬جن تي اسان مان هر ه‪ÔÔ‬ڪ‬
‫کي ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ ۽ فخر ڪرڻ ۾ ڪ‪Ô‬ابه رڪ‪Ô‬اوٽ‬
‫آڏو نه ايندي‪ .‬اسان جي دعا آهي ته جهان جو خلقين‪ÔÔ‬دڙ‪،‬‬
‫مظهرالحق صديقيءَ جي ش‪ÔÔ‬ان م‪ÔÔ‬ان ۾ اض‪ÔÔ‬افو ڪ‪Ô‬ري ۽‬
‫کين صحت ۽ تندرستي ڏي )آمين(‪.‬‬
‫آخر ۾ پنهنجو نوٽ ضرور شامل ڪنديس ته سائين‬
‫سنڌ جو عوام جشڪاري سياستو کان اڃان آجو نه ٿي‬
‫سگهيو آهي‪ .‬اسان وٽ تعليمي فيصل به سياس‪ÔÔ‬ت ج‪ÔÔ‬ي‬

‫لهرون لهرون لفظ‬
‫‪365‬‬

‫ور چڙهيل آهن‪ .‬اوهان ئي ته چيو هو هڪ ادب‪ÔÔ‬ي محف‪ÔÔ‬ل‬
‫۾ ت‪ÔÔ‬ه ججيڪ‪ÔÔ‬ڏهن سياس‪ÔÔ‬ت ک‪ÔÔ‬ي زن‪ÔÔ‬دگيءَ ج‪ÔÔ‬و حص‪ÔÔ‬و ۽‬
‫رياست کي پنهنجو سمجھون ته ادب کي سياست ک‪ÔÔ‬ان‬
‫ڌار نه ڪري سگهبو‪ “.‬جنهن تي امر جليل خي‪ÔÔ‬ال ظ‪ÔÔ‬اهر‬
‫ڪيو ته تاريخ ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿ‪ÔÔ‬ي پ‪ÔÔ‬ر ادب ۾ ائي‪ÔÔ‬ن‬
‫نٿو ٿئي‪.‬‬
‫سائين اچ‪ÔÔ‬و ت‪ÔÔ‬ه تاري‪ÔÔ‬خ ۽ سياس‪ÔÔ‬ت ج‪ÔÔ‬ي رم‪ÔÔ‬زن ک‪ÔÔ‬ي‬
‫سمجھون‪ ،‬تاريخ ج‪ÔÔ‬ي م‪ÔÔ‬دد س‪ÔÔ‬ان تع‪ÔÔ‬اون س‪ÔÔ‬ان ماض‪ÔÔ‬يءَ‬
‫م‪ÔÔ‬ان س‪ÔÔ‬بق پراي‪ÔÔ‬ون ۽ ان وس‪ÔÔ‬يلي مس‪ÔÔ‬تقبل لءِ درس‪ÔÔ‬ت‬
‫سياسي فيصل ڪرڻ ج‪ÔÔ‬ي س‪ÔÔ‬گهه پي‪ÔÔ‬دا ڪ‪ÔÔ‬ري س‪ÔÔ‬گهون‪.‬‬
‫دنيا جي تاريخ ۾ غلط انسان ڪاميابي ماڻي سگهيا آهن‬
‫پ‪ÔÔ‬ر آخ‪ÔÔ‬ري فت‪ÔÔ‬ح جس‪ÔÔ‬چو آه‪ÔÔ‬ي ۽ ان س‪ÔÔ‬چ ج‪ÔÔ‬ي آوازن ک‪ÔÔ‬ي‬
‫سماعتون ضرور جھٽن ٿيون‪.‬‬

‫‪366‬‬

‫لهرون لهرون لفظ‬

‫تعليم جي تباهيء جا ڪارڻ‬
‫ڪ‪ÔÔÔ‬و واجه‪ÔÔÔ‬ه وجه‪ÔÔÔ‬ي ٿ‪ÔÔÔ‬و‬
‫ماض‪ÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔÔ‬يءَ ۾‪،‬‬
‫ڪو مستقبل کي ت‪ÔÔ‬اڙي ٿ‪ÔÔ‬و‪،‬‬
‫جو مستقبل هن جو ن‪ÔÔ‬اهي‪،‬‬
‫ڇ‪ÔÔÔ‬ا لءِ ڳوڙه‪ÔÔÔ‬ا ڳ‪ÔÔÔ‬اڙي ٿ‪ÔÔÔ‬و‪.‬‬
‫انس‪ÔÔ‬ان پنهنج‪ÔÔ‬ي فڪ‪ÔÔ‬ر ۽ س‪ÔÔ‬وچ ج‪ÔÔ‬ي وس‪ÔÔ‬يلي س‪ÔÔ‬ان‬
‫پنهنجي‪ÔÔ‬ون ذمي‪ÔÔ‬داريون پ‪ÔÔ‬وري ڪ‪ÔÔ‬رڻ ڪائن‪ÔÔ‬ات ۽ خ‪ÔÔ‬الق‬
‫ڪائن‪ÔÔ‬ات ج‪ÔÔ‬ي ب‪ÔÔ‬اري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄ‪ÔÔ‬اڻڻ ج‪ÔÔ‬ي جس‪ÔÔ‬تجوءَ ۾‬
‫هميشه کان سرگرم رهيو آهي ۽ اسين جيڪ‪ÔÔ‬ڏهن تاري‪ÔÔ‬خ‬
‫۾ تهذيب ۽ تمدن ک‪ÔÔ‬ي ڏس‪ÔÔ‬ون ت‪ÔÔ‬ه ان م‪ÔÔ‬ان م‪ÔÔ‬راد علم‪ÔÔ‬ي‬
‫فضيلت آهي